يوسف ميرڪ جو ڪتاب
تاريخ
مظهر شاهجهاني
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي تاريخ جا اوائلي ماخذ گهڻو ڪري عربي ۽ فارسي ۾ دستياب
آهن. عربي ۾ لکيل اڪثر ماخذ عربن جي سفر نامن ۽ تذڪرن ۽ حوالن ۾ ملن ٿا. فارسيءَ ۾
لکيل تاريخون درٻاري مورخن ۽ ليکڪن جون لکيل آهن. انهن ۾ گهڻو ڪري بادشاهن جو
احوال، اميرن جو بيان، لڙاين جا قصا ۽ ۽ ملڪ گيريءَ جا داستان ڏنل هوندوا آهن.
عوامي خوشحالي يا تنگدلي جو احوال بنهه گهٽ ڏنل هوندو آهي يا هوندو ئي نه آهي.
اهڙيون تاريخون، محض آقائن يا حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ انعام ۽ اڪرام حاصل ڪرڻ
لاءِ لکيون وينديون آ هن. پر مظهر شاهجهانيءَ
جي نالي سان، سنڌ جي مغل دور حڪومت بابت هيءَ تاريخ فارسيءَ ۾ يوسف ميرڪ لکي، جنهن
۾ دهليءَ جي مغل سلطنت پاران سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ نوابن جي زيادتين ۽ ظلمن جو ڪچو ڄٺو
ڏنل آهي.
هي ڪتاب پهريون ۽ واحد ماخذ آهي، جيڪو نه صرف سنڌ جي تاريخ جا
اهم خال ڀري ٿو، بلڪه اها تاريخ پنهنجي وقت جي هڪ درمند دل جي سچي
۽ کري ڳالهه به آهي. هي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته ميرڪ يوسف پنهنجي دور جو دلير ۽ درد رکندڙ
بي باڪ شاعر ۽ ليکڪ هو، جنهن ملڪ جي تاريخ ائين لکي، جيئن حالتن کي هن
اکين سان ڏٺو ۽ مشاهدو ڪيو هو.
ميرڪ يوسف جي ذاتي زندگي، پئدائش، وفات جي سالن جي معلومات
ڪانه ٿي ملي، ڪجهه ٽٽل ڦٽل حوال تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي
ته يوسف ميرڪ جي والد مير ابوالقاسم نمڪين بن ملا مير سبزواريءَ جو اباڻو وطن
سبزوار(اسفزار) جي پسگردائيءَ ۾ بجق نالي هڪ ڳوٺ هو. اهو سبزوار، خراسان جي
دارالحڪومت هرات جو مشهور شهر ۽ مردم خيز شهر شمار ڪيو وڃي ٿو. ميرڪ يوسف جو ڏاڏو
ملا مير پنهنجو ڳوٺ ڇڏي قنڌار ۾ آباد ٿيو هو. جڏهن ته ميرڪ يوسف جو والد مير
ابوالقاسم شروعات ۾ ڪابل جي حاڪم مرزا حڪيم بن همايون وٽ ملازم هو. بعد ۾ هندستان
هليو ويو ۽ اڪبر جي درٻار ۾ خاص اميرن ۾ شامل ٿي. اڪبر بادشاھ کيس ”نمڪين“ جو لقب
عطا ڪيو هو ۽ کيس سنڌ ۾ سرڪاري عهدي تي نافذ ڪري موڪليو ويو. سنڌ ۾ هو سڄي ڪٽنب
سميت لڏي آيو ۽ بکر ۾ آباد ٿيو بکر
۾ سندس وفات ٿي. يوسف ميرڪ هميشه ۽ هر
جاءِ تي والد سان گڏ رهيو ۽ شروعاتي تعليم به والد کان حاصل ڪئي هئائين. والد جي وفات
کان پوءِ ميرڪ يوسف جو وڏو ڀاءُ مير ابوابقا امير خان ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو ته
خاندان جا ڪجهه ماڻهو ٺٽي ۾ لڏي آيا.
1607ع ۾ سيوهڻ جو گورنر مير نمڪين ۽ سردار شمشير خان جي گڏيل
سپردگيءَ ۾ ڏنو ويو. ليڪن مير ابوابقا اها شراڪت پسند نه ڪئي. ان عرصي دوران به
يوسف ميرڪ وڏي ڀاءٌ سان گڏ رهيو. سندس ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سيوهڻ ۾ سرڪاري
عهدي تي فائز ٿيو، 1607ع کان 1614ع تائين سيوهڻ ۾ ئي رهيو. هو ان دوران شمشير خان
جو پرائيويٽ سيڪريٽري هو. شمشير خان هر ڪم يوسف ميرڪ جي صلاح سان ڪندو هو. هو ملڪي
معاملن کان انتهائي باخبر هو. جيڪو ڪجهه سنڌ اندر ٿي رهيو هو، ان جي هن کي
هر لحاظ کان خبر هوندي هئي. بهرحال، جڏهن شهمير خان، قنڌار جي مهم تي ورانو ٿيو، تڏهن
قمبر خوانجا کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو هئو. يوسف ميرڪ ان سان به حڪومتي معاملن ۾ تعاون
جاري رکيو
12 سيپٽمبر 1627/1037هه ۾ احمد بيگ، ابراهيم خان کي سيوهڻ
جو گورنر مقرر ڪيو ويو. شروع ۾ سندس طرز حڪمراني بهتر ۽ عوامي هئي. پر بعد ۾ سرڪاري
ڪاروبار پنهنجي ڀاءُ ميرزا محمد
يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيائين. جيڪو وڏو ظالم ۽ جابر حڪمران ثابت ٿيو. احمد بيگ ۽ حڪومت
جي هر شئي ميرزا محمد يوسف جي حوالي ڪري ڇڏي. ايستائين جو
سرڪاري مهر به ڏئي ڇڏيائين. ميرڪ يوسف ملڪي معاملن کان ڪناره ڪش ٿي ويو ۽ احمد بيگ
جي ڪڌن ڪرتوتن کي ڪتابي صورت ڏيڻ جو سوچڻ لڳو، يوسف ميرڪ، احمد بيگ کي سندس ڀاءُ
ميرزا محمد يوسف جي ظالماڻي طرز حڪومت جي باري ۾ آگاھ ڪيو. مرزا سڀ ڪجهه محسوس
ڪندي به سندس ڪا وڏي مدد ڪري نه سگهيو. هو نواب ميرزا يوسف
جا ظالم ۽ زور آوري ڏسي خاموش ويهي نه سگهيو. هن خيال ڪيو ته نواب جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ
جي خبر دهليءَ جي مغل بادشاھ کي ڪرڻ گهرجي. پنهنجو اهو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هو دهليءَ
روانو ٿيو. اڃا بکر ۾ پهتو هو جو نواب کي سندس خبر پئجي ويئي. هن بکر جي عملدارن
کي چورايو ته يوسف ميرڪ کي پڪڙي سيوهڻ موٽايو وڃي، پر ميرڪ اتان نڪري ملتان پهچي
ويو، جتي سندس وڏو ڀاءٌ مير ابوابقا امير خان مغلن جو نائب مقرر ٿيل هو. ملتان
پهچڻ سان هن خيال ڪيو ته هتي ڀاءُ وٽ رهي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جو داستان تفصيل سان
قلمبند ڪندو ۽ دهليءَ جي بادشاھ وٽ پيش ڪندو نواب ظلم هجڻ سان گڏوگڏ چالاڪ ۽ مڪار
به هو. هن پنهنجي اثر رسوخ کي استعمال ڪندي يوسف ميرڪ جي وڏي ڀاءٌ کي بدلي ڪري ٺٽي
جو نواب مقرر ڪرائي ڇڏيو. اهڙي طرح ميرڪ يوسف کي به مجبور ٿي ڀاءُ سان ٺٽي اچڻو
پئجي ويو. ان کان علاوه سندس ڀاءُ ابوالقا کي اندازو هو ته يوسف ميرڪ جي سچائي ۽
بي باڪي سندس لاءِ ۽ خاندان لاءِ نقصان ڪار ٿي سگهي ٿي.
ٺٽي ۾ اچي ميرڪ يوسف بيمار ٿي پيو ۽ هندستان وڃڻ جو دورو ترڪ
ڪري ڇڏيائين. هن پوري طرح ارادو ڪري ڇڏيو هو ته اگر هو ٺيڪ ٿيو ته سنڌ بابت هڪ
تفصيل سان ڪتاب لکندو. هو پنهنجي صحتيابي لاءِ دعائون گهرڻ لڳو. هن جي خواهش هئي
ته هڪ دفعو سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کي دهلي جي بادشاھ تائين ضرور پهچائي. نيٺ هو ٺيڪ
ٿيو ۽ ڪتاب هڪ دفعو ٻيهر لکڻ شروع ڪيائين ۽ ان کان پوءِ 1634ع تائين سمورا واقعا
ان ۾ وڌائين. ڪتاب هندستان جي بادشاھ شهنشاھ شاهجهان کي اماڻيائين.
جيتوڻيڪ هن کي خبر هئي ته نواب ، وقت جي بادشاھ شاهجهان جي گهر واري ارجمند بانو (ممتاز
محل) جو سڳو سوٽ هو ۽ جهانگير جي زال نورجهان جو ڀائيٽو هو، ان جي باوجود هن حاڪم وقت
جي ويجهي عزيز جي خلاف پورو مقدمو لکي پورو ڪيو. هن هڪ عاليشان ڪتاب لکيو، پر چاهڻ
جي باوجدو پنهنجو ڪيس حاڪمن تائين پهچائي نه سگهيو. ان ڪري 1632ع ۾ سندس وڏو ڀاءُ
ٺٽي مان جهونا ڳڙھ بدلي ٿي ويو. يوسف ميرڪ به ساڻس گڏ هليو ويو. پر ٿوري
عرصي ۾ هو واپس سيوهڻ موٽي آيو. هتي اچي هن نئين مغل جاگيردار ديندار خان جي حمايت
ڪئي. هن ديندار جي حڪمت عملين ۽ حسن سلوڪ جي تعريف ڪئي آهي. پر سندس هيٺين آفيسرن
جي پستيءَ جي شڪايت به ڪئي آهي. بهرحال، ميرڪ يوسف زنديءَ جا باقي ڏينهن سيوهڻ ۾
رهيو، اتي ئي وفات ڪيائين سندس وفات جو سال نامعلوم آهي. پر اندازو اهو ئي آهي ته
سندس تدفين سيوهڻ ۾ ئي ٿي هوندي.
تاريخ مظهر شاھجهاني مغلن جي حڪمرانيءَ دوران لکيل سنڌ جي هڪ
مستند تاريخ آهي. هن ڪتاب کي ”بيگلار نامه“ (1625ع) ۽ ترخان نامه (1654) جي وچواري
ڪڙي سمجهيو وڃي ٿو. هي ڪتاب ڪيترو ئي عرصو گمنام رهيو، ايتري تائين جو هينري ايسٽ
کي به هٿ اچي نه سگهيو هو.
1962ع ۾ هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي
بورڊ، پير حسام الدين راشدي جي اردو لکيل مهاڳ سان فارسي ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جو سنڌي
۾ ترجمو نياز همايوني ڪيو، جيڪو سنڌ ادبي بورڊ 1979ع ۾ شايع ڪيو. جڏهن ته ان جو انگريزيءَ
ترجمو ڊاڪٽر سليم اختر Sindh under the Mughals جي نالي سان ڪري 1990ع ۾ اسلام آباد ۾ شايع
ڪرايو.
هي ڪتاب سنڌ جي مغل دور جو بهترين ماخذ آهي، پر ڪٿي ڪٿي سمن،
ارغونن ۽ ترخانن بابت به هن ڪتاب ۾ ڄاڻ ملي ٿي. هن ڪتاب لاءِ پير حسام الدين راشدي
صاحب لکيو آهي ته ” هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي، سنڌ جي
تمند، تهذيب، قومن، زراعت، محصول، آب رسانيءَ ۽ ملڪ جي عوامي ۽ علمي حالتن جو
تفصيل سان جائزو ورتو ويو آهي. سنڌ جي هر هڪ صوبي تي جدا جدا باب لکيو ويو آهي،
جنهن ۾ مفصل حالات اهڙا قيمتي ۽ نادر آهن، جو اسان کي سواءِ انهيءَ ڪتاب جي ٻئي
ڪنهن ذيعي سان معلوم ڪين ٿي سگهن ٿا.“
ايم ايڇ پنهور هن ڪتاب لاءِ لکيو آهي ته ”مظهر شاهجهاني سنڌ جي
سترهين صديءَ واري شروعاتي دور جي ڄڻڪ هڪ گزٽيئر آهي، جنهن ۾ انتظامي سرڪار جا
پرڳڻا، شهر، ڳوٺ، رستا، قبيلا، فصلن جا قسم، محصولن جا انگ اکر، عوام ۽ حڪومت جا
هڪٻئي سان لاڳاپا وغيره بيان ڪيل آهن. پر اها معلومات ترتيب وار ڏنل نه آهي، خاص
ڪري جاگرافي جا ماڳ ۽ نالا گهڻن هنڌن ۽ بابن ۾ منجهائيندڙ آهن“
يوسف ميرڪ عام سرڪاري مورخن وانگر سنڌ جي مختلف ويڙهاڪ قبيلن
جي فسادي ۽ ملڪ دشمنن سان گڏ ”جاهل ۽ ڪافر“ لکيو آهي ۽ مغلن جي ساراھ ڪئي آهي. پر
ڪتاب ۾ مغلن جي ظلم ۽ بربريت جي عڪاسي ڪندي ان کي ننديو آهي. ان سلسلي ۾ شمشير
الحيدري لکيو آهي ته مظهر شاهجهاني“ اهو پهريون
۽ واحد سرچشمو آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم خال ڀري ٿو، بلڪه اها ئي واحد
تاريخ آهي، جيڪا پنهنجي وقت جي هڪ درمند دل جي سچيءَ ۽ کري پيڙا جي پئدائش آهي.
جنهن ۾ ڪابه مصلحت ۽يا خوشامد، لالچ ۽ ڊپ ڊاءُ، ڪو به لڪ لڪاءُ، ڪابه اٽڪلبازي نظر
نٿي اچي هيءَ تاريخ ائين لکي وئي آهي جيئن تاريخ لکڻ کپي. سو هي سنڌ جي تاريخ جو
هڪ بيحد قيمتي ۽ مثالي دستاويز آهي.
مظهر شاهجهاني لکڻ وارو ، يوسف ميرڪ، سنڌ ۽ مغل نوابن جي
آپيشاهي، ظلم ۽ تشدد کي اکين سان
ڏسندي، ڪهڙي ريت اندر ۾ پچندو رهيو، سو خود سندس هن ڪتاب جي رٿابندي واري احوال مان
پڌرو آهي ۽ اها ئي پچ ۽ پڄر هن سچي تاريخي چٺي جو بنياد ۽ باعث بڻي.
ميرڪ يوسف ان دور جي سنڌ جي انتظامي پرڳڻن جي بهترين معلومات
ڏني آهي. بکر لاءِ لکي ٿو ته ” بکر ۾ ڪل اٺ پرڳڻا آهن، جن مان پنج روهڙي پاسي ۽ ٽي
سکر پاسي اچي وڃن ٿا، روهڙي جي پنجن پرڳڻن مان هڪڙو ماٿيلي نالي آهي ماٿيلو هڪ پڪي
۽ پراڻي قلعي جو نالو آهي. هن پرڳڻي ۾ ڌاريجا ۽ مهر رهن ٿا. ان جو ٻيو پرڳڻو اروڙ
آهي، جنهن جو قلعو قديم زماني کان مشهور ۽ پڪين سرن سان اڏيل هو. اوائل ۾ سنڌو ندي
اتان وهندي هئي ۽ سنڌ جي اڳين حڪمرانن جي گادي جو هنڌ به اتي هوندو هو.
هو ٺٽي جي علم ۽ ادب واري
۽ اقتصادي صورتحال بابت لکي ٿو ته ”هتي عالم، فاصل شاعر، اديب، ڪاتب ۽ عابد زاهد
موجود آهن ۽ هنر مند ماڻهن جي ڪمي نه آهي، جيڪي پنهنجي هنر ۾ ڪمال رکن ٿا، هتي
جيڪو سامان تيار ٿئي ٿو. سو عراق ۽ فرنگ جي مال کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ناهي. هتان
جا رهاڪو دين جا پابند آهن ۽ نماز، روزي ۽ شريعت جي پيروي ۾ ڪڏهن به پوئتي پير نه
پائين. هن شهر ۾ ڪيئي وڏيون مسجدون آهن، جن ۾ هڪ ئي وقت
ويجهو ويجهو ٽيهه هزار ماڻهو نماز لاءِ گڏ
ٿيندا رهن ٿا“ ٺٽي جي راڄڌانين لاءِ
لکيو اٿس ته ”ٺٽي ۾ چار راڄڌانيون آهن. (1) ٺٽو، (2) چاچڪان(3) نصرپور (4) چاڪر هالا،
ٺٽي جي راڄڌاني جارعيتي ماڻهو ڏاڍا مسڪين آهن ۽ ڪابه ڪڌائي نه ئي ڪيائون، ليڪن
ڪهير بن ۽ نڪامرين جو هنن کي هر وقت خوف پئي رهيو، تنهن ڪري ترخانن ٻنهي قومن جي
سردارن سان صلح ڪري انهن کي اطاعت ۽ امن ۾ آڻي ڇڏيو.“ يوسف ميرڪ سيوهڻ لاءِ لکيو
آهي ته ”سيوهڻ ڪچي پراڻي قلعي جي صورت ۾ مٽي جي وڏي دڙي تي آهي، درياھ قلعي جي
اترئين پاسي ۽ شهر ان جي ڏاکڻين طرف اچي ٿو. قلندر شهباز جو مقبرو شهر جي پڇاڙيءَ
۾ ۽ مخدوم جتي آمراڻي جي مزار شهر کان اڌ ميل جي مفاصلي تي آهي. سيوهڻ واري قلعي
سان يارنهن پرڳڻن جو لاڳاپو وهي ٿو ۽ جن مان اٺ پرڳڻا درياھ جي هن ڀر قلعي طرف ۽
ٿي پرڳڻا درياھ جي پرئين پاسي آهن.
ميرڪ يوسف انهن مورخن مان آهي، جن ماڻهن جي حالت زار کي به
بيان ڪيو آهي. هو سيوهڻ جي سڌاري جي معاملي ۾ لکي ٿو ته ” هن ملڪ جي رعيت ڏاڍي
ڏتڙيل ۽ دربدر ٿي چڪي آهي. هڪ ته هتان جا وڏيرا وڳوڙين سان ملي هڪ ٿي ويا آهن ۽
بيو وري ظالم جاگيردارن جون بڇڙايون اڃا تائين جاري رهن ٿيون ان لاءِ ضروري آهي ته
سڀ کان اول مولف جي جاچ موجب بختيار بيگ جي عملداري جي شروعات کان وٺي شمشير خان
ازبڪ جي عملداري جي پڇاڙي تائين هن ملڪ جي دستوري العمل کي ٻٽئي، داڻي بندي،
ايرئي، معافيءَ ۽ اربابن، مقدمن جي انعامن، قانون گوين جي وسمن ٻيڙين جي محصولن
توڙي ڌراوت سوڌو حساب ڪتاب معلوم ڪيو وڃي.“
يوسف ميرڪ ، ملڪ جي سڌارن جي سلسلي ۾ ڪيتريون صلاحون به تجويز
ڪيون آهن، جن سان ملڪ ۾ عام ماڻهو خوشحال ٿئي ۽ حڪومت امير ٿئي.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ جي هڪ خوبي اها به آهي ته ڪتاب ۾ جن حڪمرانن يا
ٻين شخصيتن جو ذڪر ڪيو اٿائين. آخر ۾ انهن جي سوانح ۽ ٻي معلومات به ڏني اٿائين.
مجموعي طور تي هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ مستند، عقيلت مطابق ۽ تاريخ جي
حقيقتن سان ڀريل ۽ معروضي نظر سان لکيو ويو آهي.
No comments:
Post a Comment