جامي چانڊيو
سنڌ جو سراپا رومانوي شاعر: اشفاق آذر
گذريل ڏيڍ سئو سالن کان جديد سنڌي شاعريءَ وڏو پَنڌُ ڪيو آهي.
مذهبي رزميه، ڪلاسيڪل ۽ لوڪ شاعريءَ کان وٺي جديد، ترقي پسند، روشن خيال، انقلابي
۽ ويندي هڪ حد تائين روايتي شاعريءَ جي ڪجهه پاسن پڻ سنڌي ٻوليءَ کي ٻوليءَ، فن،
اظهار، خيال، تخيل، تفڪر، حَساسيت ۽ اَنيڪ حوالن سان بيحد مالامال ڪيو آهي ۽ اِهو
سفر نه رُڪيو آهي ۽ نه هن موجوده نام نهاد ”جديديت پُڄاڻان“ دور ۾ رُڪڻو آهي.
موجوده سنڌ ۾ شاعرن جي وڏي هُجوم ۾ گهڻا اهڙا به آهن، جيڪي جيڪو لکن ٿا، ان کي سچ
پچ به شاعري سڏي سگهجي ٿو. موجوده دور ۾ اشفاق آذر
به اهڙن اهم شاعرن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ هن جو گهڻو تعارف هڪ برک صحافيءَ ۽ ڪالم
نگار جو آهي پر منهنجيءَ نظر ۾ هن جو بنيادي حوالو شاعريءَ جو آهي ۽ شاعر جي حيثيت
جو آهي.
اشفاق آذر سان منهنجو ذاتي ۽ ادبي رشتو لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن جو
آهي. جيتوڻيڪ هاڻي ته هو جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ معتبر ۽ منفرد نانءُ آهي، پر
حقيقت ۾ هُو اُنهن چند شاعرن مان هڪ آهي، جن جي شاعري مون کي ابتدائي شاعراڻين
وِکُن کان وٺي بيحد مُوهيندي رهي آهي. ڪو وقت هو، هُو مون کي پنهنجو ادبي لحاظ کان
سينيئر سمجهي ادبي خط لکندو هو پر هاڻي مان هن جي مداحن ۾ شامل آهيان. اهو سندس
ادبي سفر جي ڪاميابيءَ ۽ سُچيتائيءَ جو رڳو هڪ ذاتي حوالو آهي. اهڙا ٻيا انيڪ
حوالا ٿي سگهن ٿا. مون سندس پهريون نظم اڄ کان اڍائي ڏهاڪا اڳ پڙهيو هو، جيڪو هن
مون کي خط ذريعي اُماڻيو هو، اهو نظم اڄ به مون کي بيحد پسند آهي، جنهن ۾ هن چيو
هو ته:
اڄ به باده خوار ساڳيا
ها مگر غالب ڪٿي آ
جام پيماني جي پويان
رند ساڳيا تشنگين ۾
بي نيازي اڄ به ساڳي
آهي ساقيءَ جي اکين ۾
اڄ به دليءَ جي ڳلين ۾
لڙکڙائن ٿا رولاڪ
ميڪدي جو در چمن ٿا
اڄ به ساڳيا ئي پياڪ
جن جي ٺوڪر ۾ رهي ٿو
ڄڻ ته هي سارو زمانو
ٿيڙ سان جن جي ٿو جهومي
درد جو هي آستانو
۽ هلي ٿو دور جيئن پوءِ
تيئن کلن هر ڍڪ سان ٿيون
ميڪدي جي تيرگيءَ ۾
جان جانان جي لبن جي
سُرخ لالائي جون ڳالهيون
۽ سندءِ مدهوش نيڻن
جي مسيحائي جون ڳالهيون
اڄ به ساڳيون ئي رهن ٿيون
حُسن جون ظالم ڪٿائون
عشق جا ڇڙواڳ قصا
اڄ به ساڳيا ئي رهن ٿا
رقص ۾ آ بي خودي هيءَ
اڄ به کولي وار ساڳيا
اڄ به باده خوار ساڳيا
ها مگر غالب ڪٿي آ.
اشفاق جو تعلق ان شڪارپور سان آهي، جنهن شاعريءَ ۽ ادب جي
حوالي سان ساميءَ، کيئلداس فانيءَ، شيخ اياز ۽ آغا سليم کان وٺي اعجاز منگيءَ تائين
ڪيترين ٽهين کي جنم ڏنو آهي. ادب، فن، نفاست ۽ تخليقي مزاج شڪارپور جي مٽيءَ ۾
ڳوهيل آهي. اشفاق آذر جو تعلق به هڪ ادبي ۽ علمي گهراڻي سان آهي، هو سنڌ جي هڪ
قدآور شاعر نياز همايونيءَ جو ڀاڻيجو آهي پر حقيقت اِها آهي ته اشفاق شاعريءَ ۾
پنهنجو الڳ دَڳُ ورتو آهي. هن جي منفرد نظمن ۽ غزلن تي ڪنهن جي به بنيادي ڇاپَ نظر
نه ٿي اچي. گذريل ٽن چئن ڏهاڪن ۾ اهڙا گهٽ شاعر اُڀريا آهن، جن تي سڌي يا اڻ سڌيءَ
ريت شيخ اياز، نارائڻ شيام، استاد بخاريءَ
۽ ٻين جو اثر نه رهيو هجي پر اشفاق آذر وڏيءَ ڪامياب فني ۽ فڪري پختگيءَ توڙي موضوعاتي
نواڻ سان پاڻ کي اهڙي ڪنهن به ٺَپي کان پري بيهارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هونئن ته اشفاق آذر شاعريءَ ۾ گهڻين صنفن تي
لکيو آهي پر هن جي بنيادي سڃاڻپ سندس آزاد نظم ۽ غزل آهن. هن انهن ٻنهي صنفن ۾
ايترو ته ڀرپور ۽ منفرد تخليقي انداز سان لکيو آهي، جو پڙهندڙ توڙي پارکوءَ لاءِ
اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي ٿو پوي ته هو بنيادي طور انهن مان وڌيڪ حَسين ۽ پُختو اظهار
ڪهڙيءَ صنف ۾ ڪري ٿو. هونئن ته غزل ۽ آزاد نظم ٻه اُبتڙ مزاج رکندڙ صنفون آهن، هڪ
۾ خيال جي وُسعت گهڻي ٿئي ٿي ته ٻئي ۾ احساس جي گهرائيءَ ۽ تخيل جي اُڏامَ جا عنصر
سَرسُ هجن ٿا. اشفاق جو ڪمال اهو آهي جو هو غزل کي رڳو احساس جي گهرائيءَ تائين
محدود نه ٿو رکي ۽ نظم کي رڳو خيال جي وُسعت تائين پابند نه ٿو ڪري پر سگهاري تخيل
جي سگهه سان ٻنهي صنفن کي ساڳئي معراج تي وٺي ٿو وڃي. منهنجيءَ نظر۾ اشفاق آذر جي شاعريءَ ۾ ٻين انيڪ
حُسناڪين سان گڏ ٽي عنصر نمايان آهن. هڪ منفرد تخيل، ٻيو موضوعاتي نواڻ ۽ ٽيون
اٿاهه موسيقيت، لَئي ۽ نغمگي. هن جي شاعري پڙهي لڳي ٿو ته هو زمين تي گهٽ پر تخيل
جي پرواز ۾ وڌيڪ اُڏامندو هجي، هو حَسين تخيل، گِهري احساس ۽ هڪ حد تائين سماج جي
خارجيت جي امتزاج سان پنهنجا موضوع پاڻ گهَڙي ٿو ۽ موسيقيت آميز روانيءَ سان ان جو
تخليقي اظهار ڪري ٿو، شاعراڻي اظهار ۾ اِها لَئي ۽ رواني هن جي سڃاڻپ آهي.
اشفاق غزل کي بِنهه نئون رنگ، لهجو ۽ هُڳاءُ ڏيڻ ۾ بيحد
ڪامياب ويو آهي. هونئن به اردو توڙي سنڌي غزل ۾ موضوعن، ترڪيبن، اسلوب، بندشن توڙي
فني تجربن جو ورجاءُ تمام گهڻو آهي. شيخ اياز غزل ۾ نارائڻ شيام کان هٽي ڪري
خارجيت ۽ فڪر جي آميزش آندي پر اِها به وفا ناٿن شاهيءَ، اياز گل، سعيد ميمڻ ۽
ڪجهه شاعرن کي ڇڏي ورجاءُ۽ ساڳيائپ جو شڪار ٿي وئي. اشفاق جا غزل هر لحاظ کان
نوان، تازا، نواڻ محسوس ڪرائيندڙ ۽ دل کي ڇُهندڙ لڳن ٿا. هن جي غزلن ۾ نظم جي
رواني آهي. هن استعارن، تشبيهن، علامتن توڙي اسلوب ۽ اظهار ۾ سنڌي غزل ۾ وڻندڙ ۽
حُسناڪ تخليقي نواڻ آندي آهي. هيءُ سمورو
ڪتاب اهڙن مثالن سان ڀريو پيو آهي. اشفاق آذر هن دور ۾ سنڌي شاعريءَ جو هڪ
جرڪندڙ نالو آهي. شال سدائين تخيل، تصور ۽ اندر جي سَرمستيءَ منجهان سنڌي شاعريءَ
جا جهول ايئن ئي ڀريندو رهي.
سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اُصولن جي لحاظ کان شاعريءَ جي پرک جو
اڃا پُورو نظام چِٽو ناهي ٿيو ۽ نه وري ان آڌار گهڻا اڀياس ڪيا ويا آهن. مان هتي
ڪوشش ڪندس ته اشفاق آذر جي شاعريءَ جو اڀياس ادبي پرک جي بنيادي اُصولن جي روشنيءَ
۾ ڪريان. ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ جي اڀياس جو پهريون بنياد اِها پرک ڪرڻ آهي ته
هن جو فڪري لاڙو يا لاڙا ڪهڙا آهن؟ اشفاق جي شاعريءَ جي بار بار ۽ ڳُوڙهي اڀياس کان
پوءِ منهنجي راءِ اِها آهي ته جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ ۾ مختلف فڪري ڌارائن جا لاڙا
پڻ آهن، پر بنيادي طور هُو هڪ رومانٽڪ ۽ فطرت پسند شاعر آهي، هونئن به فطرت پسندي
رومانويت جي ادبي ۽ فڪري تحريڪ جو هڪ بنيادي لاڙو هو. رومانوي شاعري ته هومر کان
به اڳ جي دور کان وٺي اڄوڪي دور تائين ٿيندي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي پر رومانويت جي
تحريڪ جو هڪ خاص پس منظر هو. شاعريءَ جو عالمگير قديم دور، مذهب، ڏَند ڪَٿائن،
ديوتائن، هيروز، بادشاهن ۽ سُورمن کان ٻاهر نه ٿي نڪتو (تصوف جي شاعريءَ کي ڇڏي
ڪري)، مجموعي طور اُها غلاميءَ، زرعي سماج، جاگيرداريت، بادشاهتن ۽ شهنشاهتن جي
دور جي شاعري هئي. ڪلاسيڪل روايت ۾ عقليت پسندي به هئي، جيڪا سمجهندي هئي ته فطرت
۽ انساني زندگيءَ جو بنيادي جوهر عقليت آهي ۽ انهن جا قانون تبديلين کان مٿانهان
آهن. هُو فطرت کي ڳُجهه نه پر سائنسي حقيقت سمجهندا هئا، جن کي عقلي ڏانءَ سان
سمجهڻ ممڪن آهي. عام فهميءَ (Common Sense) جو تصور به ڪلاسيڪيت وارا کڻي آيا هئا، پر ڪلاسيڪل پسندن جي
خرابيءَ ۽ فڪري چُڪَ اِها هئي ته اُهي عقل کي ته اُتم سمجهندا هئا پر انسان جي
حَسياتي ۽ وجداني يا تصوراتي صلاحيتن کي تسليم نه ڪندا هئا، انفرادي خيالن تي
سماجي ويساهن کي اُتم سمجهندا هئا ۽ مجموعي طور فرد بجاءِ اجتماعيت يا سماجي گڏيل
تصورن، يا ويساهن کي اهم سمجهندا هئا. اُڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي برک لبرل ادبي
نقاد ٽي-اي هُلمي (T.E.Hulme, 1883-1917) ٻنهي روايتن
جي فڪري تشريح ڪندي چيو هو ته ڪلاسيڪل پسند فطرت کي هڪ جامد حقيقت سمجهن ٿا، جنهن
۾ فرد جي حيات يا تخليقي صلاحيتن جو ڪوبه عمل دخل ناهي. هو فرد کي هڪ عقلي جانور
سمجهن ٿا، جنهن جون احساساتي، حَسياتي، تخيلاتي ۽ وجداني صلاحيتون زندگيءَ ۾ ڪا وُقعت
نه ٿيون رکن. جڏهن ته رومانويت پسند فطرت جي لامحدوديت تي ويساهه رکندا هئا ۽ ان ”ڳُجههَ“
کي هُو پنهنجن حسياتي ۽ وجداني ذريعن سان سمجهڻ ۽ اظهار چاهيندا هئا. مجموعي طور رومانويت
پسنديءَ جي تحريڪ يورپ ۾ سترهين صديءَ جي آخر ۾ ۽ ارڙهين صديءَ جي شروع ۾ وڏيءَ
اُٿلَ سان اُڀري، جنهن جا نقيبَ وليم ورڊس ورٿ، ڪولرج، شيلي، لارڊ بائرن، جان ڊان
۽ هڪ حد تائين ڪيٽس هئا، جن فطرت پسنديءَ، حساسيت، تخليقي سَگهه ۽ انفرادي آزاديءَ
تي وڌيڪ زور ڏنو. هر فڪري، سياسي يا ادبي تحريڪ بنيادي ۽ معروضي طور پنهنجي دور جي
لاڙن ۽ محرڪن جو اظهار هوندي آهي پر ڪي فرد يا گروهه ان جو اظهار يا ذريعو بڻبا
آهن، ايئن ٻه برطانوي شاعر، نقاد ۽ مفڪرَ سيموئل ٽيلر ڪولرج (1772-1834ع) ۽ وليم ورڊس ورٿ (1770-1850ع) ان تحريڪ جا نقيبَ بڻيا، جن کي
پوءِ لارڊ بائرن، شيلي، جان ڊان ۽ ڪيٽس اڳتي وڌايو.
جڏهن ته رومانويت جي ادبي تحريڪ يورپ ۾ تڏهن هلي جڏهن
سرمائيداري آئي، فرد پنهنجو پاڻ کي تاريخ ۾ وري ڳولي لَڌو ۽ هن جي صدين جي انفرادي
۽ سماجي ويڳاڻپ فطرت پسنديءَ جي روپ ۾ ظاهر ٿي. رومانويت پسند فرد جي انفراديت،
سندس احساسن ۽ وجداني يا احساساتي قوتن کي وڌيڪ اُتم ۽ اهم سمجهندا هئا. ان ڪري
چئي سگهجي ٿو ته رومانويت پسند لبرل ازم ۽ داخليت پسنديءَ جو تخليقي ۽ فڪري امتزاج
هئا. رومانويت پسند فطرت جي فرض ڪيل ڳُجههَ (Mystery) ۾ مُوههَ ڳوليندا هئا، ماضيءَ جي نرگسيت ۾ پناهون ڳوليندا هئا ۽
عقليت پسنديءَ کي رد ڪندا هئا. ڪلاسيڪل پسندن عقليت، اجتماعيت ۽ روايت تي زور ٿي
ڏنو ته رومانويت پسندن عقليت جي ڀيٽ ۾ تخيل تي وڌيڪ زور ٿي ڏنو. ڪلاسيڪل پسندن روايتن
تي زور ٿي ڏنو ته رومانويت پسندن داخليت پسنديءَ ۽ تخيل پسنديءَ کي وڌيڪ اُڀاريو.
ڪلاسيڪل روايت جا مَهندار سمجهندا هئا ته فطرت جا سادا قانون آهن، جن کي عقليت سان
سمجهڻ ممڪن آهي، جڏهن ته صوفين جيان رومانويت پسندن فطرت ۾ ڳُجههَ کي وڌيڪ اُڀارڻ
جي ڪوشش ڪئي. رومانويت پسنديءَ جا ڇَهَه بنيادي ويساههَ يا اُصولَ هئا، يعني فطرت
پسندي، انفراديت پسندي، تخيل پنسديءَ جو وجداني يا روحاني پاسو، خيال پسندي، اُميد
پسندي ۽ قوميت جو جذبو. ڪلاسيڪل دور گهڻي ڀاڱي روايت پسند ۽ عقليت پسند هو ۽ سماج
۾ هُو اُڀاريل يا اُڀريل گڏيل فرضي سچائين کي پنهنجي فڪر جو بنياد سمجهند هو پر
فطرت پسند، انفراديت پسند هئا ۽ هُو فطرت کي لامحدود ۽ تسخير جوڳي حقيقت نه سمجهي
ان جي ابهام کي وجداني تخيلاتي يا حَسياتي ذريعن سان اظهارڻ ۾ ويساهه رکندا هئا.
بنيادي طور يورپ ۾ رومانويت جي تحريڪ ارڙهين صديءَ ۾ نيوڪلاسيڪل ازم جي رد ۾ اُڀري
هئي ۽ ان جو اثر تيسين قائم رهيو جيسين ادب جي دنيا ۾ حقيقت نگاريءَ، سماجي حقيقت
نگاريءَ، ترقي پسنديءَ ۽ انقلابيت جون لهرون نه اُڀريون هيون.
اشفاق آذر جي شاعريءَ تي شعوري يا لاشعوري طور مون کي
رومانويت جي فڪري لاڙي جو اثر وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو، جنهن جو تفصيلي اڀياس اسان هن
مهاڳ ۾ ڪنداسين. جيتوڻيڪ فرينچ ڏاهي روسو (1712-1778ع) جو ”فطرت ڏانهن واپسيءَ“ جو تصور بنيادي طور سياسي هو ۽ هُو سمجهندو هو ته
انسان پنهنجي جوهر ۾ فطري طور معصوم آهي ۽ تهذيب انسان کي ڪرپٽ ڪيو آهي ۽ انهيءَ
ڪري هن جديد سماج ۾ رياست جي حوالي سان سماجي معاهدي جي ڳالهه وڏي زور شور سان ڪئي
هئي پر ڪولرج ۽ وليم ورڊس ورٿ فطرت پسنديءَ جي لاڙي کي شاعريءَ، ادب ۽ آرٽ ۾ کڻي
آيا. هنن جا موضوع، استعارا، علامتون ۽ تشبيهون گهڻي ڀاڱي سماج بدران فطرت مان کنيل هيون، انهيءَ ڪري انهن تي
جمالياتي رَنگُ پڻ وڌيڪ حاوي آهي. اشفاق آذر جي شاعريءَ ۾ رومانيت ۽ ”رومانويت“ جا
لاڙا ٻين سمورن موضوعن کان وڌيڪ حاوي ۽ حَسين انداز ۾ اظهاريل آهن. غزل هن جي
پسنديده صنف آهي ۽ غزل ۾ هن موجوده عام سنڌي غزل جي اُبتڙ تغزل جو استعمال پڻ گهڻو
ڪيو آهي. شيخ اياز جي ڪتاب ”ڀنؤر ڀري آڪاس“ ۾ تغزل جو لاڙو گهڻو حاوي هو ۽ پوءِ هن
غزل جو مزاج ئي تبديل ڪري ڇڏيو، پر اشفاق جو تغزل روايتي اردو يا سنڌي عروضي
شاعريءَ جي تتبع تي ناهي، اهو تمام گهڻو تخليقي آهي. اچو ته سندس شاعريءَ ۾
رومانيت جا رنگَ ڏِسون.
سَخا ڪا سُونهنَ پنهنجيءَ جي ڪرڻ اهڙو ته ڄاڻي ٿي!
ڇڏائڻ تي نٿي چئي دل، ٻَڌڻ اهڙو ته ڄاڻي ٿي!
اکين ۾ رنگَ ايڏا ٿس، پَڪا پُختا جوانيءَ جا
سڀئي رنگريز حيران هن، رَڱڻُ اهڙو ته ڄاڻي ٿي!
نِپُوڙي ڌرتَتيون ساريون ، پَلر پالوٽَ ٿي آڻي
سِکي ٿي سانوڻي هُنَ کان، وَسڻ اهڙو ته ڄاڻي ٿي!
پتو ناهي ڪٿان
آندا، اَٿئين آلاپ جوڀَن جا
بدن ٿا بانسريون بڻجن، وَڄڻ اهڙو ته ڄاڻي ٿي!
وَتي ٿو وقت هِي مدهوش ٿيندو، ٿيڙَ کائيندو
سڀئي لمحا حواسن مان ڪَڍڻ اهڙو ته ڄاڻي ٿي!
ٻڌايون ڪيئن ڀلا هن کي ته هي آذر سِڪي ڇو ٿو
زبان سجدن ۾ پوري آ، پُڇڻ اهڙو ته ڄاڻي ٿي!
*
پِرههَ جي پِنبڻين مان ڏس، پَٽيا ڪي خواب هوندائين!
هي جي بَنجر اکيون تِن ۾، ڇَٽيا ڪي خواب هوندائين!
صُبح تائين سندس بستر ، سُرورن سان پئي مَهڪيو
وِهاڻي کي وِجهي ڀاڪُرَ، وَٽيا ڪي خواب هوندائين!
ڪڍي پِڃري منجهان تن کي، پکي پنهنجا اُڏاري ٿي
ڇڏي ٿي جهَنگ ۾ جُگنو، جهَٽيا ڪي خواب هوندائين!
نگاهن جا هڻي ڪي داءَ، ڏئي ٿي مات سُورجَ کي
غُرورن سان پئي اُڀري، کَٽيا ڪي خواب هوندائين!
مٿيان ٻه غزلَ اشفاق جي غزلن ۾ تغزل جي تخيلاتي ۽ جمالياتي
يا تخليقي اظهار جا ٻه بيحد خوبصورت نمونا آهن. اشفاق جي اڪثر غزلن ۾ محبوب سان سِڌي
تخاطب بجاءِ بيانيه انداز اختيار ڪيو ويو آهي، اهو رنگ اردوءَ جي باڪمال شاعر احمد
فراز ۾ به تمام گهڻو نظر اچي ٿو. تغزل جو اهو به هڪ انداز آهي، ڇاڪاڻ ته سِڌي
تخاطب ۾ حِجاب جا پردار کڄي ٿا وڃن. هونئن تغزل ۾ جمالياتي اختراع ته هوندو آهي پر
اشفاق جي غزلن ۾ تخيلاتي پاسو وڌيڪ حاوي آهي ۽ هونئن به سڄي رومانوي ادبي تحريڪ سماجي
خيال جي ڀيٽ ۾ تخيل کي وڌيڪ اهميت ڏيندي رهي آهي.
اچو ته سندس رومانوي شاعريءَ ۾ رومانوي رنگن جا ڪجهه ٻيا
عڪس ڏسون.
شهر جون آرسيُون ساريون پُڇن ٿيون، نيڻَ ڪاٿي هن!
سِرايون اڄ به سُرمن جون سِڪن ٿيون، نيڻَ ڪاٿي هن!
رُٺلَ ورهين
کان وَلهاريون، ڪُٺلَ سارا
ڪَڪر آهن
اکيون سُورج نِهاريندي
سَڙن ٿيون، نيڻَ ڪاٿي هن!
نه ماپي ڪنهن به گهرائي، اسان دل کي روئون ويٺا!
سمندر جون سڀئي لهرون چَون ٿيون، نيڻَ ڪاٿي هن!
صفا اَڻڀو ڪري وئي
آ، ستارن جو سڄو جوڀن !
رُکيون راتيون وڇوڙي جون رَڙن ٿيون، نيڻَ ڪاٿي هن!
وڇايان راهه ۾ ڪَچڙين ڪَلين جا خواب ڪي آڻي
ملڻ هُو موسمون ساريون اَچن ٿيون، نيڻَ ڪاٿي هن!
*
کَڻِي وَئِي کينچلِي کِلندي، اسان جي بختَ جو ڍارو!
نِپائي نينهن جا ٿي نانگَ،
جوڳڻ کي جهليو يارو!
*
پُراڻن ديوتائن کي،
سندن مَنصب تان ٿيڙَي ٿِي!
رُڳو پنهنجين ڪَٿائن کي، صَدين تائين پَکيڙَي ٿَي!
مُجسمن کي ڇُهي تِن کان، ڀَرائي ڇِرڪَ ٿِي ويٺِي
سَمورن سَنگتراشن جِي، ڪَلا پاڙئون اُکيڙَي ٿِي!
پَروڙين راز ٿا هُن کي، سَڀئي رَمزُون سُڃاڻين ٿيون
ڪڏهن ڌڙڪَي ڌَمالن ۾، ڪڏهن ڪي سُنگَ کيڙَي ٿِي!
سڄَي صحرا جِي واريءَ کي، ٻَڌي ڇَيريُون نَچائي ٿِي
مُئل ٿا مور جيئرا ٿين، ايئين مَستين کي ميڙَي ٿِي!
جُڳن جي جيءَ تي ٿين ٿا، قَهاري ڪَيفَ ڪي طارِي
بَدن جِي وَل اَنگوريءَ جي، ڇُڳن کي جيئن ڇيڙَي ٿِي!
*
اُٿاري وئي هَوا ڇُهندي يا پنهنجو پاڻ جاڳِي آ!؟
ڀَڃي ٿِي اِنڊلٺي
آرَس، جَواني هاڻ جاڳِي آ!!
اُٿِي هر اَنگ مان آخِر مُڪمل عَرش ٿيو آهي
سندءِ ڀرپُور نيڻن مان، خُدائي ڄاڻ جاڳِي آ!
وِڙهي آخر هَوائن سان ڪو شعلو رَقص ۾ هوندو
اسان جي سَرد رُوحن ۾ نَئين ڪوساڻ جاڳِي آ!
*
ڪَري پرواز کي قابو ، وَرڻ ئي ڪانه ٿِي ڏئي پَئي!
اسان جي سِڪ جو سُورج لَهڻ ئي ڪانه ٿِي ڏئي پَئِي!
ڇُهي پارس ڪَري پهرين، مِٽيءَ جي مول توريائين
اسان کي معجزا پنهنجا، مَڃڻ ئي ڪانه ٿِي ڏئي پَئِي!
نُزولِ عاشقِي جِي ڪا نَفي اَثبات سمجهُون ها
صَحيفو سار پنهنجيءَ جو پڙهڻ ئي ڪانه ٿِي ڏئي پَئِي!
چَڳُن سان چاندني ويڙهي، سَمورا چَنڊ چَوڙَي وئي
اسان کي رات جي رَنگ ۾ رَڱڻ ئي ڪانه ٿِي ڏئي پَئِي!
جَلِي جذبن ۾ جَنمن کان ٿيڻ پئي مَيڻ چاهيو پر
بَدن سان باهه ڪا ٻاري ڳَرڻ ئي ڪانه ٿِي ڏئي پَئِي!
سَنواريا ساههَ جنهن جا، ريشمي پَلڪن جي پاڇي ۾!
وئي ڌاڳا ڪَري دِل کي، ڪَتڻ ئي ڪانه ٿِي ڏئي پَئِي!
*
وَهي وَڃان ها رڳُن مان پنهنجي، لَڳو هو اهڙو ڪو کَنڊ مون
کي!
ملين نه ها تون ڇڏي ها پيِڙهَي، مَلال جذبن جو جَنڊ مون کي!
*
تو چِيچ پَڪڙي هئي ته لَمحن جون پُلصراطون اُڪاري آيس
پَناهه تُنهنجي نِگاههَ جِي آ، ڪَندو ڇا هاڻي ڪو مَنڊ مون
کي!
*
بَدن هِي اَسان جو ڪَيو رَک سُورجَ
مگر تنهنجي رَنگت اڃان زعفراني!
*
ٺاهي ڪو نيڻ تُنهنجا، مشهُور ٿئي مُصور!
بِينائي رَنگ سان گڏ، مون اڄ ڪَڍي رَکي آ!
*
اوهان جي عِشق جو جهُوٽو، نه جي پاڙئون اُکيڙَي ها
نه ڪنهن طُوفان ۾ دَم هو، اسان کي اِنچُ ٿيڙَي ها.
شاعرن جو اِهو ڪامل هوندو آهي جو هُو بِنهه غيرشاعرانه ۽
غيرجمالياتي لفظن، شين، ڳالهين جو تخليقي استعمال ڪري اُنهن لفظن، وارتائن، شين ۽
ڳالهين کي نئين علامتي معنويت ڏئي اُنهن جو مفهوم ئي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن
مٿي اشفاق ”اِنچُ“ لفظ جو صيغو استعمال ڪيو آهي. ساڳئي غزل جو هڪ ٻيو رومانوي بند
ڏسو:
اَڪيلِي وِلهه ۾ ويٺي ڪڏهن سوچيو ته هُوندو تو
چَڳُن کي ڪو ته آڱُر سان، ڇُهِي ٿورو ته ڇيڙَي ها
اشفاق جا گِهري ۽ تخيلاتي ۽ جمالياتي جا غزلَ رومانويت جي
رنگن ۾ وَهنتل آهن. سندس هيءُ ڪجهه ٻيا شعر ڏسو:
جڏهن کان چنڊ ٿي چارڻ، پِرين اوري ويو آهي!
اُترَ کان تانگهَه
جو تارو، ڏَکڻ ڏوري ويو آهي!
لَڏي لوڙائو دل آئي، کُلي ناهي دري تُنهنجي
اسان کي عشق بروو ٿِي ڪَپي ڪَوري ويو آهي!
*
نيٺ ته ايندينءَ چنڊ کڻي تون
رُوح ۾ ڪاري رات
رَکيل آ !
*
مُون مان ٺهيو نه بادل، تو مان کِجي کِنوڻ هُئي
ورُ ورُ وَراڪي
جهڙو، ڪهڙو سهِي سگهِي دل؟
وڏي بَحر ۾ سندس هيءُ غزل ته رومانويت جي تخيلاتي اظهار جو
هڪ حَسين نمونو آهي. هو چوي ٿو ته:
نِگاههَ سان وقت کي ٻَڌي تون، صديون به هِڪڙو پَهرُ ڪَرين
ٿِي، قَهرُ ڪَرين ٿِي!
ڇَتا هي تُنهنجا دِليون ڇِلن ٿا، ڇِتو هي سارو شَهرُ ڪَرين ٿِي، قَهرُ ڪَرين
ٿِي!
سَرير منهنجو هِي سِينڍ بڻجي، ٿو نِينڍ توکي ڏئي سدائين،
سُڻين نٿِي ڇو؟!
سُڻين ٿي جَي پوءِ ڇو لنوائي، بَدن جِي ماکِي زَهرُ ڪَرين
ٿِي، قَهرُ ڪَرين ٿِي!
تو مون کي ڌاڳا ڪَري رَکيو آ، ٿِي ويڙَهي هَر هَر وري
اُکيلين، اُڻين نَٿِي ڇو؟!
اُڻين ٿِي جي پوءِ ڇونه پائي، تون رات ڪاري سَحرُ ڪَرين
ٿِي، قَهرُ ڪَرين ٿِي!
پَکين سان گڏجي تون آئِي آهين، بَڻايو آهي مون چاههُ چوڳو،
چُڻين نَٿِي ڇو!؟
چُڻين پئي ٿي جي چاههُ چائي، ڪَڍي ڇو دل مان ٻَهرُ ڪَرين
ٿِي، قَهرُ ڪَرين ٿِي!
بَڻائي تِن کي سِتارا سانجهيءَ، هي چند ڳوڙها مُڪا ها توکي،
ڳُڻين نٿي ڇو!؟
ڳُڻين ٿِي جَي تون پلئه بَچائي، قَهر مَٿان ڇو قَهرُ ڪَرين
ٿِي، قَهرُ ڪَرين ٿِي!
رومانويت جي فِڪري ادبي روايت موجب رومانويت رڳو محبوب جي
باري ۾ يا محبوب سان تَخاطب يا ساڻس لاڳاپيل جذبن، خيالن ۽ تخيل جو ئي اظهار نه پر
مجموعي طور فطرت پَسندي، جماليات ۽ احساسن جي تخليقي اُڻت جي اظهار جو نالو آهي،
جنهن جا عڪس اسان کي اشفاق آذر جي سموري شاعريءَ ۾ نظر اچن ٿا. جيئن مون مٿي چيو
ته فطرت پسندي رومانويت جي روايت جو اهم ترين پاسو آهي، ان ڪري اشفاق آذر جي
شاعريءَ ۾ به اهو پاسو تمام گهڻو حاوي آهي. هُو علامتون، استعارا، خيالَ، تخيل،
تشبيهون، تلميحون ۽ جماليات جا مُحرڪ گهڻي ڀاڱي سماج مان کڻڻ بدران فطرت مان کڻندي
نظر اچي ٿو. هتي مان سندس شاعريءَ ۾ ان جا ڪجهه مثال ڏيڻ چاهيان ٿو، مثال طور:
سمورن آبشارن ۾،
هُيا هُن جا رڳو چرچا
هلي ويڙهي هوائن کي، ندين جي ڪا رواني آ
*
هڪ چنڊ جو پکي مون ڪلهه شام هو اُڏايو
هڪ رات کي تو ڳوهي،
منظر نئون بڻايو!
هڪ نِنڊَ کي سنڀالي سالن کان مون رکيو هو
هڪ خواب ڏئي تيلي، لحظي ۾ تو جلايو!
هڪ پيچرو پراڻو، هڪڙي ڳلي آ مون وٽ
هڪ ڳوٺ توسان ترسيو،هڪ شهر تو ۾ آيو!
*
نه بَرسيو بي وفا بادل، رُنيون هن ڌَرتتيون ڪيڏو!
ڪوئي ٺاري ته سُورج کي، ڪِٿي بوندن ڀَري آهي!
*
وِڇوڙي جو ڪَلَر وِچڙيو ، اسان جي سبز رُوحن کي
وَرڻ جو ڪَرِ بِلو هاڻي، حياتي هيءَ ڳَري ٿِي پَئِي!
*
اندر ۾ ڪنهن نئين احساس جا درياهه ڇوڙي ٿِي
مُڙي ئي ڪانه ٿِي، تاري وري هن دل کي ٻوڙي ٿِي
*
ليئاڪا رات ڀَر پاتا، اوهان جي عَڪس ها اُن مان
ڏِيئَي جِي وَٽِ اَسُرَ تائين، اسان ويهِي تَڪِي آهي!
*
بَي رَنگ بارشن ۾،
هر خواب ويو لُڙهِي آ
نيڻن جي ڍَنڍ تي ٻيو، سپنو تَرڻ نه ڏي ٿِي!
تو بَرف جو مُجسمو، مون کي ڏسڻ پي چاهيو
ڪا باهه مون ڦَڪِي آ، جيڪا ٺَرڻ نه ڏي ٿي!
تارا نه چنڊ، جُگنو، سُورج سَگهي وِسائي
ضِدي هوا ڏِيئَي کي، ڇا لئه ٻَرڻ نه ڏي ٿي!
جنهن ۾ ڳَٽا گُلن جا، ڀنورن کي مُند آڇيا
اُن وقت ۾ حياتِي، واپس وَرڻ نه ڏي ٿي!
*
ڪِنارن کي خبر ڪهڙي، جهُٻا ۽ جِهيرَ ڪهڙا ها!
پَکين کي ئي پَتو هوندو، نَديءَ جا نِيرَ ڪهڙا ها!
وَئي دل اُڊڙندِي
آخر، گهڻا آيا رَفُوگر
ٿي
اِهي اڻڄاڻ ڇا ڄاڻن، چَريءَ کي چِيرَ ڪهڙا ها!
نِهارُن ۾ پَليا جيڪي، مُڏا ٿي سڀ مِليا آهن
بَدن کي انتظارِي آ، تِکا سي تِيرَ ڪهڙا ها!
گهَٽائن کي گهُٽو ڏيندڙَ، ٻُڌائڻ کان لنوائن ٿا
هَوا هُئي رقص ۾ پائي، اُهي زَنجيرَ ڪهڙا ها!
*
درياههُ ٿي اندر ۾،
منهنجي ڇُلي نٿو!
هڪ يارُ ڳنڍ جهڙو، مون سان کُلي نٿو!
برسن ته ها گهٽائون، آڻي پيالا مئه جا
سڌڙين ڏي هيءُ سانوڻ، رستو ڀُلي نٿو!
*
هَلندي ڏٺو نه جنهن تي، هو وقت جو ڪُهاڙو
هر جهنگَ ۾ ها چرچا، اُن ڪاٺَ جي ٻَرڻ جا!
جنهن لاءِ نيڻَ کوٽي، مون هئي ندي وَهائِي
تنهن جا پَکِي نه پهتا، سانگا ڪري وَرڻ جا!
*
وڃَي دِلين جا ٿِي بَندَ ٽوڙي، نه ڄاڻ ڪيڏانهن پئي ڪَهي ٿي!
جِتي ڪَيان ٿو مان ڇوڙ جانان، اُتان ئي تُنهنجي نَدِي وَهي
ٿي!
*
ڪَشتي نه بَتيلو ڪو، مِٽيءَ سان ڀَري پَئِي آ!
هِن ڍَنڍ جي صَدمي ۾، اَڄ ڪُونج مَري پَئي آ!
*
بَدن ٻَيڙِي ڪَري پنهنجو، تَرِي وَئِي تارَ مان هوندي
وڃي ڳولي لَهو هاڻي،
ٻُڏو ساگَر ڪِٿي آهي!؟
*
پُڇين ٿو تون ڪِنارن کان، نَدي ڇا لئه رُنِي آهي
پَکي! تُنهنجي لَهڻ جو
ڀِي، اهو انداز ڇو ڪونهي!؟
*
لَهرَ لَهرَ جو
ٿو جام آڇي، هِي سمنڊ جُهونو ڪَلال آهي!
سَنجها پَئِي مُون ۾ ٿيڙَ کائي، کِڙيو اوهان جو خيال آهي!
نه ئِي وَڻن ۾
ڏُڪار آهي، نه ڪائِي ڦَٿڪِي مُئِي آ موسم
نه مَنظرن ۾ ڪي گهُنجَ آهن، سَڄڻ اَکين جو زَوال آهي!
مٿين سمورن شعرن ۾ اظهار جي نفاست، تخلياتي وُسعت، رواني ۽
جمالياتي تصورن سان گڏ فطرت پسنديءَ جو عنصر بيحد چِٽو ۽ اهم آهي. هنن سمورن شعرن
۾ استعمال ڪيل استعارا ۽ صيغا جهڙوڪ آبشار، نَديون، پکي، شام، رات، منظر، پُراڻا
پيچرا، بادلن جو نه بَرسڻ، ڌرتتين جو روئڻ، بُوندن، تَتل سِجَ، ڪَلرَ، درياههَ،
ڏِيئَي جي وَٽِ، محبوب کان وڌيڪ محبوبَ جا عَڪس، بي رنگ بارشن، نيڻن جي ڍنڍن،
بِرهه جي باهه، تارا، چنڊَ، جُگنُو، ضدي هوائن، ڀنئورَ، ڪنارا، پکي، هوائن جا رقص،
درياهه جو ڇُلهڻ، سنڌ جهڙا نيڻَ، سانوڻيون، جهَنگَ، پَٿرن، ڪَشتيون، بَتيلا، ڍنڍَ
جو صدمو، کِنوڻين جو کِجڻ، لَهرون، سَنيها جي تخليقي استعمال مان اها ڳالهه ثابت
ٿئي ته هُو شاعراڻيون عَلامتون، استعارا يا ڪردار سماج مان کَڻڻ جي ڀيٽ ۾ فطرت مان
وڌيڪ کڻي ٿو ۽ اهو عنصر سمورن رومانويت پسند ۽ فطرت پسند شاعرن ۾ هڪ جهڙو آهي. وليم
ورڊس ورٿ کي به پنهنجي ڳوٺ ۽ شهر جي ماڻهن بجاءِ ”ڊيفاڊلس“ وڌيڪ موهيو هو، جنهن کي
هن پنهنجي نظم جو موضوع بڻايو هو. ايئن جيئن فطرت پسند ۽ رومانويت پسند ڊچ مصور وِنسنٽ
وان گاگ کي فطري منظر وڌيڪ اُتساهيندا هئا ۽ هن سماج يا انسانن کان وڌيڪ مصوريءَ
جا موضوع فطرت مان کڻڻ کي اوليت ڏني. اشفاق جي شاعريءَ جو ڳُوڙهو ۽ تنقيدي اڀياس
ڪرڻ سان اهو عنصر تمام گهڻو کُلي سامهون اچي ٿو. مان سمجهان ٿو ته اِها هن جي
شاعريءَ جي سُونهن به آهي ۽ سماجي حوالي سان يا شاعريءَ جي سماجي ڪارج جي حوالي
سان اها سندس شاعريءَ جي ڪمزوري به چئي سگهجي ٿي.
مجموعي طور اشفاق آذر جي شاعريءَ تي ڪنهن به هڪ شاعر جي خاص
اثر جو لاڙو نه ٿو ملي پر منهنجيءَ نظر ۾ هو شيخ اياز جي ڀنئور ڀري اڪاس جي دور جي
شاعريءَ کان هڪ حد تائين اُتساهه وٺندي نظر اچي ٿو ۽ هن به ڪٿي ڪٿي غزلن ۾ زيرِ
اضافت جو استعمال ڪيو آهي. مثال طور هو چوي ٿو:
محبت ڪُفر ناهي پر، خلافِ مُنڪري آهي،
اڃا درويش هن دل جو، طوافِ دلبري آهي.
شيخ اياز جي اُن دور جي شاعريءَ ۾ زيرِ اضافت جو استعمال عروضي
شاعريءَ وانگر تمام گهڻو هو، ۽ اشفاق جي شاعريءَ ۾ اهو تمام معمولي استعمال ٿيل
آهي پر سندس شاعريءَ جو ۽ خاص طور غزل جو مزاج اُن دور جي اياز جي شاعريءَ سان
گهڻو مشابهت رکي ٿو. شيخ اياز کان پوءِ مون کي نظر اچي ٿو پنهنجي هم عصر دور ۾ هن
حَسن درس کان پڻ اُتساهه ورتو آهي ۽ ٻنهي شاعرن ۾ ڪجهه استعارا ۽ خيال هم آهنگ نظر
اچن ٿا. مثال طور ڳوٺ جو صيغو ٻنهي وٽ بار بار ملي ٿو. اشفاق چوي ٿو:
نِمن جا وڻ، پَکي، رَستا، وِچان سِنڌ واهه وَهندو آهه،
اسان جو ڳوٺ هِي تنهنجِي جوانيءَ جو حِصو آهي.
مٿين شهر ۾ منظرڪشي ڪمال جي آهي. هن جي شاعري سڄي فطري
منظرڪشيءَ جي جمالياتي عڪسن سان ڀَري پئي آهي. مثال طور سندس هيءُ شاعر ڏسو:
جَزيرو، لَهر، ڪا ٻيڙِي، سِتارا، ساز ڪو جُگنُو
تَصور جِي سڄِي دُنيا رُڳو توڪاڻ جاڳِي آ!!
*
مِٽيءَ جي دَڙن پويان، ڄڻ سِجُ ڪو اُڀرَي پيو
چِهرو هِي لَڳو
تُنهنجو، محبوب وَطن وانگر!
مٿين شعر جي پهرين سِٽَ ۾ هڪ منظر جي خوبصورت عڪسبندي آهي.
ايئن سندس نظم “ڪاڇو!” جون هي سٽون ڏسو:
ڇوليون پائي ڇير نَچن ٿيون،
هو گاجيءَ تي چَنڊُ اَڪيلو.
پوئين سِٽ هڪ خوبصورت منظر جي عڪس بندي اهي. اشفاق جي گهڻن
شعرن ۾ اُهي صيغا ۽ استعارا نظر اچن ٿا، جيڪي حَسن به استعمال ڪيا. مان سمجهان ٿو
ته اِها ڪا تتبع ناهي پر شاعراڻو اُتساهه آهي، جيڪو هر شاعر وَٺندو اهي. ويندي
لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ شاهه ڪريم، لطف الله شاهه قادريءَ ۽ ميئين شاهه عنات يا
ڪبير ۽ ميران ٻائيءَ جا اَڪيچار استعارا، صيغا ۽ ويندي کنيل سِٽون ملن ٿيون. مون
کي هيٺين شعرن ۾ اشفاق ۽ حَسن جي استعارن ۽ صيغن ۾ ڪجهه هڪجهڙائي يا حَسن کان اشفاق
جو اُتساهه نظر اچي ٿو:
دريءَ مان جي خُماريندڙ، نِگاهن کان نه ٿيا واقف
پِرينءَ جي ڳوٺ پياري جي، ڳَليءَ جو ڳَهر ڇا ڄاڻن!
*
اَکيون هِي جهانوِريُون اڳ ئِي، اسان جي عشق جون آهن
مَٿان هُن چُنڊَ کي لاهي، وِهاڻو ٿي ڪَرين پنهنجو!
*
مَن ۾ کَجيون
ڦُٽايون، جهَمپير سارَ تُنهنجي
تاڙَي جِي هُئي تَمنا،
چاڙهُو نه ٿِي سگهِي دل!
*
پَڌرا ڪري وَئي آ، سَرمد
جي بي لِباسِي
ڪيڏا لِڪائي اَندر،
نانگا ٺَٽي رکيا ها!
*
اوهان جي سارَ جا ڌوٻي اَلائي گهاٽُ ڪِهڙي ها
اسان کي دَردَ ڌوئِي تارَ تي سُڪڻو وِڌو آهي!
*
هيءَ هوا جي سَرسَراهٽ تيز آ
ننڊ جي هيٺان وِڇاڻو ڪونه آ!
*
جاڳَ جِي ڪائِي تحرِير
جنهن ۾ ڪَيئِي خوابَ ٻَيڙيُون هئا
وَنجههَ جن جا هُيون
عاشقن جُون اَکيُون
تو نه لوڏيو ڪڏهن هَٿ تِن کي ڏِسي!
*
ليون ڪَي ڪُونئريُون تِن ۾
ڪَيون ٿئين قيد، ظاهر ٿين!
اَنگيءَ ۾ ٿس ٻَڌل ڳيرا!
چِتائي ٿِي ڏِسي ۽ بَس
مَڇِي ٿِي پاڻ ٿئي
ٻيرا-!!
اشفاق ته پاڻ حَسن جي نالي ۽ سندن ڳوٺ کي انسپائيريشن طور
پنهنجي شاعريءَ ۾ استعارن طور پيش ڪيو آهي.
هِڏڪين ۾ هِن هَوائون، هوٿي مَشائخن ۾
هر وَڻَ جِي ڏارَ تي ڏِس،
هاءِ “حَسن” لِکيل آ!
هونئن حَسن، غالب ۽ اَمرتا پريتم کان پوءِ اُهو واحد شاعر
آهي، جيڪو سندس شاعريءَ جو موضوع پڻ بڻيو آهي، جنهن جو مثال سندس هيءُ نظم آهي:
ڪير هن جي سُونهَن جا سُرما ڀَري
ڪير آهي جيڪو راتين کي اُڻي
نِنڊ جي اُونهي سمنڊ مان
جاڳَ جا پيرا کڻي
هُو ڪَوي ناهي رهيو!
سمنڊ ۾ ۽ ساحلن ۾
ساههُ هُن جو، چاههُ هُن جو
۽ چَپن جو ساءُ هُن جو
ڪِيئن وِساري ٿِي سَگهي
هوءَ چُڪي جا آخري رهجي وئِي!
اَڌُ سَڙيل سگريٽ وانگر
ديس هِي دُکندو رَهي ٿو
۽ فقط ڏِسندو رَهي ٿو
آ خلائن ۾ ڪِٿي هُن جِي جواني
ڪو پَتو ۽ ڪا نِشاني
ڪُجهه ته هوندو، ڪُجهه به ناهي..!!
حَسن ۽ اشفاق جي شاعريءَ ۾ هڪ ساڳيو صيغو يا استعارو سمنڊ
جو به آهي. سمنڊ حَسن جي شاعريءَ ۾ گهڻو استعمال ٿيو آهي پر هڪ فطرت پَسند رومانوي
شاعر جي حيثيت ۾ اشفاق وٽ جيڪو استعارو گهڻي ۾ گهڻو استعمال ٿيو آهي، اُهو سمنڊ
آهي. حَسن جي ڀيٽ ۾ اشفاق ان استعاري جو استعمال تمام گهڻي علامتي وُسعت سان ڪيو
آهي. سمنڊ نه رڳو هڪ فطرت پسنديءَ جو استعارو آهي پر اهو تخيل جي وشالتا ۽ تحرڪ ۽
طلاطم جي به علامت آهي ۽ ايئن اشفاق سمنڊ جي استعاري کي انيڪ معنائن ۾ استعمال ڪيو
آهي، مثال:
هڪ ڍَنڍ کي مون پاليو، اَکڙين مان آب آڻي
هڪ سمنڊ کي ڇُهي تو صحرا سڄو بڻايو!
*
نه ماپِي ڪنهن به گِهرائي، اسان دل کي روئون ويٺا!
سمندر جون سَڀئي لَهرون
چَون ٿيون، نيڻَ ڪاٿي هِن!
*
ٿِي لَهر لَهر ڳوڙها، ڪيڏو هِي سَمنڊ سُڏڪيو
ڪَلهه خوابَ ۾ ڪِنارو ، ڇا جِل پَريءَ کي آيو!
*
زماني اُڇليو هو زور سان پر اُجهاڳ رِڻ ۾ جڏهن ڪِريس مان
کَڻي اَکين سان ٻيئي ڪِنارا ، پِرين تو آڇيو هو سَمنڊ
مون کي!
*
اُماڻِي دِل هُئي پَنهنجِي، ڪَري ٻيڙِي سَمندر ۾!
نه تُنهنجا نيڻَ وانجهِي ٿيا، ڪِنارن تي تَري ٿِي پَئي!
*
سمونڊ هُن جي جسم جا
سَڀ، ڪِنارا ياد ڪَيا آهن
ڀَڃي آرَس جيئين چاهي تيئين لَهرن کي موڙي ٿِي
جا سمنڊ تي آ گُذرِي، ٻيَڙين کان ڇا پُڇو ٿا
هيءَ موج موج پَڙهجو، سارو مَتن لِکيل آ!
*
جو ٻيڙي ٿي لَٿس تو
۾ ته ڄاتو
وڏو آ سمنڊ
کان ڦهلاءُ تنهنجو!
*
پيرَ تُنهنجا پِرين چُمڻ خاطر
سَمنڊ، ساحِل جنم ڏنو
آهي!
*
لَهرَ لَهرَ جو
ٿو جام آڇي، هِي سمنڊ جُهونو ڪَلال آهي!
سَنجها پَئِي مُون ۾ ٿيڙَ کائي، کِڙيو اوهان جو خيال آهي!
*
مون ڏٺو پي هي صحرا سمندر ٿيو، ساحلن تي وَڳو
لَهر وحشي ڪا اُڀري لَهي آئِي هُئي، يارَ جو رقص هو!
*
تو ۾ مُنهنجي شُهرتن جو سَمنڊ هو
ڇا چوان اڄ هاڪڙي جي هاڪَ کي!
*
ڪلهه رات تخيل سان
تخليق ڪَئي دنيا!
نيڻَن مان ڇِڪي تُنهنجي
هِڪ سمنڊ کَڻي آيس
*
سمنڊ کي ڏِسان ويٺو
ڪنهن نَديءَ کي ساري ٿو
درد جي ڊِگهي ٻيَڙي
لَهر لَهر جهاڳي ٿِي!
*
رُڃَ سان سيراب ٿو جنهن کي ڪَيان
تون سمورا سمنڊ ڪاهي وَئي هلينءَ!!
*
ڪير دامن ۾ پنهنجي ڀَري دلبري!
رات جي سمنڊ مان !
*
بادلن پويان جڏهن تُنهنجي
جواني جوش کائيندَي
ٽِپهريءَ جو ئي ٽَچڪِي هئي!
تڏهن ڪيڏا ڇِتا هي شهر
ٿيا هو تو جڏهن وهنجي
ڪُلهن تي قَهر جا ڪارا
ڇَتا پنهنجا هي ڇوڙيا ها!
تڏهن ڪيڏا جَزيرا هي
لَٽي ويو هو سَمندر
تو
ڀڃي آرس جڏهن لَهرن
جا سارا طرف موڙيا ها!
*
وَڃِي سمنڊَ جو هَر تَرو هو مُون ڦوليو
پَهاڙن مٿان ڪو پَکي ٿي اُڏاميس
*
نِنڊ سارِي نِينهن آ ويڙهي رَکِي
نيڻَ جهاڳي سمنڊ ٿا توکي ڇُهن
پَئي رُلي راهُن ۾ هيکل هِي حِيات
۽ هِي رَستا روز تنهنجو ٿا پُڇن
*
سمنڊ ۾ ڪا لَهر آهي
سِيپ آ، ڪوڏِي به آهي
فاصلا ويڙهي نَٿِي پر
ڏور ٿِي اوڏِي به آهي
ڇوڪِرِي هوءَ ڇا چَوان مان
ڇا ته آهي، ڇا نه آهي!!
سِيپ آ، ڪوڏِي به آهي
فاصلا ويڙهي نَٿِي پر
ڏور ٿِي اوڏِي به آهي
ڇوڪِرِي هوءَ ڇا چَوان مان
ڇا ته آهي، ڇا نه آهي!!
*
اڄ به دل تي او سَکِي!
ياد تنهنجي سانوڻيءَ وانگي وُٺي
۽ رُٺِي مونکان سموري ڪائنات
دل ته چاهيو پئَي هُجي ها لَهر ڪا
تون مگر ڪيڏو پَري
سمنڊ جو ڄڻ ٻيو ڪِنارو
ٿي پئينءَ!
*
چمڪندڙ چنڊ جو هانءُ تون
ها مگر توکي ڌُنڌلي سِتاري جيان
دُور ئي دُور کان
دِل سَڏيندي رهي
سمنڊ جي ڪنهن ڪناري
جيان!
*
پيرَ پنهنجا ڀِٽُن جي مٿان ٿي رَکين!
سمنڊ بڻجي ٿو صحرا به
ڇوليون هَڻي
جين مَندر به ٿو ساههُ تو ۾ کَڻي
دؤر ڪيئي لَتاڙي ٿِي مون سان ٻَکين!
اشفاق آذر ۽ ٻين عالمي رومانويت پسندن ۾ فطرت پسنديءَ،
رومانويت ۽ تخيل تي گهڻو زور ڏيڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻيو عنصر به هڪجهڙو آهي. رومانويت
پسند فطرت ۾ “مِسٽري” کي ڳوليندا هئا ۽ هُو ڪلاسيڪل روايت سان ان ڳالهه ۾ اختلاف
رکندا هئا ته ڪو فطرت فهم جوڳي آهي ۽ ان کي عقلي ذريعن سان پَروڙي سگهجي ٿو. يورپي
ڪلاسيڪل روايت جي اُبتڙ فطرت کي مِسٽري سمجهي ان کي تخيل، وجدان ۽ حسياتي ذريعن
سان اظهارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، هنن کي عقليت پسندن جيان فطرت کي سمجهڻ ۾ ڪابه
دلچسپي نه هئي. هو فطرت جي حُسن تي مُوهت ٿيندا هئا. اهو ساڳيو عنصر اسان وٽ اوڀر
۾ تصوف جي شاعريءَ ۾ به تمام گهڻو ملي ٿو. اشفاق به ڪٿي ڪٿي ان حوالي سان تصوف کان
متاثر نظر اچي ٿو، جيڪو عنصر سنڌ جي هر ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعر وٽ موجود آهي. هي شهر ان جا سُٺا مثال آهن:
کُليا وجدان جا دَرَ هن، وُجودن کي مِلي معنيٰ
چَئون ڪِيئن چاههُ هِي هن جو فقط جادُو بَياني آ
نه درگاهُون نه ڪا ڪافي، رِڻن ۾ رُوحُ رَقصان آ
اسان کي عشقَ پنهنجي جِي پارائِي يارَ ڳانِي آ!
*
نَغاري جِي وَڄت جهڙو، وَٺي جوڀَن قلندر کان
ڀَرائي ڇِرڪ سيوهڻ کي، ڌمالن ساڻ جاڳِي آ!
*
تُون رُوح ۾ گهُمي وٺ، ڇا ٿو نِراڙُ جاچين
مِٽيءَ کي آهي پُوڄيو، آهيان نه مان نمازِي!
*
او صُوفِي! رَنگ تُنهنجي ۾ رَچِي ريٽو ٿيون ها جي
سدائين سِنڌ ساريءَ
۾ سو کائي ها جو کيڙي ها
*
تصوف کي لِباسن ۾،
رَنگن ۾ ڪِيئن ٿو ڳولين؟
خَفا تون ذاتَ جا لاهي، هلي آ توکي سمجهايان!
*
سارو سيوهڻ هو ڇِرڪي اُٿيو نِنڊَ مان، رَنگُ اهڙو لَڳو
پاڻ محفل قلندر سَجائي هُئي، يارَ جو رَقصُ هو!
تصوف کان اُتساهه وٺڻ باوجود هن پنهنجو بنيادي رومانوي
شاعراڻو سڀاءُ نه ڇڏيو آهي.
سنڌ ۾ ڪهڙو شاعر هوندو، جيڪو مزاحمتي رنگ کان آجو هوندو،
ايئن اشفاق جي شاعريءَ ۾ به مزاحمتي خيالن جا عڪس ملن ٿا پر انهن تي انقلابيت جي
باههِ بدران رومانوي يا ٿڌو لهجو وڌيڪ حاوي آهي. مثال طور:
ٺَريل جذبن کي ڳارڻ لئه
اسان لفظن کي ٻاريو آ
*
هي شهر خاڪ ٿيو آ، پَن پَن سَڙيو مگر
هَر شخص جي زُبان ۽ لَهجن ۾ باههِ آ!
*
سچ چوڻ کان ڪِيٻائين ٿو!؟
ڄاڻُو! تُنهنجي ڄِڀَ ڪَکيل آ؟
*
خواهش هئي گُلن جِي، ٽانڊن تي پيرُ آهي
هن وقت جو اسان
سان، ڪيڏو نه ويرُ آهي!
*
لهوءَ سان لال پيرَن کي، ڀَلا ڪهڙو پَتو هوندو؟
پُڇو اُن راهه کان
جيڪا، وِڇائي ٻاٻُري ويئي!
*
نِڙيءَ تي نَنهن ڏئي ماڻهو، اسان کي ايئن چون ٿا پيا
توهان جي ماٺ ماري ٿي، ڪوئي آواز ڇو ڪونهي!؟
*
ڏيههَ ۾ رات جو ريگذار آ اڃان!
چنڊَ! تُنهنجو ڪِٿي آبشار آ اڃان!
*
وَڍي سُرن سان وُجود منهنجو ، گهُرين ٿو مَڱڻا ڇا دانُ هاڻي
مَٿو تِريءَ تي رکيو آ تُنهنجي تنوارَ جو ڪو حساب ڪونهي!
*
اسان ئي آهيون،
جو روشنين کي
وَرائي ڄاڻُون،
جو موسمن کي مَڃائي ڄاڻُون،
تون بند ڪر دَرَ بصارتن جا،
تون استري ڪر غلاظتن جي،
تون گهُنجَ سارا سنوان ڪري ڇڏ حقارتن جا!
*
ڪَکَ ناهيون!
تون ڪوئي طوفان بڻجي
ڇا اڏائيندين هوا ۾
پاڙ ڌرتيءَ ۾ کُتل آ
پيرَ پُختا هن زمين تي
دل اندر ڏس ڌڙڪنن جو
ڪو پهاڙي سلسلو آ!
رَکَ ناهيون!
تون ڀلي هيڪر ڇُهي ڏس
هَٿَ تُنهنجا پاڻ چوندا
هي ته ڪو آڙاههُ آهي
سَيڪَ کان ٿو خوف کائِين
پاڻ کي ليڪن ٻَرڻ جو
ڏِس اڃان ڀِي حوصلو آ!
لَکَ ناهيون!
*
رُڳو هڪ خواب ڏِسڻو آ!
ته ڪيئن اوندهه جي سيني ۾
لَهي ٿو سِجَ جو
خَنجر
بدلجي ٿو سَڄو مَنظر
اُهي جُگنُو جَي قيدي هِن
اُهي زَنجيرَ سَڀ ٽوڙي
اُڏن ٿا ڪِيئن فضائن ۾ !
نَدِي جيڪا کِلي ناهي
اُنهي ۾ ٽَهڪَ ڇوڙيندَي
پَکي ٿا ڪِيئن تَرن وَيهِي
ڀِٽُون سايُون ٿين ٿيون ۽
اُڃايل مورَ بُوندن جي
سُرن تي ڪيئن نَچن ٿا پيا!
*
اسان جي پَنڌ تي ڪاريهرن جو اڄ به قبضو آ
اشفاق آذر پنهنجي دور جي درد کي محسوس ڪندي ان کي پنهنجي
سموري شاعريءَ ۾ تاريخيت سان جوڙيندي نظر اچي ٿو. تاريخيت جا عڪس هن جي شاعريءَ ۾
هنڌ هنڌ ملن ٿا. ان سلسلي ۾ هن جا هي چند شعر ڏسو:
بِنا سُنبن جي ها گهوڙا،
لَتاڙيو جِن اَروڙ آهي
اسان جي تَخت گاهُن جو، ٿيو آ اڄ وري گهيرو!
وِڇوڙي جي خَلش اڄ ڀي، اُٺن جي واڳَ ۾ آهي
اَڃان رستا پيا روئن، پُنهونءَ جي پَنڌ جو پيرو!
*
ڪائي تاريخ
لِکجو، نئين مورخو!
سنڌ آهي مياڻيءَ
مان نِڪرڻ گهُريو!
*
هڪ دور جي خُدائي، تن کي به راس آئي!
پو خاڪ ۾ مِلي ويا، ڪي زار ها ڪي نازِي!
*
چَنيسرَ چاههَ جو
سودو، اَڃان لِيلان ڪَري ٿي پئي!
ڇڏي اَنمول مَنَ اڄ ڀي، مَڻئي تي هوءَ مَري ٿي پئي!
*
ڪهاڻي اسان دل جي تاراج ٿيڻ جي
ٺٽي ۾ ٻُڌي آهي مڪليءَ زباني!
*
پَٿر ذهن هِي رَڳڙي، شُعلا ڪيا تو پيدا
رَگويد جي سمورن، وَرقن ۾
باههِ آ!
*
اسان جو عشق آڳاٽو، سُڪي ويو هاڪڙي وانگر
ڪِناري تي اچي لَهه تون، ته پاڻي ٿي مِلان توسان!
*
لَهُو ڳڙي ٿو بَدن
مان جنهن جي، اُها ئي تاريخ آ اسان جي
وڃي ٿِي جا چِيخَ کي به چِيري، ترارَ جو ڪو حِساب ڪونهي!
جتي هُو پنهنجي دور جي درد کي پنهنجي رَتُ-هاڻِي ۽ اُڀن
ڪاوَن جهڙي تاريخ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اُتي هُو پنهنجي دور جي اَلمين کي به
ڀرپور اظهاري ٿو، چوي ٿو:
مُحبت جي ميهارن جو، ڪِٿي ڪُتبو لڳو آهي؟
ٻُڏي ٿي روز ڪا سُهڻي، گهَڙو اڄ ڀي ڪَچو آهي!
*
شَعُورن کي ٿِي شَرمائي، زبانن جي زبُون حالي
دليون دَرگور هن ساريون ۽ خاموشي يَڪي آهي!
*
وِچَ سِيرَ وَطن آهي، ڪَشتي نه ناکئو ڪو
ٻوڙي يا وري تاري، پاڻيءَ تي ڇڏيل آهي!
جيئن ته رومانويت پسند شاعر ۽ آرٽسٽ علامتن جو گهڻو سَهارو
وَٺندا آهن، اُن ڪري اشفاق مَٿين شعرن ۾ پنهنجي دور جي اَلمين کي به عَلامتن جي
صيغن ۾ اظهاري ٿو، اهو علامتن جو حِجاب رومانويت پسند ادب ۽ آرٽسٽ جي خاص نشاني
هوندي آهي.
وطن دوستي سنڌي شاعرن جي شاعراڻي خمير ۾ آهي ۽ اشفاق وٽ به
وطن دوستيءَ جا اظهارَ اَنيڪ رنگن ۾ ملن ٿا، جنهن ۾ هن پنهنجو ساڳيو رومانوي ۽
فطرت پسند رويو برقرار رکيو آهي.
اسان سنڌ تو ۾ ئي گردش ڪيون ٿا
نه ٿئي شال پوڙهي جَڙُن جي جواني!
*
مان نِهاريان ٿو
مگر منهنجو وطن
ڪنهن پَرائي ديس جي ڪا ڪال ڪوٺي ٿو لڳي
*
وطن ڪهڙو ڀَنڀورين جو،
رَنگن جو ديس ڪيئن آهي!؟
مورن جو ويس ڪيئن آهي!؟
سنڌ ۾ هن کي شڪارپور کان پوءِ ٿَر سان سڀ کان وڌيڪ رومانس
محسوس ٿئي ٿو. شڪارپور ته هن جو پنهنجو شهر آهي، جنهن لاءِ هن چيو آهي ته:
هن شهر ۾ اسان جا، پاڇا به اوپرا ها!
ماڻهو نه ها سُڃاتل، رستا به اوپرا ها!
هر بانسري ڀَڳل ۽ ڪو سُر نه هو شناسا
ڇا هِيرَ کي ميارُون، رانجها به اوپرا ها!
مونسان ملي رڳو هو روئي ڏنو لَکيِدَرَ
هر شخص اجنبي ۽ چهرا
به اوپرا ها!
واپس ورائي آيس ڪو جاڳ جو پاراتو
نيڻن ۾ جن کي پاليو، سپنا به اوپرا ها!
پر ٿَر جون علامتي حُسناڪيون هن جي اُتساهه جو وڏو محرڪ
آهن، ٿر ڄڻ هن جي روح جو جزيرو آهي. هو پنهنجي روح کي ٿَريو سڏي ٿو، چوي ٿو:
سدائين مور اچي ٿا نَچن تصور ۾
جنم جنم کان رهيو جيءُ ڄڻ ٿَريو آهي!
هو ٿَر جي مورن کي پنهنجو گهر ڀاتي سمجهي ٿو، چوي ٿو:
ٽهُوڪا تيرَ ٿي لڳَندئي
متان تو مور ماريو آ
يا سندس هيءُ شعر ڏسو:
پُڇو چنڊ کان مُنهنجي آوارگي!
نه چيلهار ۽ چودڳيءَ کان پُڇو!
جيتوڻيڪ طبقاتي سوال هن جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع ناهي ۽
هونئن به رومانويت پسنديءَ جي سموري روايت ۾ اِهو سوالُ گهربل اهميت سان ناهي
کَنيو ويو، پر ان باوجود اشفاق وٽ ڪِٿي ڪِٿي اِهي عڪسَ مِلن ٿا. مثال طور:
اُهي جن جي نظر تارَن، ڪَتين ۽ آسمان تي آ
زمين وارن تي گُذريو ڪيئن پويون پهر ڇا ڄاڻن!
*
هر چوڪ تي اُڌاري، ملندي آ زندگي
ڇِڙٻُن سان ٿا نِڀائن، هِي ٻارَ شهرَ جا!
شاعري اَنوکن تصورن کي تخليق ڪرڻ جو تخليقي ڪمُ پڻ آهي ۽
ڪنهن به شاعر جي شاعراڻي تخيل جي وُسعت هن جي انوکن تصورن مان به پرکبي آهي. اشفاق
ته آهي ئي تخليقي تخيل ۽ انوکن رومانوي تصورن جو شاعر. سندس هي ڪجهه خيال ڏِسو:
اُهي شارح زماني جا، حُسن جو شهر ڇا ڄاڻن!
مُنجهي پيا تِر جي معنيٰ ۾، بدن جو بحر ڇا ڄاڻن!
*
آرس ويو آ کولي، سڀ زائچا بدن جا
مُنهنجو ڇُهي تصور،
قمري اُڀار آيو!
مٿين شعرن ۾ بدن جي زائچن جو ذڪر ڪندي هو قمري اُڀارَ جو
صيغو کڻي آيو آهي. هيٺين شعر ۾ هو “نيڻن جي سِڪن” جو تصور ٿو تخليق ڪري، چوي ٿو:
پهريان قديم سڪا، نيڻن جا ويا لڌا
کوٽيا ويا پو مون مان، آثار شهر جا!
پنهنجي نظم ”ڪالاباغ ڊيم“ ۾ هُو خدا کي سرسبز سڏي پنهنجي واري اُڏامندڙ درياهه جو درد هينئن
بيان ٿو ڪري:
مُنهنجي سَرسبز خُدا کي چئجو!
دِل جي درياهه ۾ ڪا دَڙ ناهي
هيٺين شعرن ۾ هُو رات کي هينئن ٿو سڏي. هتي به هو پنهنجو
جمالياتي ۽ رومانوي سڀاءُ پاسيرو نه ٿو ڪري ۽ چوي ٿو:
آ حَبشڻ رات جو گهيرو
اَنڌيرن سان وِڙهي تارا
نه چمڪيا ڇو خُدا ڄاڻي!
قهر جي ڌُنڌ آ ڇانيل
هي جَر ناهي اڃان جَرڪيو
اکيون توکي ڏيون آڻي!
اسان جي جاڳَ ٿي تَرندين؟
پنهنجي نظم ”پُراڻي عشق جي ٻيڙي“ ۾ هُو ”هوا جي هجرتن“ ۽
راتين ۾ گهُنجَ وِجهڻ جا تصور ٿو تخليق ڪري، چوي ٿو:
اکيون جاڳي اسُر تائين
وِجهن ٿيون گهُنجَ راتين ۾.
سندس نظم ”مُهاڻِي“ ۾ محبوب جي چليهه کي لُڏندي لَهرن کان
لوڏَ وِسرڻ جو تصور ڪيترو نه رومانوي آهي، چوي ٿو:
ڏِسي ٿي چيلهه کي لُڏندي
لهر کان لوڏ ٿي وِسري!
ايئن سندس شاعري بيحد رومانوي خيالن ۽ تخيل جي تخليق سان
ڀَري پئي آهي. سندس هي چند شعر مثال طور پڙهو:
ڪَڍي رکيا ها اسان
نيڻ چوڪ تي پنهنجا
اسان جي ديد زماني کي عطا ٿيندي وئي!
*
پيو اُڊڙان وري تنهنجو، الائي ٿئي ڪڏهن ڦيرو!
تون آڻي چاههَ جو
چَرخو ، اُڻي وڃ آخري ڀيرو!
*
هاڻ ڪهڙيون ڪِنارن تي هن قُربتون
ڄاڻ مَنڇر مُهاڻيءَ
مان نڪرڻ گهريو!
*
هُن ڏٺا هن عشق جا سارا عجائب گهَرَ گهُمي
هوءَ دلين ۾ دفن ٿيل اسرار آڻيندي وئي!
*
هِن عشق جي گهَٽا مان، تيزاب هو ڪو بَرسيو
پر ڪونه مُنهن لِڪائڻ، هن دل چريءَ کي آيو!
*
بي رَبط هو تخيل، ڪنهن سار آ اُماڻي
لفظن جي ڪيميائي، هر سِٽ مان بَکي آ!
*
ڏِيئن جو ڏيهَه ۾ ڀَل پئي ڏُڪَرُ هاڻي ڪو غم ناهي
رَڳُن ۾ روشنيون ڀَرجو، چَري دل ڪا ٻَري آهي!
کُٽِي خوشبو ته اُڻنداسين گلابن جي غلافن کي
بهارون ڀَٽڪڻيون ناهن، اڃان چاره گري آهي!
*
ڏِٺو واسِينگ حيرت مان، زَهر پنهنجا سڀئي جاچَي!
ڪَکي ويو عشق جوڳڻ کي، نه پِيئي ۽ چَري ٿي پئي!
*
ڪري تسخير ٿي تارا، اکين جي هڪ اشاري سان
مُلائم مُرڪ ڪا مَهٽي پَهڻَ سارا هُو ٽوڙي ٿي
*
ڪري پاڻ جوڳين سَنديون ٿو پُڇائون
اچي نانگ کي ڀي ڪَکيون هي اَکيون!
*
سمورو باغ پيو سُڏڪي، قَهر جي سوڳواري آ
پَٽي ويو ڪير ٻارَي مان گُلابن جي چَڪي آهي!
*
ڪنهن جي چَپن تي سارو، تُنهنجو بَدن لِکيل آ!
پنهنجي ته ڀاڳ ۾ بَس،
صحرا جو مَن لکيل آ!
اَڻ کُٽ مُسافتن کي، ڪو ديس هٿ نه آيو
جاچي ته ڪو لڪيرُون، ڪهڙو وَطن لکيل آ!
کَنڊر بڻائي وئي ڪا، گهوڙن جي ٽاپ ناهي
هِن دل سَندِي تباهِي، پنهنجي هَٿن لکيل آ!
جا سمنڊ تي آ گُذرِي، ٻيَڙين کان ڇا پُڇو ٿا
هيءَ موج موج پَڙهجو، سارو مَتن لِکيل آ!
*
ڪا گُمشده ڪهاڻي، پنهنجا پَتا ٿي روئي!
هيءَ دل ڇِتي هُئي اڄ، کولي ڇَتا ٿي روئي!
هي نِينهُن آ ڪري ويو، آويءَ کي سَرد آخر!
هاڻي پئي ڪُنڀارڻ، ڪچا گهڙا ٿي روئي!
اُوندهه ڀرَي اکين ۾ ، وانئر سان مَن ويو آ
توسان ملي وُٺي جي، ڇا لئه هَوا ٿي روئي !
تو مَنجهه ئي اسان جي ڦَٿڪي مُئِي مُحبت
تو منجهه ئي اَڌُوري، هاڻي ڪَٿا ٿي روئي!
*
رهندا وڃن پيا جي،
ڪم ڪار هن ڪَرڻ جا!
هڪ ڏينهن آ جنم جو،
باقي چَٽيون ڀَرڻ جا!
ڇيڻيون نه ڪي هٿوڙا، ڪوئي ڇُهي ڏسي ها
پٿر کي ميڻ وانگر،
ارمان ها ڳَرڻ
جا!
*
ڪوئي اکيون مَٽائي، مون کي نيون وٺي ڏي
مون خواب هاڻ تن جا، سارا ڏِسي ڇڏيا هن!
تون ذائقو چَپن تي،
ڀل چَنڊ جو رَکي وٺ !
مون رات جي وَٽي مان، تارا چَکِي ڇڏيا هن!
شايد ڪوئي مُسافر ،
تحرير کي سُڃاڻي!
مون پَنڌَ پيچرن تي، پنهنجا لِکي ڇڏيا هن!
*
لَڙي ويل شام جو آخر، دِڪو ۽ دَرُ ڪٿي آهي!؟
اسان خانه بدوشن جو، پُڇين ٿو گهَر ڪٿي آهي!؟
اسان جا سُرخ هي سينا، گواهي ٿا ڏين اڄ ڀي
لِڪايو آستينن ۾،
اوهان خنجر ڪٿي آهي!؟
زماني ۾ رهيو چرچو، بُتن جي بي قراريءَ جو
قبيلي جو قبيلو ٿيو، اڃان ڪافر ڪٿي آهي!؟
بَدن ٻَيڙِي ڪَري پنهنجو، تَرِي وَئِي تارَ مان هوندي
وڃي ڳولي لَهو هاڻي،
ٻُڏو ساگَر ڪِٿي آهي!؟
*
مَٿي ۾ خاڪ وِجهي ٿِي ڦِري هي چانڊوڪي
ڪَيو تو چنڊ پُراڻو بَدن تي چوڙيندَي!
*
پَٿر ۾ سانت وانگي، صدين کان قيد آهيان
ٻاهر اچان ته ڄاڻان، ڪنهن کان سُئي سگهي دل!
*
تون پاءِ چنڊ نيڻين،
توکي به نظر ايندو
ڇا ڇا نه نئون آهي، هن
رات پُراڻيءَ ۾!
اَڻ ڄاڻ ڪنارا ها،
درياههَ پئي ڄاتو
هڪ ڄار وڇايل هو، گُمنام مُهاڻيءَ ۾!
*
رات ڪاريهر جيان ڦُوڪون ڏنيون
هر پهر مون سان مليو آ
ڏنگُ ٿي!
آرسيءَ کي جيئن اُجارڻ ٿو گُهران
شهر ٿو مون ڏي نهاري سنگُ ٿي!
پاڻ کي سُڪڻو وڌو
آ، هاڻ تون،
ڏِس بدن جي بافتي جو رنگُ ٿي!
*
اندر جي هاڪڙي ۾ ٿورڙو لهي ڏسجو
سُڪو آ سمنڊ مگر هيٺ ڪا رَواني آ!
*
وَڻ وَڻ ڏُڪار پيا ها، پَنڇيءَ نه موٽ کاڌي
مُون پاڻ مان به پنهنجا، پاڇا پَٽي رکيا ها!
*
مٿي کان هوءَ رکي وئي آ، صدين جي جاڳ جا لمحا
وِهاڻن جي ڇَوَن ۾ ڏس، ڇَڻيل ڪا ننڊ پَئي هوندي!
درد جي حوالي سان ”سِبڻ“ جو صيغو حَسن به استعمال ڪيو هو ۽
اشفاق ان کي گهڻين معنائن ۾ حوالن سان تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ان جا ڪجهه هِي
مثال ڏِسو:
بدن ڀرپور آ جنهن جو ۽ رنگت آسماني آ
ستارن رات ڀر ويهي، سِبي هن جي جواني آ!
*
اَول ڏيئي سَنها سِيبا، اَکين ۾ رَنگَ ٿِي ڪاڙهي
اسان جِي عاشقيءَ کي پوءِ ، اُکيلَي ۽ اُڊيڙَي ٿِي!
*
سِبيو توکي ستارن آ، ڪڏهن هِڪُ وارِ پائڻ ڏي
وَڳو سَنهڙي بَدن جو ڇو،
پُراڻو ٿي ڪَرين پنهنجو!
*
اُڊڙيل ڏِسي تمنا،
ٽوپا سَنها ڏنا سي
توکي سِبي ڇڏيو آ، هن دل جو خير آهي!
*
رَڳون ڌاڳا ڪري ڏيون ها،
مليو درزي نه ڪو اهڙو
سِبي ها ساههَ سان ويهي، چَپن سان پوءِ اُڊيڙي ها
اشفاق جتي عقيدن جي نظامن جي متروڪ هجڻ جي ڳالهه ٿو ڪري
اُتي هُو اُنهن کي ڪَفن پارائڻ جي ڳالهه به وڏي واڪي ڪري ٿو، مثال طور سندس هي ٻه
شعر ڏِسو:
پُراڻا ٿيا پَيمبر
سڀ، صحيفي ساز ڇو ڪونهي!؟
خُدائي ٿي وڃي ڊَهندي، نئون آغاز ڇو ڪونهي!؟
*
ٿي سڙِي خاڪ جا مُحبت آ
تنهن تي ڏِيئو نه هاڻ ڪو ٻَرندو
بي اَثر ٿي ويا صحيفا جي
هاڻ ڪو تِن کي ڪفن پارائي!
مٿي ڏنل سِٽون سندس نظم ”خاموش خدا“ مان کنيل آهن، جنهن ۾
هُو خدا کي خاموش ڄاڻائي ٿو، اهو تصور اصل ۾ ارسطوءَ پيش ڪيو هو، جڏهن هن چيو هو
ته خدا ڪائنات کي تخليق ڪري، ان کي خودڪار ڪري پاڻ خاموش ٿي ويٺو آهي.
نام نهاد جديديت پُڄاڻان دور جي وائڙائپ تي چِٿر ڪندي هُو
چوي ٿو:
اسان تي پيرَ رکي جن بُلنديون ماڻيون
اڃان اُنهن مان وئي ڪانه بَدگُماني آ!
*
هي شهر ڄَڻي ويٺو، هر ڏينهن نئين فتويٰ
هر شخص جي لهجي ۾، ڪا زهر ذري پئي آ!
اشفاق صنفن جي حوالي سان شاعري ٽن صنفن ۾ ڪئي آهي، جن ۾
غزل، نظم، آزاد نظم ۽ ترائيل اچي وڃن ٿا، جيتوڻيڪ هن شروعات آزاد نظم جي صنف سان ڪئي
هئي. مٿي مون گهڻا حوالا سندس غزلن مان ڏنا آهن، جو هو غزل جي صنف ۾ هڪ سَگهارو
تخليقي شاعر ٿي اُڀريو آهي، پر نظم جي ميدان تي به اشفاق جا تخليقي تجربا تمام اهم
آهن. سندس غزل جيان سندس نظم به بيحد تخليقي آهن، جن جا موضوع همعصر دور جي
ساڳيائپ جو شڪار نه ٿيا آهن. ”عشق ڄڻ ڪو سُگهڙ آهي!“، ”رازا“، ”خاموش خدا“، ”بارش“،
”او هَٺيلي“، ”تخيل“، ”خوف“ ”تصور“، ”وِصال“، ”حواس“، ”ٿڌ“، ”سارَ“، ”سَرءُ“، ”اُڃَ“،
”سُرڪَ“، ”شام“، ”پنڌَ“، ”ننڊ“، ”خواب“، ”اَکيون“ هن جي نظمن جا خاص عنوان آهن.
انهن عنوانن مان ظاهر آهي ته هو وري به فطرت ۽ داخليت کي خارجيت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
اهيمت ڏئي ٿو يا هن جو تخليقي اُتساهه فطرت ۽ داخليت مان پنهنجا موضوع چونڊي ٿو. جيتوڻيڪ
هن سياسي ۽ سماجي موضوعن تي پڻ ”تانيه خاصخيلي“، ”ڪالاباغ ڊيم“ يا ”بلوچستان“ جهڙن
موضوعن تي قلم کنيو آهي.
اشفاق جي شاعريءَ ۾ هڪ پاسو بيحد دلچسپ ۽ انوکو آهي. عام
طور رومانويت پسند ۽ تخيلاتي شاعر قنوطيت يا مايوسيءَ يا حسياتي ويڳاڻپ جو وڌيڪ
شڪار ٿيندا آهن پر اشفاق هڪ بيحد تخيلاتي شاعر هوندي به قنوطيت ۽ ويڳاڻپ کي پاڻ تي
حاوي ٿيڻ نه ٿو ڏئي، هن جو شعور هن جي تخيل جي لاشعور تي حاوي ٿو ڏسجي ۽ اهو ئي
سبب آهي جو هو مجموعي طور سموري شاعريءَ ۾ تخيل ۽ داخليت جا حاوي عنصر هوندي به ۽
انفرادي ۽ اجتماعي درد جا موضوع کڻندي به ويڳاڻپ ۽ مايوسيءَ يا زندگيءَ مان ويساهه
کڄڻ جو شڪار نه ٿو ٿئي. اهو توازن رومانوي، تخيلاتي ۽ داخليت پسند شاعرن مان تمام
گهٽ شاعرن ۾ ملي ٿو. رومانويت پسند شاعر گهڻي ابهام ۽ حِجاب جا صيغا استعمال ڪندا
آهن پر اشفاق به شيخ اياز، حَسن درس ۽ ٻين گهڻن جديد شاعرن جيان جسماني حُسن جي
جماليات جي برملا اظهار جي سرڪش گهوڙي کي بندشن جو لغام نه ٿو وجهي. اها روايت ننڍي کنڊ ۾ سنسڪرت شاعريءَ ۾ گهڻو عام
هئي پر ڪبير، ميران ٻائيءَ ۽ مسلمان صوفي شاعرن ان روايت کي پنهنجو نه ڪيو، جو
انهن تي روحانيت غالب هئي. ويندي فيض ۽ ٻين شاعرن به جسماني حُسن جي جماليات جي
اظهار ۾ پاڻ کي حِجاب اندر پابند رکيو، پر شيخ اياز اُهو باڪمال شاعر هو، جنهن
جديد شاعريءَ کي سنسڪرت جي ان قديم روايت سان پڻ جوڙيو. اسفاق جو هيءُ شعر ان
روايت جو تسلسل معلوم ٿئي ٿو:
اُٿي ٿي هوءَ اَذانن سان
فجر جي دور جهڙي آ
اُهي اُجرا اُرهه هُن جا
انهن تي گَجُ ڀَرڻو آ
لَسيون لاهيون وٺي تن جون
وڏو ڪو پنڌ ڪرڻو آ!
اها ڪا نار ناهي ڄڻ
ڪوئي شهتوت جو وڻ آ
ڏسڻ ۾ ڏَنگ ڏاڍا ٿس
هَلڻ ۾ هوءَ ته هَڻُ کَڻُ آ
چَريو هي چنڊُ آ جنهن تي
ٿڌا شُوڪار تارن جا
هوائن هنجَ ورتا هن
وڏا وَڻڪار وارن جا
اچي پِنبڻين ڪناري تي
صدين جو ٿَڪُ ڀَڃڻو آ
چُمين سان تار دريا ۾
ٻُڏي ٻيهار تَرڻو آ
اها رنگريز عورت آ
اکين سان رَنگَ هاريندي
ٻُڌو آ هوءَ ڀَڃي آرَس
مُسافر آهي ماريندي
اڃان هُن جي محبت کي
سَڳي وانگي نه پاتو آ
حياتي هيکلي ڪهڙي؟
مَرڻ تي من به آتو
آ
وَڳا جيڪي اڃان ناهن
اندر جا ساز روئن ٿا
۽ ڇاتيءَ ۾ ڇُپيل دل جا
اڃان ڪي راز روئن ٿا
اهو هڪ ڳوٺ ڳالهين ۾
وِڃائي پاڻ پائي ٿو
سُگهڙ سڀ ڪجهه ٻُڌائي ٿو!
وصل جو موضوع شاعريءَ جو قديم ترين موضوع آهي ۽ هزارين ڇا
لکين شاعرن هر دور ۾ ان موضوع تي پنهنجا تخليقي احساسَ ۽ ويچارَ اظهاريا هوندا.
اشفاق به ڪجهه موضوع ته روايتي ضرور کنيا آهن پر انهن موضوعن سان هن جو نڀاءُ غيرروايتي
آهي. سندس هيءُ نظم ”وِصال“ ان جو هڪ خوصبورت مثال آهي، هو چوي ٿو:
تُون عَجب رنگ ۾ ملي آهين!
ننڊ جي بي نِشان راهن ۾،
جيئن ڪو خواب، خواب ساڻ ملي!
جيئن بي نام ڪنهن جزيري تي
اوچتو ناوَ ڪا اچي بيهي!
دل ته ڪا آرزوءَ جو مَدفن هئي
تنهنجي چُوڙين جا ٽهڪ جو گونجيا
ساههُ پئجي ويو مزارن ۾!
تنهنجي ڳل تي ٽڙيا گلاب ڪئين
باغ مهڪيو بدن جو بستر تي
هاڻ ڇاهي رکيو بهارن ۾!
رات رِم جهِم آ سِينڌ تنهنجيءَ ۾
چنڊَ درويش کي ڪو سمجهائي
هاڻ اُڀري نه شرمسار ٿئي!
لمحو لمحو، صدي صدي بڻبو
وقت ٿيو سُونهن جي
خُدائيءَ تي
ڪائناتن کي ڀي نثار ٿئي!
درد جي پڙ مٿان اکيون ٻُوٽي
داوَ تي مُون رکي مُحبت هئي
هيءَ جدائي ٿي هاڻ هارائي!
زندگيءَ جون سموريون زهر ڀريون
هي گهڙيون جيڪي تو سوا گُذريون
هاڻ ڪو تن کي ڪفن پارائي!
ساڳيءَ طرح هِجر يا وڇوڙي جي موضوع کي به هن پنهنجي نِبار
انداز ۾ نِڀايو آهي، چوي ٿو:
تون نه هوندينءَ ته
سڀئي ديپ اُجهامي ويندا
۽ نه هُو چنڊ اُفق تي کِڙندو
رات بي نُور گداگر
وانگي
پهر ڪو روشنيءَ جو پنندي پئي!
تون نه هوندينءَ ته سڀئي خواب اڌُورا رهندا
ننڊ ناراض پکين سان ويندي
تنهنجي ڀرپُور جوانيءَ جو قسم
جاڳ نيڻن کي صفا ڇنندي پئي!
تون نه هوندينءَ ته ڪي طوفان ورائي ويندا
دل مٿان کنوڻ اچي ڪرندي ۽
سَٽَ سان ساههَ جا رسا کُلندا
مان نه ڪنهن جاءِ تي کُتل هوندس!
گوتم ٻُڌ چوندو هو ته زندگي موجود لمحي جو نالو آهي، هو
ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ ويساهه نه رکندو هو، شاعر گهڻي ڀاڱي ماضيءَ جي نرگسيت يا رومانس
۾ ورتل نظر ايندا آهن. اشفاق پنهنجي نظم “سَمي جو اسرار ڪير سمجهي؟” ۾ ڄڻ ته
ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جون احساساتي سرحدون ڊاهي ڇڏيون آهن. هو سَمي جا اسرار
پنهنجي نظم ۾ هيئن ٿو بيان ڪري:
سَمو ٿو پِيئندو وڃي اسان کي
سَمو ٿو جِيئندو وڃي اسان کي
سَمي جو اسرارُ ڪير سمجهي؟
سمي جو اسرارُ ڪير سمجهي؟
مٿي مون اشفاق جي شاعريءَ ۾ سندس مزاحمتي لاڙن جا ڪجهه مثال
ڏنا آهن، پر جيئن ته اُهي غزل جي پيرائي ۾ بيان ڪيل آهن، ان ڪري انهن جو لهجو گهڻو
ٿڌو ۽ نفيس آهي. اشفاق پنهنجي غزلن جي ڀيٽ ۾ نظمن ۾ مزاحمتي لاڙو وڌيڪ سَگهه ۽
چِٽائيءَ سان سامهون آندو آهي. هو جنهن پنهنجي دور جي مزاحمت جي الميي تي لکيو هو
ته ”اسان جي پنڌ تي ڪاريهرن جو اڄ به قبضو آ“ يا چيو هو ته:
”اکيون جاڳي اَسُر تائين،
وِجهن ٿيون گهُنجَ راتين ۾“.
هنن ٻن سٽن ۾ علامتن جو تخليقي ۽ مزاحمتي استعمال ڏِسو. ظلم
۽ بي انصافيءَ جي راتين ۾ شعور ۽ جدوجهد جون اکيون جاڳي گهُنجَ وِجهن ٿيون. راتين
۾ اکين جي گهُورَ سان گهُنجَ وِجهڻ جو تصور ڪيڏو نه علامتي، تخليقي ۽ سَگهارو آهي.
مان هتي رڳو مثال طور سندس ٻه نظم ڏئي رهيو آهيان:
ڪَکَ ناهيون!
تون ڪوئي طوفان بڻجي
ڇا اڏائيندين هوا ۾
پاڙ ڌرتيءَ ۾ کُتل آ
پيرَ پُختا هن زمين تي
دل اندر ڏس ڌڙڪنن جو
ڪو پهاڙي سلسلو آ!
رَکَ ناهيون!
تون ڀلي هيڪر ڇُهي ڏس
هَٿَ تُنهنجا پاڻ چوندا
هي ته ڪو آڙاههُ آهي
سَيڪَ کان ٿو خوف کائِين
پاڻ کي ليڪن ٻَرڻ جو
ڏِس اڃان ڀِي حوصلو آ!
لَکَ ناهيون!
ها مڃون ٿا چند آهيون
پر ڪٿي بيٺا نه
آهيون
پير جي وڍجي وڃن ٿا
پوءِ رڙهي ڄاڻون اسان ڀي
وقت ايندو پاڻ ڏسندين
ڪيئن ٺهندو قافلو آ!
*
رُڳو هڪ خواب ڏِسڻو آ!
ته ڪيئن اوندهه جي سيني ۾
لَهي ٿو سِجَ جو
خَنجر
بدلجي ٿو سَڄو مَنظر
اُهي جُگنُو جَي قيدي هِن
اُهي زَنجيرَ سَڀ ٽوڙي
اُڏن ٿا ڪِيئن فضائن ۾ !
نَدِي جيڪا کِلي ناهي
اُنهي ۾ ٽَهڪَ ڇوڙيندَي
پَکي ٿا ڪِيئن تَرن وَيهِي
ڀِٽُون سايُون ٿين ٿيون ۽
اُڃايل مورَ بُوندن جي
سُرن تي ڪيئن نَچن ٿا پيا!
رُڳو هڪ خواب ڏسڻو آ!
هزارين ميل ڪيئن اُڪري
ڪناري تي اچي لهرون
وجهن ٿيون ٻک ٻيڙيءَ کي!
مهاڻِي ڄارُ ٺاهيندي
پرين جو پيار ڪيئن ساري
چپن ۾ گنگنائي ٿي!
ٻنيون جيڪي ڪلر هاڻيون
ڄڻن ٿيون سنگ سونا ۽
سرنهن خوشبو پئي پکڙي
اسر ڌاري اٿي ڀاڳڻ
گُنديءَ ۾ اَن جا داڻا
ڏسي ڪيئن هنيانءُ ٺاري ٿي!
رُڳو هڪ خواب ڏسڻو آ!
ته ڪيئن سُرما سنوارن ٿا
رُکا هو نيڻ جن ۾
ٿي
صدين کان رک ڪا اڏري
ته چوڙيون ڪيئن وڄي آخر
ڪرايون جي ٻُسيون تن جا
پيون ڪي سڏ ورنائن!
جهُڪيل هو ڪنڌ جي آهن
سي اڀري شرمساريءَ مان
ڪلهن کي مان ڪيئن ٿا ڏين
روا ڦاٿل روايت جي
ڪنڊن مان ڪيئن ٿي آجا
ٿا لهرائن هوائن ۾!
رڳو هڪ خواب ڏسڻو آ!
انهي کان پوءِ اکيون منهنجون
کڻي ٻوڙيو وڃي ڪاٿي
يا اوچي ڪنهن پهاڙيءَ تان
ڀلي کاهيءَ ۾ ڪيرايو
يا گهاٽي جهنگ اڇلايو
ٽنگيو ڦاهو ڏئي يا پو
ڪکيو واسينگ ٿي تن کي
يا ڀل ڪانون کي کارايو
مگر هڪ خواب ڏسڻو آ!
رڳو هڪ خواب ڏسڻو آ!
هو جتي سنڌ جو درد اظهاري ٿو، اُتي بلوچستان جو درد به
محسوس ڪري پنهنجي نظم ”بلوچستان“ جي هنن سِٽن ۾ ڄڻ ته سموريءَ قوم ۽ وطن جو درد ٻن
سٽن ۾ اوتي ٿو ڇڏي، چوي ٿو:
مان نِهاريان ٿو
مگر منهنجو وطن
ڪنهن پَرائي ديس جي ڪا ڪال ڪوٺي ٿو لڳي
ڌرتيءَ جو رومانس اشفاق جي سموري شاعريءَ جي رَڳَ رَڳَ ۾
سَمايل آهي ۽ هونئن به رومانويت جي تحريڪ جو اهو بنيادي ۽ اهم عنصر هو. حَسن درس
جيئن پريميو ڪولهيءَ جي طبقاتي درد کي محسوس ڪيو هو، اُتي اشفاق ڀڳت ڪوٺيءَ جي وطن
کان وڇڙڻ جي درد کي شدت سان محسوس ڪري ٿو ۽ وطن جي رومانس کي هينئن هن نظم ۾ بيان
ڪري ٿو:
ڀڳت ڪوٺيءَ وٽان هن موڪلائيندي چيو هو
وري جئي پور ڪڏهن ايندين؟
کڻي ان سنڌ جي خُوشبو،
اسان جي رُوح کان وسري نٿي جيڪا اڃان تائين!
ٿا جنهن جي سار ۾ پنهنجا صدين جا ساهه پيا کيڙيون
اندر ۾ سڪَ جنهن جيءَ کي وڇايون ۽ پيا ويڙهيون
سَمي جي هر گهڙيءَ ۾ آ!
وڇوڙن جي ڀريل پيڙا !
گهڙي گهائي ٿي پر گذري نٿي جيڪا اڃان تائين!
هي جي لهرا لباسن جا ۽
ٻوليءَ جي اُڻت ساڳي
نهوڙي نينهَن ٿي جيڪا آ سُرندي جي وَڄت ساڳي
مگر جيڪا هي سرحد آ!
ذلالت جي ڪائي حد آ!!
اسان جي آرزو اُڪري نٿي جيڪا اڃان تائين!
ڪٿي آ ڀٽ جو ڀاڻو، ڪٿي سي بيت ۽ وايون
سڏي ٿو دور مُهراڻو،
پيا ڳوڙهن سان ڳالهايون
ڀٽن تي ڀي بهار آهي!
۽ مورن جي ميار آهي!
اسان جي ذهن مان نڪري نٿي جيڪا اڃان تائين!
اسان هوليءَ جي رنگن ۾ پيا جنهن کي پڪاريون ٿا
اها ئي سنڌ جنهن جو هر دُسهڙو اڄ به ساريون ٿا
کڻي ان سنڌ جي خوشبو،
وري جئي پور ڪڏهن ايندين؟
ڀڳت ڪوٺيءَ وٽان هن موڪلائيندي چيو هو!
اشفاق جي نظمن جي موضوعاتي وُسعت دل کي ڇُهندڙ آهي ۽ هتي
مان سندس ان نظم جو حوالو ضرور ڏيڻ چاهيندس، جيڪو مون بيحد وڻندو آهي ۽ اهو نظم
آهي ”ڪٿي آهين ساحر؟!“ مان ان نظم جي درد ۽ ڪيفيت کي ان ڪري به شدت سان محسوس ڪري
سگهان ٿو جو منهنجي خوشنصيبي هئي جو مان دهليءَ ۾ حَسن درس سان گڏ امرتا پريتم سان
سندس گهر مليو هئس، جتي امروز پڻ موجود هو. مون کي ياد آهي ته جڏهن اسان امرتا جي
ڪمري ۾ داخل ٿيا هئاسون ته سامهون ڀِت تي وڏن اکرن ۾ هڪ شعر لکيل هو:
”حیات کی کہانی تو بہت لمبی تھی٬
مگر تیری جدائی نے مختصر کردی۔“
مون امرتا کان ان جو پس منظر پُڇيو هو ته هن بِنا هَٻڪ جي
چيو هو، ”ساحر“.
مون کي اشفاق جو هيءُ نظم امرتا جي ڪيفيتن جي حقيقي ترجماني
لڳندو آهي، هو چوي ٿو:
ڪٿي آهين ساحر!؟
مان تنهنجي امرتا!
جڳن کان محبت جون مدهوش واديون
هي نيڻن جا خاموش
هيکل جزيرا
۽ بي نام خوابن جا ڪيئي بسيرا
پڪارن پيا، ڪٿي آهين تون!؟
ڪٿي آهين توکي سڏي ٿي محبت
محبت جا بابل جي مينار وانگي
محبت جا ايشور ۽ اوتار وانگي
محبت جا بائيبل ۽ قرآن وانگي
محبت جا تازي ڪنهن ايمان وانگي
اهائي محبت، اڌوري محبت
سموري خدائي سان توکي سڏي ٿي!
اگر تون خدا آن ته جبريل جي هٿ
پنهنجي عشق جي تنهن نبوت جو مون کي
ڪوئي تاج ڏي، مون کي معراج ڏي
ڏس هي منهنجي سڄي زندگي، بندگي
تنهنجي درشن جي لئه ڪيڏي درماندي آ
پر ڪٿي آهين تون!؟
ڏس مان تنهنجي امرتا!
زمانن کان گنگا جي لهرن ۾ ٿي
چنڊ جو رقص ڳوليان
۽ سگريٽ جي هن دونهين ۾ پئي
مان تنهنجو عڪس ڳوليان
هي ڪاغذ جي پاڻي تي نظمن جون ٻيڙيون ئي
منهنجو ٺڪاڻو،
محبت جي سڀني فسانن ۾ تنهنجو ئي آهي پڇاڻو
مگر تون ڪٿي آن!؟
ڪٿي آهين دل جي ڳلين جا مسافر!
ڪٿي آهين واسينگ راتين جا شاعر!
ڪٿي آهين ساحر!؟
مان تنهنجي امرتا!!
ڪنهن به شاعريءَ جي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس تيسين مڪمل نه
ٿو ٿي سگهي، جيسين ان جو تنقيدي يا کُٽل پاسن جو جائزو نه ٿو ورتو وڃي. هتي مان
چاهيندس ته اشفاق جي شاعريءَ جي ڪجهه تنقيدي پاسن تي پڻ نظر وِجهان. اشفاق کي
پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان هيٺين نُقطن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي، جن سان
هن جي شاعريءَ جي موضوعاتي وُسعت، سماجي ڪارج ۽ تخليقيي گِهرائيءَ ۾ وڌيڪ حُسناڪي
۽ اثر پذيري پيدا ٿي سگهي ٿي. اهي ڪجهه نقطا هي آهن:
(1) تخيل، تفڪر،
مشاهدو، خيال ۽ احساس شاعريءَ جا بنيادي موضوعي عنصر آهن ۽ اُنهن ۾ توازن شاعريءَ
کي وڌيڪ معنيٰ ۽ سماجي ڪارج بخشي ٿو. اشفاق آذر وٽ انهن مان تفڪر جو عنصر ٻين جي
ڀيٽ ۾ ڪجهه کُٽل آهي. هڪ رومانوي شاعر جي حيثيت ۾ هن جو گهڻو زور تخيل، حسيات ۽
جماليات، ۽ فطرت پسنديءَ تي آهي، خاص طور سندس غزلن ۾. هونئن تاريخي طور غزل ان ئي
مزاج جو حامل رهيو آهي، جنهن ۾ تخيل ۽ حسيات جو وڌيڪ مٿڀرو اثر رهيو آهي پر سنڌي
شاعريءَ ۾ شيخ اياز غزل کي نوان نوان فِڪري لباس پارائي “گيڙو ويسَ غزلَ” يعني
سنڌي رنگ ڏئي ڇڏيو هو، جنهن ۾ تخيل به هو ته تفڪر به هو، رومانويت به هئي ته
مزاحمت به هئي، داخليت به هئي ته خارجيت به هئي. شاعر کي اهو سمجهڻو پوندو ته فطرت
پسنديءَ ۾ جماليات ته ٿي سگهي ٿي پر تفڪر جو پاسو نه ٿو بيهي سگهي. تفڪر بنيادي
طور سماجي محرڪ آهي، اهو ئي سبب آهي جو رومانويت جي شاعريءَ جو سمورو دور روح کي
ته گَرمائي ٿو، حسيات کي ته متحرڪ ڪري ٿو پر اهو شعور ۽ سماج ۾ اُٿل پُٿل جو سبب
گهٽ ٿو بڻجي. ان جو مثال اياز جا ٻه ڪتاب آهن.
“ڀنئور ڀَري آڪاس” بنيادي طور رومانويت جي رَنگ ۾ رنگيل آهي، ان ڪري اهو
حساسيت کي متحرڪ ڪري روح کي ته گرمائي ٿو پر سماج تي اهو اثر نه ٿو ڇڏي، جيڪو اياز
جي ڪتاب “وِڄون وَسڻ آيون” جي ڪري ٿيو. اشفاق سميت اسان جي اڄوڪي دور جي نمائنده
شاعرن کي شاعريءَ ۾ تخيل، حسيات، ۽ جماليات يا رومانويت سان گڏ تفڪر جي پاسي تي
گهربل ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ان لاءِ هنن وٽ اڳوڻي نسل ۾ شيخ اياز جهڙو رول ماڊل شاعر
موجود آهي.
(2) رومانوي شاعري
گهڻي ڀاڱي داخليت جي اظهار جي شاعري ٿئي ٿي، خارحيت ان ۾ گهٽ جاءِ والاريندي رهي
آهي، اهو ئي سبب آهي جو ترقي پسند تحريڪ جي نمائنده شاعرن غزل جي ڀيٽ ۾ نظم کي
وڌيڪ اهميت ڏني، پر فيض ۽ اياز جهڙن يگانن شاعرن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته صنفن جون
حدبنديون يا بندشون تفڪر يا خارجيت کي روڪي نه ٿيون سگهن. اشفاق جي شاعريءَ ۾ به
غالب عنصر داخليت جو آهي ۽ خارجيت جا عڪسَ هن جي شاعريءَ ۾ هنڌ هنڌ موجود ته آهن
پر هڪ نمايان لاڙي طور نه. خارجيت جو مطلب وري به سماج ئي آهي. اشفاق جا استعارا،
علامتون ۽ تشبيهون يا خيال ۽ تخيل جا عڪسَ گهڻي ڀاڱي فطرت يا تخيل مان کنيل آهن،
انهن ۾ سماجي علامت نگاريءَ جو پاسو کُٽل يا گهربل سطح تي ناهي. ان طرف هن کي ڌيان
ڏيڻو پوندو.
(3) اشفاق جي نظمن
۾ ته موضوعاتي وُسعت ملي ٿي پر غزلن ۾ تغزل جو گهڻو اثر هئڻ ڪري هن وٽ تخيل،
استعارن، علامتن ۽ محسوسات جي ته وُسعت آهي پر موضوعاتي طور غزل گهڻي ڀاڱي ساڳين
موضوعن جي چوڌري ڦِرن ٿا. روايتي ۽ عروضي شاعريءَ ۾ غزل جا موضوع هونئن به محدود
هئا پر جديد سنڌي شاعريءَ غزل ۾ موضوعاتي وُسعت جو هڪ ڀرپور دور آندو ۽ اشفاق جهڙا
هن دور جا شاعر ڀاڳ وارا آهن، جو اِهي تجربا کانئن اڳ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ٿي چڪا
آهن ۽ هو ان پنڌُ کي اڃا به تخليقي انداز سان اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا. انساني سماج
موضوعن جو هڪ اڻکُٽ جهان ۽ لقاءُ آهي ۽ جديد شاعريءَ جو ڪمال ئي اهو هو جو اُها
روايتي موضوعن جون سرحدون ٽِپي وئي. اڄوڪي نام نهاد ”جديديت پُڄاڻان“ دور ۾ انيڪ
اڻ ڇُهيل موضوع اشفاق جهڙن تخليقي شاعرن جي انتظار ۾ آهن.
(4) اشفاق هونئن
شاعري غزل، نظم ۽ ترائيل جي صنفن ۾ ئي ڪئي آهي، ۽ هن اڃا گيت، وائيءَ يا ڪافيءَ ۽
ٻين صنفن تي تخليقي طبع آزمائي نه ڪئي آهي ۽ اِهو لازمي به نه آهي پر مان سمجهان
ٿو ته کيس علامتن ۽ استعارن جي گهڻي ورجاءُ کان هاڻي بچڻو پوندو. جئن مون مٿي سمنڊ
جي استعاري يا “سِبڻ” جي صيغي جا مثال ڏنا آهن. هڪ حد کان پوءِ اهو ورجاءُ شاعريءَ
جي نِبار حُسن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. منهنجي صلاح آهي ته شاعر کي استعارا ۽ صيغا
سماج مان وڌيڪ کڻڻ گهرجن.
(5) اشفاق جي
شاعريءَ ۾ قومي سوچ جا عڪسَ ته هر هنڌ ملن ٿا پر طبقاتي موضوع هن وٽ بِنهه گهَٽ
آهن. اها ساڳي غلطي سمورن وڏن رومانوي شاعرن اُڻويهين صديءَ کان وٺي پئي ڪئي آهي،
ان جو سبب شايد اهو به هو جو انفراديت پسنديءَ، جذبات نگاري، فطرت پسنديءَ ۽
داخليت يا تخيل تي وڌيڪ زور ڏيندا رهيا آهن پر اشفاق ان ٻوليءَ ۽ دور جو بيحد
خوبصورت رومانوي شاعر آهي، جنهن ۾ رومانويت، قومي سوچ، وطن دوستيءَ ۽ طبقاتي سوال
کي جدا ڪري ئي نه ٿو سگهجي. اشفاق جي شاعريءَ ۾ طبقاتي فڪر جا ڪجهه عڪسَ آهن، جن
جو ذڪر مون مٿي ڪيو آهي پر اهو جنهن سَگهه سان موجود هئڻ گهرجي، ان جي وڏي کوٽ نظر
اچي ٿي.
مجموعي طور اشفاق آذر پنهنجي ٽهيءَ ۽ دور جو هڪ بيحد
خوبصورت، تخليقي، منفرد نِبار ۽ سَگهارو شاعر ٿي سامهون آيو آهي، هن جي شاعريءَ جو
پنڌُ ته ٽن ڏهاڪن تي ٻَڌل آهي، پر هيءُ ڪتاب سندس ڀرپور تعارف ٿي سامهون ايندو ۽
سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو. اشفاق سنڌي شاعريءَ جي حَسين تسلسل جو تخليقي
نانءُ آهي. هو پاڻ بابت چوي ٿو:
تون نه هوندينءَ ته ڪا تاريخ پُراڻي ٿيندس
منهنجا آثار جي ڳولڻ ايندينءَ
پنهنجون صديون کڻي ڏسي وٺجان
ڪنهن نه ڪنهن دؤر ۾ سُتل هوندس!
هن کي اڳوڻن دورن ۾ سُتل هئڻ بجاءِ مستقبل ۾ پنهنجي جاءِ
ٺاهڻي پوندي ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن هُو پنهنجي دور کي شاعريءَ ۾ مخاطب به ٿيندو ۽
ان کي جواب به ڏيندو!
29 نومبر 2018ع
No comments:
Post a Comment