08/01/2017

غلام محمد جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“ - فريد ڪيريو (Fareed Keeryo)

شاعري هڪ شرف آهي
غلام محمد جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“
فريد ڪيريو

شاعري هڪ اهڙو شرف جيڪو ڌرتيءَ جي من گولي تي جنم وٺندڙ گهر ان جي نصيب ۾ ناهي هوندو، جن اشرف الخلوقات مان به ڪي چند چونڊ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي اهو شرف حاصل هوندو آهي. هتي مان پنهنجي ڳالهه جي مقصد کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي سٻاجهڙي شاعر مفتون ڪورائيءَ جي ڪتاب ”رُنيون ڪهڪشائون“ مان ورتل آسي زمينيءَ جي هنن خوبصورت سٽن جو سهارو وٺندس ته شاعري شعور عمل آهي يا لاشعوري انهيءَ فلسفيانه بحث کان پري رهندي شاعريءَ لئه اهو ته طئي آهي ته شاعري غير معمولي ماڻهن جي غير معمولي صلاحيت ۽ حاصلات آهي، جيڪا هڪ مهان تخليقڪار جي طرفان پنهنجي ئي تخليق کي عطا آهي تحفو آهي، ڏات آهي، پوءِ اُن ڏات جو ڀاڱو ڪنهن کي ڪنهن کي ۽ ڪيترو ڪيترو ملي ٿو اهو پنهنجو پنهنجو ڀاڳ آهي.

اهڙي ئي هڪ ڀاڳوند، اُن عطا، اُن تحفي، ان ڏات جو ڀاڱيدار، اسان جو پيارو دوست غلام آدرش پڻ آهي، جنهن جي سڪ ۽ محبت ۽ اسين سڀ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون. ايئن ته آدرش سان منهنجون تمام گهٽ ملاقاتون ٿي سگهون آهن ۽ مختصر پڻ، ڀر پوءِ به الله ڇو هر ملاقات ۾ مون کي هن سان ڪنهن پراڻي پهچان ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي، پوءِ ان جي ڪجهه يا ته هن جو قربائتو لهجو آهي يا سندس سادگي. سادگي جيڪا آدرش جي وجود ۾ ايتري ته چٽي آهي جو هو ڪيتري به ڪوشش ڪري پر جن کي لڪائي نٿو سگهي.
منهنجي خيال ۾ شاعري اظهار جو سڀ کان خوبصوت طريقو آهي. جيڪو جيترو آسان آهي اوترو ئي ڪٺن پڻ آهي اسان سان اڪثر دوست پنهنجي ماحول جي اثر هيٺ اچي ڪري شآعري شروع ڪندا آهن. ۽ سچ پڇو ته مان به انهن مان هڪ آهيان. شاعريءَ لئه مون کي ٺهيل ٺُڪيل ماحول مليو ۽ اُن سان گڏ ڪيترن ئي پرداد هٿن جي اتساهيندڙ پٺ ٺپور ۽ اصلاح نه ڪا رنجش نه ڪا بندش، صرف حوصله افزايون ۽ حمايتون ئي حصي ۾ آيون. پر مان سمجهان ٿو اهڙي صورتحال ۾ شاعري ڪري مون کي خاص وڏو ڪمال ناهي ڪيو. ڇو ته پاڻيءَ سان تيز وهڪري جي ابتڙ تري ڏيکاري. ماحول جو اثر قبولڻ هڪ عام ڳالهه آهي. ڪمال ته تڏهن آهي جڏهن ڪو فرد ڪنهن ماحول ڪنهن معاشري ۾ رهندي اُن معاشري جي خلاف ڪو قدم کڻي ڏيکاري ۽ مان سمجهان ٿو ته وڏي همت ۽ جرعت آهي جيڪا آدرش ڪئي آهي جنهن لئه هو جَسُ لهڻي.
جسُ لهڻن! اهي سڀ جدت پسند دوست جيڪي پنهنجي معاشري ۾ اهڙيون سهڻيون تبديليون آڻي رجعت پسنديءَ جي خلاف اٿي بيهن ٿا.
دوستو! مضمون کي مختصر ڪندي هاڻي اچئون ٿا پياري غلام آدرش جي پهريان پيار ڀري پورهئي سندس ڪتاب ”تو کان پوءِ“ جي طرف.
هن ڪتاب کي جيڪڏهن تنقيد جي نظر سان ڏٺو وڃي ته هن ۾ کوڙ ساريون فني توڙي فڪري اوڻايون اسان جي اکين ۾ اٽڪنديون، پر جيڪڏهن اميد جي نظر سان ڏسنداسين ته آدرش جو هي ڪتاب پنهنجي سڀني اوڻائين سوڻائين سمت به هڪ وڏو ڪرنامو آهي، ڇو ته توکان پوءِ صرف هڪ ڪتاب ناهي بلڪه هڪ شروعات آهي هڪ سلسلو آهي جيڪو انشاءَ الله تاقيامت نسل درنسل هلندو رهندو ۽ هتان کوڙ سارا شاهڪار ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي ادب جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ اُهي سڀني جو سرواڻ هوندو اسان جو سٻاجهڙو دوست غلام آدرش.
دعا آهي شال سدائين کلندو مسڪرائيندو رهي ۽ لکندو پڻ رهي آخر ۾سندس ڪتاب سان ڪنهن بيت جي پهرين خوبصورت وزن رکندڙ هڪ خوبصورت غزل سان پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچايان ٿو.
اي دل ٿي نه اُداس

کٽندي نيٺ احساس.

No comments:

Post a Comment