30/09/2021

ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ تي هڪ نظر - شھزادو شيخ (Shahzado Shaikh)

 ليکڪ: شھزادو شيخ

 ڊاڪٽر احسان دانش جي ڪتاب

”شاهه لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ تي هڪ نظر


سنڌي ٻوليءَ ۾ روزانو ڪو نه ڪو ڪتاب ڇپجي ٿو، پر انهن مان ٿورا ڪتاب پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا آهن. تازو ئي اهڙو هڪ ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ عنوان سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق، نقاد ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل آهي.

ڊاڪٽر دانش هن ڪتاب ۾ لاکيڻي لطيف سائين جي شاعري ۾ درد جي فلسفي کي موتين جھڙن لفظن ۾ پوئي سمجهايو آهي. سچ ته هي ڪتاب ساڃھوندن توڙي ادب دوستن لاءِ انمول تحفو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ لطيف سائين جي ڪلام ۾ موجود دردن ۽ ڏکن جو گهڻ رخو مطالعو سولي ۽ سهنجي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.

جنھن درد، ڏک ۽ پيڙا کي عام طور اسين آفت ۽ مصيبت سمجهون ٿا، لطيف سائين انهن ڏکن ۽ دردن کي ڳلي لاهي ٿو ۽ انهن ڏکن ۽ پيڙائن سان مقابلو ڪرڻ لاء حوصلو ۽ ھمت پيدا ڪري ٿو ۽ اعلي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۽ جستجو ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو.

لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي مختلف موضوعن ۽ مختلف پھلوئن تي سنڌ جي وڏن اديبن عالمن پنهنجي پنهنجي انداز سان علمي ۽ تحقيقي پورهيو ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر احسان دانش هڪ اهڙو لطيف شناس عالم آهي، جنهن پنهنجي هن ڪتاب ۾  لطيف جي شاعريءَ ۾ درد واري فلسفي کي نهايت عالمانا انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

درد جو موضوع ڏاڍو، وسيع، گهرو ۽ دل کي ڇھندڙ آهي. ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي ته ”مان پنهنجي مطالعي ۽ شاھ جي رسالي کي وري وري اٿلائڻ ۽ ڀٽائي جي ڪلام تي غور ڪرڻ سان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته شاهه لطيف جي شاعري ۾ ٽي وڏا موضوع آهن جيڪي سڄي رسالي تي ڇانيل آهن ۽ لڳ ڀڳ هر سر ۾ اهي موضوع ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڀري اچن ٿا، اهي ٽي موضوع هي آهن: ”پھريون عشق ٻيون درد ۽ ٽيون جدوجهد.“ هن ڪتاب کان اڳ ڊاڪٽر دانش شاهه جي شاعريءَ ۾ عشق ۽ جدوجهد جي موضوع تي پڻ ڀرپور نموني قلم کڻي چڪو آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش اڳتي لکي ٿو ته ”انهن ٽنهي موضوعن جو وري هڪ ٻئي سان گهرو تعلق به آهي عشق درد کان سواءِ اڌرو آهي ۽ جدوجهد درد بنا ناممڪن. درد باقي ٻنهي موضوعن جو مرڪزي نڪتو آهي.“ درد واري موضوع تي ڪيترن ئي سالن کان سندس خواهش هئي ته هو ان اهم موضوع تي قلم کڻي جڏهن سندس اھا خواهش پوري ٿي ته سنڌي ٻوليءَ کي ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ جهڙو ڪارائتو ڪتاب مليو. ان ڳالهه ۾ ذري برابر به وڌاءُ نه آهي ته مذڪوره ڪتاب لطيف فهمي جي سلسلي جو هڪ اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ موضوع جي مناسبت سان انگريزي، فارسي، هندي، اردو ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ مان پڻ کوڙ سارا حوالا ڏنل آهن. خاص طور دنيا جي مختلف فلاسافرن، ڏاھن ۽ اديبن جون درد بابت ڏنل وصفون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.

ڊاڪٽر احسان دانش لطيف سائين تي هن کان اڳ به شاندار تحقيقي ڪم ڪري سنڌ ۽ هند ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. سندس لطيف سائين تي ڪيل تحقيقي ڪم پنهنجي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو. هن کي لطيف سائين سان عشق ۽ خاص رغبت آهي. هن ڪتاب ۾ درد جي ڪيفيتن ۽  سورن جي سونهن کي کوليو ويو آهي ۽ دنيا جي  مختلف ٻولين جي ذخيري مان حوالا ڏئي معنى ۾ ٻڌايو ويو آهي ۽  درد جي حقيقت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. درد جي فلسفي کي سمجهائڻ لاءِ ڊاڪٽر احسان دانش لطيف جي سرن ۽ بيتن جا مثال ڏئي سمجهايو آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش هڪ برجستو جفاڪش محنتي ۽ جدوجهد ڪندڙ شخصيت آهي. هي ھميشہ پنهنجي تحقيقي ۽ علمي ادبي ڪمن ۾ مصروف عمل هوندو آهي. سندس ڪيل هن قلمي پورهيي ۾ ڏنل سندس ھي لفظ ڏاڍا وڻيا ”هڪ دردمند انسان خردمند به هوندو آهي ڇو ته اهو دک مان سبق سکندو آهي ۽ بي درد انسان جي سرشتي جو لازمي جز آهي ۽ اهو شعوري طور به پختو ۽ توانو رکي ٿو.

درد کي ڪيترو نه سهڻي نموني ڊاڪٽر احسان صاحب بيان ڪيو آهي. پنهنجي ڪتاب ۾ ان جون ڪيفيتون به بيان ڪيون آهن ته قسم به. درد بنيادي طور ٻن قسمن جو ٿئي ٿو پھريون جسماني درد (physical pain) ۽ ٻيو نفسياتي يا احساساتي درد (psychogenic (or emotional pain  . ڊاڪٽر دانش درد جي انهن ٻنهي پهلوئن کي کولي سمجهائي ٿو ته ”جسماني درد جسم جي ڪنهن عضوي جي ظاهر يا لڪل تڪليف زخم اھنج يا ايذاءُ جو نتيجو هوندو آهي جڏهن ته نفسياتي ۽ احساساتي درد جو تعلق ڪنهن نظري لقاء بدران انسان جي ذهن سوچ ۽ نفسيات سان ھوندو آھي انسان جي زندگيءَ ۾ ڏک اڻٽيهن رات جي آسمان وانگر آهي گھرو ڪارو وشال ۽ خوشي جرڪندڙ تارن جيان آهي ۽ درد شاعري جو بنيادي موضوع آهي درد جون کوڙ صورتون آهن.

ڪتاب ۾ هند جو ناليوارو محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عالم ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر احسان دانش پھريون ليکڪ نه آهي جنهن هن موضوع تي قلم ھلايو آهي. شاهه تي ٿيل ھيڏي جاکوڙ ۾ ڪا اها ڳالهه نئين ڪانهي البت ڊاڪٽر احسان دانش جو هي اڀياس پنهنجي موضوع جي لحاظ کان گھڻ رخو مفصل ۽جامع ضرور آهي. هن ڪتاب ۾ دک درد جون معني ڏنل آهن جيڪي لطيف سائين پنهنجي سرن ۽ بيتن ۾ ٻڌايون آهن. شاهه جي شارحن لفظ رپ جي معني آفت ڏسي آهي يعني غم جي آفت. ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي هن ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته شاھ جي رسالي ۾ ان اذيت ۽ الم کي ڏک، ڏرت، ڏولائو ڏنجھ، دک، درد، گوندر، غم، ورھ، سور، پور، سوز، مصيبت، حزن، پيڙا، رنج، اھنج، اندوھ، عذاب، اولاڪو، انگور، آزار، کام، لڇ، جھوري ۽ جھڄڻ جهڙن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.

هن ڪتاب ۾ جيڪا ڊاڪٽر احسان دانش دنيا جي مختلف مختلف فلاسافرن ڏاھن اديبن جا درد ۽ ڏک  بابت قول ڏنا آهن اهي با ڪمال  آهن. انهن مان جن مون کي بيحد متاثر ڪيو انهن مان ڪجهه هتي ڏيان ٿو.

سڌارٿ ڏک ۽ درد جي باري ۾ چوي ٿو ته ”سروکم دکم دکم“. انگريزي ۾ چوندا آهن No pain No gain  يعني سور کان سواءِ ڪجهه حاصل ٿيڻو ناهي. صائب تبريزي فرمائي ٿو ته بي دردن وٽان پنهنجي درد جو علاج ڳولڻ ائين آهي جيئن وڇون جي ڏنگ وسيلي پنهنجي پير مان ڪنڊو ڪڍڻ. لبنان جي ڏاهي خليل جبران جو قول آهي ته درد هڪ املهه تحفو آهي جيڪو هر ڪنهن کي نه ملندو آهي مان پنهنجي غم تي فخر ڪريان ٿو منهنجو غم پيدا ٿيو ته مان گهڻي احتياط ۽ وڏي محنت سان سندس پرورش ڪئي.

ڏسو ته ڪيڏي سولي ۽ آساني طريقي سان درد جون وصفون  پيش ڪيو ويون آهن. ڪي ماڻهو دردن ۽ ڏکن کان ڏور ھليا ويندا آهن سکن جي قريب ٿيندا ويندا آهن ته ڪي دردن کي ڳلي جو ھار بڻائيندا آهن ۽ انهن سان هر وقت منھن مقابل ٿيندا آهن، اهڙي طرح لطيف سائين جي پنهنجي شاعري درد جھڙي اهم موضوع تي چيل آهي. شاهه سائين جي شاعري جو موضوع عورت آهي جيڪا ڏکن ڏاکڙن سان مقابلو ڪري ٿي ۽ جنگ جوٽي ٿي جڏهن اها وري ٿڪجي پوي ٿي ته وري لطيف اتساهي ٿو ۽ ھمت افزائي ڪري ٿو ۽ سفر جي راھ تي گامزن ڪري ٿو ۽ منزل مقصود ڏانهن ھلڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته         

شعر

ڏک سکن جي سونهن گھوريا ڏکن سکن ري!

جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.

لطيف سائينءَ چيو آهي ته اھڙا سک ئي نه ٿا گهرجن جيڪي ڏکن کان سواءِ حاصل ٿين شاهه سائين کي ڏکن سان ڪيڏو پيار آهي اهو سکن جي بدلي ۾ ڏکن کي خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ڪيفيتن جي طرف اچجي ٿو ته شاهه سائين رسالي ۾ انسان جي هر ڪيفيت کي ڀرپور نموني اڀاريو آهي. ڊاڪٽر احسان دانش انهن ڪيفيتن جي واضح تشريح ڪئي آهي ته شاهه جي شاعريءَ ۾ ڪيفيتن جو هڪ سمنڊ آهي جنھن جون موجون ڪڏهن اتاھيون اٿن ٿيون ته ڪڏهن انهن لهرن ۾ لاٿ آهي.

هن ڪتاب ۾ ڪيفيت جي لفظي معني کي سھڻي انداز ۽ مفهوم ۾ سمجهايو ويو آهي ڪيفيت جي معني آهي حالت آهي پر عام طور لفظ ڪيفيت کي ڪيف سرور لطف ۽ مزي جي معني ۾ ورتو ويو آهي جيئن چيو ويندو آهي ته فلاڻي ماڻهو تي ڪيفيت طاري ٿي وئي آهي يعني ڪنهن خاص رنگ ۾ رچي ويو. ڪيفيت اصل ۾ احساس مان جنم وٺندي آهي ۽ احساس وري لفظ (حواس) sense مان ورتل آهي اهڙي طرح احساسن مان وري جذبا جنم وٺندا آهن. ڪيفيتن جو تعلق انسان جي ذهن سان آهي تنهنڪري بنيادي طور اھو نفسيات جو اصطلاح آهي. ڪيفيت کي سهڻي انداز ۾ کولي پيش ڪيو ويو آهي ڇا ته عالمانه انداز آهي ڪوئي عام يا خاص ڪيفيت کي پڙهندو ته پڙهندڙ سولائي سان سمجهي ويندو.

ڊاڪٽر احسان دانش هڪ ته شيءِ کي لفظن ۾ کولي بيان ڪيو آهي ۽ معنى سان بيان ڪيو آهي سندس اها هڪ اعلى خوبي آهي. شاهه سائين جي بيتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ درد جي سونهن کي به سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته سونهن جنهن لاءِ حسن جمال ۽ خوبصورتي جا لفظ به استعمال ٿيندا آهن ان جا انيڪ قسم آهن، سونهن جڏهن  جماليات بڻجي ٿي ته حسن جو فلسفو سمجهائي ٿي پر سونهن جو هڪ سچ درد به آهي درد جنهن ۾ پنهنجي لذت ۽ لطف آهي ڪنهن اعلي مقصدن کي حاصل ڪرڻو آهي ته ماڻهن کي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ڏکن ۽ دردن کي سھڻو آهي بنا ڪنهن تڪليف ۽ درد جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي.

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جا اڪثر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن ريت سورن جو سفر ڪن ٿا ۽ ڀوڳنا جا ڀاو ماڻين ٿا شاهه سائين جي شاعري ۾ جدوجهد محنت ۽ جستجو جو سبق سمايل آهي. ڊاڪٽر صاحب درد ۽ عشق جي فلسفي کي سمجهائڻ لاءِ شاھ سائين جي بيتن کي چونڊ ڪري بيتن جي ذريعي آسان ڪري سمجهايو آهي. لطيف سائين جي ڪردارن ۾ عورت کي اعلي مقام مليل آهي، جيڪا عورت جي روپ ۾ ئي جبل جهر جهنگ صحرا سان جنگ ڪري ٿي دردن ڏکن ۽ پيڙائن کي منهن ڏئي ٿي.

ڊاڪٽر احسان جو لکيل هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ ناياب ڪتاب آهي ۽ ادبي خوبين سان سنگاريل آهي. ٻولي نھايت سولي ۽ آسان آهي بيان پر اثر ۽ دلڪش آهي. نه فقط ايترو پر هن ڪتاب ۾ ٺيٺ سنڌي لفظن سان فارسي اردو ۽ انگريزي لفظن جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو. هي ڪتاب نون بابن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي هر هڪ باب جي پٺيان حوالا ۽ پڇاڙڪن صفحن تي ببليوگرافي شامل آهي. هن ڪتاب ۾ هند جي ٽن محققن ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي ۽ وينا شرنگي جا رايا شامل آهن. جڏهن ته ڪتاب جو مهاڳ نامياري محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل نامياري اديب ۽ اڪيڊمي ادبيات جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ لکيو آهي ۽ فليپ تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري شبنم گل جو رايو ڏنل آهي. هي ڪتاب 184 صفحن تي مشتمل آهي ۽ پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي اداري ڇپيو آهي. ڪتاب جو ملهه فقط 300 روپيا آهي.

مان پنهنجي محسن استاد ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر احسان دانش جو نهايت شڪر گذار آهيان جنهن هن پياري ۽ قيمتي ڪتاب جي سڀ کان پهرين اعزازي ڪاپي مون کي ڏني، جنهن کي مان پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهان ٿو. مون کي سندس ڪيل تحقيقي ڪم تي فخر آهي ۽ اهڙي اعلى ڪم تي مان کيس لک لک واڌايون ڏيان ٿو. منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آهن. دعا آهي ته ڌڻي سندن قلم ۾ وڌيڪ قوت بخشي ۽ سنڌي ادب توڙي دنيا جي ٻين علمي ادبي حلقن ۾ کين اعلى مقام عطا فرمائي.

No comments:

Post a Comment