16/02/2020

ڪلاس فور جي محبوبا - تبصرو: ابوذر انصاري (Abuzar Ansari)


 تبصرو: ابوذر انصاري 
ناول: ڪلاس فور جي محبوبا
ليکڪ: ممتاز بخاري

جيڪڏھن ناول جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته ناول تي ڪالہه جي ڀيٽ ۾، اڄ طبع آزمائي مڙئي سرس ٿي رهي آهي جا ڳالھ سنڌي ادب لاءِ سٺو سنوڻ آهي، پر ناول جي معيار کي ڏسجي ٿو ته ڪجھ آڳرين تي ڳڻڻ جيترا ئي اهڙا ناول آهن جيڪي پڙهندڙ کي ناول جهڙي پياري صنف پڙهڻ لاءِ اتساهن ٿا، ته ٻئي طرف ليکڪ کي سٺي ناول نگار جي حيثيت سان سڃاڻپ ڏيارن ٿا.
ممتاز بخاري جي ناول ”ڪلاس فور جي محبوبا“ کي به مٿين چند ناولن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

هي ناول روڙهي لوڪوشيڊ جي علائقي جي پس منظر ۾ لکيل آهي. ناول جا ڪردار ريلوي جا ملازم ۽ انهن جا گهر ڀاتي آهن، جڏهن ته ناول جو مک ڪردار ريلوي ملازم رحيمداد جي ڌيءَ شبانه آهي، جيڪا پنهنجي ماءُ جي مرڻ کان پوءِ ملول ۽ ويڳائي ٿي پئي ٿي. هوءَ جيئن سامائجي جوان ٿئي ٿي ته وينگس جيان چڳن ڀلن جا وات پٽرائي ٿي ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ڏينهن پاڙيسري جميل سان اکيون چار ڪري ٿي وهي ۽ هن کي اندر جي سمورين سچائين سان چاهڻ لڳي ٿي، پر جميل هن کي مايوس ڪري هن جي زندگيءَ کان هميشه لاءِ تمام ڏور ٿي وڃي ٿو ۽ ويٽنگ ۾ ويٺل سهيل هن کي پنهنجي پيار جو يقين ڏياري، هڪ ڏينهن هن سان ڌوڪو ڪري وهي ٿو.
ٻئي طرف شبانه جو پيءُ رحيمداد جيڪو عزت ۽ احساسن کان بنھ عاري آهي ۽ پاڙي جي موالين سان گڏ شراب واپرائيندو ٿو رهي، سو ڌيءَ کي بدفعلي ڪرڻ لاءِ اتساهيندو ٿو رهي، ۽ شبانه نه چاهيندي به مجبور ٿي اهڙو عمل ڪرڻ لڳي ٿي.
سمورو ناول شبانه جي درد، ڪرڀ، پيڙا، روڳ سان ڀريو پيو آهي - پڙهندڙ به شبانه سان همدردي ڪندي هن درد ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
فاضل مصنف ناول ۾ اڇوتن استعارن ۽ بهترين منظرنگاري ڪري ناول سان ڀرپور انصاف ڪيو آهي.
هي ناول پهرين ڀيرو 2013ع ۾ شايع ماءِ پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو. ڪتاب جو ملھ 150 رپيا رکيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment