10/10/2013

دادو تعلقي جو ادب ۾ حصو - محمد عرس ” اظهر“ سولنگي (Muhammad Urs Azhar Solangi)


دادو تعلقي جو ادب ۾ حصو
محمد عرس ” اظهر“ سولنگي
دادو ضلعو عملي ۽ ادبي لحاظ کان سڄي سنڌ ۾ نمايان حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. دادو ضلعي جي وري دادو تعلقي جو مقام ادبي لحاظ کان نمايان شمار ڪري سگهجي ٿو. هن تعلقي ۾ ڪيتريون ئي ادبي تنظيمون وجود ۾ آيل آهن ۽ انهن ادبي تنظيمن جي پليٽ فارم تان اسان جا اديب، شاعر، مفڪر، مورخ ۽ دانشور ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺي علم ۽ ادب ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سنڌ جي سنيڌ سنواري رهيا آهن.

دادو تعلقي ۾ جيڪي ادبي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن, انهن ۾ ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ شاخ دادو ۱۹۵۶ع ۾ قائم ڪئي وئي. انهيءَ جا بنيادي ميمبر ۽ عهديدار شمشاد احمد جوڻيجو، شوڪت سنڌي، سعيد سنڌي ۽ ٻيا شامل هئا. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو طرفان مذڪرا، مباحثا ۽ مشاعرا ٿيندا رهيا. ون يونٽ خلاف هلچل ۾ دادو شاخ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ضياء شاهي جي دور ۾ سنڌي قوم تي ٿيندڙ ڏاڍ، ڏمر ۽ ظلم خلاف ڀرپور مهم مختلف موضوعن تي ليڪچر ڪرايا ويا. انهن مذاڪرن ۽ ليڪچرن ۾ سنڌ جي چوٽي جي اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن شرڪت ڪئي ليڪچر ڏنا ۽ سنڌ تي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جي نشاندهي ڪئي. انهن ليڪچرڪارن ۾ رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر دودو مهيري، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ، ڊاڪٽر احمد پٺاڻ، ڊاڪٽر قادر مگسي، تاج صحرائي، نور الهدي شاهه، شفيع محمد سولنگي، ڪمال الدين سولنگي، عظيم سنڌي ۽ ٻيا شامل هئا. دادو شهر کان علاوهه سنڌي ادبي سنگت جون ٻيون شاخون، ڦلجي اسٽيشن، سيتاروڊ، پيارو ڳوٺ، پاٽ شريف ۽ خدا آباد ۾ به قائم ڪيون ويون آهن. هنن تنظيمن جي پليٽ فارم تان ليڪچر پروگرام، دستوري گڏجاڻيون، تعزيتي ميڙاڪا، ورسيون، سالگراهون، آجياڻا، مذاڪرا، سگهڙن جون ڪچهريون، مشاعرا تنقيدي ويهڪون، سيمينار، اديبن سان رهاڻيون ۽ ايوارڊ تقريبون شامل آهن.
سنڌي ادبي سنگت جي شاخن کان گهڻو اڳ ”انجمن آفتاب ادب“ دادو شهر ۾ به قائم ڪئي وئي هئي. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعرا ۽ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون رهيون. انجمن آفتاب ادب جيڪا حافظ محمد احسن چنا جي زير سرپرستي هيٺ هلندي رهي. دادو شهر ۾ ئي سنڌ جي مهان شاعر استاد بخاري جي نانءَ سان هڪ تنظيم ”استاد بخاري ادبي فورم“ قائم ڪئي وئي آهي. هن تنظيم جي ساٿين ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرايا آهن جن ۾ ليڪچر پروگرام، مشاعرا ۽ ورسيون شامل آهن. ان سان گڏ ”استاد بخاري اڪيڊمي“ به قائم ڪئي وئي آهي. هن اڪيڊميءَ پاران مشاعرا ۽ ٻيا ادبي پروگرام ٿيندا رهن ٿا.
دادو شهر ۾ ”بزم شهيد آصف مصراڻي“ ۽ ”بزم دلبر جمالي“ به قائم ڪئي وئي هئي. هن بزمن جي پليٽ فارم مشاعرا ٿيندا رهيا. هن وقت هنن تنظيمن جون سرگرميون معطل آهن. دادو ۾ ڪنهن مشق شاعر ۽ اديب غالب ملڪاڻي جي نالي سان بزم غالب ملڪاڻي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو سرپرست مرحوم غالب ملڪاڻي هو. هتان جي نوجوانن شاعرن گڏجي ڪيترائي ادبي پروگرام ۽ مشاعرا ڪرايا آهن. تابش بخاري، دانش ملاح، صائب ميمڻ، عاشق دادوي ۽ ٻيا شاعر هن جا ميمبر ۽ عهديدار رهيا آهن. ۱۹۶۰ع ۾ بزم طالب الموليٰ ڳوٺ پير بخش ميربحر ۽ ڳوٺ پير رکيل ريلائي ۾ قائم ڪيون ويون هيون. هن جا روح روان نواز رڪڻائي. جگر سنڌي، پير علي محمد ”اظهر“ هئا.
”سرتاج سنگت دادو“ به ادبي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهي. هيءَ تنظيم نامور استاد، شاعر ۽ اديب سرتاج لڪياري جي نالي سان قائم ڪئي وئي آهي سنگت جو سيڪريٽري اختر لڪياري آهي. دادو شهر ۾ ”عبدالله مگسي يادگار ڪاميٽي“ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. هن يادگار ڪاميٽي طرفان ادبي ميڙاڪا ٿيندا رهن ٿا.
دادو شهر ۾ سنڌ جي ڪنهن مشق شاعر اديب ۽ شاهه جي پارکو الهنواز رڪڻائي جي نالي سان ”بزم نواز رڪڻائي“ قائم ڪئي وئي آهي. هن تنظيم جو سر پرست مرحوم الهنواز رڪڻائي هو. تنظيم جو سيڪريٽري عاسي علي نواز آهي. هن بزم جي پليٽ فارم تان مشاعرا، رهاڻيون ۽ ٻيا ادبي پروگرام ٿيندا رهن ٿا. هيءَ بزم ڏاڍي سرگرمي سان پروگرام ترتيب ڏئي رهي آهي.
دادو شهر ۾ هڪ علمي ادبي تنظيم ”سرجڻهار پبليڪيشن“ به آهي، جيڪا گذريل ۲۰ سالن کان فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن پبليڪيشن ويهارو کن ڪتاب هيل تائين مختلف موضوعن تي ڇپايا آهن. ان کان علاوهه مشاعرن جو محفلون مختلف اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون، ڪتابن جون مهورتون، غزل مشاعرا ۽ صحيح مشاعرا پڻ ڪرائي چڪي آهي. هن تنظيم ڪن محنتي اديبن ۽ شاعرن کي ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪٽ پڻ ڏنل آهن. هن پبليڪيشن جو سرپرست اعلٰيٰ بشير سيتائي آهي. جڏهن ته ان جو انچارج ۽ ايڊيٽر پبلشر ۽ منتظم بلوچ صحبت علي آهي. هن تنظيم جي هڪ مشاور تي ڪاميٽي پڻ آهي، جنهن ۾ هي راقم  الحروف (اظهر سولنگي) وحيد ملڪ، ابل اداس ٻٻر، فيض لغاري، عابد آسي ۽ نياز وگهيو اچي وڃن ٿا.
دادو شهر ۾ ”شهيد مخدوم بلاول ادبي ثقافتي فورم“ قائم ڪيو ويو آهي. هن تنظيم جو سرپرست ۽ سيڪريٽري راقم الحروف آهي. هن فورم جي پاران ادبي ميڙاڪا، مشاعرا ۽ ٻيا پروگرام ٿيندا رهيا آهن.
سيتا وليج ۾ مرحوم جمع خان ”غريب“ جي نالي پٺيان هيءَ بزم ۱۹۶۶ع ۾ وجود ۾ آئي. هن تنظيم جي ساٿين جن ۾ لونگ خان لائق سيتائي، محمد عالم شبنم ڏوگر، بشير سيتائي، امداد شاهه سنڌ ليول تي مشاعرا ڪرايا جيڪي ۱۹۶۶ع ۽ ۱۹۶۷ع ۾ ٿيا. آخر هيءَ تنظيم ذاتي اختلافن جو شڪار ٿي وئي.
”بزم هم وطن سيتائي“ جو قيام سيتا وليج ۾ ۱۹۷۰ع ۾ عمل ۾ آيو. هيءَ بزم مشهور سماجي ۽ ادبي شخصيت مرحوم حاجن شاهه هم وطن سيتائي جي نالي تي قائم ڪئي وئي. هن بزم جو صدر سيد موزل شاهه، نائب صدر علي گوهر ٻٽ، جنرل سيڪريٽري، بشير سيتائي هئا. هن بزم جي ساٿين مشاعرا، ڊراما ڪرايا. اڳتي هلي بزم جي ساٿين ۾ اختلاف ٿيا. ان ڪري هيءَ بزم تعطل جو شڪار ٿي وئي. ان سان گڏ سنڌي ادبي ثقافتي سنگت سيتا وليج پڻ قائم ڪئي وئي، جنهن پڻ وڏا ادبي ميڙاڪا ڪرايا جنهن جو وجود اڃا تائين قائم آهي.
دادو جي ادبي تنظيمن ڪيترائي اديب شاعر ۽ مفڪر پيدا ڪيا آهن، جيڪي ادب جي افق تي ڇائنجي چڪا آهن. دادو شهر جو مشهور ۽ تاريخي شهر پاٽ شريف ادبي لحاظ کان منفرد ۽ نمايان حيثيت سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. پاٽ شريف کي پنهنجو آخري مسڪن بنائيندڙ فارسي جو مشهور شاعر حيدر ڪلوچ پڻ هيو، جيڪو فارسي ادب ۾ اهميت رکي ٿو. موزون ڪلام چوندڙ ۽ نهايت پڪو پختو شاعر هو. پاڻ اصل خراسان جو رهندڙ هو. جيرا پچائي گذران ڪندو هو. ان ڪري مٿس نالو حيدر ڪلوچ پئجي ويو.
ان کان علاوهه صديقي خاندان جيڪو پاٽ شريف کي ڇڏي سنڌ جي وڏن شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويو. انهن ۾ بهترين اديب ۽ شاعر آهن. دادو ۾ جن اديبن، شاعرن، محققن ۽ دانشورن، ادب ۽ ٻولي جي سينڌ سنواري آهي. انهن جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ بجاءِ سندن نالن تي اڪتفا ڪيان ٿو. انهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، محمد رمضان ثاقب، ليلا رام شاعر سيتائي، مولوي عبدالغفور سيتائي، بولچند سيتائي، سيد حاجن شاهه هموطن سيتائي، لونگ خان لائق سيتائي، حافظ احسن چنا، استاد بخاري، تاج صحرائي، نور گهلو، اطهر منگي، سومرو سودائي، عادل سخيراڻي، پير علي محمد اظهر ريلائي، محمد وريل سومرو، شوڪت سنڌي، شمس سومرو، علي حيدر حيدري، غالب ملڪاڻي جمع خان غريب، رسول بخش دوست، الهنواز رڪڻائي، عبدالله مگسي ۽ ٻيا کوڙ سارا اديب ۽ شاعر هئا، جيڪي ادب ۾ پاڻ مڃائي امر ٿي ويا آهن. هن وقت به ڪيترائي اديب ۽ شاعر موجود ۽ حال حيات آهن. جيڪي ادب جي کيتر ۾ سرگوميون جاري رکي پاڻ مڃائي رهيا آهن. انهن ۾ بشير سيتائي، عاشق دادوي، دانش ملاح، صالح فقير پنهور، رجب آزاد سولنگي، عباسي علي نواز، مسڪين ملاح، نعيم ملڪ، نياز وگهيو، همسفر گاڏهي، پروفيسر اعجاز قريشي، اعظم ڇڻڪو، گلزار احمد ڪلهوڙو، اسحاق سميجو، ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ، ابل اداس ٻٻر، وحيد ملڪ ۽ شاعر شامل آهن. انهن ادب جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي ۽ اڃا به مصروف عمل آهن.

No comments:

Post a Comment