26/04/2015

سونهن کي سلام - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سونهن کي سلام
رکيل مورائي

سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن جي انگ ۾ هڪ نئين ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي، ”سونهن کي سلام. هي ڪتاب اسان جي دوست شاعر اصغر سيتائيءَ جو آهي. جيڪو تازو ئي ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. ڪتاب ۾ شاعراڻيون صنفون جيڪي ڏنيون ويون آهن, انهن ۾ ترتيب وار نظم، غزل، گيت، ڪافيون، وايون، بيت ۽ چوسٽا شامل آهن. هيءَ لاجواب ڇپيل ڪتاب، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتري اهميت ماڻيندو, اهو، جڏهن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ نقادن جي نظرن مان گذرندو تڏهن پتو پوندو. پر اهو سچ آهي ته جڏهن ڪو به ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اچي ٿو ته بيحد خوشي ٿئي ٿي ۽ هيءُ ته وري شاعريءَ جو ڪتاب آهي.


جنهن تيزيءَ سان شاعريءَ جا ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، ان مان اندازو ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي شاعري جو باغ سدائين پنهنجي جوڀن تي رهڻو آهي ۽ هر ايندڙ ڪتاب سان اڃا به وڌيڪ سدا بهار ٿي رهيو آهي. ان سدا بهاريءَ ۾ اصغر سيتائيءَ جي هن ڪتاب ”سونهن کي سلام“ جو پڻ حصو آهي, ڇو ته  لڳي ٿو ته هن ڪتاب اچڻ سان سنڌي شاعري جي باغ ۾ هڪ وڌيڪ گل ٽڙيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو گل پنهنجي خوشبو ڪيتري ڦهلائي سگهي ٿو، ان جو اوسيئڙو رهندو، ڇو ته شاعري اهڙي تخليق آهي، جيڪا پنهنجي خوشبوءِ آهستي آهستي ڦلائيندي آهي، ايئن هي ڪتاب”سونهن کي سلام“ پڻ پنهنجي خوشبو آهستي آهستي ڦهلائيندو. ڪتاب تي ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن جا رايا شامل آهن، جيڪي آهن غلام مصطفيٰ سولنگي، ديدار شاد گوپانگ، علي دوست عاجز، قمر ڀان، استاد قادر بخش قلندر ميمڻ، ذوالفقار گاڏهي، گلزار، منصور سيتائي، عاشق دادوي، دانش ملاح ۽ محبوب سنڌي. پڪي جلد سان ڇپيل سهڻي ٽائٽل واري هن ڪتاب ۾ ٻه سئو چوونجاھ صفحا آهن، ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب ڌرتي دوست پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment