16/04/2019

”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


رياضت ٻرڙو
انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي مرتب ڪيل ڪتاب
”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ جو
پيش  لفظ

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل هڪَ مُلهائتي مُوڙيءَ مثال آهي: اها مُوڙي، جنهن جو قدر وقت گذرڻ سان وڌندو ئي رهي ٿو ۽ جنهن ۾ سمايل فڪر ۽ فن جي اهميت اڳي کان اڳري ۽ وقت جي تقاضائن سان مُنهن ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، ته ”شاهه جو رسالو“ فقط شعرن جو رواجي ميڙو نه آهي، پر انساني سماج کي بهتريءَ، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ مٿانهَن قدرن جو مجموعو آهي. شاهه جي شعرن ۾ سمايل خيال سماجي تقاضائن کي نبيريندڙ به آهن ته انهن جي عڪاسي ڪندڙ به. ڏسجي، ته شاهه جي رسالي ۾، انيڪ اهڙيون سٽون بيحد خوبصورتيءَ سان اُڻيل آهن جيڪي اسان جي سماجي وهنوار ۾ عام جام ڪتب اينديون رهن ٿيون، جهِڙوڪ:
ٻِيائيءَ کي ٻَک، جن وڌو سي ورسيا.                 (ڪلياڻ)
جي ورق وارين وِيهه، ته اکر اهو ئي هيڪڙو.       (يمن ڪلياڻ)
دنيا سڀ درياهه، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾.              (سري راڳ)
عقل مَت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.                  (سهڻي)
پيرين پنڌ وسار، هل هنئين سين ھوت ڏي.          (سسئي آبري)
تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.              (حسيني)
ڏک سُکن جي سونهن، گھوريا سُک ڏکن ري.      (حسيني)
اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي.        (مارئي)
مُنهن ۾ موسى جهِڙو، اندر ۾ ابليس.                (آسا)
گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.                 (ڪيڏارو)
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.         (بروو سنڌي)
ويا مورَ مرِي، هنجُ نه رهيو هيڪڙو.                  (ڪارايل)
ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي.              (پرڀاتي)
ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.                   (ڏهر)
اِهي ۽ اهڙيون ٻيون اڻ ڳَڻيون ”شاهه جون سِٽون“، صرف سِٽون ئي نه رهيون آهن، پر ”شاهه جا پهاڪا ۽ چوڻيون“ بڻجي چڪيون آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجو ڪارج ۽ ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ انساني جذبن، احساسن، امنگن، خوابن، خيالن، ڪيفيتن ۽ عملن جون ترجمان بڻجن ٿيون. ان ڪري ئي، اسين مختلف حالتن ۾، پنهنجي پاران ڪي جملا جوڙڻ بدران، شاهه سائينءَ جي انهن ”سونَ ورنن پهاڪن ۽ چوڻين“ کي، پنهنجي پاران ڪتب آڻيندا آهيون.
شاهه سائينءَ جي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جو واهپو ته سماج ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر شاهه جي انهن پهاڪاتي سِٽن ۽ بيتن تي تحقيقي ۽ علمِي ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ته ان جي ضرورت تمام گهڻي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾، پهاڪن ۽ چوڻين تي، گذريل ٽيهارو کن سالن کان، نامور محقق، انجنيئر عبدالوهاب سهتي انتهائي ڪارائتو ڪم تسلسل سان پئي ڪيو آهي، جنهن جي شاهدي سندس پهاڪن ۽ چوڻين جا تحقيق، تاليف ۽ تدوين ڪيل ۱۵ ڇپيل ڪتاب آهن ۽ هاڻي ۱۶-هون ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو“ ڇپيو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه، ته انهن ۱۶ ڪتابن مان ۱۰ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
انجنيئر عبدالوهاب سهتي، شاهه جي رسالي مان مروج ٿيل پهاڪن ۽ چوڻين توڙي ورجيسن ۽ اصطلاحن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ چاهيو پئي، پر هن ضروري سمجهيو ته نئين ڪم جي ابتدا کان اڳ، پهرين ٿيل ڪم کي به سهيڙجي. ان نيت هيٺ، سهتي صاحب هيءُ ڪتاب سهيڙيو آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ممڪن ڳولا بعد، اهي سڀ ميسر ٿي سگهيل مقالا ۽ مضمون ڪَٺي ڪيا ويا آهن، جيڪي شاهه جي شاعريءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين تي لکيا ويا آهن. ان ريت، ڄاڻايل موضوع تي هيءُ پهريون مرتب ڪيل ڪتاب چئي سگهجي ٿو. هِن ڪتاب جي اڳڀري وِک طور، اسان کي سهتي صاحب جي ان ڪم جو به انتظار رهندو جيڪو هُو شاهه جي پهاڪن ۽ چوڻين تي مستقبل قريب ۾، اميد ته، ضرور ڪندو.
سدائين گڏ.
رياضت ٻرڙو
۲۳-آڪٽوبر ۲۰۱۸ع