16/07/2025

تصوف جي تاريخي ميراث ’سفينئه نوح‘ - نياز مسرور بدوي (Niaz Masroor Badvi)

 نياز مسرور بدوي

 تصوف جي تاريخي ميراث ’سفينئه نوح‘

 

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ جي علمي ۽ ادبي ميراث جا، ڪيئي وارث امين بڻجي ادب جي شاهراهه تي مسلسل گامزن رهندا آيا آهن ۽ پنھنجين علمي ۽ ادبي ڪاوشن سان سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. پنھنجي ميراث جي سبب سندن هاڪ نه فقط سنڌ ۾ پر انهن جي ادبي گونج فارسي ادب جي ايوانن ۾ به گونجندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ميرزا صفدر عباس ’سيفي‘ جي خاندان مان اهڙا ڪيترائي سندس وڏڙا ادب نواز ۽ ادب ساز پيدا ٿيا آهن، جن علم ادب جي خدمت ڪندي سرهائي محسوس ڪئي آهي ۽ املهه مانُ ماڻيو آهي، انهن ڪارساز هستين ۾ ميرزا امام علي بيگ جو نالو ڪنھن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي.


تازو ميرزا عباس علي بيگ صاحب جو هڪ ڪتاب سفينئه نوح حضرت مخدوم نوحرحه  هالائيءَ جي سوانح، فضائل ۽ مناقب تي مشتمل آهي، جيڪو طالب المولى اڪيڊمي هالا طرفان 2025ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

   تصوف هڪ اهڙو موضوع آهي، جنھن ۾ اسان کي هڪ تنوع نظر اچي ٿو. سنڌ جي رواداريءَ واري فطرت جي ڪري سنڌ ۾ ڪيترائي تصوف جا روحاني طريقا رائج آهن. اهڙو ئي هڪ سلسلو  سھروردي به آهي، جنھن جو باني ته نجيب الدين سھروردي چيو ويندو آهي، پر ان سلسلي، سندس ڀاڻج، شھاب الدين سھرورديءَ جي دؤر ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. شيخ شھاب الدين سھرورديءَ جي فضليت ۽ علميت بيان ڪرڻ سان گڏ سندس شاعري به شامل ڪئي آهي. ان کان پوءِ شيخ شھاب الدين سھرورديءَ جي تصنيفات جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي لڳ ڀڳ 52 آهن.

پاڪستان ۾ خاص ڪري (ملتان) پنجاب ۾ حضَرت بھاء الدين زڪريا جي ذريعي سھروردي سلسلو پکڙيو. پر سنڌ اندر تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته بکر ۾ نوح بکري پڻ شيخ شھاب الدين سھرورديءَ جو مريد هو. شيخ شھاب الدين، پنھنجي مريد حضرت بھاء الدين زڪريا کي ساڻس ملڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر سندن ملاقات نه ٿي سگهي هئي.

مٿي ذڪر ڪتاب سھروردي سلسلي جي ان تاريخي هستيءَ تي لکيل آهي، جنھن جي گادي اڄ به لکين مريدن سبب سنڌ جي وڏي ۾ وڏي گادي ۽ جماعت سڏجي ٿي ۽ روحاني تربيت جو هڪ اهڙو آستان آهي، جتي رنجايل روحن کي دلي تسڪين ملي ٿي ۽ هڪ اهڙي جھان جا در سندن لاءِ کُلن ٿا، جتي محبت جي مرجهايل مکڙين تي پيار جي پالوٽ ٿئي ٿي ۽ محبتي مڻيا جي آب پاشيءَ سبب دل جون ڪوماڻيل مکڙيون، ٽڙي پون ٿيون ۽ خوشين جي خوشبو سان واسجي وڃن ٿيون. سندن روحن تي عنايتن جي گل پاشي ٿئي ٿي.

”سفينئه نوح“ ۾ ميرزا عباس علي بيگ نه فقط سھروردي سلسلي جي تاريخ بيان ڪئي آهي، پر حضرت مخدوم نوحرحه جي وڏن بزرگن جي سونح حيات کي تاريخ جي تناظر ۾ مدلل دليلن سان بيان ڪيو آهي. انهن جي ديني، علمي ۽ روحاني عظمت کي نھايت سھڻي نموني سان ڪتاب جي ورقن جي زينت بڻايو آهي.

”سفينئه نوح“ ۾ مخدوم نوحرحه جي باطني ظھور جي ڪمالات جو ذڪر ججهي انداز ۽ سليقي سان رقم ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه جيڪي روحاني منزلون طَي ڪيون، سي ڪسبي نه، پر وهبي هيون، تن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.قرآن مجيد جي روحاني تفسير سان گڏ زندگي ۾ ايندڙ ڏکيائين جو حل به ٻڌايو ويو آهي.

هن ڪتاب جي خاص خاصيت اها به آهي ته مخدوم نوحرحه جي زندگي جي مختلف پھلوئن کي جامع انداز ۾ بيان ڪرڻ سان گڏ سندس ملفوظات کي شامل ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ مخدوم نوحرحه جي خاص مريدن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.  

”سفينئه نوح“ ۾ ميرزا عباس علي بيگ  سنڌ جي اهڙن بزرگن جو به ذڪر ڪيو آهي، جن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن اهي گوشي گمناميءَ ۾ محفوظ ٿيل ويل شخصيتن کي وڌيڪ ظھور ملي ۽ انھن جي روحاني، علمي ۽ ديني فضليت کان نوجوان نسل واقف ٿي سگهي.

سچ پڇو ته هيءُ هڪ اهڙو علمي ۽ روحاني خزانو آهي، جنھن جي پڙهڻ سان دلين مان ڪثافت ميٽجي وڃي ٿي ۽ دل اڱڻ ۾ روشني جا ڏيئا ٻرندي محسوس ٿين ٿا.

No comments:

Post a Comment