09/10/2013

استاد بخاري: سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


استاد بخاري: سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر!

جامي چانڊيو
انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ کي رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر،  تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به انيڪ آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا، هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهيءَ جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به. شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو، جنهن جي ڪري هو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو پر جيئن ته شيخ اياز کي عوامي سطح تي گهٽ ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ايترو مقبول ناهي. جڏهن ته سندس ڀيٽ ۾ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو  عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي پر افسوس جو جيئن ته بخاريءَ جي شاعريءَ تي سندس شاعريءَ جي پرک جي حوالي سان لکيو گهٽ ويو آهي،  ان ڪري سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو هن کي رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي نسبت سان ئي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته استاد بخاريءَ جي ڳايل شاعريءَ جو رومانوي پاسو  سندس گهڻ رنگي شاعريءَ جو رڳو هڪ پاسو آهي. ان ڪري استاد بخاريءَ کي گهڻي ڀاڱي ماڻهو رڳو عوامي يا رومانوي شاعر طور ئي سڃاڻن ٿا. حقيقت اِها آهي ته بنيادي طور استاد بخاري هڪ مفڪر شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو عوامي شاعر آهي ته ان معنيٰ ۾ هرگز نه ته هن جا خيال هڪ جهالتن ۽ عقيدن جي وَرِ چڙهيل عوام جي سطح جا آهن يا انهن جي سوچ جا ترجمان آهن. استاد بخاري هن معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مِٽي نئين سِر ڳوهي، کين جهالتن، عقيدن ۽ خودفريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنيٰ ۾ نه پر انقلابي معنيٰ ۾ آهي.

منهنجي خوشبختي آهي جو استاد بخاريءَ سان منهنجو تمام ويجهو لاڳاپو رهيو. هڪ ته هو منهنجي بابا جو دوست هو جو بابا گورنمينٽ ڪاليج دادوءَ ۾ ڳچ عرصو پروفيسر طور پڙهايو هو پر حقيقت اِها آهي ته بخاري صاحب سان منهنجي ادبي ۽ فڪري دوستي بنهه ذاتي نوعيت جي به هئي، ان حد تائين جو سنڌ يونيورستيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران هو مون وٽ هوشو هاسٽل ۾ به اڪثر ملڻ ايندو هو، هن جا مون ڏي لکيل انيڪ خط اڄ به مون وٽ ساهَه سان سانڍيل آهن. انهن ۾ ڪجهه خط ته اهڙا به آهن جن ۾ هن پنهنجا تازا نظم پهرين پهرين مون ڏانهن اُماڻيا هئا.
مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ شيخ اياز کي عوامي سطح تي ڳائڻ ۽ استاد بخاريءَ تي پارکو نظر سان لکڻ جي ضرورت آهي ته جديد سنڌ جي هن ٻن عظيم شاعرن مان هڪ جو عوام سان ۽ ٻئي جو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي سان حقيقي تعارف ٿي سگهي. مون استاد بخاريءَ جي مڪمل شايع ٿيل شاعريءَ کي وڏي ڌيان ۽ گِهرائيءَ سان بار بار پڙهيو آهي ۽ سندس شاعريءَ جي فڪر، ٻوليءَ، تخليقي فني تجربن ۽ ان جي سماجي ڪارج تي هڪ جامع ڪتاب پڻ لکي رهيو آهيان، جيڪو افسوس جو گهڻين مصروفيتن سبب اڃا تائين پورو نه ڪري سگهيو آهيان، پر استاد بخاريءَ جو اهو مون تي قرض آهي، جيڪو مان هڪ محبتي قرض طور ضرور ادا ڪندس.
مون استاد بخاريءَ کي هميشه هڪ سادي، نِج نِبار ۽ بيحد معصوم صفت ماڻهوءَ طور ڏٺو. هو پنهنجي سوچ، روح ۽ مزاج ۾ هڪ مڪمل شاعر هو. هو هر وقت تخيلاتي ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هلندي، ڦرندي، سفر ۾، جاڳندي، سُتي هن تي شاعريءَ جو مينهن پيو وَسندو هو. مان سمجهان ٿو ته شايد ان مزاج ۽ ڌيان کان سواءِ ڪو ماڻهو وڏو شاعر يا آرٽسٽ ٿي به نه ٿو سگهي. تفڪر ته ماڻهوءَ ۾ ٿي سگهي ٿو پر جيستائين تفڪر ۽ تخيل کي اظهار جي حُسناڪيءَ سان نٿو سلهاڙجي تيسين عظيم فن يا شاعري تخليق ٿي ئي نه ٿي سگهي. استاد بخاريءَ ۾ اِهي ٽئي عنصر ڪمال سگهه ۽ نفيس توازن سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ رڳو تفڪر هجي ۽ تخيل ۽ اظهار جي حُسن جو پاسو ڪمزور هجي ته اردوءَ جي وڏي ترقي پسند شاعر مخدوم محي الدين جيان شاعريءَ ۾ نفاست بجاءِ ڪرختگي حاوي ٿيو وڃي  ۽ جي تخيل وري تفڪر کان وانجهيل آهي ته پوءِ شاعريءَ جي حيثيت ٺلهي خيال آرائيءَ يا ذهني اختراع کان وڌيڪ ناهي ۽ شاعريءَ ۾ فن يا ٻولي دراصل خيال ۽ فڪر جو لباس آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته حَسين خيال، تصور ۽ فڪر کي لباس به ڪوجهو نه گهرجي. ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ تفڪر، تخيل ۽ جماليات جو نفيس توازن هئڻ بيحد ضروري آهي. سنڌ جي هنن ٻنهي جديد عظيم شاعرن يعني شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ ۾ اهو توازن ڪمال درجي تي پهتل نظر اچي ٿو.
منهنجيءَ نظر ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي هيٺين پاسن تي تخليقي تحقيق ۽ تنقيد يعني پرک ٿيڻ گهرجي ۽ مون به پنهنجي ڪتاب ۾ استاد بخاريءَ جي انهن ئي پاسن کي کنيو آهي.
(1)  جيتوڻيڪ استاد بخاري هڪ نهايت گهڻ-رنگو شاعر آهي، جنهن کي عام طور تي هڪ عوامي رومانوي شاعر سمجهيو وڃي ٿو پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاري پنهنجي ڳَرُ ۽ جوهر ۾ بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي. واضح هجي ته انقلابيءَ جو مطلب نعري بازي ناهي پر اهو فڪر آهي، جيڪو دنيا کي نه رڳو گهرائيءَ سان سمجهڻ جو شعور ڏي پر ان کي تبديل ڪرڻ جو شعور به ڏئي. استاد چيو:
وقت هجي روهيلو رِڻ پَٽُ،
ڏينهنَ ضرور ته ٿُوهَر هوندا،
ذِهَن جتي اُونداهيون غارون،
فڪر اُتي ڪارِيهَر هوندا.
استاد جي تفڪر ۽ فني اظهار جو ڪمال ته ڏسو ته هو جهالت ۽ عقيده پرست سوچن تي ٻڌل فڪر کي “ڪاريهر فڪر” سان تشبيهه ٿو ڏئي. الميو اهو آهي ته استاد جي حقيقي انقلابي شاعري گهٽ ڳائي وئي آهي. پليجي صاحب ڪجهه سالن کان سندس چونڊ انقلابي شاعريءَ کي ڳائرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڃا تائين اهو سلسلو هيٺ عوامي سطح تي نه لهي سگهيو آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو اصل روح سندس فڪري انقلابيت آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي.
(2) ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته بخاري هڪ غيرمعمولي رومانوي شاعر آهي. رومانويت هن جي شاعريءَ سان گڏ هن جي مزاج ته ڇا پر رَڳِ رَڳِ ۾ سمايل هئي. پر هن جي رومانويت جو ڪمال اِهو آهي ته هڪ طرف هن جا رومانوي رويا نِج ڳوٺاڻي سماج بلڪه روايتي سنڌي رواجي سماج جا آهن پر ٻئي طرف هو هميشه رومانويت کي مقصديت ڏانهن کڻي ٿو وڃي ۽ اهو بخاريءَ جو ڪمال آهي، اهو ساڳيو ڪمال اسان کي فيض احمد فيض وٽ به ملي ٿو. مثال طور سندس هيءُ تصور ڏسو. جيڪو بخاري چوي ٿو:
هِڪ موت مُئي جو ڀئو سُهڻا،
ٻيو تومان نه ٿو ٿئي ڍئو سهڻا.
اهو وري هيئن به چوي ٿو ته:
ليليٰ سان ڪيئي پيار، او مجنون! ڇا ٿيو!؟
اکرن سان رکڻ چاهه وڏي مشڪل آ!
مُردن ۾ وِڌئي ساههُ، او عيسيٰ ڇا ٿيو!؟
لفظن ۾ وِجهڻ ساهه، وڏي مشڪل آ.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي گِهرائيءَ سان  پڙهبو ته واضح نظر ايندو ته هن جي رومانويت هڪ فرد کان ٿيندي عوامي ۽ قومي رومانويت ته ڇا پر ڪائنات گير ٿي وڃي ٿي. اِها ئي اُها ڪمال جي خوبي آهي، جيڪا استاد بخاريءَ کي هڪ داخليت پسند روايتي رومانوي شاعر بدران هڪ سماجي مفڪر، انقلابي رومانوي شاعر جو درجو ڏئي ٿي. هو پنهنجي رومانوي سڀاءَ ۾ ڪنهن به هڪ انتها جو شڪار نه ٿو ٿئي پر هن وٽ رومانويت جي روايت جو به امتزاج ئي نه پر حَسين توازن به آهي.
(3) استاد بخاري سنڌ جو عاشق شاعر آهي ۽ سنڌ هن جي محبت جو محور آهي. ان ڪري بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ قومي شعور وڏيءَ شدت ۽ گِهرائيءَ سان موجود آهي پر ساڳئي وقت استاد جيئن ته بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ طبقاتي فڪر به ساڳيءَ سگهه سان موجود آهي. هو جتي پنهنجي قوم ۽ وطن جا گيت ڳائي ٿو، انهن لاءِ لُڇي ۽ پُڇي ٿو، اُتي هن جو روح پنهنجي ۽ سڄيءَ دنيا جي پورهيتن ۽ مظلومن لاءِ ڪَڙهي ۽ ڪُڇي به ٿو. بخاري چوي ٿو:
اُٿيو هاڻ گهوٻو ۽ پانو اُٿي پيو،
ٻنيءَ ساڻ گڏ ڪارخانو اُٿي پيو،
ڏني اُڀَ لولي، جهلي ڀونءِ جهولي،
مگر چيلهه موڙي زمانو اُٿي پيو.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ فڪر ۾ وطن ۽ قوم جي نجات تيسين ممڪن ئي ناهي جيسين اُها اندروني ۽ سماجي طور تبديل نه ٿي ٿئي ۽ سنڌ جي سَڀَ-طرفي آزاديءَ جو مُهندار ۽ ڦل ماڻيندڙ هن ديس جو پورهيت ناهي. استاد بخاري ڪو شهري مڊل ڪلاسي شاعر ناهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ عوام تي رحم کائي يا ساڻن پري کان بيهي همدردي ڪري. استاد هن ديس ۽ انسانذات جي سمورين مظلوم قومن ۽ طبقن جو سُونهون ۽ ويڄ شاعر آهي ۽ اها ئي هن جي شاعريءَ جي حقيقي رومانويت آهي.
(4) استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو واحد وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ لطيف وانگر ڪٿي به پاڻ تي رحم کائڻ، سماج کي پِٽون پاراتا ۽ مِهڻا ڏيڻ يا مجموعي طور خودقياسيءَ جو رويو ناهي. استاد بخاريءَ جي فڪر جي روح جي ويجهڙائي لطيف جي تفڪر جي روايت سان آهي، جنهن جي فڪر جي “دين” ۾ خودقياسي “ڪُفر” آهي. ان نقطي تي استاد بخاري شيخ اياز کان گهڻو اڳتي نظر ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اياز صاحبَ جي شاعريءَ خودقياسيءَ جو عنصر گهڻين جاين تي نمايان نظر اچي ٿو پر استاد بخاريءَ لاءِ خودقياسي ڄڻ ته عيب آهي. اياز وري ٻين تخليقي خوبين ۾ بي مثال ۽ بخاريءَ سميت پنهنجي ٻين هم عصرن کان گهڻو اڳتي آهي. هر شاعر جو پنهنجو ڪمال ۽ پنهنجون مخصوص ڪمزوريون به هجن ٿيون. بخاري قوم، عوام کي ميارون ڏيڻ بجاءِ هڪ حقيقي سونهين ۽ رهبر وانگر سڄو بارُ پاڻ ٿو کڻي، چوي ٿو:
مان ٻين وانگر اکيون ٻُوٽي سُمهان،
رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير!
مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان،
پِرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير!
(5) استاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اُهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عام طور شاعر ناهن ڪندا. يعني درد جو اظهار ته شاعر ڪندا آهن، محسوسات کي اُڀارڻ ۽ ويندي تخليق ڪرڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، سمجهه ۽ شعور جون ڏياٽِيون ٻارڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن پر ايئن وِرلي ملندو ته ڪو شاعر نجات جا گَسَ ٻُڌائي، واٽون سِڌيون ڪري ڏئي ۽ ويندي حڪمت عمليون به ٻُڌائي. اهو سندس شاعريءَ جو ڪمال آهي ۽ اِها روايت شاعريءَ جي دنيا ۾ ايتري عام ناهي. مثال طور هو چوي ٿو:
“ڇا ڪجي” کي ڇڏ بخاري، اُٿ، اُٿون!
ڪر تِکي تڪڙي تياري، اُٿ، اُٿون!
سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون، برسات ٿيون،
ظُلمَ آهي ڀونءِ ٻاري، اُٿ اُٿون!
يا وري هيئن ٿو چوي:
تحرير کي ترار بنايون، بچي پئون!
ڪُوڪار مان ڪَٽار بنايون، بچي پئون!
هن ديس لاءِ هزار اُٿن جانباز پيا،
هڪ هڪ منجهان هزار بنايون، بچي پئون!
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهڙا سوين شعر ملندا، جن ۾ تدبر به آهي ته تدبير به آهي، حڪمت به آهي ته حڪمت عملي به آهي، منزل جو ڏس به آهي ته ان جي واٽ به آهي، هو “هيڻن” کي سوڀاري سَگهه ڏيندڙ نه رڳو سُونهون پر ويڄ شاعر آهي ۽ اِها حقيقت ۾ لطيفي روايت آهي. اها روايت اسان کي سچل، خواجه غلام فريد يا ڪلاسيڪل دور جي وڏن شاعرن ۾ عام طور تي نه ٿي ملي. اوڀر جي سڄي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اسان کي اها روايت رڳو لطيف وٽ غيرمعمولي سگهه سان ملي ٿي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ٻيون املهه روايتون لطيف کان وڌيڪ ٻين شاعرن وٽ به آهن، پر اها خاص روايت لطيفي آهي، جنهن جو استاد بخاريءَ تي غيرمعمولي اثر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ٺلها پُور پچائڻ، پاڻ تي ويڳاڻپ ۽ اَويساهيءَ کي طاري ڪرڻ ۽ بيرحم حقيقتن کي بهادريءَ سان منهن ڏيڻ بدران ڀڄي وڃڻ جا گَس ڏسڻ بجاءِ حوصلو آهي، جرئت آهي، ارڏائي ۽ جدوجهد آهي ۽ لطيف جي ٻوليءَ ۾ ورچي نه ويهڻ جو تصور آهي، چوي ٿو:
نه روئڻ پِٽڻ ۾ اسان جو علاج،
نه سٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج!
ڌِيون، پُٽَ. سڀئي- ڌرتيءَ ڄڻيا،
اُٿي پئو، اُٿڻ ۾ اسان جو علاج!
يا وري چوي ٿو:
مرڻ کان ڊڄي، زندگي ٿا گهُرو،
ٻرڻ کان ڀڄي، روشني ٿا گهُرو،
بنا ڪاوشن جي ڪرشمو ٿئي ڇو؟
ڏُکن کان لِڪي پوءِ خوشي ٿا گهُرو.
(6) استاد بخاري اهو شاعر هرگز ناهي، جنهن لاءِ شاعري بذات خود دل جي وِندر يا مقصد هجي. هو شاعريءَ کي انسان جي انفرادي توڻي اجتماعي سوچ ۽ زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ اهم تخليقي ذريعو سمجهي ٿو. هو جتي شاعريءَ ۾ جماليات ۽ رومانويت جو قائل آهي، اُتي هو شاعري ۽ ادب جي مقصديت جو به وڏو پرچارڪ آهي.
چوي ٿو:
طوفان، زلزلي ۾ چهرن ڏي ڪير ڏسندو؟
برسات ۽ ڳڙي ۾ ڳوڙهن کي ڪير اُگهندو؟
جنگاڻ جي طبل ۾ ڪُوئل جي ڪُوڪَ ڪهڙي؟
هر گهر ۾ حشر، تنهنجي شعرن کي ڪير ٻُڌندو؟
حقيقت ۾ تخليقي ادب زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪارج به تڏهن ٿو ڳولي لهي، جڏهن اُهو زندگيءَ کي ڪا نئين معنيٰ ٿو بخشي، نه ته ٺلهي دل جي وندر جي ڪهڙي عمر ۽ ان کي ڪهڙو دوام؟  استاد بخاري جيتوڻيڪ پنهنجي سڀاءُ، سوچ ۽ گفتگوءَ ۾ تمام سادو لڳندو هو ۽ حقيقت اِها آهي ته مون کي سندس حياتيءَ ۾ ڪڏهن به اهو ادراڪ نه ٿيو ته ڪو هن جو سماجي شعور ايترو گِهرو، عقليت پسند، عقيدي پرستيءَ کان آجو ۽ سائنسي آهي. اهو ادراڪ مون کي سندس وفات کان گهڻو پوءِ سندس شاعريءَ جو گِهرو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ٿيو. هونئن عام طور شاعرن ۾ اهڙو شعور ناهي هوندو، جو گهڻي ڀاڱي سندن شاعريءَ جو محرڪ جذبا، خيال، تخيل ۽ حُسن بيني هوندا آهن پر استاد جو اهو وڏو ڪمال آهي. استاد واقعي “فڪري استاد” به آهي. ان ڪري ئي مون هن کي سنڌ جو “سُونهون” ۽ “ويڄ” شاعر ڪوٺيو آهي.
(7) استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي ٻولي، فن، تخليقي تجربن، عجيب و غريب تشبيهن، علامتن، استعارن جي حَسين استعمال ۽ خيال جي اُڻت جا پاسا به ايترائي باڪمال آهن جيترا هن جا فڪري يا تخيلاتي پاسا آهن. جيئن هن جو فڪر غيرروايتي آهي، تيئن هن جي ٻولي، اسلوب، فن، بندشون ۽ ترڪيبون پڻ بيحد انوکيون  نيون، منفرد ۽ تخليقي آهن. اهو استاد جو ئي ڪمال آهي جو  هن جي شاعريءَ ۾ بنهه غيرشاعراڻا لفظ به نئون معنوي جنم وٺي وڏيءَ حُسناڪيءَ سان جهُومڻ لڳن ٿا. حُسن ۽ جماليات استاد جي شاعريءَ جي هر انگ ۽ رنگ ۾ آهي. جنهن جي حوالي سان به استاد جا تجربا ڪمال جا آهن. مان سمجهان ٿو ته نظم ۽ گيتَ سميت شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ جيترا گهڻ طرفا تخليقي تجربا استاد ڪيا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز کانسواءِ وِرلي ڪنهن شاعر ڪيا هوندا.
مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي ڪا يونيورسٽي استاد بخاريءَ تي هڪ چيئر قائم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن “استاد” شاعر بابت معياري تحقيق ذريعي سنڌ کي سندس فڪر، ٻوليءَ ۽ فن جي پرک ملي سگهي ۽ سنڌ جا هم عصر ۽ ايندڙ نسل اِهو ڄاڻي سگهن ته سنڌ جي دل دادوءَ جي ارڏي ۽ رومانوي مِٽيءَ مان نِسريل جديد سنڌ جو هيءُ وڏو شاعر ڪيڏو نه باڪمال مفڪر ۽ آرٽسٽ هو!
ٻيلو نه جهلي ٻُور، اِهو ناممڪن،
تنهنجو نه پَوي پُور، اِهو ناممڪن،
اُستاد جو آواز لَٽيو ٿا لُڙ ۾،
اوندهه ۾ لِڪي نُور، اهو ناممڪن. (بخاري)
jchandio@cpcs.org.pk

6 comments:

  1. خود قرض
    گروي قرضن
    وڻج واپار قرض
    ذاتي قرض
    جائداد جي خريد و فروخت قرض.

    وڌيڪ ڄاڻ، نٿو سان رابطو ڪريو لاء،

    قرض ايجنٽ: ليري Buknor
    ويب سائيٽ: //worldbestloans.wix.com/worldbestloans
    أي: worldbestloans@gmail.com
    توهان جي مهرباني.

    ReplyDelete
  2. ننڍن ۽ وڏين لاء ڊگريون قرضن ۽ گرجز لميٽيز جو قرض 2 سيڪڙو سود جي شرح تي.

    توهان کي ڪاروباري شروع ڪرڻ يا توهان جي بلن کي ادا ڪرڻ لاء قرض جي ضرورت آهي؟، اسان قرض جي سڀني قسمن، نجي قرض،
      تجارتي ۽ ذاتي قرض تمام گھٽ منافعي جي شرح سان دنيا ۾ ڪٿي هڪ سال ۾ 2٪ گهٽ ۾ گهٽ 25 سال جي اداڪاري جي مدت تائين. اسان قرضن کي پيش ڪندي 1000 کان وٺي ڪنهن به رقم توهان جي درخواست ڪئي، اڄ اسان سان اي ميل ڪريو؛

    oceanfmortgages@gmail.com
    oceanfmortgages@gmail.com

    +447087694046

    ReplyDelete
  3. خدا حافظ ،
    توهان هڪ قرض ڳولي رهيا آهيو، هڪ ڪارپوريشن قرض، ذاتي ڳولڻ لاء
    قرض، گهر قرض، آٽو قرض، طالب علم قرض، استحڪام قرض،
    غير محفوظ ڪيل قرض، وڪري سرمائي وغيره. توهان کي قرض قرض يا مالي آهي
    هڪ يا وڌيڪ سببن لاء رد. توهان هڪ درست هنڌ حاصل ڪرڻ ۾ آهيو
    قرض جو حل! آئون هڪ خانگي قرضدار آهيان، مان ڪمپنيء جو قرضدار آهيان
    ماڻهن سان گهٽ دلچسپي جي شرح ۽ 2 سيڪڙو گهٽ سود شرح جي شرح.
    اسان سان اي ميل سان رابطو ڪريو: albakerloanfirm@gmail.com

    ReplyDelete
  4. توهان جي مالي پريشاني کي ختم ڪريو
    اسان وٽ قرض جي منظوري واري ڪمپني. اسان ماڻهن تي قرض پيش ڪندا آهيون
    2٪ گهٽ گهٽ دلچسپي جي شرح، اسان ذاتي قرض، ڪاروبار قرض،
    گروي قرض وڌيڪ معلومات لاء حقيقي جائداد جي قرض
    اسان سان رابطي ڪرڻ ۾ متفق نه ٿيو: (felixgeorge958@gmail.com)

    ReplyDelete
  5. فريمن کي ڀروسو ڪرڻ لاء مدد ڪريو

    خدا حافظ،
    توهان جي مالي گهرجن کي حل ڪرڻ لاء فوري طور تي قرض جي ضرورت آهي، قرض کان 3،000.00 کان ڊالر تائين 1،000،000.00 رپيا ڏنا. ميڪسي، اسان قابل اعتماد، موثر، تيز ۽ متحرڪ آهن، 100 سيڪڙو گارنٽيڊ قرض پڻ ڏئي ٿو (يورو، پائونون ۽ ڊالر). سود جي شرح سڀني قرضن تي لاڳو ٿئي ٿي (3٪)، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اسان ڏانهن واپس وڃون.

    جي ذريعي (trustfirm2010@gmail.com): خدمتون مهيا ٿيل آهن:

    * گھر سڌارو
    * قرض انوارو
    * قرضن جو تسلسل قرض
    * ڪاروباري قرض
    * ذاتي قرض.

    اسان سان رابطو ڪريو ۽ اسان سان گڏ ڪاروبار ڪرڻ لاء خوش آهيون
    اي ميل: trustfirm2010@gmail.com

    ReplyDelete
  6. ڇا توهان هڪ هزار ايڪس کان 10،000،000 يورو تائين قرض فراهم ڪري رهيا آهيو. توهان جي ڪاروبار يا ڪاروبار قرض، ذاتي قرض، گروي قرض، ڪار قرض، قرض جو قرض، قرض، سرمائيداري، صحت جي قرض، وغيره. ))
    يا ته توھان بينڪ يا مالي ادارو طرفان ھڪڙي قرض کان انڪار ڪري رھيا ھئا يا ھڪ ٻئي کي؟
    هاڻي درخواست ڪريو ۽ حقيقي مالي قرض حاصل ڪريو، عملدرآمد ۽ 3 ڏينهن اندر منظور ٿيل.
    پيپيفڪ فائونڊيشن قرض ايف ايم، بين الاقوامي سطح تي قرض قرضدار آهن، جيڪي ماڻهن ۽ حقيقي ڪمپنين کي حقيقي ID يا توهان جي ملڪ جي بين الاقوامي پاسپورٽ سان گهٽ شرح سان شرح 2 سيڪڙو فراهم ڪن ٿيون.
    قرض جي ٻيهر رقم 1 (ھڪ) سال قرض حاصل ڪرڻ کان پوء شروع ٿئي ٿي، ۽ ٻيهر آمدني جي مدت 3 کان 35 سالن تائين آھي.

    بندر جي لاء ممڪن معاهدي ۽ پروسيسنگ لاء توهان جي درخواست لاء 2 ڪميونٽي جي اندر،
    اسان کي هن خط ذريعي سڌو رابطو ڪيو: pacificfinancialloanfirm@gmail.com

    اسان سان ڏنل معلومات سان رابطو ڪريو:

    پورو نالو: ____________________________
    قرض کے طور پر رقم کی ضرورت: ________________
    قرض جي مدت: _________________________
    قرض لاء مقصد: ______________________
    ڄم جي تاريخ: ___________________________
    صنف: _______________________________
    ازدواجي حالت: __________________________
    رابطي جو پتو: _______________________
    شهر / پوسٽ ڪوڊ: __________________________
    ملڪ: _______________________________
    ڌنڌو: ____________________________
    موبائيل فون: __________________________

    پنهنجي تڪڙو تڪڙو جواب ڏيڻ لاء موڪليو: pacificfinancialloanfirm@gmail.com

    مهرباني

    سي ايم ايم. وڪريٽڪيا جانورن

    ReplyDelete