21/02/2014

سنڌي ٻولي: مادري زبان کان قومي ٻولي تائين - شوڪت لوهار (Shoukat Lohaar)



سنڌي ٻولي: مادري زبان کان قومي ٻولي تائين
شوڪت لوهار
انساني تاريخ ۾ اِها ڳالهه هِڪ وڏي اهميت جي حامل آهي ته ان ڪيئن نه جهنگ ۾ رهندي رهندي ايتري ترقي ڪئي جو هُن ٻولي جهڙي عظيم لقاءُ تائين پنهنجي رسائي ڪري ورتي. ان ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته انسان جي عظيم حاصلات مان ٻولي هِڪ وڏو حاصلات آهي.
انساني تاريخ ۾ اِها ڳالهه طئي ڪرڻ، لسانيات جي ماهرن لاءِ تمام گهڻي ڏکي آهي ته ٻولي ڪڏهن ۽ ڪيئن شروع ٿي. اڄ کان تقريباً هِڪ ملين سال اڳ ۾ به انسان جيئرو هو ۽ هن مختلف دؤر ڏٺا آهن، جيئن برف جو دؤر، پٿر جو دؤر، جديد پٿر جو دؤر، لوهه يا ٽامي جو دؤر، زرعي دؤر، صنعتي دؤر، ڪمپيوٽر جو دؤر ۽ هاڻ جديد ترين دؤر يعني ٽيڪنالاجي جو دؤر، پر هن دؤر تائين پهچڻ انسان لاءِ ائين ڪو اک چنڀ ۾ ممڪن ڪو نه ٿيو آهي، ان جي پٺيان تمام گهڻا محرڪات ڪارفرما آهن. اِها انساني ترقي تمام گهڻي سست رفتار هئي. تمام گهڻي آهسته هئي، ماڻهن جو پاڻ ۾ باهمي تعلق نه هجڻ ڪري ڪو به رابطي جو ذريعو نه هجڻ سبب هڪ دؤر جي معلومات ٻئي دؤر تائين ڪو نه پهچي سگهندي هئي. مثال طور قديم دؤر ۾ اِها ڳالهه سمجهڻ تمام گهڻي اوکي هوندي هئي ته ان کان پنج ڏهه سال قديم ڇا هو؟ ان ڪري ڪو به رڪارڊ موجود ڪو نه هو، هڪ دؤر جي ڄاڻ ٻئي دؤر تائين منتقل نه ٿي سگهندي هئي، ان ڪري انسان کي هر دفعي تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو، پوءِ تهذيبون ٺهيون ۽ هڪ دؤر جي ڄاڻ محفوظ ڪرڻ لاءِ وسيلا ۽ ذريعا ڳوليا ويا، ان ۾ تمام اهم ۽ سگهارو ذريعو ٻولي هئي. خاص طور لکڻ واري ٻولي هِڪ وڏو رڪارڊ يا Document هوندو هو، جيڪو ايندڙ دؤر جي ماڻهن جي ڪم ايندو هو ۽ هو ان مطابق پنهنجي زندگي جو ڪاروهنوار هلائي سگهندا هئا. اهڙي ريت هڪ دؤر جا تجربا ٻئي دؤر تائين منتقل ٿيڻ شروع ٿيا ۽ ماڻهن هِڪ ٻئي جي تهذيب ثقافت بابت ڄاڻڻ شروع ڪيو.
ٻولي جيئن ته انسان جي جذبن ۽ احساسن جي ترجمان ٿئي ٿي، تنهن ڪري اِها هميشه کان ماڻهو لاءِ هِڪ وڏي ڳجهارت پئي رهي آهي. اِها ٻولي ئي آهي جنهن جي جهولي ۾ ماڻهو پهرئين لولي ٻڌي ٿو. ٻولي ئي آهي جيڪا اسان جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن لاءِ هِڪ وڏو اهڃاڻ بڻجي اڀري ٿي. اِها ٻولي ئي آهي جيڪا اسان کي روزانو ڪم اچي ٿي، اسين سوال پڇون ٿا ۽ اسين جواب لهون ٿا، اسين واپار ڪريون ٿا، اگهه پار جون ڳالهيون ڪيون ٿا يا ڪا نوڪري ڪريون ٿا ته ان لاءِ ٻولي هِڪ اهم Catalyst طور اسان جي مددگار ثابت ٿئي ٿي.
ٻولي بابت مطالعي کي لسانيات/ Linguistics چئجي ٿو ۽ ٻولي ماهر کي "Linguist" چئبو آهي. دراصل ٻولي جي سائنسي طرح مطالعي کي اسين ٻولي جي سائنس يا ٻولي بابت سائنس چوندا آهيون.
ٻولي جي بناوٽ جا ننڍا مامرا ٻولي جي تمام ويجهو واري شعبي يعني مائڪرو لنگوئسٽڪ Micro linguistics چورائين ٿا ۽ ٻولي سماجي طرح ڪهڙين تبديلين مان گذري ٿي يا سماج کي ڪهڙين تبديلين مان گذاري ٿي ان کي مائڪرو لئنگوئسٽڪس چئبو آهي. ٻولي جي تاريخ کي Philology چئبو آهي.
ان کان علاوه به لسانيات جا تمام گهڻا مامرا آهن، جيڪي اکرن جي بڻ بنياد، لفظن جو ٺهڻ ۽ مختلف قسمن جا اسلوب ۽ لهجا Accent ۽ ٻولي ۾ ٿيندڙ تبديليون آهن، جن کي سمجهي سگهجي ٿو. تنهن ڪري لسانيات جو علم اسان کي ٻولي جي بنيادي جوڙجڪ ۽ سماجي ڪارج بابت تمام گهڻي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو، پر جيئن ته هِن وقت اسان جي بحث جو موضوع ٻولي جي تعارف ۽ مادري ٻولي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي، ان ڪري اِهو بحث ڪنهن ٻئي مضمون لاءِ ڇڏجي ٿو.
ٻولي جيڪا ٻاجهاري ٿئي ٿي، ٻولي جنهن ۾ ماڻهو امڙ جي لولي وٺي ٿو، ٻولي جنهن ۾ هِڪ ٻار ٻاتيون ٻوليون ٻولڻ جي شروعات ڪري ٿو، ٻولي جيڪا گهر ۾ پنهنجي ڪٽنب ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن ۾ ابي امڙ سان مٽن مائٽن سان ڳالهائي وڃي ٿي، ان کي مادري ٻولي "Mother Tongue" چئجي ٿو يا ان کي ٻولي جي زبان ۾ "Lt" چئبو آهي.
ٻولي جيئن ته نج داخلي ۽ خارجي حوالي سان سماجي Product جو نالو آهي، ان ڪري ان سان ٿيندڙ هٿ چراند يا ان جي بگاڙ يا ان کي نظرانداز ڪرڻ جي حوالي سان ان ٻولي جي ڳالهائجندڙن ۾ ان بابت تمام گهڻي حساسيت Sensitivity ٿئي ٿي.
دنيا ۾ اڪثر ائين ٿيو آهي ته ٻولي جي ڪري تمام گهڻيون سلطنتون ٺهيون ۽ ڊٺيون آهن، ان ڪري ٻولي جي ڪري ٿيندڙ جهڳڙن کي پڻ نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، اسين جڏهن به ٻولي جي جهيڙي بابت ڳالهائيندا آهيون ته اسين هميشه ائين چوندا آهيون ته ”لساني فساد“ هن فلاڻي واقعي جا ڪارڻ بڻيا.
اصل ۾ ٿيو ائين ته گڏيل هندستان جو ورهاڱو هڪ وڏي سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿيو. هندستان مذهبي فرقيواريت جي حوالي سان تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو ۽ هاڻ پڻ ڏئي رهيو آهي.
21 فيبروري 1952ع ۾ بنگالي ٻولي کي نظرانداز ڪرڻ جي حوالي سان هڪ تحريڪ شروع ڪئي وئي، جنهن تحت بنگالين جو مؤقف هو ته ريلوي اسٽيشن بسن جي اڏن ۽ ٻين جاين تي جيڪي بينر وغيره آهن اهي سڀ سندن زبان ۾ لکيا وڃن، نه ڪي اردو ٻولي ۾. ٻولي جيئن ته نج سماجي مسئلو آهي، ان ڪري انهن جي ارمانن جو خون ڪيو ويو ۽ بنگالي ٻولي کي تمام گهڻو نظرانداز ڪيو ويو، اِها تحريڪ ايترو ته زور پڪڙي وئي جو اڳيان هلي اِها مغربي پاڪستان کان علحدگي جو ڪارڻ بڻي. ان تحت 21 فيبروري 1952ع تي بنگالي ۾ تمام گهڻي خونريزي ٿي، جنهن تحت اقوام عالم انهن جي ٻولي جي حقن کي مڃيو ۽ سندن ٻولي قومي ٻولي بڻي.
هن وقت هي ساڳيو مسئلو سنڌي ٻولي سان درپيش آهي. سنڌي ٻولي جيئن ته سنڌ جي رهواسين جي مادري ٻولي آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سماجي حوالي سان پڻ اِها هِڪ وڏي اهميت واري آهي جو ان کي پنهنجو هِڪ بهترين ورثو، ثقافت ۽ هِڪ وڏي تاريخ آهي. هر روز سنڌي ٻولي ۾ جيتريون اخبارون نڪرن ٿيون، پاڪستان ۾ اردو کان علاوه شايد ئي ڪنهن ٻولي ۾ نڪرنديون هجن. اليڪٽرونڪ ميڊيا جي حوالي سان سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي ٽي وي چئنل هلي رهيا آهن جيڪي 24 ڪلاڪ نشريات سنڌي ٻولي ۾ ئي هلائين ٿا. اِهو سڀ ڪجهه هوندي به اسين اهو وڏي واقعي چئي سگهون ٿا ته سنڌي ٻولي کي نام نهاد خانگي اسڪولن ۾ ڪو نه ٿو پڙهايو وڃي، ايستائين جو ٻار جيڪڏهن ڪلاس روم اندر سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا ته انهن تي ڏنڊ هنيو وڃي ٿو. واپار جي حوالي سان سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو نظرانداز ڪيو ويو آهي. بازار يا مارڪيٽ ۾ دڪان مالڪ ۽ گراهڪ سنڌي ٻولي ڪو نه ٿا ڳالهائين. گراهڪ Customer جيتوڻيڪ پئسا به ڏئي ٿو ۽ وکر وٺي ٿو، تڏهن به مجبوراً ان کي دڪان مالڪ جي ٻولي ۾ ڳالهائڻو پئجي ٿو، جيڪا سنڌي ماڻهن جي پنهنجي نفسياتي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي، ان کان علاوه اِهو فيشن ۾ اچي ويو آهي ته اوهين سنڌي ٻولي جي بجاءِ ٻي ٻولي ڳالهايو، جنهن تحت پڻ سنڌي ٻولي نظرانداز ٿي رهي آهي. ان کان علاوه دفترن جي ڪم ڪار ۾ بئنڪن ۾، ڏيتي ليتي ۾ سنڌي ٻولي بجاءِ ڪنهن ٻي ٻولي جو هجڻ هِڪ عجيب آهي. عدالتي وهنوار ۽ قانون جيڪو Learning Sciences ۾ هڪ اهم شعبي جي حيثيت رکي ٿو، ان ۾ به سنڌي ٻولي کي ڌڪاريو ويو آهي.
اشتهار Advertisement جيڪي هينئر سماجي سائنس بڻجي ويا آهن، ان ۾ به سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. فلم ۽ آرٽ جي حوالي سان بس اِهو چوندس ته ماضي ۾ جيڪي فلمون ٺهيون سو ٺهيون هاڻ ملڪي فلم انڊسٽري تباهه حال ٿي وئي آهي. بهرحال ادب جي حوالي سان عرض آهي ته روزانو اسان وٽ کوڙ ڪتاب ڇپجي رهيا آهن، جيڪي شاعري، ڪهاڻي، آتم ڪٿا، ساروڻين تي ٻڌل آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر افسوس اِهو آهي ته انهن ڪتابن جو خريدار تمام گهٽ آهي. مهانگائي ۽ تعليم ۽ ذهني ترقي جيئن ته اسان جي اڳڀرائي جا بنيادي محرڪ نه آهن، ان ڪري سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب ڇپرائڻ هِڪ وڏي عذاب مان گذرڻ آهي ۽ ڇپجڻ کانپوءِ اِهي ڪتاب يارن دوستن ۾ اعزازي ڪاپين جي صورت کانسواءِ چند ڪتب خانن ۽ سرڪاري آفيسن جي ڪٻٽن ۾ ٻوساٽجي مري وڃن ٿا. ڪتاب جي حوالي سان معيار جي به ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن سماج ۾ قدر ۽ Values جي بلندي هوندي اتي جو ادب پڻ تمام گهڻو ترقي يافته ۽ معياري هوندو. سنڌي ڊرامن جي حوالي سان صرف ايترو چوندس ته هاڻ گهڻو ٿيو خبر ناهي ته هي ڪهڙي سنڌ ۽ ڪهڙا سنڌي پيا ڏيکاريو. ڊرامن ۾ جيڪي گهٽ ۾ گهٽ مون ته ڪڏهن به ڪٿي ڪو نه ڏٺا آهن. اوهان ٻڌايو، اوهان ڪنهن جي گهر ويا هجو ۽ سامهون رڳو ٽنگيون پيون هجن؟ ائين ته فقط ميوزيم ۾ ٿيندو آهي.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان پڻ سنڌي ٻولي کي تمام گهڻا خدشا ۽ خطرا آهن. باڪمال شارح ۽ ترجمي نگارن جو فقدان سنڌي لفظن کي ماري رهيو آهي. سنڌي لفظ ڏينهون ڏينهن ناپيد ٿي رهيا آهن، توهان غور ڪريو کوڙ اهڙا لفظ آهن جيڪي مري چڪا آهن ۽ ڪي مري رهيا آهن. سرڪاري حوالي سان سنڌي ٻولي کي ڇورو ڇنو ڪيو ويو آهي، سواءِ لفاظي ۽ اخباري بيانن جي باقي عملي طرح ڪجهه به ڪو نه ٿي رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻولي جي اهميت کي سمجهيو وڃي ۽ ان کي قومي ٻولي جي حيثيت ڏني وڃي. ان کان علاوه مادري ٻولي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي بنيادي تعليم مادري ٻولي يعني سنڌي ۾ ڏني وڃي.

No comments:

Post a Comment