24/07/2016

”اکين ۾ مُند مينهوڳي“ تي شاعراڻي نظر - فراق هاليپوٽو (Firaq Halepoto)

سنڌوءَ جَلَ تي باکَ هُئي ڄڻ!
سُهڻي شاعر سائل پيرزادي جي ڪتاب
”اکين ۾ مُند مينهوڳي“ تي شاعراڻي نظر
فراق هاليپوٽو

ڪنهن مارڪسي نقاد کان ويندي رومانوي نقاد تائين، هر نقاد وٽ پنهنجي مخصوص نمبر جي عينڪ هوندي آهي، ۽ اهو اقرار ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي ته اُهي پنهنجي ماڻيل داخلي توڻي خارجي شعور ۽ ادراڪ سان هم آهنگ ٿي ڪنهن فن پاري جي ڪَٿَ ڪندا آهن. پر انهن جي موقف/تنقيد سان جنهن بي باڪيءَ سان شاعري اختلاف ڪرڻ جي جُرئت ڪري ٿي، اها جُرئت فنونِ لطيفه جي ٻين صنفن ۾ گهَٽ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڇو؟ اُنهيءَ ڇو جو جواب آئون ڏيان، اُنهيءَ کان بهتر آهي ته اهو جواب سائل پيرزادي جي شاعريءَ مان ڳوليون، اها شاعري جيڪا هن مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾ اکين ۾ لٿي آهي، ۽ ڪنهن ڌوتل پوتل گهاٽي جهنگ جهڙي ڪتاب ۾ سمائجي ويئي آهي، جهنگُ جنهن جي ڀرسان هڪ تارِ ندي وهي ٿي، پر اسان ٻيڙين تي چڙهي نديءَ جي ٻئي پار ڪونه وڃي سگهنداسين، ڇو ته هي جهنگ ايترو گهاٽو آهي، جو ان مان ٻاهر نڪرڻ جا سارا رستا اسان وڃائي ويهنداسين، سو ڪي رستا ڳولهڻ بجاءِ اچو ته انهيءَ جهنگ جي وڻن سان گفتگو ڪريون جيڪي سائل پيرزادي جي دل ۾ ڦٽا آهن.

مون کي خوشي آهي ته منهنجو يار سائل فقط جذبي ۽ وجدان جو ئي شاعر ناهي پر هُو شعور، جديد فڪري لاڙن ۽ انوکي لهجي جو به شاعر آهي، منهنجي انهيءَ ڳالهه جي گواهي سائل جا هي شعر ڏيندا، جيڪي هن جي تخليقي وسعت جي پڻ گواهي ڏين ٿا.
سوچيو هن چانورن کي سوئيندي،
زندگيءَ مان ڏُکَ به ڪڏهن سوئجن.
ڪرندا اُونهي کاهيءَ ۾،
جُگنوءَ جهڙا پنهنجا پَلَ!
گيان مان جنهن جي لهي بُک ٿي وڃي،
پاڻ کي سو جنڊ گوتم ٿو لڳي!
موت جو اڳتي ڪنداسين تجربو،
آ ته گڏجي گيت ڳايون زندگيءَ جا.
هي ته ٽي ايس ايليٽ چيو آهي:
The poetic critic is criticizing poetry in order to create poetry.
پر هي خبر ناهي ڪنهن چيو آهي ته: ”ڪنهن تخليق تي تنقيد ڪرڻ ان کي ٻيهر لکڻ برابر آهي“ ۽ سائل پيرزادي جي تخليق کي ٻيهر لکڻ بظاهر ته آسان آهي، پر جڏهن ان جي گهرائيءَ ۾ ٿو لهجي ته فڪر جون ڇوليون ڏسي واپس موٽ ٿي کائڻي پوي:
مانجهي اُداس ٿي ويو،
ڪو پُورُ آ پَتَڻَ ۾!
ڪنڌيءَ تي ڪانڀجي ويٺا، ملاحن جا ٻه ٽي پوڙها،
ڪُنن ڪَڙڪا، ڇتيون ڇوليون، سنڌوءَ جا سير سارن ٿا.
ملاح ناوَ تي ويو، اُداس گيت ڳائيندو،
۽ ساڻُ ساڻُ نيرڳيون، ننڊاکڙيون پيون تَرَنِ.
هڪ نقاد جي حيثيت ۾ آئون اهو نٿو ڄاڻان ته objective words ۽ objective realty ڇا آهن، پر هڪ شاعر جي حيثيت ۾ مون کي خبر آهي ته ميرن کي ڪَنن جي ڳالهين مارايو هو، پر شاعرن کي هميشه ڪَنن جي ڳالهين ئي جياريو آهي.
”ڏِسئي پيو دير کان گهُوري،“
اچي سَرتيءَ چَيُس ڪَنَ ۾!
شهر جي مصروف زندگيءَ جيئندي جنهن ماڻهوءَ کي بارش ۾ ڳوٺ جا ماڻهو ياد اچن يا نه پر وطن جا وڻ هرهر هيئين تي هُري اچن پڪ ڄاڻو اُهو شاعر اَٿَوَ:
هيءَ فليٽن جي تنهائي گهُٽَ بڻي،
ڳوٺ اسان جا يارَ پُسن پيا بارشِ ۾.
”شعر به سفيد سنگ مرمر جي محل وانگر جوڙڻا ۽ نکارڻا پوندا آهن، فقط اجايا پهاڙ ئي پاڻمرادو تخليق ٿيندا آهن.“ سعيد سومري جو هي نثري ٽڪرو مون کي سائل پيرزادي جو اهو ڪتاب پڙهندي ذهن تي تري آيو، جيڪو ڇپيو ته هاڻ هاڻ آهي، پر مون گهڻي وقت کان پوءِ پڙهيو آهي، گهڻي وقت کان پوءِ ان ڪري پيو چوان جو ايوب گُل جي ڪتاب ”هن مون کي ڇڏي ڏنو“ کان پوءِ هي سنڌي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو مون هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهيو، ٻنپهرن جي ماني کائي پهرين غزل کان ويندي آخري غزل تائين ڪتاب پڙهندي مون کي ماني کان پوءِ نسوار ڏيڻ به وسري ويئي، ۽ آئون سمجهان ٿو ههڙا شعر پڙهندي، اگر ڪو شخص ڪائنات جي وُسعتن ۾ گُم نه ٿي وڃي، ته انهيءَ ماڻهوءَ جي مٿان ڪانگن کي ڪان ڪان ڪرڻ جو پورو حق آهي:
اڳڙيون نه ٻڌج وڻ ۾،
رَکُ ڀروسو سڄڻ ۾.
کڻ بُرش مُصور اَڄُ ننگر ڏي هلون نڪري،
وينگس جا ڇُريون انگڙا، ڪي سُونهن پَڙا ٺاهيون.
اسان کي سفر جو سنيهو مليو،
ڀٽائي پڙهيوسين جڏهن ڀي ميان!
ڇوڪريءَ کي عشق جو درياهه هو،
مُنتظر ميهار، ليڪن ڪونه هو!
”سنڌي شاعري مُقام ۾ پهُتي آهي“ انهيءَ فتوا کي رد ڪندي، ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ وٽ ڪهڙا موضوع هُئڻ گهرجن؟ آئون انهيءَ بحث ۾ به نٿو پوڻ چاهيان، پر آئون اهو ضرور چوندس ته ويهين صدي جي سنڌي شاعريءَ ۾ ههڙيون سٽون نه هونديون ته اها انهيءَ اُداس ڇوڪريءَ جهڙي هوندي جنهن جو پرس خودڪشيءَ لاءِ گڏ ڪيل گورين سان ڀريل هوندو ۽ ڪنهن به متوقع موقعي تي هوءَ انهن مان هڪڙي گوري به ضايع ڪرڻ نه چاهيندي پر جي ههڙيون سٽون سندس روح جي ترجماني ڪنديون ته يقينن هوءَ ٻيهر زندگيءَ ڏانهن موٽي ايندي.
هُن جي نيڻن ۾ اڃا تائين اهو منظر هيو،
آجيان ۾ مون اچي هن لاءِ کوليو دَرُ هيو.
ڏيئن سان رات ٻاري، جهولن سان ڏينهن گهاري،
موٽڻ جا پل اوهان جا هڪ هڪ ڪري ڳڻياسين.
سائل جي شاعري جنهن معنويت سان ٽمٽار آهي، اها معنويت مون کي اجازت نٿي ڏئي ته سندس مختلف سٽون کڻي وري انهن جي نثر ۾ تشريح ڪريان ۽ پوءِ ان کي اڀياس يا تجزيي جو نالو ڏيان، مون ته بس شاعراڻي اَکِ سان سندس شاعري پڙهي ۽ پيتي آهي، ان ۾ جيڪا آرٽ آهي، اها بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، سريئلزم يا پوسٽ ماڊرنزم جهڙيون ڳوڙهيون ڳالهيون ڪري انهيءَ شاعريءَ کي چکيا تي نٿو چاڙهڻ چاهيان، جيڪا دل مان ڦٽي نڪتي آهي، ۽ رُهيءَ واري مينهن جيئن مسلسل مون مٿان وَسي رهي آهي:
يادگيريون سيڻ آهن گودڙيءَ ۾،
يا ته ڪنهن جانيڻ آهن گودڙيءَ ۾.
”ڇاهه جوڳي ڀاءُ تنهنجي گودريءَ ۾؟“
سُور صدما ڀيڻ آهن گودڙيءَ ۾!
عشق جي ڪائي حد ئي ناهي،
تنهنجي نيڻن وانگُر سائين.
پنهنجي منزل ۽ پنهنجو پنڌُ آهي،
ساڻ ڪوئي هلي ته ڇاجي لاءِ.
مون کي ذهن و غمان ۾ ئي ڪونه هو ته آئون سائل جي شاعريءَ تي پيار واري نظر جي پُڄاڻي ان شعر سان ڪندس، جيڪو غلاميءَ جي گار کي ساساهي ويندڙ دانشورن جي نظر ۾ هڪ سياسي حادثو، واقعو يا غير سڀاويڪ نتيجو هوندو پر سائل جيان مون کي به يقين آهي ته:
وڏو طوفان ٿي ويندي،

اها جا ماٺِ آ سَنَ ۾!

No comments:

Post a Comment