15/08/2015

ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا! - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)

ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا!
مبارڪ علي لاشاري
سماجي، سياسي ۽ مذهبي انتشار پوسٽ ماڊرن حقيقت ۽ صورتحال جو اهو نمونو آهي جيڪو کيس ماڊرن ۽ نيو ڪلاسيڪل روايتن مان مليو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال انهي مظهر کي پڻ پنهنجي فلسفي ۽ فڪر جي جوهر ۾ سمائي افسوس بجاءِ مثبت ترقي سڏيو آهي جيڪو ڪافي حد تائين تاريخ جو سبق ۽ ارتقا جو ڏاڪو آهي. ارتقا جي انهي ڏاڪي تي پهچندي پوسٽ ماڊرن سوچ ۽ فلسفي جتي ميٽا نئريٽوز تي تنقيد ڪئي آهي اتي اضافيت جي پرچار ڪري ڄڻ کاٻي ڌر جي انتهاپسندي کي پڻ للڪاريو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال جتي ڪيترائي فڪري لاڙا پاڻ ۾ سمايا آهن ۽ انهن مان نوان لاڙا ۽ گس پڻ ڪڍيا آهن پر پوءِ به وقت جي سماجي سائنسدانن هيل تائين انهي سوچ کي ڪو مضبوط لاڙو، نظريو يا فڪر نه سڏيو آهي، منهنجي نظر ۾ شايد ان جو اهو سبب به هجي جو پوسٽ ماڊرن صورتحال اڃا پوري طرح ڪٿي سهيڙجي ڪنهن جامع تجزيي يا فڪري تڪ تور ۾ نه اچي سگهي آهي جو ان جي باري ۾ ڪجهه حتمي چئي سگهجي ڇوته هي صورتحال پنهنجي فڪر، جوهر ۽ ڦهلاءَ ۾ ايڏو وسيع ۽ ڳنڀير آهي جو ان کي ايتري مختصر عرصي ۾ سهيڙڻ ممڪن نه هجي. تمام گهڻين پيچيدگين جي باوجود هي فڪر پنهنجي دامن ۾ ڪائناتي سماج جي هر قوت ۽ سوچ کي پاڻ ۾ سمايو آهي. ان لاءِ هن فڪر جي ڪنهن به حتي الامڪان گهٽ ۽ گهيڙ جو ڪو ڪاٿو نه آهي. ان پسمنظر ۾ ڪرسٽوفر بٽلر 2003ع جو تجزيو آهي ته پوسٽ ماڊرنزم “a loosely constituted and quarrelsome political party.”” هڪ ڍلي طرح اڻيل ۽ هڪ جهڳڙالي سياسي تنظيم وانگر آهي. يعني ان جي اڻت سخت قاعدن ۽ قانون بجاءِ کليل قاعدن وانگر ۽ دنيا و سماج جي هر فڪر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سياسي تنظيم وانگر آهي.

اهڙن ڪيترن ئي متضاد فلسفن سان سڃاتي ويندڙ صورتحال پوسٽ ماڊرنزم هڪ انوکي حقيقت آهي جنهن جو مظهر پوري دنيا ۾ پنهنجي جاهه و جلال سان موجود آهي جنهن جي ڦهلاءَ کان کاٻي کان ساڄي ڌر، سياسي کان سماجي، معاشي کان مذهبي ڪو به مڪتبه فڪر وانجهيل نه آهي جيڪو ان کان متاثر نه هجي. اسين ٽين دنيا جا رهواسي انهي صورتحال مان گهڻي ڀاڱي گذرندڙ نه هوندي به انهي تماشي جا تماش بين ۽ تاڙيون وڄائيندڙ هجڻ کان انڪاري نه آهيون. هي اهڙو سچ آهي جنهن سچ جي اسان کي ڪابه خبر نه هوندي به اسين انهي سچ جو حصو آهيون. اهو پوسٽ ماڊرن سچ ئي آهي جنهن جا بنياد پڻ فرڊرڪ نٽشي چواڻي “truths are illusions about which one has forgotten that this is what they are. [Nietzsche 1954]
” سچ ڌوڪو آهن جنهن جي باري ۾ چوڻ واري کان وسري ويو آهي ته هي (حالتون)  ئي اهي (سچ) آهن. جيڪڏهن صورتحال اهڙي هجي ته اسين اهڙي غير يقيني واري دنيا ۾ اڃا وڌيڪ گتيل نظر اينداسين، ڇوته هي فڪر هر ٻئي فڪر سان الجهيل نظر ايندو آهي، جنهن ۾ حقيقت جو سوال، سچ جو اضافي هجڻ، وڏن بيانن ۽ نظرين جو انحراف، مڪسڊ ڪلچر جو ظهور پذير ٿيڻ، تشڪيڪ پرستي، مذهبن جي ناڪامي ۽ خدا جي وجود جي سوال تي غير يڪراءِ هجڻ، يورپ مرڪزيت تي تنقيد جي باوجود سندس اتي ديرو هجڻ وغيره ڪجهه اهڙا مظهر آهن جيڪي هن فڪر جو ڳر يا تت آهن. اهڙي صورتحال واقعي فياض ڏاهري چواڻي ذهن تي گهوڙا ڊوڙائڻ لاءِ ڪافي آهي. فياض ڏاهري پنهنجي نظمن جي وسيع منظرڪشي ۾ جتي ٽين دنيا جي پيڙا واري صورتحال کي چٽيندڙ شاعر آهي اتي پهرين ۽ ٻين دنيا جي مادي تجربن جو ذهني ۽ تخيلاتي مسافر پڻ آهي. سنڌ ۾ سرجندڙ بنهه ٿورڙي شاعري موجود صورتحال يعني Contemporary Condition  جو فڪري ۽ نظرياتي ذڪر سان ملندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪي چند نوان نالا سامهون اچن ٿا نظم ۾ فراق هاليپوٽو، گلزار، روحل ڪالرو. جميل سومرو، منور هاليپوٽو، اقبال رند، ايوب کوسو، درگاهي گبول، اقبال هاليپوٽو،  وغيره جيڪي هن وقت ذهن تي اچن ٿا، انهن سمورن نالن مان فياض ڏاهري جو اسلوب، لهجو ۽ فڪر بنهه منفرد آهي.( فياض ڏاهري بيشڪ ڪجهه انهي ٽهي کان سينئر به هجي) سندس نظم “ڊجيٽل گيم” جو فڪري اظهار ۽ صورتحال جي منظر ڪشي بنه جديد ۽ پوسٽ ماڊرن آهي؛
ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا،
پنهنجي پنهنجي فڪر جي راهن مٿان
سوچ جا سڀ سوار گهوڙن کي تڙن ٿا
حافظي جي ريس ڪورس ۾ وڏي ڇڪتاڻ آهي
ذهن م گهوڙا ڊڪڻ پوسٽ ماڊرن صورتحال جي اها عڪاسي جيڪا ايبسولوٽ ريئلٽي يعني قطعي حقيقت نه هجڻ جي منظر ڪشي آهي، جنهن موجب پوسٽ ماڊرن موقف هر ٻئي فڪر جو متضاد به آهي ته ان سان ڪٿي سهمت به آهي. اهڙي صورتحال ۾ ذهن ۾ گهوڙا ڊڪڻ هڪڙي غير يقيني واري صورتحال يعني ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ آهي. مٿي ذڪر ڪيل پوسٽ ماڊرن انتشار ۾ اها ڳالهه هيئن به ڏسي سگهجي پئي ته “ذهن تي گهوڙا ڊڪن ٿا” يا “ذهن جا گهوڙا ڊڪن ٿا” جهڙا اظهار هڪ نئين قطبي حقيقت نگاري پيش ڪن ٿا. ذهن ۾ گهوڙن ڊڪڻ جو منظر گهڻن فڪري مونجهارن ۾ انسان جي نظرياتي  اجتماعي يڪراءِ جو وڃائجي وڃڻ واري حقيقت به آهي ته انسان جو هن ماس ميڊيا ۽ ڪنزيومر دنيا ۾ انفرادي طور وڃائجي اڪيلو ٿي وڃڻ پڻ آهي. جنهن ۾ انساني شناخت پڻ هڪ سوال بڻيل آهي جو دنيا ملٽي ڪلچرلزم ۾ وڪوڙجي وئي آهي. انگلش پيشنت فلم جنهن ڏٺي آهي تن کي خبر هوندي ته ان ۾ ڪافي جاين تي جنگي ارهه زوراين جي نتيجي ۾  پيسجي جنگي شڪار ٿيل زخمي ماڻهو پنهنجي شناخت نٿا ڪري سگهن ته اهي ڪير آهيون. يا جيئن محسن حامد جي ناول ريلڪٽنٽ فنڊامينٽلسٽ ۾ چنگيز پنهنجي شناخت وڃائي ٻي ڪنهن جو ماسڪ پهري پنهنجي محبوبه اريڪا جو پيار حاصل ڪندو آهي. اهڙي ريت ذهن تي گهوڙا ڊڪڻ ثقافتي بوجهه آهي جنهن ۾ شناخت برقرار رکڻ مشڪل ٿيو پوي، ساڳي ريت ذهن جا گهوڙا ڊڪڻ شاطر دنيا جا اهي پنجوڙ آهن جيڪي چنگيز ۽ هلاڪو، نادر خان واري تاريخ جا موجوده ٻهروپ ڪي ايف سي، مڪڊونالڊز، گهڻ قومي ڪمپنيون ۽ مارڪيٽ ڪنزيومرزم جهڙا سامراج آهن. انهن سمورن جو پسمنظر ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا ۾ عيان آهي. ڇوته حافظي جي ريس ڪورس ۾ ايڏي ڇڪتاڻ آهي.
سندس نظم جو ٻيو پهلو گهوڙن جو ريس آهي جنهن جي پڙهڻ سان مونکي عراقي برطانوي عمارت ساز زاها حديد جي ڊيزائين ٿيل هانگ ڪانگ پولي ٽيڪنيڪ يونيورسٽي جي جوڪي ڪلب واري بلڊنگ آهي. هانگ ڪانگ پولي يونيورسٽي جي اها بلڊنگ زاها حديد جي سموري دنيا جي 20 منفرد عمارتن مان هڪڙي عمارت آهي جيڪا سندس پوسٽ ماڊرن تعمير جي نمونن جو مثال آهي. ڪلاسيڪي ۽ جديد نمونن تي استوار بلڊنگ جوڪي ڪلب يعني گهوڙن جي ريس جي ڪلب جي نالي تي هجڻ اسان جي معاشري ۾ عجيب ضرور آهي جو اسين جوا کي حرام سمجهون يا ان کي اها پذيرائي نه ٿا ڏيون جو کليل طرح اهڙي پذيرائي ڪريون جهڙي پذيرائي پوسٽ ماڊرن صورتحال جي تجربي مان گذريل يا گذرندڙ سماج فن تعمير سان گڏ هڪ علامت طور تي ڪري رهيا هجن.
پوسٽ ماڊرن صورتحال جي ڪايا پلٽ مان هڪڙي ڪايا پلٽ اها به ٿي آهي ته مقدس روايتن، شين، يا وجودن کي عام وکر جي حيثيت ۾ آڻي بيهاريو آهي جڏهن ته عام وکر جي شين کي مقدس مقام تي کڻي آيا آهن. انهن لقائن مان يورپ جي سماجن ۾ گهوڙن جي ڊوڙ يعني ريس ڪورس، جوڪي ڪلب، پوني ڪلب وغيره مقدس روايتن جي زمري ۾ اچي ويا آهن. انهي لقاءُ کي مون پنهنجي اکين سان ويجهڙائي کان ڏٺو آهي. تنهنڪري فياض جو نظم پڻ انهي پيش خيمي جو تخيلي تجربو آهي؛ سندس سٽون آهن ته
علم دانش ماڻهپي جي روبرو
لوڀ لالچ ۽ انائن مان جڙيل ڪو گيمبلر
ٿو سمورن شهسوارن جي ضميرن کي خريدي
۽ سڀني گهوڙن جي پيرن کي ڊڪڻ جي
دائرن ۾ ٿو ڪري قابو ايئن
جو لڳي ٿو
ريس ڪورس ڪا ڊجيٽل گيم آهي.
دنيا جي مارڪيٽي ترقي يا ماس ميڊيا فڪري ذهنن جي وڏي خريدار آهي جنهن پنهنجي حرفت سان سماج جي سوچيندڙ شهسوار يا ته اين جي اوز، مارڪيٽ يا ميديا  جي دائرن ۾ قابو ڪري ڇڏيا آهن ڄڻ اها ترقي يا پهرين ۽ ٻين دنيا جا پنجوڙ ۽ ان لاءِ ڊوڙ ڊجيٽل گيم هجي. جنهن ۾
جنهن ۾ جئاري کيڏندڙ
سوار سارا ورغلائي
۽ انهن کي ٿو اشارن تي نچائي
ڊوڙندڙ گهوڙا سڀيئي
پنهنجي پنهنجي  سوار جي
ذهن جي رفتار سان گڏ گڏ هلن ٿا
ها اهي جئاري ڪنزيومرزم پنهنجن سمورن سوارن کي ورغلائي ۽ پنهنجن اشارن تي نچائي ٿو جتي مارڪيٽ کان بچڻ جو ڪوبه چارو نظر نٿو اچي ۽ ڪارخاناسازي يا ڊسپوزيبل ڪلچر جو ڪو ٻيو متبادل نه هجي ۽ ماني به اوهان کي مارڪيٽ مان خريدڻي پوي ته لازمن نه صرف سوار سارا (اسريل سماجن جي ترقي جي پنجوڙن ۾ ڦاٿل ذهن ۽  ڏاهپ) انهن گهوڙن تي نچن ٿا پر اسين ٽين ۽ چوٿين دنيا جا تماش بين پڻ انهي ڊوڙ مان اک ڪڍڻ جي جرئت به نٿا ڪري سگهون نتيجي ۾ سموري فڪر ۽ فلسفي کي پوسٽ ماڊرن جوڪي ڪلب ۾ ڊوڙندڙ گهوڙن جي ريس سان گڏ هلڻو پوي ٿو.
پوسٽ ماڊرن ادبي تنقيدنگاري يا ادبي تجزيي ۾ پڻ نظر ايندڙ لقائن سان ادبي تحريرن جو بر ميچي هلڻ جو تجربو اهم آهي ته اهو ادبي وجود (تخيل) بنيادي لقائن جي عڪس بندي ڪيتري ڪري ٿو. ادبي تخليق بيشڪ نه پر ادبي تجزيو لازمي طور پنهنجي دور جي لکڻين کي سماج جي لقائن ۽ معروضي حقيقتن سان هم آهنگ ڪري پيش ڪري. ساڳئي وقت حقيقت جي نمائندگي جو سوال پڻ آهي يعني ادبي تخيل ۽ ان جي تجزيي ۾ ڪيتري سماجي حقيقت نگاري بيان ڪيل آهي. انهي پسمنظر ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ويهي آسٽريليا جي گهوڙن جي ڊوڙن يا يورپ بشمول ايشيا، هانگ ڪانگ وغيره ۾ جوڪي ڪلبز جو تجزيو پڙهي ته دنگ رهجي ويندو ته دنيا جي اڪابرن رڳو مظهرن ۽ لقائن کي سمجهڻ لاءِ اهڙا علمي ادبي ۽ سماجي تجزيا ڪيا آهن جو اسين رڳو پروڙي ۽ سمجهي سگهڻ کان شايد قاصر هجون. پر فياض ڏاهري جي نظم جي پسمنظر ۾  اهو تجربو عيان آهي جنهن ۾ هو ڳالهين جي ڳنڍين کي ڪجهه هيئن سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو؛
علم، دانش، ماڻهپي کي ڪا وڏي طاقت کپي ٿي
ها، اجهل آٿت کپي ٿي
حافظي جي ريس ڪورس جو به ڪو مهندار آهي
هو انهي حقيقت جو ادراڪ رکندي مطالبو رکي ٿو ته علم، دانش ۽ ماڻهپي کي ڪا وڏي طاقت کپي ٿي جيڪا ايتري  تيزي سان ڦرندڙ ۽ اڳتي وڌندڙ وايو منڊل کي سمجهي ۽ زماني جي ترقي جي واڳن کي پنهنجي طرف موڙي. ٻي پسمنظر ۾ هنن سٽن ۾ سندن چوڻ آهي ته ريس ڪورس جي ڊوڙ جو ڪو مهندار يعني اڳواڻ پڻ آهي يعني ان سموري لقاءُ جي پٺيان ڪو نظريو ڪا آئيڊيالوجي آهي ان جي پٺيان ڪو فڪر آهي جنهن کي آٿت پڻ چئي سگهجي ٿو
پنهنجي ڏاهپ ۽ پويتر سيبتائي کي هلائي
۽ بچائي
شهسوارن کي جئاري جي  نظر کان
۽ رسائي
ماڻهپي جي دنگ تي
جت افق تي فتح جي لالاڻ آهي
سندس چوڻ موجب اهو مهندار جيڪڏهن پنهنجي سيبتائي سان گهوڙي جي سوارن (سماجن جا مارڪيٽي ۽ ماس ميڊيائي ڪرتا ڌرتا) کي جئاري جي نظرن کان بچائي ۽ سماج جي انهي ترقي جيڪا بيشڪ گهوڙن جي ڊوڙن واري وڃي بيٺي آهي جنهن تي انسانن جو وس شايد نه هجي جو نه ڪارخانن جي ترقي کي روڪي سگهجي، نه مارڪيٽ کي ٻنجو نه ماس ميڊيا جي رستا روڪ ٿي سگهي ته پوءِ انهي پوسٽ ماڊرن حقيقت واري صورتحال کي قبولي ماڻهپي جي دنگ تي وٺي هلجي جتي افق تي فتح جي لالاڻ آهي. اها فتح جي لالاڻ هاڻي حمله آورن جي گهوڙن جي نه، جوڪي ڪلب جي ريس ڊوڙندڙن جي نه پر پٺتي پيل سماجن جي اڏاوت واري لالاڻ تي هجي جو گهوڙا هميشه دهشت، بيٺڪيت، مذهبي جنونيت، علاقائي فتوحات، جوا ۽ منفي ڪارندن جي هٿان استعمال ٿيا آهن هاڻي اهي ماڻهپي جي هٿان استعمال ٿيڻ گهرجن
ڪوهسارن تي جتي بادل جهڪن ٿا
ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا
حافظي جي ريس ڪورس ۾ وڏي ڇڪتاڻ آهي
جتي ڪوهسارن تي بادل جهڪن ٿا يعني فطرتي جي حاڪميت ۽ اهميت هجي، جنهن سموري صورتحال جي ڪري ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا ۽ تاريخ انساني جي حافظي جي ريسڪورس ۾ وڏي ڇڪتاڻ آهي، جنهن جو سائنسي تجزيو مشل فوڪو، ڊيريڊا، ليوٽار، بادريلا، رورٽي وغيره ڪيو آهي. سماجي ۽ علمي حسناڪين سان ليس ٿيل هي نظم هڪ نئين دنيا جي اڏاوت جو تجزيو آهي جنهن جي لوازمات ۾ پهرين دنيا ڪٺور پر حقيقت تي مبني پوسٽ ماڊرن انتشار آهي. ريس ڪورس ۾ ڇڪتاڻ معاشي، سياسي، سماجي، مذهبي آهي جنهن کي پنهنجي طرف موڙن واري ڏاهپ ۽ سيبتائي کپي. علمي دانش ۽ ايپروچ انهن سڀني حاصلاتن جي بنياد ۽ پيش خيمو آهي. فياض ڏاهري پنهنجي تخيل جي ذريعي جيڪو پڙهندڙن کي تجربو مهيا ڪيو آهي اهو حقيقي طور پهرين ۽ ٻين دنيا جو نه هوندي به پنهنجي فڪر ۾ يونيورسل پيغام سمايو ويٺو آهي. هاڻ ڳالهه آهي انهي سموري جئا يعني پوسٽ ماڊرن ريس جنهن ترقي کي ڀڳت ڪبير جي لفظن ۾ ٺڳي چئون ته بهتر هوندوکي پنهنجي طرف موڙي ڪنهن مثبت پوائينٽ تي پهچائجي. ڀڳت ڪبير چواڻي؛
مايا تو ٺگني، ٺگتي پهري سنسار،

جس ٺهگ ني ايه ٺگني ٺگي، اس ٺگ ڪو نمسڪار.

No comments:

Post a Comment