26/07/2013

اسين رھون نه رھون، سنڌ سدائين رھڻي آھي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



اسين رھون نه رھون، سنڌ سدائين رھڻي آھي
رکيل مورائي
ورهاڱو سنڌ لاءِ هونئن ته ڪيترائي عذاب کڻي آيو، پر اُن سنڌ کي جيترو عملي ۽ ادبي نقصان ڏنو ان جو پوراءُ سنڌ اڄ تائين نه ڪري سگهي آهي. مثال طور اسان وٽ سنڌي ادب ۾ ڪوبه لاجواب تنقيدي ڪتاب اڄ تائين نه اچي سگهيو آهي. ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ مس سنڌي ڪهاڻي وڏيري جي اوطان مان نڪتي، ڪوبه جديد ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ تائين اڻ لڀ آهي. شاعري ۾ ورهين کان ساڳيا ساز ۽ ساڳيا راڳ آهن ڪو نئون ويچار سنڌي شاعري نه ڏيئي آهي. پوين ويهن سالن ۾ ٻن هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نوجوان شاعر پنهنجي نئين ويچار سان سنڌ ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ سنڌي نوجوان مشاعرن جي فهرست هڪ ٿيسز ۾ سموهڻ جيتري آهي. ايئن نيئن تحقيق وغيره به ساڳين پيچرن تي هلي رهي ته تخليق به جنهن ۾ سنڌي ناٽڪ اڄ اسان وٽ ڳوليو نٿو لڀي. انهن سڀني ڳالهين جي چوڻ جو مقصد اهو بنهه نه آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ اوندهه ٿي وئي آهي. پر گهٽ ۾ گهٽ ورهاڱي کان پوءِ ان وقت لکندڙ نسل جي پڄاڻيءَ تي خاص طور ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌ پنهنجي ادبي حوالي ۾ ڪاغير معمولي لکڻي ڏني آهي، اهڙو ڪجهه به نه آهي. ڪهاڻي، ناول، تنقيد ۽ تحقيق ۾ اهڙو ڪوبه مثالي ڪتاب جنهن کي اڄ جي حوالي ۾ اسين مثال ڪري پيش ڪيون مان نٿو ڀايان ته ايڪهين صديءَ ۾ لکندڙ نسل ڏيئي سگهيو آهي، ان باوجود به اسهمتي جا سڀ رستا لکيل آهن ۽ وڌيڪ خوشي سنڌ توڻي هند جي سنڌي ادب کي تڏهن ٿيندي جڏهن ڪوبه نوجوان اهڙو چئلينج کڻي ڪابه غير معمولي لکڻي ادب کي ڏئي وجهي، تخليقي طور نه به سهي، تحقيقي ۽ تنقيدي طور ته ڏئي سگهي ٿو.

سنڌوءَ جو سيلاني - راز ناٿن شاهي (Raz Nathan Shahi)



سنڌوءَ جو سيلاني
(انور پيرزادي جي انگريزي ۾ ڇپيل ڪتاب ”انڊس اينڊ اٽسس ڊيلٽا“ جي مهور تي تقريب جي حوالي سان)
راز ناٿن شاهي
سنڌ ڌرتيءَ جي ماڳن ۽ مڪانن سان جيڪا ويڌن ورهاڱي کان پوءِ ٿي آهي اها تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي وئي آهي ۽ جڏهن به سنڌ سان بي انتها پيار ڪندڙ انسان اها ورق گرداني ڪري ٿو ته حيرانيءَ جا ڪيئي نوان در کلي ٿا پون، ”سنڌ ڏاڍي ڊسٽرب ٿي آهي“ سنڌ کي ڏاڍو نابود ڪيو ويو آهي، هي لفظ آهن سنڌ جي شاعر، صحافي، دانشور ۽ شاهه جي سنجيده پارکو انور پيرزادي جا جيڪو پنهنجي مرشد لاکيڻي لطيف جيان سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳن تي پهچي پنهنجي اکين سان انهن جي تباهي ڏسي رنجيده ٿيو آهي، جنهن جو اظهار هن پنهنجن مضمونن ۽ دوستن سان اڪثر ڪيو آهي، هن ملڪ ملڪ جي سير ڪرڻ کان وڌيڪ ترجيح سنڌ جي سفر کي ڏني.

ادب ۽ ادبي تنقيدي نظرين جو سوال - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)



ادب ۽ ادبي تنقيدي نظرين جو سوال
مبارڪ علي لاشاري
انسان ۾ فيصلي Judgment جي قوت ازلي آهي. اها ڳالهه Generally انسانذات جي حوالي سان آهي. اهو عمل کيس ورثي ۾ مليل آهي ته هو شين جي پرک ڪري ۽ انهن جي خوبين ۽ خامين جو کليو کلايو اظهار ڪري. اهڙو حس يا پرکڻ وارو شعور ڪنهن هڪ انسان يا ڪنهن علائقي يا ثقافت جي مرهون منت نه پر انسان ذات جو گڏيل ورثو آهي. ان حوالي سان اچو ته پهريان اهو واضح ڪجي ته نظريو Theory اسان وٽ (سنڌي اديبن/ماڻهن) ڇا آهي؟

17/07/2013

نئون ادب نيون ڳالهيون - امتياز دانش (Imtiaz Danish)



چندر ڪيسواڻيءَ جو نئين ويچار تي ٻڌل ڪتاب
نئون ادب نيون ڳالهيون
امتياز دانش
چندر ڪيسواڻي گهڻ مطالعاتي ۽ گهڻ رخي ادبي شخصيت جو مالڪ آهي. هن ادب ۾ تخليق، تنقيد ۽ تحقيق تي ڪم ڪري ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو آهي. هونئن ته چندر پابند شاعري به ڪئي آهي، پر نثري نظمن ۾ سندس نانءُ سر فهرست آهي. هن انگريزي ادب مان سنڌي ادب ۾ آيل نثري نظم کي پنهنجي احساس ۽ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب ۾ رڱي سنڌي ادب جي نج پنهنجي صنف ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري اهو سڃاڻڻ مشڪل آهي ته نثري نظم چندر جي سڃاڻپ آهن يا چندر نثري نظمن جي سڃاڻپ آهي.
چندرڪيسواڻيءَ جا ٻه شعري مجموعا ”زندگي - خواب - خودڪشي“ ۽ ”روپوش محبت“ ڇپجي چڪا آهن ۽ هاڻ سندس ٽيون ڪتاب ”نئون ادب نيون ڳالهيون“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. هي ڪتاب مضمونن تي ٻڌل آهي. هي ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ ”نئين سوچ“ جي سري هيٺ مختلف موقعن تي لکيل ليکڪ جا مضمون آهن. ٻئين حصي ”ڏيهي ادب۾ چندر جا مختلف ڪتابن ۽ ليکڪن تي لکيل مضمون آهن. ٽئين حصي ”پرڏيهي ادب “ ۾ عالمي ادب ۽ اديبن بابت مضمون آهن

سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



غلام رباني آگري جو آخري لکيل ڪتاب
سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي بيمثال نثر نويس غلام رباني آگري صاحب جو نئون ڪتاب پنهنجي نالي سان ظاهر آهي ته هي ڪتاب هڪ اهم اڀياس آهي.  ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جو ادب ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان جي پيل اثرن بابت چڱوئي مواد موجود آهي، ائين سنڌيءَ ۾ به ان موضوع تي چڱو مواد آهي. جنهن کي آڌار بڻائي رباني صاحب هيءُ ڪتاب لکيو آهي.
رباني صاحب خود اهڙن سنڌي اديبن مان هڪ آهي جن تي ترقي پسند تحريڪ پنهنجا زوردار اثر ڇڏيا آهن. رباني صاحب نه رڳو شخصي طرح ان تحريڪ جو حصو رهيو آهي پر هن جي شروعاتي لکڻين ۾ ان جو اظهار به ڪيل آهي. سنڌ جي حقن لاءِ ٻوليءَ  ۽ ادب لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هڪ ليکڪ طور به هن جو پنهنجو حصو آهي ادب ۾ جيڪو سندس نالي سان ياد رکيو ويندو. اها ٻي ڳالهه آهي اها تحريڪ جنهن جو رباني صاحب هڪ اهم حصو رهيو، ان کان هن ادبي توڻي شخصي لاتعلقي اختيار ڪئي، پوءِ به اهو چئي نه سگهبو ته رد عمل ۾ هن ان تحريڪ جي مخالف ڪيمپ وڃي وسائي، پر ايترو ضرور ٿيو ته هو آخري ڏينهن ۾ ذهني طور ان تحريڪ جو نه هئو، جنهن کي ترقي پسند چئجي ٿو.

12/07/2013

تنقيدون - ادب جي ذاتي ۽ شخصي تنقيد - ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو (Dr. Allahdad Bohio)



تنقيدون
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
(داخليت جو ادبي جواز)
1. ذاتي تنقيد ڇا کي ٿو چئجي: ادب ۽ زندگي جا قدر مشترڪ ٿين ٿا. اهي اهڙا ٿيڻ ئي گهرجن، جو ادب جي ذميواري ۾ اهي به ڳالهيون ضرور شامل آهن ته-
(1) اهو زندگيءَ جي گوناگون ۽ متنوع علامتن جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ زندگيءَ جو گهرو اڀياس ڪري، ۽
اها عڪاسي هو اهڙيءَ ريت ڪري، جو ان جي شاهڪارن ۾ زندگيءَ جو رڳو مثبت نه پر منفي ڪردار به سمائجي ويو هجي.

پوپٽيءَ جا ناري ڪردار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



هڪ پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب
پوپٽيءَ جا ناري ڪردار
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
هند توڻي سنڌ جي سنڌي لکندڙن توڻي پڙهندڙ ۾ بيحد احترام سان ورتو ويندڙ نالو آهي، پوپٽي هرا ننداڻي، حيدرآباد وارين هيرا آباد جي هوائن ۾ پليل پوپٽي هيرا ننداڻيءَ هڪ اهڙي ليکڪا آهي جنهن ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پوءِ به سندس هڪ تخليقڪار طور سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس واري آهي، هوءَ هڪ بيباڪ لکندڙ طور پڻ مشهور آهي، ساڳئي وقت کيس ناريءَ لاءِ وڙهندڙ پڻ سمجهيو ويندو آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻين جي ناري (عورت) ڪردارن کي کڻي ڊاڪٽر ورشا آڌو داساڻيءَ، اجمير يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي آهي، سنڌيءَ جي نامياري ليکڪا، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جي رهبريءَ هيٺ هي ٿيسز لکندڙ ڀيڻ ورشا اڌو داساڻيءَ پوپٽي هيرا ننداڻيءَ جي لکڻين ۾ آندل عورت ڪردارن کي آڻي پنهنجي ٿيسز کي نالو  ڏنو آهي ”پوپٽي جا ناري ڪردار“ هن ڪتاب لکڻ لاءِ جيڪا محنت ڊاڪٽر ورشا ڪئي آهي ان جو تفصيل هن پنهنجي نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي. دادي پوپٽيءَ جي ناري ڪردارن جا الڳ الڳ روپ، الڳ الڳ ڪري انهن جي تفصيل سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي ليکڪا.

مرَوُ تيرٿ هنگلاج - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



هڪ بيمثال بنگالي ناول
مرَوُ تيرٿ هنگلاج
رکيل مورائي
سنڌ جي آڳاٽي سنڌي ادب بابت دل سان اها ڳالهه قبول ڪري سگهجي ٿي ته ان تي ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ بنگالي ٻوليءَ جو اثر رهيو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته بنگالي ٻوليءَ جو ادب اڄ به ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ سگهارو آهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته ان جا بنياد مضبوط رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ٽئگور ۽ شرت چندر جهڙا لکندڙ بنگالي ادب ۾ موجود هئا، پر جنهن ڪتاب جو ذڪر مان ڪري رهيو آهيان اهو بنگالي ٻوليءَ جو ته آهي، پر لکيل سنڌ بابت آهي ۽ سنڌ کان اڳتي هنگلاج ياترا بابت آهي.

09/07/2013

هري دلگير جي شعر ۾ درشن - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



هڪ ڪتاب، جنهن ۾ هڪ شخص بند آهي:
هري دلگير جي شعر ۾ درشن
رکيل مورائي
لاڙڪاڻي جي مٽي مان جڙيل، سنڌي جديد شاعر ڪشنچند بيوس جي پوئلڳيءَ ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي درد کي اوتيندڙ، آخري ساهه کڻڻ تائين آشا وادي سوچ پاليندڙ هڪ بيحد نفيس شاعر ۽ شخص هري دلگير ورهاڱي کان پوءِ به هڪ ڏهاڪو سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ پوءِ هو هڪ بيحد اذيت ڀرئي ورتاءُ سبب سنڌ کان جدا ٿيو ۽ اتي وڃي رهيو، جنهن کي هنڌ جا سنڌي نئين سنڌ ٿا چون، ان شهر جو نالو آهي آڌيپور.
هري دلگير جو نالو زبان تي اچڻ سان اکين ۾ سندس معصوم مرڪ ڀريو چهرو لهي اچي ٿو ۽ هو شاعر اهڙو آهي جنهن کي بار بار پڙهڻ تي دل چوي ٿي. اهڙي ٻهڳڻي شخص ۽ شاعر تي ۽ سندس علمي ادبي ۽ سماجي شيوائُن تي، سنڌين جي وسندي الهاس نگر ۾ رهندڙ اسان جي مانواري ڀيڻ آشا منگها رام رنگواڻي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺي ڊاڪٽر بڻي آهي. سندس ٿيسز جو نالو آهي ”هري دلگير جي شعر ۾ درشن. پي ايڇ ڊي جيئن هڪ اڪيڊمڪ ڪم آهي ۽ ان جون پنهنجون گهرجون آهن پر ان لاءِ اهو ضروري ڄاتو ويو آهي ته موضوع سان ڪيترو  نڀايو ويو آهي.

01/07/2013

سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نامياري تاريخدان مولائي شيدائي جو ڪتاب
سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
سنڌ جو ناميارو تاريخدان رحيم داد خان مولائي شيدائي سچ پچ هڪ اهڙو تاريخدان آهي، جنهن کي سنڌ سدائين ياد ڪندي رهندي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تاريخ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي سڀ پنهنجي جڳهه تي تاريخ جا الڳ الڳ دور ۽ موضوع ظاهر ڪن ٿا پر هُن کي جيڪا پذيرائي ۽ آبرو ”تاريخ جنت السنڌ ۽ تاريخ تمندن سنڌ“ جي معرفت نصيب ٿي، ان جهڙو ٻيو مثال نٿو ملي.
مولائي شيدائي، سنڌ جي تاريخ جي الڳ الڳ موضوعن تي جيڪو ڪم ڪيو ۽ جن حالتن ۾ ڪيو، انهن بابت گهڻو لکت ۾ اچي چُڪو آهي، پوءِ به هن وطن دوست شخص جي محنتن بابت جيڪي ڪجهه لکجي اهو هن کي ڀيٽائي چئي سگهبو. سندس ڪم جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ گهڻا صفحا گهرجن. سندس ڪيل تاريخ بابت تحقيق جو ڪم اڃا تائين ڪيتروئي اشاعت هيٺ نه اچي سگهيو آهي. جڏهن اهو سڀ ڪم اشاعت هيٺ اچي ويندو ته شايد مولائي شيدائي صاحب جي شخصيت سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ بابت لکندڙن ۾ وڌيڪ اُڀري اچي.