08/01/2020

وئتپتي ڪوش (ڪتاب) - سراج (Siraj)


سراج
وئتپتي ڪوش (ڪتاب تي تبصرو)

وئتپتي ڪوش: جوڙيندڙ جهمٽمل نارومل وسڻائي،
صفحا 81،
قيمت ڏيڍ روپيو،
ڇپائيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ“
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_سول لائنس حيدرآباد سنڌ، ۽ سنڌ جا سمورا وڏا بڪ اسٽال.
آزادي کان پوءِ، سنڌ جي اڳئين حڪومت طرفان، سنڌي ادب جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ هڪ اداري جي حيثيت ۾ ادب جي سڀ کان وڌيڪ خدمت ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ان خدمت لاءِ مختلف اسڪيمون عمل ۾ آنديون، جن مان لغت اسڪيم، سنڌ جي تاريخ  جي اسڪيم، لوڪ ادب اسڪيم، ۽ پراڻي ادب کي وري ڇپائڻ جي اسڪيم قابل ذڪر آهن. سنڌي پراڻا ڪتاب اسان جو اهڙو ورثو آهن، جنهن تي جيترو ناز ڪريون، اوترو ٿورو.
تازو سنڌي ادبي بورڊ، ان اسڪيم هيٺ، سرڳواسي جهمٽمل نارومل جو ”وئتپتي ڪوش“ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ننڍڙو ڪتاب علم لغت جو هڪ خزانو آهي.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته اها سنسڪرت جي هڪ اُپڀرنش، وارچڊ ٻولي مان نڪتل آهي.
هِن ڪتاب ۾ اهي سنسڪرت جا ڌاتو گڏ ڪيا ويا آهن، جن مان، جهمٽمل جي خيال موجب، اڪثر سنڌي لفظ ڪڍي سگهجن ٿا.
هن ڪتاب تي جهمٽمل جا محنت ڪئي آهي، ان جو داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. هر ممڪن ڪوشش ڪري، ڪنهن هڪ ئي ڏاتوءَ سان لاڳاپيل سمورا لفظ هڪ ئي هنڌ گڏ ڪيا ويا آهن.
مثال طور، ”دڙ“ مولشبد مان ٽيهه لفظ نڪتل ڏيکاريا ويا آهن. ان مان نه رڳو اشتقاق جي خبر پوي ٿي، پر ٿوريءَ ڦير گهير سان ساڳيا لفظ ڪيئن معنيٰ بدلائين ٿا ۽ هڪ ئي ڪتب جا لفظ ڪهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن، تنهن ڳالهه جي سڌ پڻ پئجي وڃي ٿي.
علم الغت سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ هيءُ هڪ املهه خزانو آهي. هيءُ ڪتاب، سٺي پني تي، ادبي بورڊ جي روايتي خوبصورت ڇپائيءَ سان شايع ٿيو آهي.

No comments:

Post a Comment