09/06/2020

سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب:
سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام


سنڌي شعري ادب جِي تاريخ جي مطالعي سان معلوم ٿيندو ته ڪلاسيڪل دَور جي شاعرن کان وٺي ويهين صديءَ تائين، مختلف شاعرن جي شاعريءَ جا مجموعا، مختصر تعارفن توڙي مفصل مقدمن سميت ڇپيا آهن، جن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف سُوڌو سچل سرمست ۽ ساميءَ سميت مير عبدالحسين سانگي، بيدل ۽ بيڪس، حسين فقير ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ وغيره شامل آهن. ان سلسلي هيٺ، ويجهڙ ۾ سيد پير علي شاهه جي متفرقه ڪلام جو مجموعو ”سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپيو آهي، جيڪو سنڌ جي نامور محقق، لطيف شناس ۽ لوڪ ادب جي ماهر، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل آهي. پاڻ ان ڪتاب جو ”مقدمو“ ۽ تعارفي ليک ”ڪلام جي سهيڙ“ پڻ لکيو اٿائين.

سيد پير علي شاهه درازيءَ (1916-1989ع) جو ڪلام 15 ڪافين، 26 غزلن، سرائڪي نعت، نصيحت (نظم)، امام خمينيءَ جي شان ۾ لکيل منقبت، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت تي عقيدت مان لکيل نظم ۽ ٽن چَوسٽن تي مشتمل آهي.
هن ڪتاب جي ٻئي مواد ۾ هيٺيون مواد شامل آهي: ”ڇپرائيندڙ پاران“ نذير احمد ڪاڪا، ”ڪمال ڪتاب لکي مڙوئي ميارون لاهي ڇڏيون“ منظور اُڄڻ، ”پير علي شاهه جي ڪلام جو جائزو“ اقبال شاهين، ”پيرل ڄڻ اسان جي ڳوٺ جو هو!“ غلام رسول ’گلڻ‘ ڄامڙي، ”موٽي آيون وسريل يادون“ استاد منير احمد شاهه ۽ ”پيرل سان گهاريل گهڙين جو احوال“ منظور حسين ’حيدري‘ ڄامڙو.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب جي اهڙي متحرڪ ادبي شخصيت آهي جنهن جي من ۾ سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽ سنڌي لوڪ ادب سان بي پناهه پيار سمايل آهي، جنهنڪري هُو هر گهڙي ان جي واڌ ويجهه لاءِ سرگرم رهندو آهي ۽ سنڌي علم ۽ ادب جي جهولي پنهنجين تحريرن ۽ تحقيقن سان ڀريندو رهندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته سندس کاتي ۾، لکيل، سهيڙيل ۽ تدوين ڪيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو چاليهن جي لڳ ڀڳ آهي. سندس هيءُ نئون ڪتاب ”سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام“ پڻ ان تحرڪ ۽ تسلسل سان ڪم ڪرڻ جو نتيجو آهي.
هن ڪتاب جي ”مقدمي“ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي تفصيل سان سيد پير علي شاهه درازيءَ جي پيدائش، شاعريءَ جي شروعات، عشق ۽ نوڪريءَ، نوڪريءَ تان استعيفا، سائينءَ جا محبوب، شادين، اولاد، شاعري، راڳ ۽ وفات بابت لکيو آهي، جنهن جي مطالعي سان سيد پير علي شاهه جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت جامع معلومات ملي پوي ٿي. ”مقدمي“ ۾ هڪ هنڌ ڊاڪٽر ڪمال لکي ٿو: ”سائين هڪ درويش صفت انسان هو. سندس شاعري ڏاڍي سلوڻي، سادي، سٻاجهي ۽ عاجزيءَ واري آهي.“ هُو اڳتي لکي ٿو: ”سائينءَ جي، جنهن انداز سان لفظن جي جَڙاوت ۽ جدت آهي سا موتين جي مالها مثل آهي ۽ سندس ڏنل تشبيهون به ڏاڍيون نراليون ۽ نيون آهن. سندس تخيل ڏاڍو بهترين ۽ بامعنى آهي جيڪو هر ڪو سمجهي سگهي ٿو.“
پير علي شاهه درازيءَ جي هڪ غزل جا ٻه شعر هن ريت آهن:
آ صنم مون وٽ سهپ، تنهنجي ڏاڍ کان ڏاڍي گهڻي،
ڏاڍ تنهنجي جي نه حد، پر ڏاڍو ويو دل کي وڻي.
ناز وارا ناز پروَر، رک ناز پنهنجي سان نظام،
آ حڪومت حق لهجو، دل جو جڏهن ٿئين ڌڻي.
اهڙيءَ طرح سندس سرجيل هڪ ڪافيءَ جو رنگ هن ريت آهي:
ناهي حُسن هندو نه مسلمان ادا!
آهي هر فرقي جو سلطان ادا!
واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي هيءُ ڪتاب تحقيق ۽ تدوين ڪيو، نه ته امڪان هو ته پير علي شاهه جو ڪلام به وڃائجي ضايع ٿي وڃي ها. هيءُ ڪتاب ”سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام“، ڊيمي سائز ۾، مجلد، 500 جي تعداد ۾، 96 صفحن تي مشتمل، جنوري 2020ع ۾، سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ پاران ڇپيو ۽ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي ڇپرائي پڌرو ڪيو.

No comments:

Post a Comment