08/01/2017

”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو - غوث پيرزادو (Gaos Pirzado)

سنڌي شاعريءَ جو مست قلندر
سائل پيرزادي جي شعري مجموعي
”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو
غوث پيرزادو

پنهنجي ظاهري ڏيک ويک ۾ پرين ۽ شهزادن جي ڪهاڻين ۾ موجود شهزادن جهڙو پراسرار شخص ۽ شاعر جو نالو آهي سائل پيرزادو، جنهن جي اکين ۾هڪ سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو آهي. بظاهر هن خاموش شاعر جي شاعري هڪ آتش فشان آهي، جيڪو آتش فشان دنيا کي ساڙي ۽ ٻاري رکڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو:
حقيقت هن حال جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي. (شاهه) 
هن شاعر جا ٽهڪ اوڙڪون ڪري سانوڻيءَ جي مينهن جيان وسي پوندا آهن ته شاعري بڻجي پوندا آهن ۽ جهڙالي جهڙي سندس شاعري پڙهي روح اداس ٿي وڃي ٿو. سندس گفتگوءَ ۾ بارشن کان پوءِ ڌرتيءَ مان اٿندڙ مٽيءَ جي سڳنڌ ماڻهوءَ تي خمار طاري ڪري ڇڏي ٿي. ڳالهين جي ڳهير سائل پيرزادي جي ڪچهرين ۾دريائي ڪچي جي ماڻهن وارو مزو رکيل آهي جنهن جي ڪچهرين مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي آهي. سندس شاعري به سندس شخصيت جو ڀرپور عڪس آهي. هي وڏين اکين وارو اداس شاعر پنهنجي شخصيت مان مون کي انهن بي باڪ جوڌن مان بچي نڪتل سپاهي لڳندو آهي جن ڌرتيءَ جي دشمن جلادن سان ويڙهه وڙهندي پنهنجي جوانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن کي مان ايترو نه سڃاڻان، پوءِ به سندس تخليق منهنجي اتساهه جو ڪارڻ ان ڪري به آهي جو اها فطرت جيان حسين، خوبصورت ۽ معصوم آهي. هن جيڪي به ڪجهه لکيو آهي سو سندس دل کان ٻاهر ناهي. هن جي سٽ سٽ سندس ٽٽل جذبن جو آواز آهي. هن جي شاعري آرٽيفيشل ناهي تنهن ڪري هر پڙهندڙ سندس شاعري سان گڏ سفر ڪري ٿو.

سائل پيرزادي جي نظمن جو مجموعو تازو ئي ”پکي پرڏيهه جا پنڇي“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن سنڌ جي نئينءَ ٽهيءَ کي بيحد متاثر ڪيو آهي ۽ سندن دلين ۾ جاءِ جوڙي آهي. اڪثر شاعرن کي پنهنجي ڪتابن جا نالا رکڻ ۾ ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پوندو آهي، پر هن شاعر جي ڪتاب جو نالو به سندس شاعري ۽ شخصيت سان تمام گهڻو هم آهنگ آهي. جيئن سندس شاعري وڇوڙي جو ورلاپ آهي تيئن وري سندس ڪتاب جو نالو به وڇوڙي جي ڪيفيت کي پيش ڪندي نظر اچي ٿو، سچ ته ڪتاب جو ٽائيٽل ڏسندي ئي نماڻين ڪونجن جو ولر اکين اڳيان ڦري وڃي ٿو.
وڳر ويا وهي ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي،
ڪندينءَ ڪوهه رهي سر ۾ سپيرين ريءَ. (شاهه)
ڪتاب جو نالو پڙهي دل جي ڪيفيت خوشيءَ ۾ ويڙهجي وڃي ٿي پر اوچتو هڪ ويراني به اندر ۾ ڪاهي هلي ٿي اچي ۽ هڪ ڏک من جي اڱڻ تي سڏڪا ڀرڻ لڳي ٿو، هن جو هيٺيون نظم ”هڏڪي“ پڙهي سڪتو طاري ٿي وڃي ٿو.
اڄ تنهنجي نانءَ تي،
هڏڪيءَ جي ختم ٿيڻ،
مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي،
ڇوته ورهه وهامي ويا آهن،
جو تو مون کي ويسر جي ڪٻاڙخاني ۾،
رکي ڇڏيو آهي!
هي نظم وڇوڙي جي سور مان سرجيل آهي، جيڪو وڇوڙو ماڻهوءَ جي شخصيت ئي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، ڏسو ته صحيح ته ڪيئن ته ٻين شين جيان درد به ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ جي اندر منتقل ٿئي ٿو، هي درد نسل در نسل منتقل ٿيندڙ درد آهي. مون کي هن نظم پڙهڻ کان پوءِ ”بچان“ نالي ٻلهڙيجيءَ جي اها خوبصورت ڇوڪري ياد اچي ٿي جنهن کي حالتن جي جبر هيٺ پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ ڳوٺ ڇڏي سڪرنڊ شفٽ ٿيڻو پيو هو ۽ پوءِ هوءَ اتان جي ئي ٿي رهجي وئي هئي. سوهڻي بچان، وڏين اکين واري دل کولي ٽهڪ ڏيندڙ بچان جي اها اداسي مون کي هن نظم ۾ چٽي پٽي نظر اچي ٿي، جنهن پنهنجي سموري درد جي پاڻيءَ سان پنهنجي دلبر پٽ سائل پيرزادي جي مٽي ڳوهي کيس شاعر بڻائي ڇڏيو هو. مون کي هن جي هر نظم ۾ بچان سڏڪندي نظر آئي آهي، اڇن واري باوقار بچان نه هجي ها ته سائل شاعر نه هجي ها! بچان جو جيترو ادب پڙهيل آهي، جيتري هن جي زندگيءَ جي ڪٺن قافلن سان وابستگي رهي آهي، ان جيڪڏهن پاڻ نه لکيو ته هن سنڌ کي شاعر سائل پيرزادو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کي هڪ نظم ”ماءُ کي ڀيٽا“ ۾ لکي ٿو ته،
گل ساري ڏيهه جا،
تنهنجي پيرن ۾ رکان،
مور جا سڀ رقص تنهنجي،
وک تان قربان ڪيان،
دل چوي ٿي،
مرڪ تنهنجيءَ ۾ سدا جيئندو رهان،
ڏک تنهنجا،
ٿڪ تنهنجا،
ساهه ۾ اوتي ڇڏيان،
دل چوي ٿي،
هيءَ حياتي ته ڇا،
سو حياتيون،
تنهنجي خدمت ۾ گذاريان،
پوءِ ڀي لهندو نه ٿورو،
هڪڙي اوجاڳي سندءِ جو،
دل چوي ٿي،
تون ڪڏهن ڀي،
دور ديدن کان نه ٿين!
هڏڪي سنڌ جي ڪلچر جو بي بها خزانو آهي، جيڪا جڏهن به ٿيندي آهي ته اسان جي وجود تي هڪ خوشفهمي غالب ٿيندي آهي ته اهي ماڻهو جن کي اسان روح جي گهرائين سان چاهيو آهي انهن اسان کي ياد ڪيو آهي، پر ان خوشفهميءَ کي ويسر نظم ۾ سائل جدت سان هم آهنگ ڪري جڏهن پڙهندڙ جي سامهون رکيو آهي، ته دل زور زور سان ڌڙڪڻ شروع ڪري ٿي ڇڏي ۽ اها ئي شاعر جي ڪاميابي آهي ته، هو ڪنهن پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏي ۽ سائل جو هر نظم اها طاقت رکي ٿو ته هو پڙهندڙ کي پاڻ ۾ سموئي ڇڏي. ثناءُ الله خاصخيلي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ٻه اکر لکندي لکيو آهي ته ”سائل پيرزادي جي شاعري ڪنهن سانوريءَ جي نيڻن ۾ لٿل انتظار جي پنجين موسم آهي، جنهن کي تڙپ جا اهڃاڻ ۽ ڪيفيتن جا احساس پنهنجا ۽ شديد آهن“. واقعي به سائل جي شاعري جا پنهنجا رنگ آهن، الڳ ٿلڳ ۽ نرالي ٻولي، عام احساسن کي خاص بڻائي شاعريءَ پيش ڪرڻ سچ به سائل پيرزادي جو ڪمال آهي. سائل پيرزادو هڪ سيلاني شاعر آهي، هن پيرين پنڌ سنڌ جي چپي چپي جو سفر ڪيو آهي، جهر جهنگ، پهاڙ، صحرا ۽ رڻ پٽ لتاڙيا آهن، انهن رڻن ۾ وسندڙ ماڻهن سان بي انتها پيار ڪيو آهي، تنهنڪري ئي جڏهن سندس نظم زخمي شام ۾ هڪ لاڙي ڇوڪري پنهنجا چپ وساري ٿي وڃي ۽ هو وري اهي چپ ان زخمي شام وٽ رکي ٿو ڇڏي جنهن کان ٻارن جو مرڪون ۽ پکين جا ولر وڇڙي ويا آهن. زخمي شام نظم ضرور ان ماڻهوءَ جي مٿان وڄ جيان ڪريو هوندو، جنهن شام جو پکين جي ولر کان وڇڙيل هڪ اڪيلي پکيءَ کي اڏامندي ڏٺو هوندو ۽ سندس ساٿين پاران کيس اڪيلو ڇڏي وڃڻ واري ڏک کي محسوس ڪيو هوندو، ۽ اها ئي سائل جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي ته هن ان پکيءَ جي تڪليف کي جيئن جو تيئن پنهنجي نظم ۾ اوتيو آهي.
نظم ”اکيون“ پڙهندي مون کي سائل پيرزادي جي بابا سنڌ جي خوبصورت شاعر هاديءَ جو دوست ۽ ماضيءَ جو دريائي چور ڪمون ياد اچي ويو، جيڪو هاديءَ جو ماروٽ ۽ سائل پيرزادي جو چاچو هيو ته سندس مامو به ٿيندو هو، جنهن جي زندگيءَ ۾ به اهڙا اڪيچار رومانس هئا جن کيس زندگي جي آخري عمر تائين حسين بڻائي رکيو ۽ سندس ٽهڪن کي زنده رکيو. الائي ڇو هن ڪتاب تي، نظم تي ۽ شاعر تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي منهنجو قلم صحرائن ۾ ڀٽڪي وڃي ٿو وري کيس وٺي ڪاڳر تي رکان ٿو ته وري الائي ڪيڏانهن وٺي هليو ٿو وڃي. ان خوف وچان ئي مون هميشه هن شاعر جي شاعريءَ تي ڳالهائڻ کان لنوايو آهي، ڇو ته هن تي ۽ رحمت پيرزادي تي لکندي مان جذباتي ٿي ويندو آهيان.
نظم اکيون ڪيڏي نه خوبصورتي سان لکيو ويو آهي، جنهن ۾ شاعر هڪ ڇوڪريءَ جون اکيون چورائي ٿو اچي ۽ ان جو اعتراف به ڪري ٿو پر حسن اهو آهي ته هو ان ڇوڪريءَ کي پنهنجون اکيون هڪ نظم جي صورت ۾ موٽائي ڏئي ٿو. عاليشان اڻت آهي هن نظم جي، هن جي ٻولي ۽ لهجو تمام معصوم ۽ سندر آهي بار بار هي نظم پڙهڻ تي دل مجبور ٿي پئي ٿي.
شاعري قافيا ۽ رديف ٿورئي آهي، شاعري گرامر جو نالو ٿورو ئي آهي، شاعري ته اها آهي جنهن ۾ حسين تصور پنهنجي اعلي پد تي بيٺل نظر اچي ۽ ان اعلي پد تي شاعريءَ جي بيهڻ واري ڳالهه جي ”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ شاعراڻي مجموعي ۾ موجود نظم ”خيال“ پڙهندي تصديق ٿي وڃي ٿي، جنهن هڪ ننڍڙي نظم ۾ شاعر هڪ خوبصورت ڪائنات تخليق ڪري ڇڏي آهي، هر سٽ هڪ عجيب دنيا ۾ وٺي هلي ٿي وڃي، جنهن ۾ دور تائين چانڊوڪي به پکڙيل آهي ته پيرن هيٺان کير جهڙي اجري واري به آهي. ان ئي نظم ۾ ڄڻ ته شاعر اهو به سمجهائي رهيو آهي ته هر ڪيفيت جا پنهنجا الڳ لفظ ٿين ٿا ۽ هر خيال جو لهجو الڳ ٿلڳ ٿيندو آهي، تڏهن ته هن ساڳئي نظم ۾ جڏهن هو الڪن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ نراسائيءَ جي ڪيفيت بيان ڪري ٿو ته اتي هن ٿوهرن جي منظرن کي پيش ڪندي هڪ مستند شاعر هجڻ جي ثابتي ڏئي ڇڏي آهي ڇو ته جڏهن لفظ اوهان جي ڪيفيت سان ميل نه کائيندا اوستائين اوهان پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ ۾ بنهه ناڪام ويندا. مختصر نظم ”خيال“ ۾ ڪيتريون ئي نيون نيون تشبيهون به پڙهڻ جي لاءِ ملن ٿيون، مثال جي طور تي هو هن ئي نظم ۾ چئي ٿو ته ”ڪنوارين ڇوڪرين جي ڇاتين جهڙو چئونرا چئونرا تنهنجو ڳوٺ آهي“. اٻهري ٻار جيان ڀاڪرن ۾ ڀرڻ ۽ چشمي ۾ تبديل ٿي وڃڻ جهڙيون ڳالهيون سائل پيرزادي کي سموري نئين ٽهيءَ کان منفرد ڪري بيهارين ٿيون. هن جا خيال مبهم ناهن نه ئي هو ڳجهارتن ۾ پڙهندڙ جو وقت ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هن وٽ هر خيال هڪ معني ۽ مقصد سان اچي ٿو ۽ پڙهندڙ تي پنهنجو تاثر قائم ڪيون هليو ٿو وڃي.
سائل پيرزادي جي شاعري ڪئميرا جا عڪس آهن، نظم ”ياد“ ۽ ”گفتگو“ پڙهي هن فطري شاعر جي تخيل سان گڏ اڏامڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو جنهن ۾ ناڪام ٿيندي منهنجي سوچ جي پکيءَ جا پر ٽٽي پون ٿا ۽ سوچ جو پکي هيٺ ڪري ٿو پئي پر سائل جي نظم جي اڏار مٿي ۽ تمام گهڻو مٿي ٿيندي ٿي وڃي.
گفتگو“ نظم ۾ شاعر پنهنجي محبوبا جي ڳوٺ جي ان رات سان گفتگوڪندي نظر اچي ٿو، جنهن رات سندس محبوبا هن جي بستري تي ننڊ وساري وئي هئي، ايڏو ته دلفريب نظم آهي جيڪو پڙهندي شاعر سان پيار ٿي وڃي ٿو.
جڏهن ته نظم ياد به هڪ اهڙي ڪٿا بيان ڪندي نظر اچي ٿو.
اڄ جي ٻاڙائيءَ واري دور ۾ جڏهن شاعري ڪاپي ڪلچر جي ور چڙهي وئي آهي، ابهام ۽ لفظن جي بي تڪي راند شاعري بڻجي رهجي وئي آهي، اتي هن شاعر جي شاعري پڙهندي عجيب قسم جي سرهائي ٿئي ٿي جنهن اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي ته شاعري اسان جي روزمرهه جي هڪ قسم جي ڊائري آهي، اسان تي جيڪو به ٿي گذري ٿو اهو اسان شاعراڻي انداز سان بيان ڪريون ٿا. شاعري ان کان ٻاهر ڪجهه به ناهي.
سائل جڏهن ”هڪ اين جي اوئيسٽ ڇوڪري“ نظم لکي ٿو ته هڪ دم اهي هزارين اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون ذهن جي اسڪرين تي تري ٿيون اچن جن پنهنجون زندگيون ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن، جيڪو سمورو ڏينهن ۽ رات ڪمپيوٽر، رپورٽن، ورڪ پلان، مونيٽرنگ ٽولس ۽ پروپوزل ڊولپ ڪندي نظر اينديون آهن، جن جي حصي جي ننڊ به فيلڊ جون سرگرميون چورائي ڇڏينديون آهن ۽ هن نظم ۾ مون کي اها سانوري ڇوڪري چٽي پٽي طرح نظر اچي ٿي جنهن جي مرڪن جو محور سائل ۽ سائل جي شخصيت ۾ حسن بڻجي لٿل اها ڇوڪري آهي، جيڪا سندس جيون ساٿياڻي سان گڏ اين جي او ۾ به ڪم ڪري ٿي ۽ زندگي جا ڪجهه لمحا سندس ٻانهن ۾ گذاري وري فيلڊ جي ڪٺن سفر ۾ غائب ٿي وڃي ٿي.

اصل ۾ سائل پيرزادو ان ڪري به پڙهندڙن جي اتساهه جو ڪارڻ رهيو آهي جو هن جي شاعري سندس معصوم دل جو آواز آهي، هن شاعري گهڙي ناهي، سندس هر نظم توڙي غزل جي پيرا کڻبا ته اهي دل جي معصوميت واري خاني ۾ وڃي کٽندا. هن وٽ وٽ اداسيءَ کي پينٽ ڪرڻ جو ڪمال ڏانءُ آهي، هن وٽ درد اڻ کٽ آهي ۽ اهي ٻئي شيون جڏهن فطرت سان سلهاڙي پڙهندڙ کي ڪڏهن ڪارونجهر جي مندرن جي ياترا ڪرائي ٿو، ڪڏهن لاڙ پٽ جي سادگي جو سير ڪرائي ٿو ۽ ڪڏهن دريائي اتر جا منظر ڏيکاري ٿو ته هي ڀٽائيءَ جي ڪک مان ڦٽي نڪتل شاعر پڙهندڙ جا چارئي طبق روشن ڪري ڇڏي ٿو. ٿورا ڪي گهڻا جهول ٻوليءَ جي حوالي سان آهن به تڏهن محسوس نه ٿا ٿين جن کي نظرانداز ڪري ٿو سگهجي، پر ڪي انتها پسند نقاد هن جي اندر سو سيڪڙو پرفيڪشن ڏسڻ چاهين ٿا ته وڃي پاڻ ڄاڻن، باقي هن مست قلندر شاعر کي زنجير وجهڻ ۾ نقاد ناڪام ٿي ويا آهن.

No comments:

Post a Comment