03/09/2022

علي زاھد جي شاعريءَ جي ڪتاب ”عدم کان اڳتي“ جو تحقيقي جائزو - جسارت الياس جوکيو (Jassart Eliyass Jokhiyo)

 جسارت الياس جوکيو

 

وري وسڻ آئيو، ڪينجھر پيتو کِير

(علي زاھد جي شاعريءَ جي ڪتاب ”عدم کان اڳتي“ جو تحقيقي جائزو)

 


ڪائنات ۾ ڌرتيءَ وانگر ٻيا به ڪيترائي گرھ ۽ سيارا ڳوليا ويا آھن، جن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھڪ يا گھڻا الڳ چنڊ آھن، جڏھن ته تارن ۽ ڪھڪشائن جو تعداد ڳڻپ کان ٻاھر آھي. ائين ئي موھن جي دڙي جي ديس جي علمي ۽ ادبي آسمان تي پڻ ڪيترائي گرھ ۽ سيارا ڇانئيل آھن، جن جا پنھنجا پنھنجا چنڊ ۽ تارا آھن. اھا ڳالھ عالم آشڪارا آھي ته شاھ لطيف سنڌي شاعريءَ جو سج آھي، جنھن جي روشني، سنڌي ادب جي ھر گرھ ۽ انھن جي اڻ ڳڻين چنڊن تائين پھتل آھي. وري به جيئن ڌرتيءَ تي جيون گھارڻ جو پنھنجو رنگ ۽ ڍنگ آھي (۽ ھاڻي مريخ تي به زندگيءَ جا آثار ملن پيا)، تيئن شاھ لطيف جي فلسفي کي پڙھي ۽ سمجھي، ان مان متاثر ٿي ڪجھ شاعرن سنڌي شاعريءَ کي ھڪ نئون دڳ ڏَسيو آھي.

سنڌ ۾ شاعرن جي لسٽ ته بنھ ڊگھي ملي ٿي، پر انھن ۾ پابند، پڪن، پختن، باقاعده تربيت يافته شاعرن جي لسٽ ٺاھبي ته اھا ننڍي ملندي. ايڪيھين صدي عيسويءَ جي اھڙن ئي ڪجھ نوجوان شاعرن ۾، جيڪي زماني مان سکي ۽ سمجھي اڳتي وڌندا ويا ۽ ھاڻي ھڪ ترقي يافته سوچ ۽ فڪر سان گڏ دل کي وڻندڙ نڪور تخليقن جا مالڪ سمجھيا وڃن ٿا، تن ۾ ھن وقت علي زاھد جو نالو سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعريءَ جي گرھ جي آسمان تي ھڪ چمڪندڙ ستاري وانگر چئبو ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو.

علم ۽ ادب سان ڀرپور نڀائيندڙ علي زاھد جي شاعريءَ جا انيڪ ڪتاب نه پر ھن وقت تائين صرف ٻه ئي ڪتاب ڇپيل آھن، پر سندس نالو ٻڌي ائين لڳندو آھي تہ ايڏي مقبوليت جو سبب شايد سندس ڇپيل گھڻا ئي ڪتاب ھوندا. ھن محنت سان اڳتي ترقي ڪئي آھي، اھو ئي سبب آھي جو سندس پھرين مجموعي ”ناچڻيءَ“ جيان سندس تازو ڇپيل ٻيو ڪتاب ”عدم کان اڳتي“ به وڏي مقبوليت ماڻي رھيو آھي ۽ توڙي جو سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپيل آھن پر شاعريءَ جي معيار ۽ مقبوليت جي ڪري تڪڙو ئي ھن سرجڻھار، سنڌي ادب ۾ پنھنجي منفرد جڳھ ٺاھي ورتي آھي ۽ ڏھ کان پندرنھن ڪتاب شايع ڪرائيندڙ شاعرن وانگر سندس نالو ڄاتو وڃي ٿو.

مون کي علي زاھد سان سلام دعا ڪندي ھڪ يا ڏيڍ سال کن ٿيو آھي، ان دوران سماجي رابطن واري ويبسائيٽ فيس بڪ تي رابطي ۾ رھياسين. علمي ادبي طور گڏيل ھجڻ ڪري حيدرآباد ۾ ھڪ ڏينھن ۾ ساڻس ملاقات ٿي ۽ جڏھن کيس منھنجو ڪتاب ڏنم ته پاڻ به موٽ ۾ پنھنجو ڪتاب ڏنائين. جنھن کي پڙھڻ سان ئي مزو ايندو ويو. ايتري تائين جو ھن وقت تائين صرف ٻن مھينن ۾ ان ڪتاب کي وري وري ڪري ٽي چار ڀيرا پڙھيو اٿم. تمام گھڻو وڻڻ سان گڏ، ان مان خوب سکڻ جو موقعو به مليو. چوندا آھن ته ڪتاب جي چَکِيل ذائقي کي بيان ڪرڻ کپي، ڇوته ليکڪ وڏي محنت ڪري ڪتاب ڇپرائي ٿو ۽ جيڪڏھن پڙھندڙ ان تي تنقيدي نظر وجھندا ته ان سان ڪتاب جو ليکڪ وڌيڪ سگھارو سمجھيو ويندو آھي. ھن ڪتاب کي مون ڪيئن پرکيو؟ اچو ته اھو جواب تحقيقي نظر سان پڙھون!

شاعريءَ جي ”سافٽ ويئر“ تي پوءِ ٿا ڳالھايون، پھرين اچو ته شاعريءَ جي ڪتاب جي ”ھارڊويئر“ کي ڏسون.

ڊيمي سائيز ۾ ڪاري رنگ جي خوبصورت ھارڊ ٽائيٽل سان ڇپيل ڪتاب ”عدم کان اڳتي“ (شاعري) کي ڪنول پبليڪيشن حيدرآباد وارن مارچ 2022ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آھي، جيڪو ڪنول پبليڪيشن جو 339ھون ڪتاب آھي. ھن ڪتاب جو آءِ ايس بي اين 978ـ969ـ2252ـ17ـ1 ۽ قيمت 400 روپيا آھي. شاعر ھن ڪتاب جي ارپنا پنھنجي شھيد جيجل ماءُ ۽ دنيا جي ھر امڙ نالي ڪئي آھي. ڪتاب جي ترتيب ڪجھ ھن ريت آھي:

ٽائيٽل ڪَور، بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جو تعارف لکندڙ نياز پنھور ڏنل آھي. ڪتاب جو ”سٽاءُ“ پنجن صفحن تي مشتمل آھي. جڏھن ته مشھور شاعر علي آڪاش، صفحي نمبر 9 کان 65 تائين، ڪل 56 صفحن تي ”وڇوڙي جي اداس آڳند تان وصل جون رھجي ويل اڏارون“ جي عنوان سان تفصيلي مھاڳ لکيو آھي. شاعر علي زاھد پاران ”الائي ڪير آھيان مان......؟“ جي عنوان سان پنھنجي پاران لکيل مضمون به ڪتاب ۾ شامل آھي.

ان کان پوءِ ”عدم کان اڳتي“ صفحي نمبر 69 کان 240 تائين (ڪل 172 صفحن تي) لڳاتار شاعري جي صورت ۾ بنا ڪنھن وڏي وٿيءَ ڏنل آھي. سڄي ڪتاب ۾ صفحي نمبر 88، 89 ۽ 171 تي حاشيا Footnotes ڏنل آھن، جن مان جيڪڏھن صفحي 171 تي سُھائي ابڙو بابت ٿورو تفصيل لکيل ھجي ھا ته وڌيڪ سٺو لڳي ھا، ڇوته ان سان مستقبل جا نوجوان پڙھندڙ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري سگھندا.

ڪتاب ۾ شاعريءَ جي ترتيب ڪمال جي ٿي لڳي. اڪثر ڪري غزلن کان پوءِ نظم، ڪٿي وري نظم کان پوءِ ٻه غزل، وچ وچ ۾ ڏيڍوڻا، گيت، نثري نظم، وائي ۽ مختلف دوھا وغيره شامل آھن. ڪتاب جي شروعات غزل سان جڏھن ته پڇاڙي وري نظم سان ڪئي وئي آھي. اھڙيءَ ريت ڪتاب ۾ جيڪي شاعريءَ جون صنفون ڏنل آھن، انھن ۾: غزل (ڪُل تعداد 62)، نظم (ڪُل 27)، گيت (ڪُل 3)، وائي (ڪُل 2)، نثري نظم (ڪُل 4)، ڪُل 58 دوھا (جن ۾ ساڙڌريءَ، تولاءِ، گوڙي مندر ۽ سارنگ جا ترتيبوار 16، 8، 23 ۽ 11 دوھا ڏنل آھن)، بيت (ڪُل تعداد 51؛ جن ۾ سارنگ جي ڪل چار پڙائن جا 36 ۽ رام ڪليءَ جا 15 بيت ڏنل آھن)، ڏيڍوڻا (ڪل تعداد 104؛ جن ۾ خواب ۽ سارنگ جا 11، 11، عشق ۽ ويڻ جا 8 ،8، ھڏڪيءَ جا 3، ياد جا 12، سگريٽ جا 6، نه مون سوڙ نه گبرو ۽ مان جا 7، 7، تون جا 20، ڪاڪ جا 5 ۽ وصل جا 6) شامل آھن. جيڪڏھن سڀني صنفن جو گڏيل حساب ۽ جوڙ ڪنداسين ته ڪل صنفن جو تعداد 8 ٿئي ٿو، جن مان گھڻي ڀاڱي غزل وڌيڪ ملي ٿو، ٻئي نمبر تي نظم ۽ ٽئين نمبر تي ڏيڍوڻا وڌيڪ ملن ٿا.

ھاڻ اچو ته ڪتاب ۾ ڏنل شاعريءَ جي سافٽويئر يعني فن، فڪر، ڏات، ڏاھپ، تخيل، شاعريءَ جي سمنڊ ۾ شاعر جي تَرڻ جا انداز، وصل ۽ وڇوڙي ۾ سندس ڪردار، محبوب آڏو سندس اخلاق ۽ سندس وڻند وغيره کي ڏسون ته سندس شاعري ۾ ڇا ڇا سمايل آھي؟

علي زاھد جي شاعريءَ جي سافٽ ويئر تي جھڙيءَ ريت مھاڳ ۾ سندس جگري ۽ پَڳ مَٽ يار علي آڪاش صاحب وضاحت سان ٽيڪاٽپڻي ڪئي آھي، اھا به پڙھڻ جھڙي آھي، جنھن ۾ ھن علي زاھد کي بطور ھڪ اُسريل ۽ ٽن ڏھاڪن جون گرميون ۽ سرديون سھندڙ ۽ لڳاتار مشق ڪندڙ پختو شاعر ڪري لکيو آھي، جنھن جو ”ناچڻي“ ڪتاب 9 سال اڳ ڇپيو ۽ ايڏي خال کان پوءِ ”عدم کان اڳتي“ ڇپيو آھي. علي زاھد جي شاعريءَ تي مدلل ۽ اسڪالرلي طور لکيل ان مھاڳ کي پاڻ لکندڙ (علي آڪاش) صرف پنھنجي ذاتي راءِ ٿو سمجھي؛ سندس چواڻي ته زاھد جي شعرن ۾ ٿي سگھي اڃا به ڪيتريون ئي شيون ھجن جيڪي آڪاش مھاڳ ۾ ناھن لکيون. مھاڳ ۾ پھرين ”اسٽوري ٽيلنگ“ جي تاريخي ڪٿا ۽ علي زاھد جي نظمن ۽ آزاد نظمن ۾ ڪھاڻي يا ڪا ڳالھ سٺيءَ ريت بيان ڪرڻ جي فن تي لکيل آھي. فلسفياڻي انداز جي ڪجھ نطرين جي جيڪا زاھد جي شاعري ۾ اپٽار ٿيل آھي، ان کي به مھاڳ ۾ ”ھئڻ يا نه ھئڻ“ ۽ پوءِ وري ”رقص“ کي ھڪ واڌارو ڪري ان ڏس ۾ کولي بيان ڪيو ويو آھي. جوڳ ڪٽڻ ۽ جوڳڻ ميران جي قصي بابت علي زاھد جي شاعريءَ تي فني لحاظ کان روشني وجھڻ کان پوءِ مھاڳ ۾، موھن جي دڙي سان سندس محبت جو سُر سمايل آھي. جڏھن ته ھڪ تمثيل ڏاڍي نرالي آھي، جنھن ۾ زاھد جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل ماڳن ”چيلھار، مڪليءَ، ڪينجھر، جھمپير، ڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪي“ کي شاھ لطيف جي مشھور شعر ”سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار“ ۾ ذڪر ڪيل ماڳن جھڙوڪ؛ استنبول، مغرب پار (يورپ کنڊ)، سمرقند، روم، ڪابل، دھلي دکن، گرنار، جيسرمير، بيڪانير، ڀُڄ، ڍٽ، امرڪوٽ ۽ سنڌ“ سان ڀيٽيو ويو آھي. غزل جي ٽيڪنيڪل شين تي روشني وجھڻ سان گڏوگڏ علي زاھد جي شاعريءَ ۾ موجود صرف ھڪ بحروزن (بحر وافر؛ رڪن مفاعلتن جيڪو وند مجموع ۽ فاصلا صغريٰ جو جوڙ آھي) تي لکيو ويو آھي، جڏھن ته علي آڪاش کي مھاڳ ۾ اھو به لکڻ کپي ھا ته علي زاھد جي شاعريءَ ۾ ڪل گھڻا بحر وزن آھن؟ ڪھڙي بحر کي گھڻو استعمال ڪيو اٿس؟ بحر وزن ۾ جتي اصلاح جي گھرج آھي، اھو به لکڻ کپندو ھو. ڇاڪان ته مون جھڙن سيکڙاٽن لاءِ اھا بنيادي ڄاڻ به گھربل ھوندي آھي. اھو مھاڳ مجموعي طور ڄڻ ته ھڪ الڳ رسرچ پيپر آھي، جنھن کي لکڻ تي علي آڪاش به جس لھڻي.

علي زاھد جي شاعريءَ کي پڙھي ڪري، تمام گھڻا خيال ۽ سوچون اينديون ويون پر ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ بدران ”مخصوص“ شين کي پرکي، مون ھي نتيجا اخذ ڪيا آھن ته:

ـ سندس ھي ڪتاب جيئن سندس پھرين ڪتاب کان نو سالن کان پوءِ آيو آھي، تيئن ئي اوترو سندس شاعري ميچوئر ۽ تجرباتي Empirical لڳي ٿي:

اڄ سيءَ جو ديرو آ،

ھوءَ ڪٿ لِڪي جنھن جو، مون ۾ آکيرو آ؟

ـ سندس شاعريءَ ۾ فن، فڪر، ڏات، ڏاھپ، تخيل ۽ ٽيڪنيڪل مھارت ڪمال جي آھي. جيڪا سندس لفظن جي گھاڙيٽي کي ڏسي ڄاڻي سگھجي ٿي.

ـ ھو نه صرف محبوب جي قدمن ۾ ويھي، فنا ٿيڻ ڄاڻي ٿو پر شاعريءَ جي سمنڊ ۾ سندس تَرڻ جا انداز به نرالا آھن:

وري وسڻ آئيو، ٽاھوڪن پيا مور.

پسي ڪڻيون قرب جون، ڊيلن بدلي ٽور.

ـ سندس شاعريءَ ۾ ڪوبه ڪردار (ڪبير، ميران وغيره) کڻي ڏسون. سنڌ جي سراپا ثقافت ۽ تھذيب جو مڪمل اميج اکين اڳيان تري ايندو.

ـ عام شاعر وانگر ماضيءَ ۾ رھڻ بدران سندس خيال حال ۽ مستقبل کي سنوارڻ ۽ جڳ کي جاڳائڻ جا آھن:

ڪڍي منھن يار مونن مان نھاريان ٿو ته جڳ جاڳي،

ڏَئِي ڪا رات کي تِيلي جلايان ٿو ته جڳ جاڳي.

ڀنيءَ جي ويل آ زاھد، لڪا تارا، ڀنا چارا،

ڇنڊي بوڇڻ، اميدن ـ وک وڌايان ٿو ته جڳ جاڳي.

منھنجي خيال ۾ ھيءَ ترقي پسند ۽ اتساھيندڙ ڳالھ ڪنھن به شاعر جي شاعريءَ کي ديرپا امر ڪري رکي ٿي ۽ ھر دور ۾ ان کي پڙھيو وڃي ٿو. جيڪا شاعر کي ھڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ به متعارف ڪرائي ٿي.

ـ وڌندڙ عمر جي ڪري ھٿ ٽنگي ويھڻ بدران سدائين جوان ۽ ٻار وانگر رھڻ سان منھن تي پوڙھائپ ظاھر نه ٿي ٿئي:

وار اڇا پر ٻارُ اندر ۾ جاڳي ٿو،

کيچل جو سنسار اندر ۾ جاڳي ٿو.

ـ سندس عشق جا شرط (”ٽرمز اينڊ ڪنڊيشنز“) نرالا ۽ محبوب جي لاءِ به ڪارائتا آھن، جيڪي win-win کي بيان ٿا ڪن:

جي چاھين ٿي ھيءَ دل ڌڙڪي،

ٻھڪڻ ڏي پنھنجن ٽھڪن کي.

ـ علي زاھد جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل سنڌي ٻوليءَ جا ٻه لھجا يعني وچولو ۽ اترادي لھجا استعمال ڪيل آھن. سندس شعرن ۾ لفظ ”ڪاٿي“ (اترادي) به ملي ٿو ته ”ڪٿ“ (وچولو، لاڙي ۽ ڪوھستاني) به ملي ٿو. اھڙا کوڙ سارا ٻيا مثال ملندا.

ـ شاعر ڀلي سنڌ ۾ ويٺل ھجي يا دنيا ۾ ڪٿي به پر سندس فڪر ۾ ھڪجھڙائي ملي سگھي ٿي. موضوعن ۾ فرق ھوندو پر درد ۽ تڪليف گھڻي ڀاڱي ساڳي محسوس ٿئي ٿي، جيئن علي زاھد جي شاعريءَ کي مون پڙھيو ته جلد ئي اٽليءَ جا شاعر (تازو مون پڙھيا آھن، ٿي سگھي ان ڪري) منھنجي دماغ ۾ اچي ويا، جن سان سندس ڀيٽ مون پاڻ نه پر سندن شعرن جي رابطي ذريعي ڪيم:

مون ۾ ڪوئي موھ ازل کان جاڳي ٿو،

جذبن جو انبوھ ازل کان جاڳي ٿو.

ماڊرن اٽالين شاعر ۽ ليکڪ گوزيپي انگاريٽي (جنھن پھرين مھاڀاري جنگ ۾ به حصو ورتو ھو) به ڪجھ اھڙيءَ ريت شاعري ڪئي ھئي. سندس شعر جو ترجمو:

من اندر ڪجھ سدائين کڙڪي ٿو.

جذبن جو جبل سدائين کڙڪي ٿو.

ـ اوڻيھين ۽ ويھين صديءَ جي آمريڪي شاعر رابرٽ فراسٽ 1874ع ـ 1963ع) به فطرت جو ڳوڙھو مطالعو ڪرڻ سان گڏ انسان جي ذھني ڪشمڪش، خيالن ۽ ”اندر جي ڳولا“ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو. ساڳي ڳالھ علي زاھد پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪئي آھي، جيڪا ھڪ ڪامياب ڪوشش آھي:

الائي ڪير آ مون ۾، الائي ڪير آھيان مان؟

مٽيءَ تي ائين پيو آھيان، مٽيءَ جو ڍير آھيان مان!

پڇو ٿا ڪير آ زاھد! ڪٿان آيو، ڪٿي ويندو!؟

الائي ڇو نه ٿا سمجھو! الائي ڪير آھيان مان!

علي زاھد جي سارنگ جي دوھن کي پڙھي، مون کي فراسٽ جي پدي ماؤنٽين انٽرويل (1916ع) ۾ شامل ڪجھ نظم ياد آيا.

وڏڦڙا وسن، وڄن وراڪن سين،

تھان پوءِ مچن، مارو منھنجي ملڪ جا.

وري فراسٽ سان ڀيٽيون:

Rainfall with sudden light and vanish;

My beloved is getting danced!

علي زاھد جو نظم ”پوپٽن جا پار پڇندڙ ڇوڪري“ پڙھيم ته رابرٽ فراسٽ جو نظم ”اي گرلز گارڊن“ جا خيال ذھن جي دريءَ مان ٻاھر نڪرندي نظر آيا. جڏھن ته ساڳئي شاعر رابرٽ فراسٽ جي مجموعي ”دي ماؤنٽين انٽرويل“ جي نظم ”سنو Snow“ کي پڙھڻ وقت مون کي ڪنھن زماني ۾ کيرٿر ياد ايندو ھو، جيڪو علي زاھد بيان ڪري ھڪجھڙائي ڪري ڇڏي آھي:

کيرٿر تي شام ڌِيرِي ٿي لھي،

ڪا پراڻي يادگيري ٿي لھي.

ڪيترو زاھد ٿئين خانابدوش!

ننڊ ۾ ڀي راھگيري ٿي لھي.

'Mountain reveals an evening as memoir,

Homeless is found asleep on the road...'

حاصل مطلب:

علي زاھد ھڪ ترقي پسند پابند، پڙھيو لکيو، پڪو ۽ پختو نوجوان شاعر آھي. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ روايتي ڍنگ کان ٿورو ھٽي ڪري، ھڪ نواڻ آھي، جنھن کي ھو وڌيڪ جاري رکندو ته اڃا به نکري نمودار ٿيندو ۽ تمام گھڻو اڳتي ويندو. سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي کيس ھمٿائڻ کپي. ”عدم کان اڳتي“ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ھڪ سٺو واڌارو آھي، جنھن جي مختلف پاسن تي اڃا گھڻو ڪجھ لکي سگھجي ٿو (ھي تبصرو ھڪ ادنيٰ ڪوشش آھي.)

ڪتاب ۾ ٻولي نھايت سٺي لکيل آھي، پر مون کي زاھد جي شاعريءَ اندر ڪجھ اھڙا لفظ به ملن ٿا، جن جا نج سنڌي لفظ به موجود آھن (پر ٿي سگھي شاعر بحر وزن جي ڪري اردوءَ جي لفظن کي لکيو ھجي، جيڪو شاعريءَ ۾ ھلندو آھي). بھرحال علي زاھد کي مبارڪون ھجن ۽ سندس سٽن ”الائي ته ڪير آھيان مان.....؟“ جو جواب کيس آئون ڏيان ته ”علي زاھد توھان سنڌي ادب جا چمڪندڙ ستارا (تخليقڪار) آھيو، جنھن جي شاعريءَ ۾ درد، عشق، وطن جي حب، ناز ۽ نخرا به آھن ته شاعريءَ جو فن، فڪر به ڀلو آھي ۽ توھان جي شعرن ۾ ھڪ سٺو فسلفو بيان ٿيل آھي، ھاڻ رڳو پنھنجي چمڪ کي گھٽائج نه پر ڏينھون ڏينھن وڌائيندو وڃ!“.

No comments:

Post a Comment