ادبي تنقيد جي تاريخ
مبارڪ علي لاشاري
فرانسس
بيڪن ڪتابن لاءِ چيو آهي ته ”ڪجهه ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي صرف چکڻ لائق هوندا
آهي ٻيا ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي نڳرڻ جهڙا هوندا آهن، اڃا ٻيا ڪتاب چٻاڙي هضم
ڪرڻ جهڙا هوندا آهن؛ اهڙي ئي طرح ڪجهه ڪتاب اهڙا هوندا آهن جن جا ڪجهه حصا (وقتن
فوقتن) پڙهڻ جهڙا هوندا آهن، ٻيا اهڙا هوندا آهن جيڪي پڙهڻ جهڙا ته هوندا آهن پر
انهن جي پڙهڻ جي لاءِ هروڀرو ڪو گهڻو تجسس نه هوندو آهي جڏهن ته ڪجهه (تمام ڪي
ٿورڙا) ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي نه صرف مڪمل پڙهڙڻ پر پوري توجه ۽ محنت سان پڙهڻ
۽ سمجهڻ جهڙا هوندا آهن“.
فرانسس بيڪن يوٽيلٽيرينزم يعني افاديت پرست مفڪر هو جنهن جو مطلب
ته هو هر شيءَ کي استعمال، فائدي ۽ منافعي جي نظر کان ڏسندو هو. سندس اها چوڻي به
بيڪن جي آهي ته ”دوست اهو آهي جيڪو مشڪل وقت ۾ ڪم اچي“ يعني جيڪڏهن دوست اوهان جي
فائدي ۾ نه آهي ته اهو اوهان جو دوست نه آهي.
جديد تنقيد جي پيرايي ۾ فرانسس بيڪن جي افاديت پسند نقطه نظر کان
ويندي مغرب رومانويت، ان کان اڳ ڪلاسيڪيت ۽ جديديت پڄاڻان جي دور تائين ايترا ته
مختلف ۽ هڪٻئي سان تضاد رکندڙ نقطه ۽ نظريا پيش ڪيا آهن جو اسين رڳو انهن جو
ڳاڻيٽو ئي ڪتب آڻي سگهون ٿا پر انهن جهڙي ماحول جي تجربي مان نٿا گذري سگهون. ان
جو سبب بيشڪ ته اسان وٽ زرعي سماج جي پنجوڙن مان اسريل جاگيرداري معاشري مان جڙيل
ذهنيت ئي ڇونه هجي پر اسان جو ادب يعني اديب به ذهني يڪسانيت مان نڪري نه سگهيو
آهي. اسان جا قدرجامد ۽ هڪ جاءِ تي بيٺل هجڻ سبب اسان جا تخليقي سمت به ساڳيا ۽
ورجاءُ وارا رهيا آهن. ان سبب ئي شايد اسان هر اهو عمل جيڪو تقابلي جائزي ۾ اچي
يعني ٻين علائقن، خطن ۽ ملڪن جي ادب جي تخليقن ۽ فڪر سان موازني ۾ اچي يا
ڪامپيٽيشن ۾ اچي ته اسين سدائين انهي جي حوصله شڪني ڪري پنهنجي ميخاني جي ڪافي
واري اڪيلي ڪُنڊ ۾ ويهڻ کي نه صرف پسند ڪندا آهيون پر انهي کي وڏي غنيمت ۽ آفيت پڻ
سمجهندا آيا آهيون. تنهنڪري فرانسس بيڪن جي افاديت پسندي هزار اختلاف باوجود به
انهي فڪر ۽ خيال جو هڪڙو انتهائي ڪارائتو ۽ مادي پاسو آهي جيڪو اوهان کي مادي ترقي
لاءِ گهڻو گهڻو اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. ساڳئي ئي طرح افلاطون جو شاعري تي حملو يا
دشمني باوجود ڪيترن ئي اختلافن جي اهو رستو ضرور ڏيکاري ٿو ته اوهين دل کان وڌيڪ
دماغ جو استعمال ڪريو، جذباتيت کان وڌيڪ ريشنلٽي يعني عقل مان ڪم وٺو ته اوهان جي
ملڪ جي طرز حڪمراني ۽ سماجي ڳانڍاپو اڳتي وڌي سگهي. ٻي صورت ۾ اسان وٽ اهائي
يڪسانيت ۽ بيٺل پاڻي جي بدبوءِ وڃي رهندي جيڪا اسان جي سماج کي ذهني اوسر کان روڪي
پستي جي کاهين ۾ ڪيرائيندي جنهن جو مشاهدو اسين اڄوڪي حڪمراني واري دور ۾ ڏسي رهيا
آهيون.
اسان کي هروڀرو ذهن ۾ اهو به نه ويهاري ڇڏڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان
جو سماج معاشي، سياسي، سماجي، عملي ۽ علمي حوالي سان پٺتي پيل آهي ته اسان جو ادب
شاهڪار هوندو ۽ اسين انهي شاهڪار ادب جي ڏڍ تي ترقي ڪري ٻولي، قوم يا تشخص جي
رکوالي ڪري سگهنداسين جيئن فلسطين، لبنان، ويٽنام، ڪوريا يا ڪيوبا جي پيڙهيل ماڻهن
جو ادب ٿي سگهي ٿو پر حقيقت ۾ انهن جي ادب ۽ پسمنظر ۽ اسان جي پسمنظر ۾ وڏو فرق
آهي (صرف غربت يا محرومي ئي اعليٰ ادبي تخليقي ادب جو اڪيلو سرچشمو نٿو ٿي سگهي).
اهي پنهنجي ۽ پرائي، دوست ۽ دشمن، درست ۽ غلط ۾ بنهه چٽا ۽ هڪ ڪرا آهن جڏهن ته
اسان جي ذهني معروضيت اسان جي داخلي غلامي ۽ وڏيرڪي سماج جا غلام آهن تنهنڪري اسين
ڪنهن به حوالي سان واضح ۽ چٽا نه آهيون. نه صرف ايترو پر اسان کي پنهنجي مسئلن ۽
منزلن جي به پروڙ گهٽ آهي. اسان ٽارگيٽ بنا وڏا اديب ۽ ليکڪ آهيون جڏهن ته اسان جا
مسئلا بنهه انهي ادبي تخليق کان مختلف آهن. جيڪڏهن ڪنهن اختلاف جي باوجود به مٿين حقيقتن
کي اسين مڃيون ته پوءِ اسان کي هر ادبي شعبي ۾ تنقيد جي آجيان ڪرڻي پوندي ۽ تنقيدي
آسمان ڏانهن وڌڻو پوندو.
اهڙا ئي تنقيدي نقطا کڻي آخرڪار سنڌي ادب پنهنجي ٽرانزيشن واري
پيريڊ ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن جي منزل داخلي ذات جي انا جي تسڪين کان علاوه
معروضي حالتن جي پروڙ جو اونو آهي. اڪبر لغاري صاحب
جو تازو ڪتاب ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ پنهنجي نوعيت ۾ اهم ۽ منفرد
ڪتاب هجڻ سان گڏوگڏ عالمي ادبي تنقيد جو پرچارڪ دستاويز آهي. جيتوڻيڪ هن دور ۾
ڪجهه اهڙا موضوع جيڪي اسان وٽ ممنوع ۽ ناپيد رهيا آهن انهن ڏانهن پيش قدمي جا
سنجيده لاڙا شروع ٿي چڪا آهن. بيشڪ ته انهي ڏس ۾ هن قلمڪار جا ٽي ڪتاب ”جديديت
پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“، ”جديد ادبي
تنقيدي نظريا“ ۽ ”ڪٺيس ڪويڄن“ کڻي شمار ۾ نه ئي اچن پر ان کان
پوءِ اڪبر لغاري جو ڪتاب ”ادبي تنقيد جي تاريخ“، ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو ڪتاب ”جديديت
پڄاڻان“، ۽ ڊاڪٽر ساجده پروين جو ڪتاب ”جديد ادبي
تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ (جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ساجده پروين جو
ڪتاب منهنجي مطالعي مان نه گذريو آهي پر جيئن ته سندن ڪتاب جي عنوان مان ظاهر آهي
ته جديد لاڙن ۽ نظرين تي مبني آهي تنهنڪري ڳڻائي سگهجي ٿو) اهڙا ڪتاب آهن جيڪي
موضوعي طرح اسان جي ادب جي دنيا ۾ نوان زاويه ۽ لاڙا پيدا ڪرڻ ۾ وڏو مدد ڪندا، پر
شرط وري به اهو آئي ته اسين فرانسس بيڪن چواڻي يوٽيليٽيرين ۽ افلاطون جي نقطه نظر
ريشنلسٽ يا عقل پرست ٿي انهن ڪتابن مان مستفيظ ٿيون ۽ انهن ڪتابن کي نه صرف چٻاڙي
هضم ڪريون پر پنهنجي داخليت ۾ اهڙي اختلاف راءِ کي جڳهه به ڏيون.
انهن سمورن ڪتابن مان اسان في الحال اڪبر لغاري جي ڪتاب ادبي تنقيد
جي تاريخ جو جائزو وٺنداسين ته سندن ادبي ۽ علمي پورهيي جي افاديت ۽ ڪارج ڪهڙا آهن
جيڪي اسان جي علم، ادب، سماج ۽ قوم لاءِ نيون راهون پيدا ڪري ڏيئي سگهي ٿو. اهو ان
ڪري به ضروري آهي ته تنقيد جو ڪتاب ”بس منهنجي دل ۽ جذبن جي ڳالهه يا اظهار“ کان
اڳتي وڌي هڪڙو عقلي ۽ تجربيت جي بنياد تي مبني پورهيو هوندو آهي جيڪو پورهيو ڪرڻ
هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي جهڙي طرح اڪبر لغاري گذريل ٻن هزار سالن جي
ادبي تنقيد جي تاريخ کي پنهنجي خوبصورت ٻولي ۽ اظهار جي تاڃي پيٽي ۾ اوتي سنڌي
پڙهندڙن کي تحفو ڏنو آهي جيڪو يقينن شاعري کان اڳتي وڌي علمي ۽ تنقيدي شعور جي
اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. تنقيد صرف ادب جي شعبي تائين محدود نه آهي پر
زندگي جو هر شعبو انهي تنقيد نقطه نظر جي اولڙي ۾ اچي سگهي ٿو. زندگي خود ادب آهي
۽ ادب خود زندگي جي تنقيد آهي ته تنقيد پڻ تنقيد تي تنقيد آهي جيڪا ڳالهه اڪبر
لغاري پنهنجي هن ڪتاب ۾ ”تنقيد بابت تعارفي نوٽ“ ۾ سهڻي نموني سان ڪئي آهي.
اڪبر لغاري جو نالو ادب يا ادبي تنقيد جي حوالي سان نئون نه آهي نه
ڪي سندس تعارف علم ادب يا چٽاڀيٽي جي نصاب جي شاگردن لاءِ نئون آهي ڇوته سندن ڪم
جنهن ۾ چٽاڀيٽي لاءِ ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، ”فلسفي
جي مختصر تاريخ“، ”ڪوي عمر ڪوٽ جا“، ”عمر
ڪوٽ ايامن کان“ ۽ تازو آيل ڪتاب ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ سنڌي ٻولي، ادب، فڪر،
فلسفي ۽ علمي حوالي سان وڏو وٿ آهن. سندس لکڻيون مختلف جرنلز، ميگزينن، رسالن ۽
مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ته ساڳئي وقت ادبي ۽ علمي ميڙاڪن ۽ پروگرامن کي مينيج
ڪرائڻ ۽ شرڪت ڪري علم ۽ ادب جي حوصله افزائي ڪرڻ وارا عمل بنهه شاندار آهن. اڪبر
لغاري سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جو اهو ڪارڪن آهي جيڪو علم ۽ عمل ٻنهي ۾پاڻ ڀرو ۽
يگانو نقاد ۽ ليکڪ آهي. ڪنهن مفڪر ڪامريڊ لينن لاءِ چيو هو ته ”لينن جيڪڏهن هڪ اکر
به نه لکي ها تڏهن به ايڏو وڏو ليکڪ ۽ فلسفي هجي ها ڇو ته هن عملي طرح هيڏو ڪم ڪيو
هو، ۽ جيڪڏهن لينن رڳو گهر ويهي ڪتاب لکي ها تڏهن به ايڏو وڏو سياستدان هجي ۽
فلسفي ها ڇوته سندن لکڻين ايڏو ڪم ڪيو آهي“. اسين اڪبر لغاري کي هروڀرو ڪامريڊ
لينن سان ته نٿا ڀيٽيون پر سندن ادبي عملي ڪردار به کيس وڏو نقاد ۽ مفڪر بنائڻ
لاءِ ڪافي آهي ته سندن لکڻيون به بنهه اهم ۽ وقتائتيون رهيون آهن جيڪي هر دور جي
گهرج پٽاندڙ پاٺڪن کي فائدو پهچائينديون رهيون آهن.
سندن ڪتاب ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ ماءِ پبليڪيشن سکر طرفان ڇپجي هن
ئي مهيني مارڪيٽ ۾ آيو آهي جيڪو 176 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر
اسحاق سميجي لکيو آهي جنهن ادبي تنقيد جي گهرج، افاديت ۽ بئڪ گرائونڊ مهيا ڪيو
آهي ته ادبي تنقيد ڇا آهي ۽ اهڙي مواد جي ڪهڙي اهميت ۽ ضرورت آهي. جيتوڻيڪ سندن
ڪجهه ڳالهين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو جيڪو اڳتي ذڪر ۾ ايندو پر سميجي صاحب سٺو
نڀايو. ڪتاب جو انتساب يعني ارپنا اڪبر لغاري پنهنجي جيون ساٿياڻي ڊاڪٽر
شهناز شورو جي نالي ڪئي آهي جيڪا هو ڊِزرو به ڪري پئي ڇاڪاڻ ته ميڊم شهناز
شورو علمي ۽ ادبي حوالي سان پڻ وڏو نانءُ آهي ۽ سندن اردو ٻولي ۾ اصلوڪين لکڻين
سان گڏ ترجمن جي حوالي سندن ڪم شاندار آهي. ڪتاب ۾ منفرد ڳالهه ته ليکڪ جو نوٽ ته
آهي پر پنهنجي پاران ڪجهه به نه آهي اهو نوٽ به تنقيدي شعور جي حوالي سان آهي جڏهن
ته بئڪ ٽائٽل تي ڪو به رايو نه آهي.
خوبصورت ٽائٽل ڊيزائن جنهن ۾ اسڪيننگ آئي ڪان ICON جي
لوگو سان گڏ ڪتابن جا شيلف ڏنل آهن جيڪي سيميوٽڪ Semiotic Analysis جي
نقطه نظر سان اهم آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي اڪبر لغاري جو نهٺائي، نماڻائي پر
اسڪالرلي چهري ۽ بيهڪ جي انداز posture ڏاڍي با معنيٰ
آهي جيڪو سندن وقار کي ظاهر ڪري ٿو. ڪتاب جي متن ۾ 15 اهم مقاله نما ادبي تنقيدي
مضمون آهن جيڪي يونان جي ڪلاسيڪيت واري تنقيد يعني افلاطون کان شروع ٿي وچولي دور
جي تنقيد، نشات ثانيه تنقيد، نوڪلاسيڪي دور، رومانوي تحريڪ، ادبي حقيقت نگاري،
روسي هيئت پسندي، نئين تنقيد، فلسفياڻي جديديت کان ادبي جديديت تائين، مارڪسي ادبي
تنقيد، نفسياتي تنقيد، ساختيات، پسِ ساختيات، مابعد جديديت کان عورتازاد تائين
پهچن ٿا. سمورن مضمونن ۾ ان دور يعني فڪر ۽ لاڙي جا اهم نالا، نقاد ۽ انهن جو
تصويرون آهن جيڪي ان متن کي سمجهڻ ۾ اهم ڪردار ڪن ٿا. سندن ٻولي ڏاڍي سادي سلوڻي ۽
خوبصورت آهي ۽ اڪبر لغاري ڪوشش ڪري انگريزي اصطلاحن کي پڻ خوبصورت سنڌي ۾ بدلايو
آهي. جيتوڻيڪ سندن ڪتاب جي عنوان ۽ مواد سان ڪٿي ڪٿي اختلاف ڪري سگهجي ٿو جيڪو هر
ڪنهن جو حق آهي ۽ اڳتي هر هڪ مضمون جو جائزو پڻ ورتو ويندو پر پهرين اچو ته سنڌي
ٻولي ۽ ادب ۾ ادبي تنقيد جي پوين روايتن کي ڏسون جيڪو تنقيد جي روايتن کي بنياد
فراهم ڪندو.
سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري (باقاعده) لڳ ڀڳ احسان بدوي ۽ ابراهيم خليل
کان شروع ٿي جيڪا اڄوڪي دور يعني اڪبر لغاري جي ڪتاب ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ تائين
سفر ڪري پهتي آهي. تاريخي طور تي سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري جي ابتدا کي ڪي ته نائين ۽
ڏهين صدي عيسوي جي ليکڪ ڪويراج جي لکڻين کي تنقيد ڪوٺين ٿا ته ساڳي وقت ابراهيم
خليل جي مقالات الشعر، سيد محمد فاضل جي ”ميزان الشعر“ کي پڻ سنڌي ادب ۾ تنقيد جي
ابتدا ڪوٺين ٿا (ڏسو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا). ادبي تنقيدنگاري جي هر دور ۾ پنهنجي
پنهنجي افاديت ۽ ضرورت رهي آهي. پر گهڻي ڀاڱي خيال اهو رهيو آهي ته ماضي ۾
تنقيدنگاري ڪنهن مخصوص سوچ يا فڪر کي پٺپرائي وٺرائڻ لاءِ ڪئي يا لکي ويندي رهي
آهي. تنقيد جي تاريخ هونئن ته مقالن مضمونن، ڪتابن ۽ ٿيسز جي حوالي سان ڪافي ڊگهي
آهي پر جديد سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري جي حوالي سان وڏا نالا ۽ اهم ڪم جن جديد سنڌي
ادب تي اثر ڇڏيا آهن انهن ۾ غلام محمد گرامي جي مقالي ”مشرقي شاعري جا
فني قدر ۽ رجحان“، رسول بخش پليجي جو ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽
”سندي ذات هنجن“، الهداد ٻوهيي جو ”ادب
جا فڪري محرڪ“، ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ”شاهه لطيف جي
شاعري“، جامي چانڊيي طرفان سهيڙيل ”سنڌي ادب ۾
تنقيد_ انٿالاجي“ ممتاز مهر جو ”ويچار“
ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو ”سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري“ تاج بلوچ جو
تنقيد تي ڪتاب ڪجهه اهم ڪم آهن. ايئن ويهي ڳڻجي ته لسٽ ڊگهي ٿي ويندي.
جديد تنقيد جو اهو الميو رهيو آهي يا جنهن کي ايئن چئجي ته وقت جي
تقاضا اها رهي آهي ته اها شخصي وابستگي يا گهڻي ڀاڱي جبريت تحت لکي ويئي آهي آئون
ان کي سمجهڻ يا آسان ڪرڻ لاءِ هڪڙي ٽرمنالاجي نظرياتي جبريت Ideological
Determinism جو استعمال ڪريان ٿو ڇو ته گهڻي ڀاڱي اها تنقيد نگاري ذاتي نظرياتي
جبريت تحت لکي ويئي آهي جيتوڻيڪ اها ان وقت جي تقاضا ۽ گهرج پڻ هئي. جهڙوڪ گرامي
صاحب، پليجي صاحب، ابراهيم خليل، رشيد احمد لاشاري، جي ايم سيد جو پيغام
لطيف، تاج بلوچ وغيره کاٻي يا ساڄي ڌر جي پٺ ڀرائي خاطر تنقيدي ڪم ڪيا
آهن. جڏهن ته ان ڏس ۾ الهداد ٻوهيو ئي شايد اهو نقاد رهيو آهي جنهن تنقيد نگاري کي
پنهنجي پسند موجب چونڊيو يعني تنقيد جو شعبو سندن Chance ۽
اسڪول آف جو ٿاٽ هجڻ سبب نه پر سندن چونڊ Choice هئي.
ٻي صورت ۾ تقريبن نقادن وٽ تنقيدنگاري سندن چونڊ نه پر وابستگي واري جبريت وارو
رجحان يعني Chance طور هئي. جيتوڻيڪ ڪجهه وچٿرائي واريون
ڪوششون به ٿيون جنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر شمس سومرو، سرمد چانڊيو، غفور
ميمڻ ۽ جامي چانڊيو جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. اهو سلسلو هلندو جڏهن تاج بلوچ کان
ٿيندي، ڊاڪٽر اسحاق سميجي، لطيف نوناري، خليق ٻگهيو ۽ محمد الدين راڄڙي تائين پهچي
ٿو ته ڪيترن ئي لاهن چاڙهن کان گذري ٿو پر تنقيد خالص هڪ چونڊ واري شعبي طور اڪبر
لغاري تائين پهچي الڳ مقام ماڻي ٿي.
تنقيد جي شعبي ۾ سنڌي ادب ۾ هڪ ٻيو پڻ اهم ۽ اختلافي لاڙو حاوي
رهيو آهي جنهن اجتماعي طور تي سموري تخليق جي محرڪن ۽ ڪافي حد تائين تخليق يا فڪر
کي يڪسانيت ڏانهن ڌڪيو آهي اهو آهي تنقيد جي شعور کي پنهنجي چوديواري تائين محدود
ڪرڻ واري روش. يعني اوهان جڏهن ادب يا ادبي تخليق جو تجزيو ڪريو ٿا ته پئراميٽر
رڳو اهي ٿا ڏسو جيڪو اوهان جي ذاتي جبريت کي تسڪين پهچائين ٿا جيڪو اوهان جي
پنهنجي هڪ هٽي جي معيار تائين پورو لهي. ٻين لفظن ۾ اسين موضوع يا خيال ته ڪنهن حد
تائين سرحدون اورانگهي کڻي اچي تخليق ۾ اوتيون پر جڏهن تنقيدي زاوين جو ذڪر اچي ته
اوهين سموري دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي پنهنجي جهوپي وارا ڪک ڪانا کڻي اچو. اڃا تائين به
گهڻي ڀاڱي اها روش رهي آهي ته ”تنقيدي نظريا ڌاريا آهن ٻين ملڪن کان امپورٽ ٿيل
آهن اهي اسان جي ادب تي لاڳو نٿا ٿي سگهن“. ايئن چئي بين الاقوامي فڪر، لاڙن،
خيالن ۽ تخيلي ترقي کان منهن موڙي اسان (شايد) سنڌي ادب جو وڏو نقصان ڪيو آهي. ڇا
پيار، محبت، حسن، وفاداري، ڏک، درد، خوشي، غمي اوهان جا پنهنجا آهن يا سموري
انسانيت جو ورثو آهن؟ جيڪڏهن اهي سموري انسان ذات جو گڏيل ورثو آهن ته پوءِ انهن
جي اظهار جي گهاڙيٽن کي ڇو پنهنجي ننڍڙي چوديواري ۾ بند ڪريون؟ ڇو نه بين الاقوامي
سوچ، فڪر، خيال، تخليق ۽ تنقيد کي پنهنجي اظهار ۾ سمايون ۽ انهن کي پنهنجي ادبي
ترقي لاءِ استعمال ڪريون؟
انهي روش جي ٽوڙ لاءِ جيڪي تازيون ڪوششون تنقيد يا نثر ۾ ٿيون آهن
انهن پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي ته ادبي تنقيدي فڪر جي حوالي سان بين الاقوامي فڪر
يا فلسفي تحت ڇا ڇا ٿي رهيو آهي؟ ان سان گڏوگڏ اڪبر لغاري جو ڪتاب سهيوڳي تنقيد جا
عڪس پڻ پسائي ٿو ته دور قديم کان وٺي موجوده دور تائين تنقيد فڪر ڪيئن ۽ ڪهڙي رهي
آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙيون شيون آڻڻ سان فڪر ۽ فلسفي جا نوان گس ۽ نيون راهون کلنديون
۽ اسان جو ادب اڃا وڌيڪ صحتمند ۽ حوصله افزا ٿيندو.
اڪبر لغاري جو ڪتاب انهي انساني گڏيل ورثي يعني ترقي جي شعور کي سنڌي ادب ۽ ٻولي ۾ آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش آهي. سندن ڪتاب جو پهريان پهريان مقالو ڪلاسيڪي تنقيد نگاري کان ويندي نشاتِ ثانيه ۽ نو ڪلاسيڪي دور آهن جيڪي يونان، روم ۽ يورپ جو گڏيل ورثو آهن. اهي فلسفا ۽ فڪر اڄ پوري دنيا جي انسانيت جو هڪ جهڙو ورثو آهن انهن جي مالڪي يا ڌاريائپ جو پوري دنيا جي ادبي ڊسڪورس ۾ ڪٿي ڪو تصور نه آهي. انهن ۾ افلاطون، ارسطو، لانجائنس ۽ هوريس جو تذڪرو اهڙي نموني سان ٿيل آهي جو انهن جا سمورا خيال ۽ ادبي پيراميٽر سموري انسان ذات کي پنهنجا لڳندا آهن ۽ هروڀرو پنهنجائپ ۽ ڌاريائپ جو تصور نه آهي. ارسطو طرفان ڪيل شاعري جو دفاع ۽ جماليات ادبي تخليق ۽ تنقيد جا مثالي دليل آهن. ساڳئي طرح لانجائينس جي علويت يا اعليٰ ادب ۽ ان جون پنج علامتون اڄ به هڪ اديب لاءِ مشعل راهه آهن. وچولي دور ۾ شاعري ۽ تنقيد ۾ دانتي جا تصور پڻ سنڌي ادب ۽ ادبي معيار لاءِ بهترين مثال آهن. اهو تسلسل هلي جڏهن رينائسان يعني نشاتِ ثانيه يعني نئين جاڳرتا تائين پهچي ٿو ته تنقيد جي سرحدن يا علائقائي بائونڊريز پنهنجون معنائون وڃائي ويهن ٿيون.
اڪبر لغاري جو ڪتاب انهي انساني گڏيل ورثي يعني ترقي جي شعور کي سنڌي ادب ۽ ٻولي ۾ آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش آهي. سندن ڪتاب جو پهريان پهريان مقالو ڪلاسيڪي تنقيد نگاري کان ويندي نشاتِ ثانيه ۽ نو ڪلاسيڪي دور آهن جيڪي يونان، روم ۽ يورپ جو گڏيل ورثو آهن. اهي فلسفا ۽ فڪر اڄ پوري دنيا جي انسانيت جو هڪ جهڙو ورثو آهن انهن جي مالڪي يا ڌاريائپ جو پوري دنيا جي ادبي ڊسڪورس ۾ ڪٿي ڪو تصور نه آهي. انهن ۾ افلاطون، ارسطو، لانجائنس ۽ هوريس جو تذڪرو اهڙي نموني سان ٿيل آهي جو انهن جا سمورا خيال ۽ ادبي پيراميٽر سموري انسان ذات کي پنهنجا لڳندا آهن ۽ هروڀرو پنهنجائپ ۽ ڌاريائپ جو تصور نه آهي. ارسطو طرفان ڪيل شاعري جو دفاع ۽ جماليات ادبي تخليق ۽ تنقيد جا مثالي دليل آهن. ساڳئي طرح لانجائينس جي علويت يا اعليٰ ادب ۽ ان جون پنج علامتون اڄ به هڪ اديب لاءِ مشعل راهه آهن. وچولي دور ۾ شاعري ۽ تنقيد ۾ دانتي جا تصور پڻ سنڌي ادب ۽ ادبي معيار لاءِ بهترين مثال آهن. اهو تسلسل هلي جڏهن رينائسان يعني نشاتِ ثانيه يعني نئين جاڳرتا تائين پهچي ٿو ته تنقيد جي سرحدن يا علائقائي بائونڊريز پنهنجون معنائون وڃائي ويهن ٿيون.
ايئن تنقيدي سفر رومانوي دور تائين پهچي ٿو ۽ پنهنجو سمورا رنگ
تبديل ڪري ٿو. اڪبر لغاري رومانوي تنقيد نگاري کي خوبصورت نموني پيش ڪندي ٻڌايو
آهي ته انهي دور جو پسمنظر ڪهڙو هو. سندس نقاد ۽ ترڪيبي جزا ڪهڙا آهن. ان ۾ اڪبر
لغاري ورڊس ورٿ، شيلي، ڪالرج جو ته ذڪر ڪيو ئي آهي پر انهن جا ان دور جي ٻين
لکندڙن ۽ ماڻهن تي ڪهڙا پيا آهن اهو به سٺي نموني ڏنو آهي. رومانوي تنقيد تخليق کي
پنهنجي پنجوڙ ۾ اهڙو جڪڙي ٿو ڇڏي جو انسان منطق ۽ خيال جي افاديت کي ئي وساري ٿو
ڇڏي. رومانوي تحريڪ کانپوءِ رد عمل ۾ وجود ۾ ايندڙ حقيقت پسندي به ادبي تنقيد ۽
پيراميٽر جو اهم جز رهيو آهي. اڪبر لغاري ادب ۾ حقيقت نگاري کي عام زاويي کان ڏٺو
آهي جيتوڻيڪ ريئلزم جي فلسفي جي تشريح بنا اهو ڪم اڌورو لڳي ٿو. پوءِ به فلابيئر،
بالزاڪ ۽ موپاسان جا نقطا سٺا سمجهايل آهن. جيتوڻيڪ نيچرلزم جو تصور ڪجهه الڳ ٿلڳ
۽ مبهم آهي ڇوته نيچرلزم نيو ڪلاسيڪي ۽ رومانوي دورن ۾ ٻنهي قسم جي تخليقڪارن ۽
نقادن استعمال ڪيو آهي پر مختلف اسڪول آف ٿاٽ جي نقادن ان کي پنهنجي پنهنجي تشريح
۽ زاويي کان بيان ۽ استعمال ڪيو آهي .
ان کان پوءِ تنقيد جي تاريخ ۾ روسي هيئت پسندي جو احاطو سٺي نموني
سان ڪيو ويو آهي جنهن دنيا جي ادبي تنقيد ۾ پنهنجا امٽ نشان ڇڏيا آهن، جيڪي پنهنجي
پوين ايندڙ تنقيدي فلسفن ۽ فڪر کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ روسي هيئت پسندي
ڪتاب ۾ مختصر جڳه والاري سگهيو آهي ۽ مبلغن ۾ صرف وڪٽر شڪولووسڪي ئي جڳه ماڻي
سگهيو آهي جيتوڻيڪ رومن ياڪبسن پڻ انهي اسڪول آف ٿاٽ جو وڏو نالو هو ۽ والديميئر
پروپ پڻ انهي تنقيدي زاويي ۾ اچي سگهجي ٿو. پوءِ به هي تنقيدنگاري ڪتاب جو اهم باب
آهي.
نئين تنقيدنگاري جو تذڪرو ڪتاب جي انهن بابن مان هڪ ليکي سگهجي ٿو
جن کي ليکڪ پنهنجي دل وجان سان لکيو آهي. نئين تنقيد واقعي به ادبي تنقيد ۾ ڪايا
پلٽ عنصر آندا آهن جنهن مان ايمپسن جي ستن قسمن جا مغالطا Seven Types of
Ambiguity جو تذڪرو انتهائي سهل انداز ۾ ڏنل آهي. انهي مغالطي نه صرف ادب پر
لسانيات کي وڏو سهارو ڏنو آهي ۽ اڳتي هلي ٻين تنقيدي نظرين جهڙوڪ ساختيات پڄاڻان ۽
جديديت پڄاڻان کي پڻ بنياد فراهم ڪيا آهن. نئين تنقيد ۾ تنقيد جا قسم، آئي اي
رچرڊس جي تنقيد ڏانهن اسٽريٽجي قابل ذڪر آهن. ان تنقيدنگاري ساختي تنقيد کي پڻ وڏو
مدد ڪيو آهي ته ادب کي اديب جي ذات کا الڳ ڪري تجزيو ڪيو ۽ سمجهيو وڃي جيڪي اصول
روسي هيئت پسندي اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي هئي. تنهنڪري روسي هيئت پسندي ۽ نئين تنقيد هڪٻئي
جا اولڙا لڳندا آهن.
مغرب ۾ هڪ اهم ڪم اهو ٿيو آهي ته هڪڙي لاڙي يا فڪر جي پٺيان ان جي
رد ۾ ايترو ئي طاقتور لاڙو يا نظريو جنم وٺندو رهيو آهي ۽ اهي ساڪت ٿي هڪ جاءِ تي
بيهي ڪونه رهيا آهن نڪي پراڻين اصولن تي يڪجا ٿي ويٺا آهن. انهي پسمنظر ۾ ڪلاسيڪي
تنقيد جيڪا يوناني هئي ان کي وچين رومن دور ۾ به جاري رکيو ويو. اڳتي هلي يورپ جي
نشاتِ ثانيه ۾ پڻ اهو ورجايو ويو پر ان کي ماحول الڳ ڏنو ويو ۽ ان کي نو ڪلاسيڪي
دور سڏيو ويو. نو ڪلاسيڪي دور کي وري رومانوي تنقيد رد ڪيو ۽ سمورا پيراميٽرڀڃي
ڇڏيا ۽ نئون جهان اڏيو. رومانوي دور جي اصولن کي وري حقيقت نگاري انتهائي طاقتور
طريقي سان رد ڪيو ۽ ادب يا سماج ۾ نوان زاويا متعارف ڪرايا جڏهن ته جديديت واري
دور جنهن جا بنياد وجهندڙ وڏا مفڪر هئا چارلس ڊارون، ڪارل ڪارڪس ۽ سگمنڊ فرائيڊ.
انهن مفڪرن جي فلسفن سموري علم و ادب جي ڪايا پلٽ ڪري ڏيکاري ۽ علم جي هر ميدان ۾
سندن اثر نظر اچڻ لڳو.
اهڙي پسمنظر ۾ فلسفياڻي جديديت پنهنجو آغاز ڪيو جيڪو اڳتي هلي ادبي
جديديت جي صورت ۾ نظر آيو. جديديت واري دور ۾ ادبي تخليقن جي هيئت ۽ فڪر ۾ واضع ۽
شعوري لڪير ڪڍي وئي ۽ ادب کي سائنسي حقيقت جي بنياد تي ڏٺو ويو ۽ پوءِ تخليقڪارن
پنهنجا پنهنجا فني ۽ فڪري رستا هموار ڪيا. انهن شاعرن ۽ اديبن پنهنجي پنهنجي فڪر ۽
فلسفي تحت ادبي تجربا پڻ ڪيا. انهن ۾ ٽي ايس ايليٽ، ازرا پائونڊ ، وينڌم لوئس ۽
ٻيا اديب اچي ٿي ويا جنهن ۾ ازرا پائونڊ شاعري ۾ تمام وڏا تجربا ڪيا ۽ سموري شاعري
کي ٽڪرن ۾ ورهائي کين ڪانٽوز جي نالي سان سڏيو، جن ۾ موضوع ۽ فڪر پڻ ٽڪرن ۽ حصن ۾
سمجهايو ويو ته ساڳئي ريت ٽي ايس ايلئيٽ تنقيدي زاويا جوڙيا ۽ سماج جي سموري ڀڃ
ڊاهه ڏانهن ذميوارانه شاعري پڻ ڪري سماج کي آئينو ڏيکاريو ۽ تنقيدي لاڙا پڻ متعارف
ڪرايا ڇوته ان کان اڳ علامت نگاري وارن لاڙن حقيقت پسندي جي تحريڪ کي تمام زوردار
نموني ريئيڪٽ ڪيو جن ۾ سريئلزم، ڊاڊازم، اظهاريت، تاثيريت، عڪسيت، وجوديت، بي
معنويت وغيره اچي ٿي ويا ڇوته اهي لاڙا انهي پسمنظر ۾ هئا جو جديديت جي فلسفي مذهب
(عيسائي پادرين وارو)، جنهن جي انساني تصور کي چارلس ڊارون جي ارتقائي نظريي
ڪاپاري ڌڪ رسايو، سماج ۾ ڀڃ ڊاهه جو بنياد ڪارل مارڪس جي معاشي ۽ سياسي نظريي وڌا
۽ برطانوي سلطنت سميت سمورا سامراجي لاڙا لوڏي ۾ اچي ويا جو دنيا انقلابن ڏانهن
وڌڻ لڳي ۽ آخر ۾ سگمنڊ فرائيڊ جي نفسياتي لاڙي انسان کي اندران ڀڃي ڇڏيو جو انسان
ان کان پهرين پاڪدامني ۽ خيالي جنت ۾ پئي رهيو. فرائيڊ ٻڌايو ته انسان لبيڊو جو
غلام ۽ ان جي پيداوار آهي ۽ انساني توانائي انهي مرڪز جي چوگرد ڦري ٿي اهو سمورو
بحث اڪبر لغاري پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيلي طور ڪيو آهي ۽ تمام سادي ۽ سمجهائڻ واري
انداز ۾ ڏنو آهي.
اهڙي ڪايا پلٽ جديديت جي ادب ۾ نظر آئي جو ليکڪ پنهنجي وجود، تشخص
۽ افاديت کي ڳولڻ ۾ لڳي ويا. انهن ۾ ورجينيا وولف، جيمس جوائس، هينري جيمس،
دوستووسڪي وغيره شعور جي وهڪري تحت ناول لکڻ ۾ لڳي ويا، سارتر، ڪاميو، هيرولڊ پنٽر
وجوديت جي بنياد تي ناول لکيا. اهڙا ڪيئي لاڙا مختلف زاوين کان نظر اچڻ لڳا. اڪبر
لغاري ان جديديت واري دور کي بهترين نموني سان سهيڙيو آهي. ان جي آخر ۾ ليکڪ سنڌي
ادب ۾ جديديت تي پڻ بحث ڪيو آهي جنهن ۾ هو لکي ٿو ته سنڌي اديب يا شاعر هاڻي
جديديت جي موضوع تي لکڻ لڳا آهن جنهن سان اختلاف پڻ ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي
ادب هڪ ته پنهنجي ڪنڊ وٺي ٻاهرين دنيا کان ڪن لاٽار ڪري ويٺي رهي جنهن جو ذميوار
نقاد پڻ آهي ته ٻي طرف جيڪو ڪجهه جديديت جي بنياد تي لکيو ويو آهي ان کي مناسب طور
پروڙيو به نه ويو آهي ته ڪهڙي اديب ڪهڙن لاڙن جو اثر قبول ڪيو آهي جهڙوڪ شوڪت
شورو، مدد علي سنڌي، ماڻڪ، ڪنهن حد تائين امر جليل ۽ نسيم کرل وجوديت ۽ شعور جي
وهڪري تحت ڪهاڻيون لکيون آهن ته ساڳئي وقت جديديت جي اثر هيٺ شيخ اياز کان ويندي
امداد حسيني تائين شاعرن جديديت واري شاعري ڪئي آهي جن کي انهن لاڙن جي ڪسوٽي تي
مناسب نموني پرکڻ جي اڃا ضرورت آهي جيڪو بحث ڪافي ڊگهو آهي.
انهي تسلسل ۾ ڪتاب جو اڳيون مضمون مارڪسي تنقيد تي آهي جنهن جو سٺو
احاطو ڪيو ويو آهي ۽ نقطا سٺي نموني سمجهايا ويا آهن ته ساڳئي وقت انهن مبلغن مان
لوڪاچ، آلٿيوسي، گرامچي ۽ ٽيري ايگلٽن کي نقطن سان بيان ڪيو ويو آهي پر انهي تنقيد
جي هيڏي وڏي نالي فرانز فينن کي الئه ڪيئن نظر انداز ڪيو ويو آهي، ته ساڳئي وقت
اعجاز احمد ۽ ايڊورڊ ڊبليو سعيد جهڙي مغرب جي تمام وڏي نقاد ۽ اورينٽلزم فلسفي کي
نئين زندگي ڏيندڙ کي الئه ڪيئن وساريو ويو آهي. نه صرف اهي پر سهيوڳي دور جي تمام
وڏي نقاد نوم چومسڪي کي به مس ڪيو ويو آهي. انهن نالن جي ذڪر ۽ ڪمن جي ڪجهه تذڪري
سان مارڪسي تنقيد نئين زندگي ۽ جاودان سان نظر اچڻ لڳي ها. انهن جي ڪمي جي باوجود
به سندن مضمون پوري جوهه ۽ اسينس سان موجود آهي.
مارڪسي تنقيد کان پوءِ نفسياتي تنقيد ۽ فلسفي تي سٺو بحث ڪيو ويو
آهي ۽ ان جي مختلف جزن جهڙوڪ ليبيڊو، اڊ، ايگو ۽ سپر ايگو جي تصورن کي چٽو ڪيو ويو
آهي. پر ان جي خاص ڳالهه انهي تنقيد جي مفڪرن جو چٽو عڪس ۽ تصور ڏنو ويو آهي جنهن
مان ليکڪ جي دلچسپي به نظر اچي ٿي. پر ان کان پوءِ وارا موضوع ساختيات ۽ ساختيات
پڄاڻان (جنهن کي لغاري صاحب پسِ ساختيات لکيو آهي) تمام گهڻي دلچسپي جو سبب آهن
ڇاڪاڻ ته انهي ٻنهي فلسفن اڄوڪي دنيا جي سماجي، سياسي، ثقافتي ۽ ادبي لاڙن تي وڏا
اثر ڇڏيا آهن. ساختياتي تنقيد جيڪو فرڊيننڊ ڊي سوسيور جي لسانياتي نظام تي بيٺو
آهي جنهن ۾ نشاني Sign ، ان مان نڪرندڙ دال signifier ۽
مدلول Signified اهم آهن. خاص ڳالهه اها ته اڪبر لغاري
انهن انگريزي اصطلاحن کي خالص سنڌي ۾ آڻڻ جي تمام سٺي ڪوشش ڪئي آهي پر سوسيور جي
لسانياتي نموني ۾ نظام يعني سسٽم کي سمجهڻ اهم آهي جنهن ۾ آربيٽري
Arbitrary معنيٰ ۽ ٻٽن متضادن Binary opposites جو نظام اهم آهي
جيڪي اڪبر صاحب بحث هيٺ نه آندا آهن پوءِ به انهي تنقيد جي مبلغن جهڙوڪ روالان
بارٿ، ولادمير پروپ، وغيره کي سٺو بيان ڪيو آهي پر ميخائل باختن جو رڳو نالوڏنو
آهي جيڪو مناسب نه لڳو ڇوته باختن جو ڪم انهي ڏس ۾ تمام وڏو آهي جنهن دوستووسڪي جي
ناولن تي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ناول کي ناول جي شناخت ڏيارڻ ۾ باختن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن
جو به ڪردار نه آهي. ان سان گڏوگڏ باختن ادبي ٻولي جي ساخت ۽ ادب پاري جي ساختي
جزن تي تمام اهم ڪم ڪيو آهي جيڪو ساختيات ۾ وڌيڪ توجه جو مستحق هو.
پسِ ساختيات سموري ڪتاب جو هڪ اهم موضوع آهي جنهن کي پڻ پنهنجي
جوهر سان بيان ڪيو ويو آهي جيڪو انهي توجه جي لائق به هو. پسِ ساختيات هڪ طرف
ساختيات واري مرڪزيت کي ٽوڙيندڙ به آهي ته ٻي طرف ملٽي ڪلچرل تصورن جو موجد به
آهي. پسِ ساختيات ۾ لوگسينٽرسزم Logocentrism يعني لفظي
مرڪزيت وارو نقطو سٺي نموني کنيل آهي پر مغربي فلسفي تي انهي نالي سان ٿيندڙ تنقيد
جيڪو يورپ مرڪزيت Eurocentrism وارو اهم نقطو رهايل آهي. رد تشڪيل جي
نقادن جو خيال آهي ته لفظ مرڪزيت اصل ۾ طاقت يا سماراج مرڪزيت آهي جنهن جي بنياد
تي مغرب پاڻ کي پڙهيل لکيل ۽ تهذيب يافته ۽ باقي دنيا کي اڻ پڙهيل ۽ جاهل سمجهي
ٿو. ان کي رد ڪرڻ يعني ٽوڙڻ جا بنياد پسِ ساختيات ڏنا آهن.
پسِ ساختيات جيان جديديت پڄاڻان پڻ ڪتاب جو اهم مضمون آهي جنهن سان
پڻ سٺو نڀايو ويو آهي. جديديت پڄاڻان جيتوڻيڪ اهڙو موضوع آهي جنهن کي ڪٿان به کڻجي
ته اهو وڏي ڊيگهه وارو ڊسڪورس ٿي سگهي ٿو پر ليکڪ ڪوشش ڪري ان کي ادب ۽ ادبي
ڊسڪورس تائين محدود رکيو آهي جيتوڻيڪ ان ۾ مارڪيٽ، ثقافت، ميڊيا ۽ ٽيڪنالوجي اهم
آهن جن جي اردگرد سمورو مضمون ڦري اچي ٿو. پوءِ به ان کي سٺي نموني پيش ڪيو ويو
آهي. ان موضوع جي پورائي هڪ مضمون يا هڪ ڪتاب ۾ ڪونه ٿي سگهي جو ان ۾ الئه ڪيترا
تصور آهن جيڪي هن مضمون کان رهجي ويا آهن. ان پڄاڻان آخر ۾ عورتازاد تنقيد به پڻ
سٺي نموني ڏنل آهي. فني طور تي ڪتاب جي آخر ۾ مددي ڪتابن جي فهرست پڻ ڏنل آهي جيڪو
ٻڌائي ٿو ته نقاد دوست ڪيتري محنت سان هي ڪتاب سنڌي ادب جي جهولي ۾ وڌو آهي.
آخر ۾ ڪتاب جي ڪجهه ڳالهين سان اصولي طور تي اختلاف به رکي سگهجي
ٿو جيڪو هر ڪنهن جو حق پڻ آهي. سڀ کان پهرين ته اسحاق سميجي صاحب جي ڪتاب جي مهاڳ
۾ لکيو آهي ته ”اڪبر اڪثر تنقيد جي انهن مڪتبن کي بحث هيٺ آندو آهي، جيڪي فڪر يا
خيال جا مڪتب آهن...ص 09، چوڻ جي ڳالهه اها ته اڪبر تنقيد جي فني رخن تي گهٽ ڌيان
ڏنو آهي، ۽ انهن مان ڪن کي ته ڇيڙيو ئي نه آهي...ص 10.“ سڀ کان پهرين ته ڪتاب ۾
ڪلاسيڪي، رومانوي، نفسياتي وغيره کي ڇڏي ڪري باقي تقريبن 8 مضمون اهڙا آهن جيڪي
ادبي هيئت سان واسطو رکن ٿا. اهي سمورا جديد تنقيد جا اهڙا لاڙا آهن جنهن تحت پوري
دنيا ۾ انهن کي ادبي صنفن تي لاڳو ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪي ڪلاسيڪي، نو ڪلاسيڪي، نشاتِ
ثانيه يا رومانوي تنقيدي مڪتب اهڙا آهن جيڪي فڪر يا خيال جا لاڙا آهن سي ورلي ڪنهن
لکڻي تي لاڳو ڪيا وڃن ٿا. تنهنڪري فني طور اهو چوڻ ته ڪتاب ۾ اڪثر فڪر يا خيال جي
مڪتبن کي ذڪر ۾ آندو ويو آهي سو بنهه غلط آهي. جڏهن ته اسحاق صاحب جو فني رخن مان
مراد جيڪڏهن انهن مڪتبن جو اطلاق آهي ته پوءِ ته ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن اطلاق کان
سواءِ ڪجهه ٻيو آهي ته اهو ڪتاب کي سمجهڻ ۾ مغالطو ٿي سگهي ٿو. باقي سنڌي ادب ۾
انهن يا سنڌي تنقيدي ادب جي لاڙن بابت سندن ڳالهه بلڪل درست آهي جيڪو اسحاق صاحب
وقتائتو اشارو ڏنو آهي.
جڏهن ته ڪتاب جو نالو ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ بلڪل عجيب ٿو لڳي ته
هي سمورا مضمون تنقيدي فڪر يا مڪتبه فڪر آهن ته انهن جي تاريخ جو ڪهڙو جواز ٿئي
ٿو؟ ها جيڪڏهن تاريخي ٽائيم لائين تحت پهرين ڪهڙو مڪتب آيو پوءِ ڪهڙو آيو انهي ڏس
۾ فهرست جي ترتيب ته ٺيڪ ٿي سگهي ٿي پر تنقيد جي متن ۾ تاريخ جو استعمال موزون
ڪونه ٿو لڳي. جڏهن ته حقيقت نگاري واري ڀاڱي ۾ جادوئي حقيقت نگاري جو ذڪر ڪرڻ به
ضروري نه پئي لڳو جيڪو جديديت پڄاڻان تنقيدي لاڙي سان تعلق رکي ٿو ان کي جديديت
پڄاڻان واري ڀاڱي ۾ رکجي ها ته بهتر هو. اهڙي طرح هر تنقيدي دور ۾ تنقيدي مڪتب
ڪهڙو ۽ ڪيئن رهيو هو کان وڌيڪ انهن شخصيتن تي انحصار ڪيو ويو جيڪا ڳالهه ڪتاب جي
خوبي هوندي به خامي ڳڻي سگهجي ٿي. ساڳئي وقت اهو به چئي سگهجي ٿو ته اسحاق سميجي
چواڻي انهن تنقيدي لاڙن جو سنڌي ادب تي ڪهڙو اثر رهيو يا اهي ڪيئن اپلاءِ ڪري
سگهجن ٿا ڏجي ها ته اڃا وڌيڪ بهتر هجي ها جڏهن ته ڪٿي ڪٿي سنڌي ادب يا اديبن جو
حوالو پڻ ڏنو ويو آهي. انهن کان اهم نشاندهي هڪڙي اها به ڪري سگهجي ٿي ته تنقيدي
لاڙن ۽ نظرين ۾ بيٺڪيت پڄاڻان تنقيدنگاري کي بنهه نظر انداز ڪيو ويو جيڪو ڪيترن ئي
ٻين ”پڄاڻان“ وارن لاڙن ۽ فڪر کي جنم ڏيندڙ آهي جهڙوڪ پوسٽ ماڊرنزم، پوسٽ
اسٽرڪچرلزم، فيمينزم، پوسٽ فيمينزم وغيره اهم آهن.
آخر۾ اهو اعتراف ضرور ڪرڻ گهرجي ته ادبي تنقيد ۾ اڪبر لغاري جو
ڪتاب ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ تاريخي سنگ ميل آهي. آئيڊيل نه هجڻ وارين نشاندهين
باوجود به هي ڪتاب اسان جي ادب جو بي بها خزانو آهي جيڪو اسان کي پنهنجي ادبي
تنقيدي فڪر کي عالمي ليول تي ڳنڍڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪتاب هر پڙهندڙ ۽
اديب جي ذاتي لائبريري جو لازمي حصو هجڻ گهرجي. اهڙي شاندار ڪم ۽ ڪتاب تي اڪبر
لغاري کي واڌايون پيش ڪرڻ گهرجن ته هو اسان کي اڃا به سٺا ڪتاب ڏي ۽ اسين سندس
مطالعي ۽ علم مان فيضياب ٿي سگهون.
mubaraklashari78@gmail.com
well written essay.. an inspirational effort & praise wothy.
ReplyDelete