21/04/2020

ناولٽ: ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)

اڪبر لغاري
ناولٽ: ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ



گوٿڪ ادب (خوف، موت، رومانس ۽ زندگيءَ جو ڀيانڪ رخ) ۾ ڪيترائي ناول ۽ فلمون مشهور ٿيون جن ۾ فرئڪنسٽائين، ڊراڪولا، پڪچر آف ڊورين گري ۽ ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ وڏي شهرت ماڻي ۽ وڏي عرصي بعد اڄ به سندن مقبوليت ۾ ڪا گھٽتائي نه آئي آهي.
رابرٽ لوئي سٽيوينسن هي ناولٽ 1886 ۾ لکيو، جيڪو ترت ئي برطانيا ۽ آمريڪا جي ادبي افق تي ڇانئجي ويو. ڪهاڻي ڪجھ ان طرح آهي ته لنڊن ۾ ڊاڪٽر جيڪل هڪ معزز ۽ ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو انسان جي شخصيت جي ٻٽي پهلو تي سائنسي ريسرچ ڪرڻ لاءِ پنهنجي گھر ۾ ليبارٽري قائم ڪري ٿو ۽ مختلف تجربا ڪري هڪ مشروب ايجاد ڪري، ان جو تجربو پنهنجي پاڻ تي ئي ڪري ٿو. مشروب پيئڻ کان پوءِ سخت جسماني عذاب مان گذرندي، ڊاڪٽر محسوس ڪري ٿو ته سندس اندر جو منفي انسان جاڳي چڪو آهي جيڪو بيحد طاقتور، نوجوان ۽ زندگي سان ڀرپور آهي. هو جڏهن آئيني ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسي ٿو ته حيران ٿيو وڃي. سندس قد گھٽجي چڪو هو، شڪل بدلجي چڪي هئي ۽ چهري تي وڏي ڦٽڪار هئي. هي رات جو تيار ٿي، پنهنجي گھر جي چور دروازي کان نڪري ٿو ۽ ڳاڙهي بازار ۾ وڃي اتي رنگ رليون ملهائي ٿو. جنهن عورت سان سمهي ٿو، ان تي بيدرديءَ سان تشدد به ڪري ٿو. واپس اچي ٻيو مشروب پيئي ٿو ۽ واپس پنهنجي اصلي شڪل ۾ اچي وڃي ٿو. کيس پنهنجي رويي تي بيحد افسوس ٿئي ٿو پر تجربي خاطر ان کي برداشت ڪري ٿو. پنهنجي ٻئي وجود کي هُو ”مسٽر هائيڊ“ جو نالو ٿو ڏئي.
ٻئي ڏينهن تي هو پنهنجي ملازم مسٽر پول کي گھرائي هدايت ٿو ڪري ته مسٽر هائيڊ نالي سندس دوست، جڏهن به چاهي، گھر جي پوئين دروازي کان اچي وڃي سگھي ٿو. هو جيڪا به شيءِ گھري، بغير ڪنهن سوال جواب جي، ان جي حوالي ڪئي وڃي. هو پنهنجي وڪيل ۽ دوست مسٽر اترسن کان وصيت ٿو لکرائي ته سندس يعني ڊاڪٽر جيڪل جي موت يا گمشدگي جي صورت ۾، سندس سڄي ملڪيت، مسٽر هائيڊ کي ملڻ گھرجي، جيڪا ڳالھ اترسن کي ٺپ نٿي وڻي ۽ سندس دل ۾ شڪ پيدا ٿئي ٿو.

ڊاڪٽر جيڪل پنهنجا تجربا جاري رکي ٿو ۽ مشروب پيئڻ کان پوءِ، شهر ۾ وڃي، شراب ۽ شباب ۾ گم ٿيو وڃي. ان دوران هو بي رحم ۽ سفاڪ بنجيو پوي. هڪ دفعي سندس بگي ڪنهن ٻار جي مٿان چڙهي وڃي ٿي، ته به هو ٻار ۽ ان جي مائٽن تي ڪاوڙجي ٿو ۽ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ٿو ڪري. بلڪل بي حيا ۽ بي شرم بنجيو پوي. هو ڪنهن ڇوڪريءَ سان زبردستي ڪرڻ کان به نٿو ڪيٻائي. انهيءَ حالت ۾ هو شهر جي هڪ نامي گرامي ماڻهو کي قتل ڪري ويهي ٿو.
قتل کان پوءِ ڊاڪٽر جيڪل کي پنهنجي تجربي جي غلط نتيجن سبب سخت افسوس ٿئي ٿو ۽ هو پڪو پھ ٿو ڪري ته هاڻي ان تجربي کي اڳتي نه وڌائيندو ۽ مشروب پي، ڪڏهن به مسٽر هائيڊ جو روپ اختيار نه ڪندو. اترسن کي خبر پوي ٿي ته اهو قتل مسٽر هائيڊ ڪيو آهي، ته هو سخت ناراضگي ۾ ڊاڪٽر جيڪل وٽ اچي ٿو جتي ڊاڪٽر کيس ٻي وصيت ٿو ڏي جنهن ۾ مسٽر هائيڊ کان لاتعلقي ڏيکاريل آهي.

تجربا بند ڪرڻ کان پوءِ، هو پنهنجي روز مره جي زندگيءَ ڏانهن موٽي اچي ٿو ۽ شهر جي معززن جون دعوتون وغيره ڪري ٿو. پوليس مسٽر هائيڊ جي ڳولا ۾ آهي جنهن جو نه اتو ڪو پتو. ٻه مهينا خير جا گذري ٿا وڃن. هڪڙي رات اوچتي هو پنهنجي جسم ۾ ساڳي تڪليف محسوس ڪري ٿو جيڪا مشروب پيئڻ کان پوءِ ڪندو هو ۽ جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر جيڪل مان بدلجي مسٽر هائيڊ ٿي پوندو هو. ٿوري دير ۾ هن ڏٺو ته مسٽر هائيڊ سندس سامهون هو. هو پنهنجي پاڻ کي به ڏسي رهيو هو ته مسٽر هائيڊ کي پڻ، جيڪو مٿس سخت ڪاوڙ ۾ هو ته ڊاڪٽر جيڪل کيس زنجيرن ۾ سوگھو ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي هن زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن. ڊاڪٽر جيڪل جلدي سان ٻيو مشروب پيئي ٿو جنهن سان مسٽر هائيڊ گم ٿيو وڃي. ليڪن ڪجھ عرصي بعد هو ٻيهر مسٽر هائيڊ ۾ تبديل ٿيو وڃي. هو مشروب پيئڻ چاهي ٿو پر مسٽر هائيڊ کيس اهو پيئڻ نٿو ڏي. وڏي جدوجهد کان پوِ ڊاڪٽر مشروب پيئڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي، پر هاڻي اهو روز جو معمول بنجي ويو. ڊاڪٽر وٽ مشروب ختم ٿيو ته هن کوڙ مقدار ۾ اهي دوائون گھرائي ورتيون جن مان هو مشروب ٺاهيندو هو، پر ان جو اثر تيزي سان گھٽجڻ لڳي ٿو. ٻيڻ ٽيڻ تي مشروب پيئڻ سان هو انتهائي ڪمزور ٿيو وڃي ٿو ۽ گھر مان نڪرڻ مڪمل طور بند ڪري ڇڏي ٿو.

هڪ ڏينهن ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ ۾ سخت جھڳڙو ٿي رهيو هو. ملازمن ڏٺو ته ڊاڪٽر پنهنجي منهن ڪنهن خيالي ماڻهو سان ڳالهائي رهيو هو. خوفزده ٿي، سندس ملازم پول، مسٽر اترسن کي وٺي اچي ٿو. دروازو ٽوڙڻ کان پوءِ، سڀ ڏسن ٿا ته ڊاڪٽر جيڪل زمين تي ڪريل آهي ۽ سندس هٿ ۾ زهر جي خالي ٿيل بوتل آهي.
هي عجيب و غريب تمثيلي ناولٽ جزوي طور سائنس فڪشن ۽ گھڻي قدر انساني نفسيات متعلق آهي. (ياد رکڻ گھرجي ته هي ناول ڊاڪٽر فرائيڊ جي ”پرسنلٽي ٿيوري“ کان پهرين لکيو ويو هو.) انسان پنهنجون جائز توڙي ناجائز خواهشون لاشعور ۾ دٻائيندو وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ انسان جي اندر ۾ هڪ ٻيو انسان جنم وٺي ٿو جيڪو پهرئين جو ضد ۽ منفي هوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته انسان جي اندر ۾ شيطان يا حيوان جنم وٺي ٿو. انهيءَ حيوان تي ڪرڙي نظر رکڻي پوي ٿي ٻي صورت ۾ هو فرد توڙي معاشري لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿو. هو دولت، طاقت، شهرت ۽ هوس جو بکيو هجڻ سان گڏ بي حس ۽ خودغرض هوندو آهي. کيس ٻي ڪنهن جي ڏک سور جي ڪا پرواه ناهي هوندي. هو بي پناه طاقتور هجڻ سان گڏ، وڏو غصه آور به هوندو آهي. ڪنهن به سبب جي ڪري جيڪڏهن اهو آزاد ٿي وڃي ٿو ته اصلي شخصيت تي حاوي ٿيو وڃي جنهن جو نتيجو تباهي جي صورت ۾ نڪري ٿو. مصنف اسان کي چوڻ چاهي ٿو ته اسان سڀني جي اندر هڪ، مسٽر هائيڊ رهي ٿو جنهن تي نظر رکجي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ ٻاهر اچڻ نه ڏجي. (مصنف شخصيت جي ثنويت جو قائل هو پر فرائيڊ چيو ته هڪ ماڻهو اندر ٽي ماڻهو رهن ٿا جڏهن ته ڪارل يونگ چيو ته هڪ ماڻهو جي اندر ڪيئي ماڻهو هوندا آهن.)
هن ناول جو ٻيو رخ هي به آهي ته نيڪيءَ ۽ بديءَ جي جنگ ازل کان جاري آهي ۽ جاري رهندي پر اها جنگ خارجي هجڻ سان گڏ، اصل ۾ داخلي ئي هوندي آهي جيڪا فتح ڪرڻ تمام ضروري آهي. داخلي جنگ ۾ ڪو ٻيو نه پر انسان پاڻ ئي پنهنجو دشمن هوندو آهي. فتح به پاڻ کي ئي ڪرڻو آهي جنهن لاءِ انسان کي هر قسم جي اذيت برداشت ڪرڻي پوي ٿي ۽ زهر جا ڍڪ ڀرڻا پوندا ٿا.
ٻين ٽرئجڊي ڪهاڻين وانگر، هن ناولٽ جو اختتام پڻ قرباني ڏيڻ تي ٿئي ٿو. جتي جنگ، نيڪي ۽ بدي يا اقدار جي هجي، اتي آخر ۾ نيڪي کي فاتح ڏيکارڻ لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ جي قرباني ڏيکارڻي پوندي آهي. هائيڊ جهڙي بدي کي ختم ڪرڻ لاءِ، ڊاڪٽر جيڪل زهر پي وٺي ٿو ته جيئن نيڪيءَ جو هميشه بول بالا ٿئي.

نفسياتي گوناگوني، سسپنس، خوبصورت پرتڪلف ٻولي، وڪٽوريا دور جو رک رکاءُ، مافوق الفطرت ۽ سائنس فڪشن جو عمده تخيلي جهان ۽ ڪلاسيڪي پختگي جهڙن اعليٰ ادبي رجحانن مان جنهن کي به پنهنجي ذوق جي تسڪين ڪرڻي هجي، اهو هڪ دفعو هي ناولٽ ضرور پڙهي. ”ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ“ نالي سان فلم پڻ ٺهيل آهي جيڪا ڏسڻ وٽان آهي.

No comments:

Post a Comment