12/04/2016

’زيب النساءِ‘ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

زيب النساءِ‘
طويل ڪهاڻيءَ تي مشتمل هڪ ڪتاب
مٺل جسڪاڻي
سنڌي ادب ۾ نثر، نثر ۾ ڪهاڻي، بحث جو دلچسپ موضوع رهيو آهي. هڪ طرف ڪهاڻي ختم ٿيڻ جا افواه عام آهن. ٻئي طرف ڪهاڻيون لکجي به رهيون آهن، ترجمو به ٿينديون رهيون آهن. طويل مان مختصر ڪهاڻي جو صفر وڌندو رهيو آهي ۽ هاڻي ته "هڪ لفظي ڪهاڻي" به "ايجاد" ٿي چڪي آهي.
زيب النساءِ، محمود مغل جي هڪ طويل ڪهاڻي آهي، جيڪا پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي اٺاسيهين ۽ محمود مغل جي ٻارهين ڪتاب طور شايع ٿي چڪي آهي. ڊيمي سائيز جي 304 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيه آهي. هي ڪهاڻي، پهرين قسطوار، اخبار ۾ ڇپجي ته چڪي آهي، پر هڪ سئو قسطون پابنديءَ سان گهڻن تائين پهچنديون رهيون ۽ اهي پڙهبيون به رهيون ۽ هاڻي سانڍي رکيل به هونديون. ان نسبت سان، هن ڪتاب جي اهميت کي نظر انداز ڪرڻ بي واجبي ٿيندي.  
هن ڪتاب ۾، جيڪا بظاهر هڪ ڪهاڻي آهي، اصل ۾ هڪ نه، قسطن جي تعداد برابر هڪ سئو ڪهاڻين تي مشتمل هڪ ڪهاڻي نه، هن ڪهاڻي ۾ ته تمام گهڻيون ڪهاڻيون موجود آهن. هر ڪهاڻي پڙهندڙ کي سڏي ٿي. هر ڪهاڻي پڙهندڙ کي سولي نموني سمجھ ۾ اچڻ باوجود، سمجهڻ جي دعوت ڏي ٿي. ڪهاڻي جي ابتدا، ابتداعي پهريون جملو، هر پڙهندڙ کي مڪمل ڪهاڻي پڙهائڻ تي اتساهيندڙ ابتدا آهي. جيئن جيئن ڪهاڻي کي پڙهبو، اڳتي وڌبو، تيئن تيئن ڪهاڻي ۾ چاهه، اتساهه، دلچسپي وڌندي پئي ويندي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ، بحث ۾ آيل مسئلا، مونجهارا، معاملا، اهڙا دلچسپ آهن جو، پڙهندڙ نه صرف پڙهندو ويندو، پر ساڻس واسطي، رابطي وارن کي به پڙهڻ جي صلاح ڏيندو ويندو. ڇاڪاڻ ته زيب النساءِ، هر عمر ۽ هر جنس جي پڙهندڙ لاءِ، پڙهڻ ۽ پرائڻ جهڙو ڪتاب آهي، ان ڪري هر ڪنهن کي پڙهڻ جي صلاح ڏيڻ تمام گهڻي ضروري ٿو سمجهان. مون کان ڊگهيون ڪهاڻيون، ڊگها مضمون، ناول نه پڙهيا ٿيندا آهن، پر مون کي حيرت آهي ته آئون ڪيئن، پنهنجي عام معمولي ڪمن ڪارن ۽ ذميوارين باوجود، زيب النساءِ جو مطالعو ڪندو ويس! نه صرف ايترو، پر مون پنهنجي گهر ڀاتين کي ڪتاب هٿ ۾ ڏٺو، ته خوش ٿيس ۽ جنهن نه پڙهيو، ان کي پڙهڻ جي صلاح به ڏنم. ڇاڪاڻ ته هن طويل ڪهاڻي ۾، پنهنجي سماج، پنهنجي معاشري ۾ موجود، هر گهر جي، ڪا هڪ نه ته ڪا ٻيءَ، پر هر گهر جي ڪهاڻي، هن طويل ڪهاڻي ۾ موجود آهي. منهنجي مطالعي جو ڪارڻ شايد ڪهاڻيڪار، يعني محمود مغل جي ڏاهپ آهي. سندس سمجھ، سرت ۽ ساڃانھ ڀريو ڪردار، عمل، رويو ئي مون کان سندس لکڻيون پڙهائيندو رهيو آهي. جڏهن ته "پاڻ سڀ" ان ماحول جا واسي آهيون، جنهن ۾ ڄمڻ وقت "زيب النساءِ"، ان کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ "زيبو" ٿي ويندي آهي. ان نسبت سان هي ڪهاڻي ”زيبو“ هجڻ کپندي هئي، پر نه، ڪهاڻيءَ ۾ به ”زيبالنساءِ“ ڪٿي ڪٿي ”زيبو“ هجڻ باوجود ڪتاب، ڪهاڻي ”زيب النساءِ“ صرف ان ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيڪار محمود مغل آهي. جيڪو سياڻو، سيبتو، علم، حلم ۽ عمل ۾ به حقيقي، اصلي اديب آهي.
محمود مغل توڙي سندس ڪنهن به تحرير تي، مون کي لکڻ جي ضرورت ئي نه آهي. لکبو آهي متعارف ڪرائڻ لاءِ، محمود کي تعارف جي ضرورت نه آهي. لکبو آهي شاهدي ڏيڻ لاءِ، محمود کي مون جهڙي ئي نه، ڪنهن به شاهد جي ضرورت نه آهي. شايد ان ڪري ئي، هن ڪتاب جي شروعات ۾ ”سڀني زيب النسائن جي نالي“ ارپنا کان پوءِ پهرين قربان منگي، چيئرمين، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران مختصر ”پبلشر نوٽ“ آهي، ان کان پوءِ ان کان به مختصر ”پنهنجي پاران“ ڪتاب ڪهاڻي جي مصنف محمود مغل جا ٻه اکر آهن. جنهن کان پوءِ ڪهاڻي شروع... نه مهاڳ، نه پيش لفظ، نه ليکڪ جو تعارف، نه ليکڪ ۽ نه ئي ليکڪ جي لکڻين تي ڪا لکڻي آهي. آئون به ائين ٿو سمجهان، ته جيڪو به پڙهندڙ آهي، جيڪو به ليکڪ آهي، جيڪو به ڪهاڻيڪار آهي، ان لاء محمود مغل جو نالو ئي ڪافي آهي. جنهن ڪهاڻي تي محمود مغل جو نالو لکيل هجي، اها ڪهاڻي ڪير نه پڙهندو؟ جيڪڏهن ڪو گهڻ پڙهيو، پاڻ ليکي نه پڙهڻ جو فيصلو ڪري به ٿو، ته اهو ان جو سندو فيصلو آهي.

هن ڪتاب جو خوبصورت ۽ پرڪشش ٽائيٽل نعيم ديسوالي ڊزائين ڪيو آهي. ڪتاب جي لي آئوٽ ڊزائين آصف نظاماڻي جي محنت آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي محمود مغل جي هڪ يادگار تصوير ۽ سندس پاران ڪجهه جملا لکيل آهن. جن کي پڙهڻ سان، هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو سولي نموني ٿي وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment