18/03/2014

سنڌي رسم الخط - ڊاڪٽر آفتاب ابڙو (Dr. Aftab Abro)



سنڌي رسم الخط جو فيصلو علمي نه پر سياسي هو
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ انفراديت بابت محترمه شبنم گل جو مضمون (7 مارچ 2014) ڪافي ڪارائتو آهي، ان ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون هيئين سان  هنڊائڻ جهڙيون آهن، پر اديءَ کان چُڪ اها ٿي آهي ته هڪ مضمون ۾ کوڙ سارن موضوعن کي بحث هيٺ آندو اٿس. ان جي تسلسل ۾ عالمي  مڃتا رکندڙ ليکڪ جناب آصف جيلاني (11-مارچ) ’سنڌي رسم الخط جي ڪهاڻي‘ بابت هڪ معلوماتي مضمون لکيو آهي. ڪهاڻي جي تسلسل ۾ ڪن هنڌن تي کوٽ محسوس  ٿئي ٿي، جيڪڏهن انهن خالن کي ڀريو وڃي ته ڪهاڻي وڌيڪ دلچسپ ۽ مڪمل نظر ايندي. مثلاً:    

1-سائين جيلاني صاحب ”خداوادي خط“ جو ذڪر ڪيو آهي. حقيقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو پنهنجو اصلوڪو خط آهي، جيڪو ‘برهمي لپي’، وسيلي، سنڌو لکت (Indus script)  مان اُسريو آهي. ان بابت سنڌ جي ڪمشنر مسٽر پرنگل (R.K. Pringle)   اپريل 1849 بمبئي سرڪار کي لکيو هو ته ”سنڌي ٻوليءَ لاءِ ’خداوادي خط‘ اختيار ڪيو وڃي“. گورنر پيش ڪيل سفارش جي آڌار جولاءِ 1849ع ۾ ان راءِ کي قبول ڪيو ته ”سنڌي لپي لاءِ خداوادي اکر استعمال ڪيا وڃن“.  پوءِ ڪن مصلحتن سبب اهو لاڳو نه ٿي سگهيو. 
2-مانواري ڪيپٽن اسٽئڪ جنهن 1845ع ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو گرامر‘ لکيو ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ڪهاڻيون به شامل ڪيون. ان سان گڏ، هن ‘انگريزي سنڌي لغت’  1849ع ۾ تيار ڪئي. سندس اهي ٻئي ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل هئا. اهو خط انگريز حڪمرانن کي سَهنجو ٿي لڳو ۽ هنن فيصلو ڪري ورتو هو ته اهو هتي رائج ڪجي. ديوناگري خط ۾ عربي نالن لکڻ جو مسئلو پيش ضرور ٿيو هو، پر ان ۾ وزن ڪونه هو، جو ساڳي طرز جو خط بنگال ۽ گجرات ۾ رائج هو. جن جي آباديءَ ۾ مسلمانن جو چڱو خاصو انگ هو. اهو مسئلو ايئن هو جيئن هن وقت عربي نالا رومن خط ۾ لکيا وڃن ٿا.  پر انتظامي تبديليءَ سبب سرچارلس نيپئر جي ڪمشنر مقرر ٿيڻ ڪري، ديوناگري بابت اهو پڌرنامو (Notification)  جاري نه ٿي سگهيو.
3-ٻئي طرف ڪيپٽن رچرڊ برٽن ڪافي عرصي کان ڪوششون ڪندو رهيو ته سنڌ ۾ عربي- سنڌي رسم الخط جاري ٿئي. حڪومت طرفان رچرڊ برٽن کي سنڌي رسم الخط بابت ڪا ذميواري  (Assignment)  ڪانه مليل هئي. هن پنهنجا رايا هڪ عالم جي حيثيت ۾ ڪمشنر کي موڪليا هئا. جيئن جيلاني صاحب ڄاڻايو آهي ته هو ڪمشنر فريئر جي ڪافي  ويجهو هو. ان پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو. نه صرف ايترو پر هن هڪ وڏي چال کيڏندي، پنهنجو ڪتاب  Sindh and the Races that inhabit the valley of the Indus.’   ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي نالي ڪيو، جيئن 80ع واري ڏهاڪي ۾، سنڌ جو هڪ نالي وارو ڪامورو شاهه سائينءَ جو رسالو سنڌجي هڪ فوجي گورنر جي نالي منسوب ڪري، سيڪريٽري بڻيو هو.
 4- جيلاني صاحب لکيو آهي ته: ” جولاءِ 1853ع ۾ رچرڊ برٽن منشي ٿانور داس ۽ مرزا صادق بيگ سان گڏجي سنڌي ٻولي جا 53 اکر جوڙيا هئا.“ حقيقت ۾  جولاءِ 1853ع ۾ ته رسم الخط جو فيصلو آيو هو، پر رچرڊ برٽن ان کان اڳ پنهنجون تجويزون تيار ڪري چڪو هو. جيلاني صاحب صرف ٻن ماڻهن جا نالا کنيا آهن، دراصل اُهي 8 هئا، جن تي مشتمل نالي ماتر ڪاميٽي جڙيل هئي، انهن جا  نالا هئا:  نارائڻ جگناٿ، ننديرام سيوهاڻي، پرڀداس آنند رام، اڌارام ٿانور داس، مرزا صادق علي بيگ، ميان محمد، قاضي غلام علي ۽ ميان غلام حسين.  ان کان علاوه هنن  53 حرف نه جوڙيا هئا. جيئن جيلاني صاحب لکيو آهي، بلڪه اهي 54 هئا. جن  مان ٻه ’ژ‘ ۽ ’لا‘بعد ۾ رِويو ڪاميٽي جي تجويز تي ختم ڪيا ويا هئا.
5- اسان جي معلومات مطابق رچرڊ برٽن عبدالله جو روپ اختيار ڪري عربستان ويو هو. کيس عربي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. هن عربيءَ جي ڪلاسيڪل  ڪتاب ‘الف ليلا’ جو ترجمو ‘Arabian nights’   ڪيو هو. سنڌ ۾ هن ان نالي سان گهرن ۾ گهڙي جاسوسي ڪانه ڪئي هئي. البت موجوده بزنس رڪارڊر روڊ تي قائم عامل ڪالوني جي ڀرپاسي ۾ سيڌي جو هڪ دڪان کولرايو هئائين. جتي عورتن جي اچ وڃ هوندي هئي. اتي سندس ٻه مايون رکيل هيون،  جيڪي کيس معلومات وٺي ڏينديون هيون. ان معلومات، آڌار هن هڪ رپورٽ ٺاهي، جيڪا اسان جي روايتن جي برعڪس هئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي گبولن خلاف گهٽ وڌ لکيو هئائين، سا سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي هئي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن (برٽش) سرڪار  کي رسم الخط بابت جيڪي مشورا ڏنا هئا، انهن تي عمل ٿي نه سگهيو.خاص طور عربي حرفن تي جيڪي غير موزون ٽٻڪا ڏنا ويا هئا، انهن تي کيس اعتراض هو.
6- سنڌي رسم الخط بابت ٽئين ڪردار ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پهرين شارح  ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو به ذڪر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جي ذڪر کانسواءِ ڪهاڻي نامڪمل سمجهي ويندي. ڊاڪٽر ٽرمپ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ مٿي ذڪر ڪيل انگريز عملدارن کان پوءِ آيو، پر علمي ۽ لسانياتي لحاظ کان، هو ٻنهي کان وڌيڪ پڙهيل عالم هو. هن موجوده خط کي ‘Silly’  ۽ ‘Rubbish’ سڏيو هو. هن پنهنجي سطح تي وڏي ڪوشش ڪئي ته ان غير موزون رسم الخط جي جاءِ تي ڪا علمي آئيويٽا آڻجي، هڪ سطح تي کيس خاطري هئي ته سرڪار سندس تجويز ڪيل راين ۽ رسم الخط کي مان ڏيندي. هن اهڙي رپورٽ پنهنجي اداري کي 20 نومبر 1854ع تي موڪلي هئي.
7- اهو بحث جيئن ته تمام ڊگهو آهي. ان کي کُٽائيندي، اصل مقصد کي سموهيون ٿا: اهو بحث اصل ۾ حيدرآباد جي ڪليڪٽر راٿ بورن (Rathborne)  1845ع ۾ شروع ڪيو هو، جڏهن هن سرڪار کي تجويز ڏني هئي ته کيس ٽي هزار رپيا منظور ڪري ڏنا وڃن ته هو پنهنجي حدن اندر جديد تعليم بابت اسڪول کولي. ان  مان سوال پيدا ٿيو ته انهن اسڪولن ۾ ڪهڙي ٻولي پڙهائي ويندي؟ اهڙي لک پڙهه کان پوءِ، جڏهن گورنر جارج ڪلرڪ اپريل 1848ع ۾ فيصلو ڏنو ته مڪاني زبان ”سنڌي“ (Scindhee)  پڙهائي ويندي، تڏهن ان جي رسم الخط بابت سوچيو ويو.
هڪ طرف حڪومت مسلمانن جي رَويي کان بيزار هئي،  جو ڪن هنڌن: جيڪب آباد، ميرپور خاص، ڪراچي ۾ انگريز  عملدارن مٿان حملا به ٿيا.  ٻئي طرف لپيءَ بابت بحث ڊگهو عرصو هليو، جنهن مان انگريزن جند ڇڏائڻ پئي گهري. هنن مسلمانن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو. هنن ڪوبه  نئون حرف ڪونه جوڙيو، البت ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌي الف-ب جون جيڪي صورتون جڙي چڪيون هيون، انهن مان چونڊ ڪري. موجوده رسم الخط ترتيب ڏنو ويو. جيئن اڳ ذڪر  ٿي چڪو آهي ته فارسيءَ جي ’ژ‘ ۽ سنڌي ترڪيب ’لا‘به ان ۾ شامل هئا. پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته لپي جوڙيندڙ ڪيترا ‘اڪابر’ هئا، جو هنن ٻن حرف ’ل‘ ۽ ’الف‘  جيئن شاهه سائينءَ به ذڪر ڪيو آهي ته  ”ڪاتب لکي جيئن لايو لام  الف سين“ انهن ٻن حرفن کي به هنن هڪ صوتيو Phoneme مڃيو ۽ پٽيءَ ۾ شامل ڪيو.
 8- سنڌ جي ڪمشنرن طرفان مختلف وقتن تي مختلف رسم الخطن بابت فيصلا ٿيندا رهيا. هڪ ڀيري ته هنن فارسيءَ لاءِ به فيصلو ڪيو هو ۽ آرڊر  به جاري ڪيو هئائون. پوءِ اهو روڪيو ويو. ان سڄي بکيڙي کان بچڻ لاءِ بارٽل فريئر ڪمپني سرڪار جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس کي لکيو. حالانڪه اهڙا مسئلا اتي پيش ڪونه ٿيندا هئا. پوءِ ان کي انتظامي معاملو ڪري پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ سياسي مصلحت به شامل هئي. 
بورڊ آف ڊائريڪٽرس به ڪو ’عربي- سنڌي‘ لاءِ حتمي فيصلو ڪونه ڏنو هو. (جيئن جيلاني صاحب لکيو آهي) البت هنن ان کي ترجيح ڏني هئي ۽ فيصلي ۾ واضح طور لکيو هئائون ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو ‘ديوناگري’ خط استعمال ڪري ته ان کي مڪمل آزادي هوندي. شروع ۾ ڪيترن ئي شهرن خاص طور ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ اها لپي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي ويندي هئي.
نارائڻ  جڳنات، جيڪو تعليم کاتي ۾ اهم عملدار هو ۽ سندس نالي پٺيان موجوده ’اين جي وي‘ اسڪول آهي. ان سرڪار کان باقاعده اجازت  ورتي هئي ۽ خداوادي/ ديوناگري خط ذڪر ٿيل اسڪول ۾ رائج ڪرايو هئائين. جيستائين هو جيئرو هو، تيستائين انهيءَ لپي وسيلي تعليم ڏني ويندي هئي. آخر ۾ حڪومت پاران جيڪي ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا، اهي ’عربي سنڌي‘ ۾ هئا. اهڙي طرح ان رسم الخط کي فوقيت ملي ۽ ٻيون لپيون آهستي آهستي گم ٿينديون ويون. 
  Abro.aftab@hotmail.com      

No comments:

Post a Comment