ارم محبوب: احساسن ۽ رنگن جي شاعره
اسحاق انصاري
مون کي زندگيءَ ۾ ٽن ڳالهين نه ٿيڻ جو افسوس رهندو آهي، هڪ
ته شاعر نه ٿي سگھيس، نه وري ڪو ڳائڻو ٿي سگھيس ۽ نه وري ڪو آرٽسٽ/پينٽر ٿي سگھيس.
مون کي آرٽ جا اهي ذريعا پنهنجين ڪيفيتن کي امالڪ ۽ ان گھڙي اظهارڻ جا انسٽنٽ طريقا
لڳندا آهن. اسان نثر لکڻ واري ماڻهو کي پنهنجو هڪ اظهار ڪرڻ لاءِ به ڪيترن لمحن، ڏينهن
جوانتظار ڪرڻو ٿو پئي ته ڪو موڊ ٺهي ته ان اظهار کي سنواري پيش ڪجي. پر جيئن ته آرٽ
جون اهي ٽئي فيلڊون مون وٽ موجود ناهن ان ڪري اهي وڻنديون به گھڻيون آهن. هونئن به
انسان وٽ جنهن شيءِ جي کوٽ هوندي آهي ان جي جستجو يا ان لاءِ پسنديدگي گھڻي هوندي آهي.
پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪنهن هڪ ئي صنف يا آرٽ جي ميدان ۾ گھڻن پاسن جو
مرڪب ٿي پوندو آهي. ڪڏهن نثر ۾ شاعري نظر ايندي آهي ته ڪڏهن وري شاعريءَ ۾ پينٽنگ جيان
عڪس ۽ اولڙا نظر ايندا آهن. ته ڪٿي وري انهن لفظن يا رنگن کي هڪ جيئرو وجود به ملي
پوندو آهي بالڪل ايئن جيئن سرنهن جي ڪنهن ٻنيءَ جو فوٽو يا پينٽنگ ڏسي ان جا رنگ جيئرا
ٿي پوندا آهن ته ان وقت ان ٻنيءَ ۾ پکين جون لاتيون به ٻڌڻ ۾ اينديون آهن ته وري ٻنيءَ
جي ڀر ۾ ٺهيل ڪچي گھر مان نڪرندڙ دونهون به نظر ايندو آهي. ائين شاعري ۾ به رنگ، احساس،
خوشبو جيئريون ٿي پونديون آهن. مون جڏهن ارم محبوب
جو ڪتاب ”۽ پوءِ...“ پڙهيو ته مون کي اهو ئي احساس
جاڳيو ته اهي لفظ نه، پر احساسن جي صورت ۾ ڪي اولڙا، ڪي رنگ ۽ ڪي خوشبوئون چوڏس پکڙجي
ويون آهن. ان جو ثبوت اوهان کي ميڊم ماهتاب جي
چند سٽن مان به ملندو جيڪي مان حوالي طور تي هتي ضرور ڏيڻ چاهيندس.
”ارم جڏهن مون کي پنهنجي پهرين نظم ڏيکاري ته اها پڙهي مون کي ائين
لڳو ڄڻ منهنجي ادبي زندگيءَ جي شاخ تي بهار جو پهريون گل ٽڙيو هجي... سج جي پهرين ڪرڻي
دريءَ مان منهنجي ڪمري ۾ ليئو پاتو هجي ۽ سانوڻيءَ جي بادلن جي پهرين بوند آسمان تان
لهي منهنجي پيشانيءَ کي ڇهيو هجي...“
بالڪل اها ئي ڪيفيت هن ڪتاب جي پڙهندڙ تي به طاري ٿئي ٿي.
ٽين ايج يا جوانيءَ ۾ گھڻو ڪري ماڻهو ڪجھه سٽون، ڪي خيال
لکي ٿو پر جيڪي اصل شاعر هوندا آهن اهي ان عمر کان پوءِ به پنهنجن جذبن جو اظهار جاري
رکندا آهن تڏهن ئي هنن کي هڪ شاعر طور مڃتا ملڻ شروع ٿيندي آهي. ائين ئي ارم به پنهنجو
شعر ٽين ايج ۾ لکيو هو ۽ هن پنهنجي پهرين مجموعي جو ذڪر به ڪيو آهي جيڪو 1990 ۾ ڇپيو هو ۽ ٻيو مجموعو سندس
هاڻي ڇپيو آهي ته ان مان هن جي شاعريءَ ڏنهن مستقل مزاجي ظاهر ٿئي ٿي.
سچ ته اهو آهي ته هن ڪتاب جو عنوان خود هڪ ڳجھارت جيان اسان
جي سامهون اچي ٿو. حسن درس جي ڪمهلي وفات کان پوءِ جڏهن ارم محبوب جي ڇپجندڙ شاعراڻي
ڪتاب جو نالو ”۽ پوءِ...“ پڙهيو ته مون کي يقين آهي ته مون جيان ٻيا پڙهندڙ به اهو
سوچيندا هوندا ته هي ڪتاب هڪ وڇوڙي جي پويان ريهن رڙين جو آلاپ هوندو، پڙلاءُ هوندو،
پر جڏهن ڪتاب هٿن ۾ پهتو ته اهو اڳ جو ٺاهيل هڪ مائينڊ سيٽ اچي پٽ تي ڪريو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ۾ کوڙ نظم انهن ڪيفيتن جو به اظهار
ڪن ٿا پر انهن ۾ محرم جون مصائب بيان ڪندڙ مجلسون ناهن، پر هڪ لطيف احساس سان هڪ وڇوڙي،
هڪ پري هجڻ، هڪ کوٽ جو احساس شاعراڻي نموني ملي ٿو، جيڪا مان سمجھان ٿو ته شاعره ارم
محبوب جي وڏي فتح آهي. کيس شايد پوري ريت خبر آهي ته مرڪڻ ۽ ٽهڪن مهل ته هزارين چپ
۽ اکيون توهان سان گڏ ان ئي نموني مرڪڻ ۽ جرڪڻ شروع ڪندا پر جڏهن توهان ڪي پل اداس
آهيو، ڪنهن پل اوهان کي ڪنهن ڪلهي جي شديد ضرورت پئي ٿي جتي اوهان پنهنجا لڙڪ لاڙي
پنهنجو من هلڪو ڪري سگھو ته ان وقت اوهان ڄڻ هڪ سپني مان جاڳي پوندا آهيو ڇو جو ان
وقت ته اوهان جي ويجھو ڪوئي نه هوندو آهي رڳو اوهين يا اوهان جو اهو ساٿي جيڪو اوهان
سان هر وقت گڏ رهيو ۽ آهي. سواءِ هڪ شعر جي جنهن ۾ ارم محبوب هڪ شڪايت کي بيان ڪيو
آهي. پر ايڏين تخليقن ۾ اها هڪ شڪايت جو حصو ٻڙي ٻڙي ٻڙي هڪ آهي. پر ان جو ذڪر بعد
۾ ڇو جو پهريان ته انهن ڳالهين ڏي ڌيان ڌرڻ گھرجي جيڪي هن ڪتاب جو اهم حصو آهن.
مون اڳ به لکيو ته مان شاعر ناهيان، نه ئي وري شاعريءَ جي
وزن بحرن جي مون کي خبر آهي، ها پر اهو پورو يقين اٿم ته شاعراڻي خيال جي مون کي خبر
ضرور پئي ٿي. ارم محبوب جي پوري شاعري ۾ اها خوبي نظر اچي ٿي.
جيئن سندس هڪ نظم ”پوپٽ رنگو پيار...“ آهي، ائين بالڪل ٿيندو
آهي ته ننڍپڻ ۾ معصوم هٿن ۾ جھليل پوپٽن جا رنگ اسان جي هٿن کي رنگين ڪري ويندا هيا
ان وقت اسان انهن رنگن کي ڪائنات جو مليل خزانو محسوس ڪيو هوندو جيترو هاڻي ڪيون ٿا
تڏهن ته ارم ان نظم ۾ ننڍپڻ ۾ پوپٽ پڪڙڻ جي اظهار ڪرڻ کان پوءِ جي خوشي جي اظهار کي
۽ وري پيار جي وڃائڻ کي هيئن بيان ڪيو آهي:
”...پر
ورهين پڄاڻان مون کي
اڄ هڪ
احساس ٿيو آهي
ته اڻ
ڄاڻائي مان،
يا شايد
هاسيڪار
تنهنجي
پوپٽ پيار کي،
قيد ڪندڙ
منهنجي مٺ
کلي وئي
آهي..
جنهن تي
رهجي ويل
اڌورا
نقش..
مون کي
الائي ڇو،
ننڍپڻ
۾ جھليل..
ڳاڙهو
پوپٽ،
ان جي
پرن جا
ڇڏيل ڪچا رنگ، ياد ڏيارين پيا!“
جيئن مون ڳالهه ڪئي ته اظهار جو هڪ شاعراڻو انداز آهي، پر
هن نظم ۾ مون کي هن جي هڪ لفظ جو استعمال به ڏاڍو وڻيو، ”هاسيڪار“، لڳي ٿو ته نئين
ٽهي وٽ اهي لفظ ناپيد ٿي ويندا پر جي اسان جي ڪتابن ۾ رهجي ويندا ته شايد اڳلن کي اها
خبر پوندي ته اهي لفظ به هيا.
سندس هڪ ٻئي نظم
”ضرورت“ جو منڍ آهي:
”تنهنجو چوڻ..
بيدرد
صلاح
سڀ وساري
ڇڏ،
مون کي ياد نه ڪجان...!“
اصل ۾ ان جي شروعات ئي ان جو تت آهي، جنهن پويان اهو اظهاريل
آهي ته مان ڇا ڇا وساريان، الائي ڪيترن ڪيفيتن جو ان ۾ ذڪر آهي، آخر ۾ آهي:
”تون پنهنجا سڀ تصور..
روپهلا
رنگ ۽ احساس به،
ايئن...
بيدرديءَ
مان...
کسي سگھين
ٿو
جيئن پنهنجو
پاڻ؟؟
ٻيو ڪجھه
به نه گھرجي...
ڪجھه به نه!“
ارم محبوب جي نظم ”الرجي“ پڙهڻ وقت منهنجي منهن تي مُرڪ مڙي
آئي ڇو جو اها ڪيفيت مون سان به ٿيندي آهي ۽ ٻين گھڻن ماڻهن تي به اها ڪيفيت هوندي
آهي جو جلد ئي مستقل شين، هڪجهڙن لقائن مان بيزاري ٿي پوندي آهي، ڄڻ ته الرجي ٿي پوندي
آهي. پوءِ اهي جاندار جيو هجن يا بي جاندار. سو هن نظم ۾ پڻ دل جي سچائي سان ارم لکيو
آهي:
”...جڏهين
تون منهنجي
روح جي
هر سِٽ جو
حافظ هئڻ
واري
دعوى ڪرين
ٿو،
ته منهنجا
پيارا پريمي توکان
اها حقيقت
به ته،
ڳُجھي
نه هوندي...
ته ڪجھه
وقت جي،
استعمالن
کان پوءِ
ميرن گدلن
ڪتابن،
۽
پراڻين عاشقين سان
مون کي
سخت الرجي
ٿي پوندي آهي!!“
هونئن ته سندس شاعري جي هر اسم تي گھڻو ڪجھه لکي سگھجي ٿو
پر هن مختصر آرٽيڪل ۾ مان ان جا ڪجھه حوالا ڏنا آهن.
ارم محبوب جي شاعريءَ ۾ موضوعن جي نواڻ ملي ٿي، ڪڏهن اهي
ڪنهن ٿري ٻار تي ٺهيل پينٽنگ تي لکيل آهن ته ڪٿي وري دنيا ۽ ڌرتيءَ جي امن جي نالي
۾ لکيل آهن ته ڪٿي وري خارجي ۽ داخلي ڪيفيتن جو ذڪر آهي پر مان اهو چوڻ جي جرئت ڪندس
ته هن جي شاعريءَ ۾ احساس ڀرپور نموني اظهاريل آهن پوءِ اهي احساس اندر جي اونهاين
مان جنم وٺندا هجن يا ڪنهن غربت جي اهڃاڻ کي ڏسي هن جي اندر ۾ هزارين ڊرون بمباري ڪندا
هجن ۽ پوءِ ان احساس کي هوءَ اچاري ٿي ته اهو شاعريءَ جو هڪ شاهڪار بڻجيو ٿو پئي.
هاڻي سندس نئين ڪتاب جو به آسرو رهندو ان پڪ سان ته اهو
20 يا 25 سالن جي وقفي کان پوءِ نه ايندو.
No comments:
Post a Comment