10/10/2021

ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪتاب ”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ - محمد عثمان جوڻيجو (Muhammad Usman Junejo)

 تبصرو: محمد عثمان جوڻيجو

ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل ڪتاب

”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“

”ڏکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچن.“

دنيا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا اڻ ڳڻيا شيدائي ۽ پارِکُو موجود آهن، پر سنڌ ۾ شاهه سائينءَ جا جيڪي شارِحَ ۽ پارِکُو آهن، انهن مان محترم ڊاڪٽر احسان دانش به هڪ آھي. ھن  شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي آهي، گڏوگڏ لطيفيات تي ٻيا به ڪتاب لکيا اٿائين. سندس تازو ڪتاب ”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. جنھن ۾ درد جي موضوع تي لکيل سندس تحقيقي مقالا ڏنل آهن. ”شاهه لطيف، دردَ جي حقيقت، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سورَ جي سونھن، شاهه لطيف جي سورمين وٽ درد جا انواعَ، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو سماجي ڪارج“ اهي موضوع آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن.

ڀٽائي سائينءَ جي ڏات، مختلف ڪيفيتن ۽ فن کي سمجهڻ لاءِ هيءُ پڻ هڪ اهم ڪتاب آهي.

اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ، ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لاءِ لکيل پنھنجي راءِ ۾ لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر احسان دانش انهن تمام موضوعن کي هڪ بھترين محقق طور قلمبند ڪري ڄڻ ته انساني شعوري انڊلٺ ۾ خوبصورت علمي ادبي رنگ هڪ جڳھه تي گڏ ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي“.

ڪتاب جي هڪ فليپ تي مشھور ليکڪا وينا شرنگي ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ حيدرآباد جي سيڪريٽري شبنم گل صاحبه جا رايا لکيل آهن. شبنم گل لکي ٿي ته ”ڊاڪٽر احسان موضوعَ جي درجه بندي ترتيبوار ڪئي آهي، جنھن جي ڪري موضوع ۾ گهڻ رخا ۽ همه گير حوالا بحث هيٺ آيا آهن، جن ۾ درد جي حقيقت، درد جا لفظي روپ، فلسفو، ڪيفيتون، سونھن، انواع، لاڳاپو ۽ درد جو سماجي ڪارج وغيره شامل آهن، جيڪي موضوعَ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو مڪمل احاطو ڪن ٿا.

ڪتاب جو مھاڳ محترمه ڊاڪٽر فھميده حسين صاحبه لکيو آهي. ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ ۽ ڊاڪٽر ڪمله گوڪلاڻيءَ جا پڻ ڪتاب ۾ رايا ڏنل آهن. پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي طرفان شايع ڪيل 184 صفحن واري هن ڪتاب جو مُلهه 3 سئو روپيا آهي.

No comments:

Post a Comment