03/02/2014

سنڌُ جو سراج...! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)



سنڌُ جو سراج...!
جامي چانڊيو
اوڻيهين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو پئدا ٿيا جن زندگيءَ جي هر ميدان ۾سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، ۽ ان جي حسناڪ آئيندي جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي وِرچي به نه ويٺا.  سراج الحق ميمڻ جو ڳاڻيٽو به سنڌ جي اهڙن ماڻِڪ موتين ۾ ٿيندو. پنهنجي شخصيت ۾ باوقار ۽حسين ماڻهو، علميت ۾ گهرو ۽ گهڻ-طرفو ڄاڻو ماڻهو، هڪ بيحد سچو اديب ۽ پارکو،سُڀاوَ جو شانائتو، حساسيت ۾ گلن جهڙو نرم، ۽ فن ۾ ڳالهه جي اُڻت جو منفرد ڏانءُرکندڙ ليکڪ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هن جي محبت جا محور ۽ مرڪز هئا. سراج جهڙن ماڻهن جو وجود ئي سڀاڳ جي علامت هجي ٿو، سندن خاندان، دوستن، ۽ ويندي ٻولي، ادب ۽ پوري سماج لاءِ.

ٽنڊي ڄام ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند پرائمري استاد محمد يعقوب نياز جي گهر ۾چويهين آڪٽوبر 1933 تي جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ اسان کي پنهنجيءَ پوريءَ حياتيءَ۾ هڪ آدرشي، محنتي، سچو، ٻوليءَ، وطن ۽ قومَ جو عاشقُ نظر اچي ٿو. ڄڻ ته هڪ پارسهو، جنهن جنهن سندس ساٿ ۾ گذاريو ڄڻ ته سون ٿي ويو.
سراج صاحب سان منهنجو قرب جو ادبي ۽ علمي لاڳاپو هو، ۽ ساڻس اهو لاڳاپو پهرين سائين محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ف م لاشاريءَ معرفت، ۽ پوءِ سڌيءَ ريت پنهنجين لکڻين ذريعي ٿو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. منهنجي خوشبختي آهي جو هو مونکي بيحد ڀائيندو هو، ۽ منهنجين لکڻين کي پسند ڪندو هو، ۽ جيڪي لفظ چوندو هو اهاهن جي ادبي وضع داري ۽ شفقت هئي.
سراج صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات پليجي صاحب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ سندس آفيس ۾1991 ۾ ٿي. مون ٻنهي کي هڪٻئي سان بيحد حجائتو ڏٺو. پليجي صاحب جي حجت مٿس وڌيڪهئي. ويهڻ شرط سراج تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو سراج تي، چئي، ”ڪجهه نٿو ڪرين، سڄو ڏينهنآفيس ۾ ٿڌيءَ ڇانو ۾ ويٺو آهي، عوام کان ڪٽيل آهين، ۽ ڪنهن نه ڪم جو آهين! حساب ڏيته ڇا ٿو ڪرين!“ موٽ ۾ سراج صاحب جي چپن ٿي هميشه جيان اطمينان بخش مرڪ، ۽نهٺائيءَ وارو اعتراف. هن جو جواب عجيب هو. چئي، ”پليجا! جنهن خاڪَ کي ڦُوڪون ڏئيباهِه ٿو ٻارڻ چاهين، ان ۾ تپش رهي ئي نه آهي“! مون ٻڌو هو ته سراج تمام مغرورماڻهو آهي، پر هي ته ڪو ٻيو ماڻهو هو، بيحد ماٺيڻو، محبتي، نهٺو ۽ مرڪڻو. ف م لاشاري به سراج صاحب وٽ ويٺو هو، پليجي صاحب مٿس پنهنجي سخت تنقيد جڏهن پوري ڪئي ته ف م لاشاري ۽ مون ڏي نهاري چيائين، ”پليجو سدائين ائين ڪندو آهي، ۽ صحيح ڪندوآهي. ڇو ته اسان سنڌي ڪم جا وڏا ڪاهل آهيون، ۽ خاص طور مان“. مون دل ۾ سوچيو تهجيڪڏهن 1957 ۾ سي ايس ايس پاس ڪري ملڪ جو چوٽيءَ جو ڪامورو ٿيڻ، ڏيپلائي پريس ۽سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇٻلاڻي صاحب جي لکيل سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۽ ٽي ايس ايليٽ جيلکڻين سميت انيڪ ڪتابن جا ترجما ڪندڙ، 1964 ۾ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو شاندار تحقيقي ڪتابلکندڙ، هلالِ پاڪستان جهڙي سرڪاري اخبار کي سنڌ جي شعور جي مهندار آواز ۾ تبديلڪندڙ، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تهنجي دنياسڀ رنگ سانول“، ۽ ”منهنجي دنيا مرگ ترشنا“ جهڙا ناول سرجيندڙ، ”آءُ درد هلي آءُ“جهڙيون ڪهاڻيون لکندڙ ۽ ملڪ جو چوٽيءَ جو انڪم ٽيڪس جو وڪيل ٿيندڙ سراج به جيڪڏهن ڪاهل آهي ته پوءِ سنڌ جي باقي پڙهيل لکيل ماڻهن يا عام اديبن کي ڇا چئجي؟ پوءِ مونڄاتو ته دراصل هنن ماڻهن جي مٽي ئي ٻي آهي. هنن وٽ ڪم جا معيار ۽ سندن آدرش ايتراته وڏا ۽ غير معمولي آهن، جو هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن کي وڏو ڪم سمجهن ئينٿا.  دراصل اهو رويو ۽ سوچ ئي کين پنهنجيڪردار ۽ عمل ۾ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي. دنيا جو ڪو به وڏو ماڻهو پنهنجي ڪم مان مطمئن ناهي هوندو، جو سندن ڪمن جي فهرست آڏو حياتي کٽي پوندي آهي، وقت هار کائي ويندو آهي.
هونئن ته سراج صاحب جو پنهنجو والد به هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند استاد هو، پرسراج صاحب جي زندگيءَ تي پنهنجي والد کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻو اثر سائين محمد ابراهيم جويي جي فڪري تربيت جو به هو. سراج صاحب مونکي پاڻ ٻڌايو ته محمت عثمان ڏيپلائيءَجي پريس تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ جويي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪمڪرڻ سندس زندگيءَ جا اهم ابتدائي دور هئا. جن سندس شعور ۽ صلاحيت جي آبياري ڪئي. ڏيپلائي صاحب کيس روپئي ڏهاڙيءَ تي ترجما ڏيندو هو ۽ ڪم به ڇڪي وٺندو هو، سراج صاحب ڀوڳ ۾چوندو هو ته، ”ڏيپلائي صاحب جي کُوري مان پچي نڪتاسين ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو نه لڳو“. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندي، نه رڳو هن جي سنڌي ۽ انگريزيٻولين تي مهارت وڌي پر هو پاڻ به هڪ اديب طور اڀري آيو. اهو ئي سبب آهي جو مونسراج صاحب وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جو وڌيڪ احترام ڏٺو ته اهو سائين جويو صاحب آهي. هوجويي صاحب کي هڪ شفيق دوست سان گڏ هڪ استاد جو درجو ڏيندو هو. سراج صاحب وٽ سائين جويو صاحب ۽ مان ڪافي ڀيرا گڏجي وياسين ۽ جويي صاحب لاءِ سندس احترام ۽ پيار ڏسڻ وٽان هوندو هو. هونئن سراج صاحب جو شهيد ڀُٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد سان به گهرو سُٻنڌ رهيو.1950 ۾  هن ميٽرڪ جو امتحان ڊيجي نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيو ۽ هو پنهنجي تعليم جو خرچ جناح ڪورٽس ۾ پارٽٽائيم ملازمت ڪري پورو ڪندو هو. 1957 ۾ جڏهن هو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سولسروس ۾ ويو ته ان ئي دور ۾ هن جي ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج ۾ شهيد ڀُٽي سانملاقات ٿي ۽ سندن اهو دوستيءَ جو تعلق آخر تائين قائم رهيو، اهو ئي سبب آهي جوجڏهن شهيد ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته هن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج کي بڻايو، ۽ سراج هلال پاڪستان جي صورت ۾ جديد ترقي پسند سنڌي صحافت جا بنياد رکيا، ۽ روشن خيال صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي. ڇهن سالن جي مختصر دور ۾ سراج هلال پاڪستان کي وڏي اوج تي پڄايو، جڏهن 1977 ۾ ضياء الحق مارشل لا هنئي ته سراج هلال پاڪستان مان استعيفا ڏئي پنهنجي وڪالت جي ٻيهر شروعات ڪئي.  سرڪاري ملازمت ته هو اڳ ئي 1969 ۾ شروع ڪري چڪو هو، جو هو انهن 303 سرڪار جي ناپسنديده آفيسرن مان هڪ هو جن کي جبري طور ملازمت مان فارغ ڪيو ويو هو. سراج جو اهو ڪمال هو جو هو شهيد ڀُٽي جو ويجهو دوست هوندي به جتي هن جي مثبت ڳُڻن کي واکاڻيندو هو اتي هنڪڏهن به هن جي غلط فيصلن جي تائين نه ڪئي. ائين ئي سائين جي ايم سيد پڻ سراج جووڏو احترام ڪندو هو، ۽ سندس اها هر دلعزيز حيثيت دراصل سندس معتبر شخصيت جو  مظهر هئي.
سراج صاحب جو علمي ۽ تخليقي پورهيو نه رڳو گهڻ رخو آهي، پر ساڳئي وقت تمام معياري پڻ آهي. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي هن جي مهارت باڪمال هئي. هڪ ڀيري حميد هارون کي مون سراج صاحب جي روبرو ڪراچي جم خانه ۾ پاڻ اهو چوندي ٻڌو ته جيڪڏهن احمد علي خان پوءِ پاڪستان ۾ ڊان اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جو ڪو اهل آهي ته اهو سراج آهي. پر سراج صاحب صحافت کي عملي طرح ڇڏي چڪو هو، ۽ هن واپس صحافت ڏي ورڻ نه ٿئي چاهيو. ڪراچيءَ مان روزاني جاڳو جيتوڻيڪ ف م لاشاريءَ شروع ڪئي پر ان ۾ سراج صاحبجو بنيادي هٿ هو. ۽ ان دور ۾ سراج صاحب جا ”سياسي منظرنامو“جي عنوان سان لکيل تجزياتي مضمون شاندار هئا جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. هلال پاڪستان ۾ لکيل سراج صاحب جا اداريا پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن جو اها ان دور جي تاريخ آهي.سندن ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت لکيل اهم ڪتابن مان هڪآهي. جيتوڻيڪ ان ڪتاب ۾ تحقيق تي سندس قوميت جو جذبو وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو. پر انباوجود سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت چئن بنيادي نظرين مان هڪ جي نمائندگي اهوڪتاب ڪري ٿو.
سراج صاحب سنڌ جي تاريخ جو به وڏو ڄاڻو هو، ۽ اهو هن جو وڏو ڪمال هو جو هنارغونن ۽ ترخانن جي دور کي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جهڙي ناول جي صورت ۾ پيش ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن جي ٽرائلاجي پڻ پهرين سراج صاحب لکي. جيتوڻيڪ هو گهڻ طرفي شخصيت جومالڪ هو، پر منهنجيءَ نظر ۾ سراج صاحب بنيادي طور هڪ ناول نگار هو. گهٽ ماڻهن کيخبر آهي ته پنهنجي ابتدائي ادبي دور ۾ هن شاعري به ڪئي. ۽ استاد بخاريءَ جي مشهورڪتاب ”ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ“ جي لکيل مهاڳ مان صاف نظر اچي ٿو ته سراج صاحب کي افسانويادب سان گڏ شعري ادب جي به ڪيڏي نه پروڙ هئي. سراج صاحب جيتوڻيڪ لطيف تي لکيو ڪونه، پر هو لطيف جو پارکو هو.
سراج جون چند خوبيون اهڙيون آهن جيڪي هن کي سنڌي سماج ۽ ادب ۾ هڪ منفرد حيثيت ڏين ٿيون. هن سموري زندگي ڪا به دعوى نه ڪئي نه سنڌ سان عشق جي، نه سنڌي ٻوليءَ ۽ادب جي خدمت جي، ۽ نه پنهنجي ڪارنامن جي. اهو نهٺو سُڀاءُ هن جي اندر جي وڏ-ماڻهپي جو آئينو هو. اُڀامندِي ته سکڻي ڪُنِي آهي، هيءُ ته سنڌ جو سراج هو، جيڪو سنڌي ادب۾ ناول نگاريءَ جو امتياز هو.. مون سراج کي ڪڏهن به ماڻهن تي ڳالهائيندي نه ڏٺو،هڪ مڪمل انگريز ماڻهو هو. رڳو ڪم جي ڳالهه، روايتي اجائي ڊيگهه سراج جي مزاج ۾ ئينه هئي. مڪمل طور سيلف-ميڊ يعني پنهنجي پورهئي ۽ قابليت جي بنياد تي ٺهيل ماڻهو هوان ڪري هميشه قابليت ۽ ادارن جي اهميت جو قائل هوندو هو. ان لاءِ رڳو ڪي سَڌُون نهڪيائين پر پنهنجو حيدرآباد وارو اباڻو گهر سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ کي ڏئي مثال پڻ قائمڪيائين، پر افسوس جو اهو ادارو ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو. جڏهن ته سراج صاحب جو اهوخواب هو ته اهو ادارو اڳتي هلي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿئي.
منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي ته هو عمر توڙي ادبي ۽ علمي لحاظ کان وڏو هوندي به مونکي پنهنجي دوستن ۾ شمار ڪندو هو. 2006 ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب تي ڪانفرنس ۾ کيس مقالو پڙهڻ لاءِ چيو ويو، طبيعت ناسازهئڻ سبب پنهنجيءَ جاءِ تي کين منهنجو نالو تجويز ڪيائين. سائين جويي صاحب جي ڪتاب”ادب ٻولي ۽ تعليم“، ۽ پليجي صاحب جي ڪتاب ”سياسي ادب“ تي لکيل منهنجا تفصيلي مهاڳپڙهيائين ته ٻنهي ڀيري فون ڪري جيڪي مهربان لفظ چيائين اهي منهنجي لاءِ ڪنهن اعزازکان گهٽ نه آهن. ساڳيا رايا جويي صاحب ۽ پليجي صاحب کي به ڏنائين.
زندگي تمام مختصر آهي، ۽ ڪو به ماڻهو زندگيءَ ۾ سڀ ڪم پورا نٿو/نٿي ڪري سگهي.سو سراج کان به گهڻا ڪم رهجي ويا هوندا پر هن زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو اهو به گهٽنه هو.  هر ڪم بيحد معياري ۽ منفرد !
لکڻ، ڳالهائڻ، اظهار ڪرڻ، خوش ٿيڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، رنجُ ٿيڻ، ڏوراپو ڏيڻ، ۽ راءِڏيڻ جو سليقو ته ڪو سراج صاحب کان سکي. خوش ٿيو ته حسين ۽ شانائتي مرڪ چپن تي، ۽جي ارهو ٿيو ته منهن ۾ گُهنڊ وجهي بس رڳو نهاريندو، ۽ اهو به هڪ لمحو ۽ بس! وڏاماڻهو پنهنجي واڏائيءَ جو اظهار رڳو علميت، فڪر، فن يا ادب ذريعي ئي نه پر پنهنجنروين ذريعي به ڪندا آهن. سراج سچ پچ ته سنڌ جو وڏو ماڻهو  هو . ٻاهر ماڻهو هن کي پٿر جو ٺهيل سخت مزاجسمجهندا هئا، اندر ۾ ته هو گلن تي پيل ماڪ جهڙو ملائم ماڻهو هو. آخري ڏهن سالن ۾سنڌ جي ڳالهه نڪرندي هئي ته بي اختيار جُهري پوندو هو. ۽ هن جو ن آدرشي اکيون تشنه خوابن سبب بي اختيار ڀرجي اينديون هيون. خود اعتمادي ۽ خودداريءَ ۾ به سراج جو ڪومَٽُ نه هو.  هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ ۽سنڌيونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٿيڻ جي آڇَ هن کي انيڪ ڀيرا ٿي، هن هميشه جواب ڏنو.هن جي مثالي خودداريءَ ۽ خوداعتماديءَ جو سبب دراصل هن جي قابليت ۽ هن جي خودشناسيهئي. گهڻن ماڻهن کي زماني جي شناس ته هوندي آهي پر هو خودشناسيءَ کان وانجهيل هوندا آهن، سراج کي خبر هئي ته هو ڪير هو. سراج صاحب ڪو عوامي ماڻهو نه هو، هومٿئين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ، وچولي ۽ مٿئين طبقي سان رابطي ۾ رهندڙ اسڪالر،اديب ۽ وڪيل هو. مان سمجهان ٿو ته  هو وچولي طبقي لاءِ هڪ رول ماڊل به هو ته ڪو ماڻهو هڪ ڪامياب زندگي ۽ ڪيريئر باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ادب ۽ قوم لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري سگهي.
اڪثر وڏن ماڻهن جي اولاد يا گهر جا ڀاتي سندن ڇڏيل دڳ تي ناهن هلندا. پر سراج صاحب پنهنجي اولاد ۽ گهر ڀاتين ۾ سنڌيت جو اهڙو ته روح ڦُوڪيو جو اڄ سندس ننڍيڀاءَ اعجاز ميمڻ، سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين، ۽ پٽن ڊاڪٽر امجد سراج ۽ ارشد سراجکي ڏسي جيڪا تصوير جُڙندي اُها هو بهو سراج جي تصوير آهي. ساڳيو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَلاءِ پيار، خدمت جو جذبو، علميت ۽ فضيلت. ٻين فيبروريءَ 2013 تي سنڌ جي هن باوقاراديب، دانشور، محقق، پارکو ۽ عاشق آخري ڀيرو سنڌ ۽ هن سنسار ڏانهن پنهنجي شانائتي مرڪ سان نهاري پنهنجون تشنه خوابنواريو اکيون هميشه لاءِ ٻُوٽي ڇڏيون، ۽ ڪراچيءَ جي گِذري قبرستان ۾ ان مٽيءَ سان وڃي مليو جنهن جي علمي ۽ ادبي هُڳاءَ جو نالو سراج هو.

No comments:

Post a Comment