31/05/2013

شهيد راڻيءَ بابت ٽي اهم ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



منهنجي لاءِ مارو رنا ڪيئن نه هوندا!
شهيد راڻيءَ بابت ٽي اهم ڪتاب
  رکيل مورائي
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي وڏي يونيورسٽيءَ ۾ گذريل سال جوڙيل شهيد محترم بينظير ڀٽو چيئر پاران الڳ الڳ موقف تي ڪي پروگرام ته رکيا ويا آهن، پر چيئر جو بنيادي ڪم آهي، محترمه جي باري ۾ مختلف رخن کان تحقيق ڪرائڻ، جنهن سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙو ڪم تيزيءَ سان ملڪ اندر توڻي ملڪ کان ٻاهر تيزيءَ سان هلندڙ آهي، جنهن تحت ڏيهي توڻي پرڏيهي ڪجهه اسڪالر محترمه بابت ريسرچ ۾ رڌل آهن. هن چيئر جو ڊائريڪٽر پروفيسر اعجاز قريشي صاحب آهي، جيڪو ڀانيان ٿو ته چيئر لاءِ هڪ سڀاڳ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته پروفيسر اعجاز قريشي، تعليم سان لاڳاپو رکندي به هو سنڌ ۽ سنڌي ادب کي هڪ ليکڪ، هڪ مرتب ۽ هڪ مترجم طور نهايت گهڻو ڏيئي چڪو آهي. هو هڪ عالم ۽ اديب آهي، ان ڪري چيئر پاران جيڪو به هن ملڪ کي جيڪو ڪجهه ڪتابي صورت ۾ ڏيندو، ان جو معيار يقينن مٿاهون هوندو، ڇاڪاڻ ته منجهائي اهڙي ئي اميد ڪري سگهجي ٿي.

جوش ٻرڙو ۽ سندس شاعري - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


نامور شاعر ’جوش‘ ٻرڙو ۽ سندس شاعري
رياضت ٻرڙو

نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو 3 جنوري 1940ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ”سنڌي فائينل“ ۽ ”اردو اديب“ جو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هُن مختلف اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون نڀائيندي 30 اپريل 1996ع تي، هيڊ ماستر طور پرائمري اسڪول گھٽهڙ مان رٽائرمينٽ ورتي.
’جوش‘ ٻرڙو 1956ع ۾ شاعري شروع ڪئي. کيس ادبي ماحول گھر ۾ ئي مليو. مشهور شاعر غلام نبي ’گل‘ سندس وڏو ڀاءُ آهي، جنهن جو سندس ادبي اوسر ۾ اهم ڪردار آهي. ’جوش‘ ٻرڙي جو هڪ شعري مجموعو ”عشق اُلا اُڇلايا“ مئي 2002ع ۾ ڇپيل آهي ۽ سندس غزلن جي هڪ آڊيو ڪئسيٽ پڻ جاري ٿيل آهي.

30/05/2013

شاعري ۽ سياست - حسام ميمڻ (Hisam Memon)


شاعري ۽ سياست
حسام ميمڻ
شاعري مون لاءِ ڪيفيتن، احساسن، وفا، بيوفائي، ڏوراپا ڏيڻ، روئڻ پٽڻ، اندروني طور خوش ٿيڻ، رنج ٿيڻ، پنهنجي ذات ۾ ٽٻي هڻڻ، ڪوڙ هڻڻ، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جن جو سماج سان گهٽ ۽ پنهجي ذات ۽ ذاتي خيالن سان گهڻو واسطو هجي، جو نالو آهي، پر اهي شيون به شاعر کان شاعر تائين مختلف هجن ٿيون، ڪي ڪي شاعر تڪ بند ٿين ٿا، ڪي شاعرن سان گڏ رهڻ ڪري شاعر ٿي ويا آهن، ڪي ٽائيم پاس آهن، ڪن جو حدف رڳو ناماچاري حاصل ڪرڻ آهي. ڪي ڪي سٺا شاعر آهن، اهي ۲۴ ڪلاڪ شاعر آهن، انهن وٽ شاعريءَ جو فن به آهي، وزن ڄاڻن ٿا پر بحر جي خبر ڪونه اٿن. ڪي ڪي رڳو بحر ۽ وزن ئي ڄاڻن ٿا، انهن جو سماج سان بنهه واسطو ناهي، اهي رڳو شاعريءَ کي ان ئي نقط نگاهه کان ڏسڻ جا عادي هوندا آهن.

قومي تشڪيل ۾ اهميت رکندڙ ماءُ ٻولي! - محمد ابراهيم جويو (Muhammad Ibrahim Joyo)


قومي تشڪيل ۾ اهميت رکندڙ ماءُ ٻولي!
محمد ابراهيم جويو
ڪنهن قوم جي زندگيءَ ۾ ٻوليءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل هوندي آهي. هڪ قوم جي جوڙجڪ جا ٻيا به گهڻا ترڪيبي جزا آهن، پر ٻولي بنيادي جزو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان هر ڪنهن قوم جي سڃاڻپ ڳنڍيل آهي. دنيا جي هر ڪنهن قوم جو هرڪو فرد تڏهن منفرد ۽ نمايان ٿئي ٿو، جڏهن اهو پنهنجي ٻولي ڳالهائي ٿو. اسين سنڌي ماڻهو قوم آهيون، ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت سنڌي ٻولي آهي. جيڪڏهن ٻولي نه رهندي يا اها ڳالهائڻ ڇڏي ڏينداسين ته ڪنهن طرح به هڪ قوم طور زندهه رهي نه سگهنداسين. جهڙيءَ ريت دنيا جي هر ڪنهن قوم جي ٻوليءَ، انهيءَ قوم جي سماجي ۽ معاشي اوسر ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، تهڙيءَ ريت سنڌيءَ ٻوليءَ پڻ سنڌ جي قومي سماجي ۽ معاشي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسين صدين جون صديون انهيءَ ٻوليءَ جي اظهار وسيلي پنهنجا هر قسم جا معاملا هلائيندا ۽ خير خوبيءَ سان نڀائيندا آيا آهيون، پوءِ اهي ڌنڌي ڌاڙي يا ڪاروهنوار جا معاملا هجن يا ڪي ٻيا گڏيل سماجي ڪم، اهي اسين پنهنجي ٻوليءَ جي اظهار وسيلي ئي شروع ڪري، ختم ڪرڻ کان پوءِ وري انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندا آيا آهيون.

29/05/2013

چڱايون هَڙُ پنهنجيءَ هَڙَ ۾ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jaskani)


چڱايون هَڙُ پنهنجيءَ هَڙَ ۾
مٺل جسڪاڻي
تنقيد سٺو عمل آهي. ٿيڻ کپي، پر تنقيد جي پاڇي ۾ تذليل کي مثبت نه ٿو مڃي سگهجي. خود تنقيدي ته تمام گهڻي ڀلي آهي، پر پاڻ وٽ اڪثر، پاڻ کي ڇڏي، ٻئي تي تنقيد ڪرڻ جو رواج عام آهي!
پاڻ وٽ وڏو الميو اهو به آهي ته جنهن ماڻهوءَ کي صحيح طرح اها به خبر نه آهي ته شاعري ڇا آهي، ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪهڙو فرق آهي، ناول ڇا کي ٿو چئجي، اهو به نقاد آهي! ۽ اهڙن کي هٿ وٺي، مڃيل نقاد جي سڃاڻپ به ڏني ويندي رهي آهي!

24/05/2013

ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيھ“ جو اڀياس - بدر ڌامراهو (Badar Dhamraho)


عاشق منگي جي ڪتاب ڏوري ڏٺم ڏيھ“ جو اڀياس
بدر ڌامراهو
سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ عشق ڪرڻ وارا کوڙ آهن. هر ڪنهن جي محبت ۽ عشق جو انداز، نرالو آهي. هڪڙا امن ۽ آجپي جا جهنڊا کڻي اظهار ڪن ٿا. هڪڙا، زبان سان رڙي رڙي اظهار ڪن ٿا ته هڪڙا وري، قلم سان اقرار ڪن ٿا. قلم سان اظهار ڪرڻ وارا، ٻن طرحن جا آهن. هڪڙا اظهار کي نظر جو ويس پارائين ٿا، ته ٻيا وري نثر جو. سنڌ ڌرتيءَ سان عشق ۽ اُلفت، محبت ۽ مشتاقيءَ جو نثر ۾ اظهار ڪرڻ وارن مان عاشق منگي به هڪ آهي. هو واقعي به عاشق منگيءَ کان وڌيڪ ”عاشق سنڌ“ آهي.

15/05/2013

ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيھ“ تي هڪ نظر - عبدالواحد سومرو (Abdul Wahid Soomro)


ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيھ“ تي هڪ نظر
عبدالواحد سومرو
اسان وٽ اڪثر دوستن جي محفلن ۾ بحث ٿيندو رهندو آهي ته؛ ”معيار جي کوٽ آهي. باقي مقدار جام آهي.“ ادبي تاريخ جي به کوٽ آهي. جيڪا لکي ويئي آھي، سا پوري ناهي. جي آهي ته اها ڌارين جي لکيل آهي ۽ ان ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حمايت جي بجاءِ مخالفت ئي ڪيل آهي.
ان پس منظر ۾، ليکڪن پنهنجو تاريخ جي معيار جي حوالي سان نه سهي پر پنهنجي تڪ ۽ تر کي محفوظ ڪرڻ جي لحاظ کان به چڱو ڪم ڪيو آهي. اهڙو هڪ ڪتاب ”يادگيريون“ نالي سان نائون مل جو آھي، جنھن کان پوءِ، پنهنجي آس پاس جي ماحول، منظرن، واقعن تي لکڻ جو هڪ رجحان وڌندي نظر اچي پيو ته ذاتي زندگيءَ کي به محفوظ ڪرڻ واري لاڙي ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندي ملي ٿو.

07/05/2013

يار ۽ يار جي يارِي تي لکيل ناول - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


يار ۽ يار جي يارِي تي لکيل ناول
مٺل جسڪاڻي
ٻين جي مون کي خبر ناهي، پر آئون جڏهن به ڪنهن ڪتاب يا لکڻي جو عنوان پڙهندو آهيان، ته منهنجي ذهن ۾ عنوان جي نسبت سان ڪو نه ڪو خاڪو به جڙندو آهي! جڏهن اهو ليک پڙهندو آهيان، ته پوءِ پنهنجي ۽ ليکڪ جي وچ ۾، جيتري هڪ جهڙائي يا وڇوٽي هوندي آهي، ان جي خبر پوندي آهي.
دريا جي پڇاڙ واري ناول نويس حيدر دريا زئور جي ٽئين ناول جو نالو، ڪجهه اهڙي بيهڪ ۾ لکيل آهي، جو مون ان کي پهريون ڀيرو ”ياد“ ڪري پڙهيو، ته هڪ خاڪو ذهن ۾ آيو، پر جڏهن خبر پئي ته هي ”يار“ آهي، ته عام معمولي زندگي ۾ يار ۽ يار جي ياري واري حوالي سان ذهن ولوڙجڻ لڳو. عجيب قسم جو تجسس پيدا ٿيو!

ڪاري رات جي راهه جو اجهايل ڏيئو - اداسي چانڊيو (Udasi Chandio)


ڪاري رات جي راهه جو اجهايل ڏيئو
اداسي چانڊيو
علم ۽ جهالت جي جنگ آدجڳادَ کان رهي آهي، جنهن وقت ماڻهو گوشت خور وحشي جانورن کان پڊتر هئا، جن ۾ پيار جي صفتن سان پري پري جو تعلق به نه هو، اُتي حيواني ۽ انساني ڪردار جو تفاوت صرف ۽ صرف علم ذريعي ئي ٿيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته اهو علم ايترو سولائي سان نه پکڙيو آهي، علم جي واڌ ويجهه لاءِ علم وارا جهالت جي ٻرندڙ مچ ۾ پتنگ بڻجي ائين ڪڏي پيا آهن، ڄڻ ته سندن محبوب ٻانهون ڊگهيڙي سامهون بيٺو هجي، اُنهي ئي علم جو پيامبر جنهن جي اکين ۾ جوش سان گڏ هر وقت سنڌ جهرڪندي هئي، ثقافت ۽ تاريخ جا کيپ ڀريل هوندا هئس، هلڻ ۾ قرب، بهادر، بي ڊپو، ڪردار ڪنهن اڇي ڪپڙي جيان صاف ۽ سٿرو، ٺلهين ڳالهين سان پري پري جو واسطو به نه، عمل جي راهه ۾ پختو، سچ چوڻو آهي ته سڀني کي به چئي ڏيندو ڪر، جو عملي پوئلڳ، کاهوڙي انسان، ٻن شهري مجموعن ”شهر شهر زخمي“ ۽ ”ڏاڍو ساريندين“ جو خالق قومپرست اڳواڻ، هڪ سٺو استاد شهيد زخمي چانڊيو، جنهن شڪاگو جي انقلابي تاريخ پهرين مئي 1961ع تي غريب هاري جي گهر ۾ جنم ورتو.

04/05/2013

سنڌي زبان کي ”قومي زبان“ تسليم ڪيو وڃي - غلام محمد گرامي (Ghulam Muhammad Girami)


سنڌي زبان کي ”قومي زبان“ تسليم ڪيو وڃي
غلام محمد گرامي
مهراڻ‘ (ٽماهي) جي با خبر پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته، هن کان اڳ، مختلف اشاعتي وسيلن ذريعي، تعليمي ڪميشن رپورٽ (سال 1959ع) جي ڪن فيصلن سان اختلاف ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي ”مادري زبان“ ۽ ان جي ”علائقائي حيثيت“ متعلق، سنڌ جي عالمن ۽ اديبن تعليمي ماهرن ۽ ايڊيٽرن طرفان ڪافي ڪجهه چيو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي، تنهن سان گڏ محب وطن ليڊرن توڙي مرڪزي ۽ صوبي جي ميمبرن به کلي نموني انهن واجبي ۽ مفيد مطالبن جي تائيد ڪئي هئي.

سنڌي ٻولي، ماءُ ٻولي - حسين ڪپري (Hussain Kapri)


سنڌي ٻولي، ماءُ ٻولي
حسين ڪپري (Hussain Kapri)
جيئن چمن جي خوبصورتي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گل ان ۾ باغ بهاري ڏيکارين، تيئن پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ رهندڙ سڀني قومن جون ٻوليون ڦلن ڦولن. جيڪڏهن باغ ۾ رڳو گلاب جو گل هجي ۽ ٻيا گل نه هجن ته ان سان باغ جي خوبصورتي گهٽجي ويندي پر وڌندي ڪونه، ڀلي کڻي گلاب سڀني کا سهڻو گل ڇو نه هجي. گهڻين تهذيبن ۽ گهڻين  ٻولين جو هئڻ دنيا جي سونهن ۾ اضافو ڪري ٿو. گڏيل قومن واري عالمي ادارو مختلف تهذيبن ۽ ٻولين کي انسانذات جو گڏيل سرمايو سمجهي ٿو ۽ ٻولين جي بچاءُ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون ڪري ٿو، ڇو ته دنيا مان ڪنهن ٻولي جي مٽجي وڃڻ جو مطلب آهي ڪروڙن انسانن جو هزارن سالن جو ثقافتي خزانو هميشه ختم ٿيڻ.

ڇاهي يارَ! جُدائي.... - آڪاش عامر (Aakash Aamir)


 ڇاهي يارَ! جُدائي....
آڪاش عامر
جڏهن به سنڌي شاعريءَ ۾  غزلَ جي حوالي  سان ذڪر ڪجي ته، سنڌي شاعريءَ جي حرڪت ڪندڙ پاڻيءَ ۾ غزل گو شاعرن جا دلفريب عڪس به لُڏڻ لڳن ٿا. ڪلاسيڪل صنف هئڻ باوجود به مير انيس، امير خُسرو ۽ اڄ تائين جي غزل گو شاعرن غزل کي پنهنجو الڳ مقام ڏئي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ ڏئي ڇڏي آهي.
منهنجي خيالَ ۾ شاعر پنهنجي تخيل جو پورو سمنڊ ۽ سڀ فڪري مظهرَ، فطرتي مفهوم کان به مٿاهان کڻي غزل ۾ پوري سچائيءَ سان ۽ خوبصورت اسلوب سان استعمال ڪرڻ جو سڀ صلاحيتون ڪتب آڻي وڃي ٿو ته، اهو غزل ان جي صدين تائين سڃاڻپ رهي ٿو.

رهجي ويا ڳڻ


رهجي ويا ڳڻ
جيڪي قومون پنهنجن هيرن ۽ مفڪرن کي ياد رکنديون آهن پڪ ڄاڻو ته اهي قومون ڪڏهن به زوال ناهن ڏسنديون. ڪتاب ”رهجي ويا ڳُڻ“ پڻ سنڌ کي مختلف وقتن تي اتساهه ڏيندڙ انهن مهان ڏاهن تي لکيل آهي جن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. هيءَ ڪتاب امان الله شيخ جي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
امان شيخ جو سياسي سفر پڻ ڊگهو رهيو آهي. آءٌ کيس ڊگهي عرصي کان سڃاڻان، جڏهن هو مهيني ٻئي مهيني دادو اچي چاچا شوڪت سنڌيءَ سان ڪچهريون ڪندو هو. هو مرحوم غوث بخش بزنجو جي پارٽيءَ ۾ سرگرم پڻ رهيو آهي. هن وقت لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مشغول آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکي چڪو آهي.

03/05/2013

پرويز جو ڪتاب ”وڃايل مُرڪ“ - محمد صديق منگيو (Muhammad Sidique Mangio)


پرويز جو ڪتاب ”وڃايل مُرڪ“
اڻ جهل اُڌمن جو اُپٽاري
محمد صديق منگيو
ڪهاڻي، جيڪا ريءَ گناهه مارجي ويل لبنان جي ڪنهن ٻارڙي جي کليل سواليه اک به آهي، ته اين جي مجمدار جي بي چين روح جي رڙ به آهي. ڪهاڻي، جيڪا ورڊس ورٿ جي نظم جو ”ڊيفوڊل گل“ به آهي ته جمال ابڙي ۽ شيخ اياز جي ڪهاڻين جا ڪردار ”پيراڻي“ ۽ ”کلڻي“ به آهي. ڪهاڻي جيڪا منهنجي قلم جو موهه ۽ اکين جي اوجاڳن جو اتهاس به آهي، ته پرويز جي اڻ جهل اڌمن جي اپٽار به آهي. اها سنڌي ڪهاڻي، سنڌ جي اڄوڪين حالتن ۾ ٿر جي اڃارين ڀٽن تي مور جي رڙ وانگر آهي، جيئن شيخ اياز چيو هو ته:
اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ائين سمجهين، مئا مور سارا.

اهڙي ڪتاب کي ”مستند“ چئي سگهجي ٿو؟ - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

اهڙي ڪتاب کي ”مستند“ چئي سگهجي ٿو؟
پروفيسر نذير احمد سومرو
هائيڊ پارڪ ۾ 25 مارچ 2004ع تي منهنجي خط ”ريڊيو اسٽيشن ڪراچي ۽ خيرپور جي تاريخ“ جي جواب ۾ حزب الله سومري جو خط شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن مڪتبئه انسانيت لاهور طرفان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب ”پاڪستان ۾ اول اول“ (مرتب زاهد انجم) مان کوڙ سارا حوالا ڏئي پنهنجي خط جي متن کي وزنائتو ۽ مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سان گڏ ڪيترائي سوال به پڇيا اٿائين ۽ سندس زور فقط هڪ جملي تي آهي ته منهنجي خيال ۾ فلاڻي جي ڳالهه صحيح نه آهي، منهنجي خيال ۾ فلاڻي ڳالهه درست ناهي. مان سمجهان ٿو ته ان لاءِ به ٺوس دليل هجڻ گهرجن ته ڳالهه پنهنجو پاڻ وزنائتي ۽ مضبوط ٿي پوندي.

02/05/2013

انڌا اونڌا ويڄ - رسول بخش پليجو (Rasool Bux Palijo)


انڌا اونڌا ويڄ

(۱)
متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،
تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.
(لطيف)
ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻ هرتڙن نقادن جي هڪڙي ٽوليءَ موسمي مڇرن وانگر اوچتو وٺي منهن ڪڍيو آهي، جي پاڻ کان وڏيون قلمي بڻڇيون کڻي، ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، ۽ هنبوڇيون هڻندا، رنڀون ڪندا، ٽاڏون ڏيندا، جيڪو ڪو سامهون ٿو اچين، تنهن کي سٽيندا، ڪٽيندا، ڏاڙهيندا وڃن. وڏا پهتل، وڏا ادبي اولياءَ، ڪانيءَ ڪرامت جا ڌڻي، ٿئي ٿيندي جي خبر، اکيون ڄڻ ته ٽانڊا، منهن تي مصنوعي جلال، ”اسلام! اسلام!“ ”مذهب! مذهب!“ ”اخلاق! اخلاق!“ جا نعرا، ”بچايو! بچايو!“، ”جهليو! پڪڙيو!“  جا واڪا ايڏو ته ڌمچر مچايو اٿن، جو ماڻهن جا ساهه سڪي ويا آهن. ڪير آهي، جو هنن خدائي فوجدارن، مذهبي ٺيڪيدارن، ليسن بردار اديبن، اُڦٽ مار عالمن، ڪڪڙ ڪاٺ ۾ وجهندڙ تيس مارن جي سامهون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سگهي! چوطرف ”الامان“ ۽ ”نفسي! نفسي!“ جي پڪار آهي. هر ڪو پيو ڪنبي ته ڪڏهن ٿي اها ڄٽ پوليس مون تي اچي ڪڙڪي. خدا جي پناهه! هڪ هٿ ۾ ٺونٺ جيڏا ادبي پروانا ۽ راهداريون، ٻئي ۾ جهالت ۽ تنگ نظريءَ جا شاهي ڏنڊا، شيطان جي آنڊي جيڏن لقمن جون گردن ٽوڙ ڀريون مٿن تي، تعصب ۽ حسد جون ڇريون بغلن ۾، سڙيل ڳريل پاروٿن ۽ زهريلن خيالن جا ڳوٿرا پٺن تي، مڪر ۽ ريا جا وڏا ڊگها جلسا لوڏيندا، خدا جي خلق ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪو شاعريءَ جو بابو آدم ۽ فردوسي، ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر جي استادن جو استاد بڻيو بيٺو آهي، ته ڪنهن کي ڏسو ته ڪاليج جي ليڪچراريءَ مان هڪدم اٿندي وڃي افلاطون ۽ سقراط سان ڪلهي گس ڪئي اٿس، ته ڪو وري رات وچ ۾ گمنام شاعرڙي مان ڦري نقاد آخر زمان بڻجي ويو آهي. هيءَ مخلوق اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي؟ ڇو پيدا ٿي آهي؟ سندن شان نزول ڪهڙو آهي؟ سندس انهيءَ هاءِ گهوڙا، جنون ۽ واويلا ۽ وٺ وٺان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

01/05/2013

جزم جي درست اِستعمال جو مسئلو - الطاف حسين جوکيو (Altaf Hussain Jokhio)


جزم جي درست اِستعمال جو مسئلو
الطاف حسين جوکيو


سنڌي ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جي مسئلن تي وڏو ڌيان ڏيڻ جي گهڻي گهرج آهي، خاص ڪري اعرابن جي حوالي سان خبرداري ضروري آهي. ان ڏس ۾ نامور لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جزم جي درست استعمال جي حوالي سان چڱو بحث ڪيو آهي. هن صاحب ڪي لفظ ڏنا آهن، جن مان هڪ لفظ ’قَوۡم‘ تي ڪم آيل جزم کي رد ڪندي ’قوَم‘ ۾ ڪم آندل دهري يا ٻٽي سُر تي ڪم آندل ’واؤ‘ تي زبر جو استعمال ڪيو آهي، جيئن:
ڪتابي صورت
درست صورت لاءِ سفارش
قَوۡمَ
قوَمَ
                                                                                                                                                                                                                                 (الانا، 1993: 138)
الانا صاحب جيڪو دهري سُر ۾ ڪم ايندڙ  ’واؤ‘ تي ڏنل جزم کي رد ڪري، زبر جو استعمال ڪيو آهي، سو پڻ ’واؤ‘ کي متحرڪ (وينجن) سمجهڻ واري امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهي. اهو هڪ الڳ بحث آهي. الانا صاحب، ’جزم جي حيثيت‘ بابت بلڪل واضح آهي، ليڪن هن ’سنڌي صورتخطيءَ‘ ۾ ’جزم‘ بابت جيڪو دائرو بيــاريو آهي، اُن ۾ مونجهارا آهن، ان لاءِ اصطلاح ’جزم‘ جي دائري ۽ ان جي درست استعمال جو اڀياس لازمي آهي.