ڊاڪٽر فياض لطيف
شيخ اياز جي شاعريءَ تي رابندرناٿ ٽئگور جا اثر
Abstract: Rabindranath Tagore was not only a Bengali
poet, Novelist, short-story writer, song composer, playwright,
essayist, painter, Educationist, and the myriad – minded man, who introduced
new forms of prose and poetry in Bengali language and literature, But he changed all colloquial and
traditional models of classical Sanskrit. He was
highly influential in introducing Indian culture to
the West and vice versa, and he is generally regarded as the outstanding
creative artist of early 20th-century India. In 1913 he became the
first non-European to receive the Nobel
Prize for Literature.
He was a real genius;
who is best-known to East as well as West, for his philosophy and creative writings.
Tagore’s poems are virtually untranslatable. The melody and ecstasy he tipped
into his poems, is spectacular and unique. For his multidimensional and
marvellous literary works, he achieved considerable popularity among all
classes of East and West. The poetry of Tagore not only contains natural beauty
and environmental splendour but it interprets human virtues and all other
substances and panoramas related earth to sky. He is very rich in content,
quality, versatility and aesthetics. No doubt poetry of Tagore is mystical
mirror, in which we can see inner face and objective beauty of the universe. In
this research paper I have discussed different aspects and similarities
available in the poetry of Sheikh Ayaz and Rabindranath Tagore. From
comparative and comprehensive study of both poets poetry, I have come to
conclusion and tried to prove with examples that Sheikh Ayaz has got a lot of
impacts; from the poetry of Rabindranath Tagore.
شاعرن،
فنڪارن ۽ فنون لطيفه سان لاڳاپيل اڪثر ماڻهن جا من ڪنول جي گل وانگر اُجرا، نفيس ۽
نازڪ ٿيندا آهن. اهي توڙي جو گدلي سينور جهڙن سماجن ۾ پيدا ٿيندا، اُڀرندا ۽
اُسرندا آهن، پر انهن جون دليون ماڻهن جي دردن، دماغ روشن خياليءَ ۽ احساس آجپي جي
خوبصورت خوابن سان مالامال هوندا آهن. اهي پنهنجي مزاج ۽ سُڀاءُ ۾ ابابيلن جهڙا
معصوم ۽ خوبين ۽ خصلتن ۾، گلن جيان خوشبو ڏيندڙ ٿيندا آهن. انهن جي سُڳنڌ ۽ سرهاڻ
سڀني لاءِ هوندي آهي. جيئن سج جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊوڪي سڀني لاءِ هوندي آهي،
ائين انهن جون علمي ۽ ادبي ڪاوشون ۽ انهن جو فڪري ڦل پڻ سڀني لاءِ هوندو آهي.
حقيقت
اها آهي ته دنيا ۾ تخليقڪارن ۽ سرجڻهارن جي مخلوق ئي آهي، جيڪا گهڻو ڪري دنيا جي
روايتي دڳن تي هلڻ بجاءِ دل جي رَندن ۽ پنڌن تي هلڻ کي ترجيح ڏيندي آهي. هي من
موجي ۽ اڌ چريا سمجهيا ويندڙ ماڻهو ۽ انهن جو فڪري ۽ فنڪاراڻو پورهيو ئي آهي، جيڪو
سماجن کي ’سچ، سونهن ۽ سُرت‘ جي حقيقي ساڃاهه ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي تهذيب، تمدن ۽ شائستگيءَ جو شعور پڻ عطا ڪندو آهي. شاعرن جون دليون درياءَ ۽ دماغ آزاد پکين
وانگر اربيلا ۽ آواره ٿيندا آهن. انهن جا خيال ۽ احساس، بنا ڪنهن
جهل پل جي،
تخيل جي پَرن تي ساري سنسار ۾ پرواز ڪندا وتندا آهن. جيئن پکين جي اُڏام جو آڪاش انتهائي
وشال ۽ اَننت هوندو آهي، ۽ ڪائي سرحد، ڪائي پابندي، سندن راهن ۽ رستن
۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگھندي آهي، ائين ئي شاعرن ۽ قلمڪارن جون سوچون، خواب ۽
خوبصورتيون به آزاد ٿينديون آهن. انهن جي آواز ۽ احساس جي خوشبو کي ڪائي سرحد ۽
سيما روڪي نه سگھندي آهي ۽ اها سواءِ ڪنهن مذهبي مت ڀيد، ۽ بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽
طبقاتي تفريق جي، هر ان فرد تائين پهچي ويندي آهي، جنهن جو روح
فنونِ لطيفه جي رنگن ۽ راحتن جو متلاشي هوندو آهي.
حقيقت ۾، ”اديب ۽ شاعر جي
حيثيت ڪولمبس واري آهي، جيڪو خيال ۽ فڪر، جذبي ۽ احساس جون نيون نيون دنيائون ڳولي
ٿو. هو ديس پرديس گھمي ۽ جڳ جھان جون انوکيون ناياب سوکڙيون سميٽي، پنهنجي
ادب ۽ زبان جي جھوليءَ ۾ وجھي ٿو. جيڪي روايتون
۽ قدر تاريخي قوتن جو ساٿ نه ٿا ڏيئي سگھن، سي وقت جي وهڪري ۾ ختم ٿيو وڃن،
تنهنڪري ادب جي وسعت لاءِ ضروري آهي، ته هو نين قوتن کي پاڻ ۾ سمائي ۽ انهن جو مظهر
بڻجي، نه ته اهو پاڻ به ختم ٿي ويندو“ (1).
شيخ اياز ۽ رابندر ناٿ ٽئگور ٻه اهڙا ڪلاڪار ۽ تخليقڪار آهن، جن جون
جنم ڀوميون، مذهب، ذاتيون، قوميتون، رنگ، نسل ۽ دؤر توڙي جو مختلف آهن. انهن جي
پالنا ۽ پروش به مختلف حالتن ۽ مختلف سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ تهذيبي ماحول ۾ ٿي
آهي، پر ان جي باوجود انهن جي خوابن ۽ خيالن، احساسن ۽ امنگن، خوشين، خوبصورتين ۽
دردن جي داخلي ۽ خارجي دنيائن ۾ تمام گھڻي قرابت ۽ ويجھڙائي محسوس ٿئي ٿي. ان جو وڏو
سبب شايد اهو آهي، ته اهي ٻئي سِرجڻهار ’سونهن، سُرت ۽ سچ‘ جا پوڄاري آهن. انسان
ذات جي باهمي محبت، اخوت، امن، رواداري، آزادي ۽ جياپي جي عالمي قدرن جا پيروڪار
آهن. پتنگن جيان روشنيءَ جا پروانه ۽ خيالن جون خوبصورتيون ۽ احساسن جون خوشبو
ورهائيندڙ آهن.
جيئن ته سچ، سندرتا، ڏات ۽
ڏاهپ صدين کان انسان ذات جي گڏيل ميراث رهي آهي، انهيءَ ڪري خوشبو، خوبصورتي ۽
روشنيءَ جي به ڪا حد مقرر ڪري نه ٿي سگھجي، ڇو ته اهي به فطرت جون اَملهه وٿون آهن.
شاعر محبتن جا امين ٿيندا آهن ۽ محبت اها سج جھڙي صداقت آهي، جنهن کي ڪنهن به قسم
جي ماڻ ۽ ماپي ۾ مقيد ڪري نه ٿو سگھجي.
اياز ۽ ٽئگور، فڪر ۽ فن جي
دنيا جا ٻه اهڙا برجستا نالا آهن، جن جي نه رڳو پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن وٽ وڏي وقعت ۽
مڃتا آهي، پر هو پنهنجي ڏات ۽ منفرد شاعراڻي آواز ۽ احساس جي حوالي سان بين
الاقوامي شهرت رکن ٿا. هر آفاقي ۽ عالمي فنڪار پنهنجي فن ۽ فڪر جي اظهار ۾ نرالو
هوندو آهي. هو مطالعاتي ۽ مشاهداتي طور تي پنهنجي ماحول ۽ حالتن مان گھڻو ڪجھ حاصل
ڪرڻ کان پوءِ ان کي پنهنجي طرز ۽ انداز سان پيش ڪندو آهي ۽ اهو انداز، اسلوب ۽ ادا
ئي هوندي آهي، جيڪا هڪ ليکڪ ۽ فنڪار کي پنهنجي الڳ شناخت ۽ حيثيت عطا ڪندي آهي.
هڪ وڏي سرجڻهار جي اهم ۽ اُتم خوبي
اها به هوندي آهي، ته هو فن ۽ فڪر جي حوالي سان ٻين وڏن تخليقڪارن کان پاڻ متاثر
به ٿيندو آهي، ته ٻين کي متاثر ڪرڻ جي سگھ به رکندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جھڙو
عظيم شاعر نه فقط پنهنجي ماضيءَ جي لوڪ ۽ اساسي شاعرن کان متاثر ٿيو آهي، پر هن
پنهنجن همعصرن ۽ ويندي اڄ جي شاعراڻي کيپ تائين، پنهنجي فن ۽ فڪر جا وڏا اثر ڇڏيا
آهن ۽ اها سندس شاعراڻي عظمت آهي، جو اڍائي صديون گذرڻ باوجود، اڄ به سندس شاعريءَ
۾ وڏي فڪري سگهه، فني نُدرت ۽ احساساتي تازگي نظر اچي ٿي.
شيخ اياز جي فني ۽ فڪري عظمت
اها آهي، جو هن نه صرف پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي اڳوڻن ۽ همعصر شاعرن جا اثر قبول
ڪيا آهن، پر عالمي ادب جي انيڪ مفڪرن، شاعرن ۽ فنونِ لطيفه جي مختلف شعبن سان تعلق
رکندڙ ڪلاڪارن جي فني ۽ فڪري لاڙن کان متاثر ٿي، انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ
ڏني آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن پنهنجي دؤر ۽ ان کان پوءِ ايندڙ نئين ٽهيِءَ تي پڻ پنهنجا
وڏا اثر ڇڏيا آهن، جنهن مان هن جي شاعريءَ جي وقعت ۽ سگھاري هجڻ جو ثبوت ملي ٿو.
اياز جو مطالعو ايڏو وسيع ۽
گھڻ رخو هو، جيڪڏهن سندس مطالعي هيٺ آيل ڪتابن ۽ انهن جي سرجڻهارن جا نالا لکجن،
ته هڪ وڏو ڪتاب جُڙي پوندو. هن جو فڪشن کان وٺي شاعري، تاريخ، مذهب، فلسفي،
نفسيات، سائنس ۽ ٻين جديد علمن بابت چڱو مطالعو هو، انهيءَ ڪري اياز جي شاعريءَ جو
جيڪڏهن گھرائيءَ سان مطالعو ڪبو، ته سندس شاعريءَ ۾ شاه لطيف، سامي، سچل، باهو،
بلا شاه، غالب ۽ فيض کان وٺي عمر خيام، رومي، خسرو، حافظ، ڪبير، ميران، بهاري لال،
ٽئگور، پئبلو نرودا، پشڪن، بادليئر، ٽالسٽاءِ، دوستوفسڪي، ماياڪوفسڪي، سارتر،
شوپنهار، ڪافڪا، ڪاميو، شيلي، شيڪسپيئر ۽ ٻين لاتعداد عالمن، اديبن ۽ مفڪرن جا
فڪري، فني، نظرياتي ۽ جمالياتي اثر نمايان نظر اچن ٿا.
تخليقڪار ۽ فنڪار هڪ ٻئي کان
ٻن حوالن سان متاثر ٿيندا آهن. هڪ فڪر، خيال ۽ نظرئي ۽ ٻيو فن، انداز ۽ اظهارِ
بيان جي پيشڪش مان. اهي ٻئي اثر مطالعي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا آهن. جڏهن ته
ڪلاڪارن ۾ ڪجھ فطري ۽ اتفاقي هڪجھڙايون به هونديون آهن، جيڪي مطالعي بدران وجدان ۽
تخليقي ڏات جو نتيجو ٿينديون آهن.
شيخ اياز تي شاعراڻي فڪر ۽ فن
جي حوالي سان ڪيترن ئي مشرقي ۽ مغربي شاعرن جا اثر آهن، جن تي تفصيلي طور ڪنهن ٻي
ڀيري قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪبي، هتي رڳو شيخ اياز جي فن ۽ فڪر تي، برصغير جي مهان ڪوي
رابندر ناٿ ٽئگور جي شاعريءَ جي فني، فڪري ۽ جمالياتي اثرن بابت ڪجھ نقطن تي روشني
وجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
رابندر ناٿ ٽئگور (Rabindranath Tagore) جو جنم 7
مئي 1861ع تي اولھ بنگال جي مشهور شهر ڪلڪتي ۾، هڪ عالم، اديب، سنت ۽ مها رشي
ديبندرناٿ ٽئگور (Debendranath
Tagore) جي گھر ۾ ٿيو، جنهن جو نه رڳو ڌرمي حوالي
سان مطالعو ۽ مشاهدو گهرو ۽ گهڻ رخو هو، پر فنون لطيفه ۽ تصوف سان پڻ سندس خاص
اُنس ۽ عشق هو. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي پڻ لکي آهي، جنهن جو انگريزي ترجمو شايع ٿيل
آهي، جيڪا پڙهڻ وٽان آهي. هن کي نه صرف هندي ۽ بنگالي ٻولين تي وڏي دسترس حاصل هئي،
پر فارسي سان پڻ هن جو چڱو چاهه هو، انهيءَ ڪري ئي رومي ۽ حافظ
سندس من پسند ۽ محبوب شاعر هئا.
ديبندرناٿ کي ڪل چوڏنهن ٻار
هئا، جن مان پُٽاڻي اولاد ۾، رابندر ناٿ ٽئگور سندس اَٺون نمبر ۽ آخري ٻار هو.
سندس سمورو اولاد پڙهيل ڳڙهيل ۽ صاحبِ بصيرت هو. سندس وڏو پُٽُ دوجيندرناٿ وڏو
آرٽسٽ، شاعر، دانشور ۽ دورانديش پُرش هو. سندس ٻيو پُٽُ ستيندرناٿ يورپين انڊين
سول سروس ۾ اعلى رُتبي تي فائز ۽ پهريون ڀارتي تي هو، جنهن کي اهو موقعو مليو ۽ اعزاز
حاصل ٿيو هو. سندس ننڍو پُٽُ جيوترندرناٿ ناميارو موسيقار ۽ ڊرامانگار هو. سندس
نياڻي سُوارنا ڪُماري پڻ ناول نگار هئي. ائين سندس ٻيو اولاد به سٺو پڙهيل ۽ فنون
لطيفه سان لاڳاپيل هيو.
ٽئگور جو والدُ پنهنجي دؤر جو جيد عالم، اديب ۽
وڏو مذهبي مبلغ هجڻ سان گڏوگڏ امن پسند، انسان دوست ۽ سماجي اصلاح پسند ماڻهو هو.
هن جي سِکيا جي وڏي يونيورسٽي قدرت، فطرت ۽ ان جا حسين منظر ۽ مظهر هئا ۽ سندس
اندر جو سڪون ۽ آنند محويت ۽ مراقبي ۾ هو. ٽئگور پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين ۾
پنهنجي والد لاءِ لکي ٿو،”مون پنهنجي بابا کي تمام گهٽ ڏٺو ۽ سندس قرابت ۽ صحبت جو
موقعو به ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿيو، ڇو ته پاڻ سدائين گوشانشيني ۽ محويت ۾ غرق هوندا هئا، پر سندن شخصيت جو اهڙو سحر ۽ اثر هوندو
هو، جو هو جڏهن گهر ۾ ايندا هئا، ته هر طرف خاموشي طاري ٿي ويندي هئي ۽ ڪنهن کي
جرئت نه ٿيندي هئي، جو ڪوئي سندن روحاني مشغلن ۾ مداخلت ڪري سگهي“ (2).
رابندر ناٿ جي ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي
گذاري وئي هئي، جنهن ڪري سِرجڻ سان ئي ’سورن ۽ پورن‘ سان سندس پالهو پيو هو ۽ اهي
سور وڏي عرصي تائين ساڻس سلهاڙيل رهيا هئا. تنهائي ۽ قدرت جي منظرن رفيق بڻجي، نه رڳو
هن جي روح کي ريجهايو هو، پر تخليق جا اَملهه موتي پڻ کيس آڇيا هئا. ٽئگور جي ابتدائي تعليم ڪنهن اسڪول بدران گهڻو
ڪري گهر ۾ ئي ٿي هئي. هو پنهنجن يادگيرين ۾ لکي ٿو، ”مون کي عام ٻارن وانگر گهمڻ
ڦرڻ جي اجازت نه هئي. مان روزانو ڪمري ۾، دريءَ جي ڀرسان وڃي ويهندو هوس، جتان
سموري گهر ۽ ٻاهرين منظرن جو مشاهدو پيو ڪندو هوس. مون کي ياد ٿو پوي ته، مان بچپن
کان ئي قدرتي مظهرن جو مشتاق هوس. جڏهن آسمان ۾ ڪاري ڪڪرن کي هڪٻئي پويان ڊوڙندي
ڏسندو هوس، تڏهن من عجيب سرهائيءَ سان مسرور ٿي ويندو هو. ان ننڍڙي عمر ۾ ئي اهي
لقاءَ پسندي، مون کي محسوس ٿيندو هو ته، هڪ نهايت ئي عزيز ۽ ڪوئي اجنبي دوست آهي،
جيڪو مون سان سنگ ۽ ساٿ ۾ آهي، توڙي جو مون کي ان جي نالي ۽ اَتي پتي جو ڪو شعور
نه هو. مون کي فطرت سان ايترو اُنس ۽ لڳاءُ هو، جنهن جو لفظن ۾ اظهار ڪري نه ٿو
سگهجي. فطرت مون لاءِ اهڙي محبوبه جيان رهي آهي، جيڪا هميشه نئين سونهن ۽ نِکار
سان منهنجي سامهون آئي ۽ ان مون کي مسرتن سان مالامال ڪيو آهي“ (3).
اها
فطرت جي قرابت ۽ سندس والد جي علمي ۽ شخصيت جي سحرانگيزي ئي هئي، جنهن رابندرناٿ
ٽئگور کي ’خود کان خودشناسائي‘ تائين جو سفر ڪرايو، ۽ کيس علمي عظمتن ۽ شخصي شهرتن
جي اُتاهين منزلن تي رَسايو.
مها ديو ٽئگور هڪ ئي وقت مهان
ڪوي، برک ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نگار، مصور، موسيقار، گائڪ، گيتڪار، مقرر،
مترجم، مضمون نگار، معلم، مفڪر، جاگرافر، سماج سڌارڪ، سياح، سفرنامه نگار، تعليمدان،
۽ هڪ اهڙو سُچيت عالم ۽ اديب هو، جنهن نه رڳو بنگالي ادب کي فني ۽ فڪري حوالي سان
نيون نُدرتون ۽ نزاڪتون عطا ڪيون، پر بنگالي ٻولي، موسيقي، آرٽ ۽ ثقافت کي اهڙي
جوت ۽ جدت بخشي، جو کيس مشرق توڙي مغرب ۾، هندستان جي ويهين صديءَ جو غير معمولي
ڪلاڪار ۽ تخليقڪار تسليم ڪيو وڃي ٿو. ناميارو فلمساز ستيه جيت راءِ (Satajit Ray) ٽئگور جي
ادبي مهانتا جو اعتراف ڪندي لکي ٿو:
“Tagore
was a creative artist of incredibly abundant gifts: a writer of poetry, short
stories, novels, essays and plays, a highly unorthodox painter and a composer
of songs that have completely captured Bengali hearts” (4).
حقيقت ۾ مشرق توڙي مغرب ۾،
ٽئگور کي اهڙي ئي محبت سان پڙهيو، ۽ کيس حيثيت، محبت ۽ وقعت ڏني وئي آهي، جهڙي سنڌ
۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي حاصل رهي آهي. هن جي تخليقي پورهئي، فڪري سگهه ۽ فني
سُندرتا کي پَسڻ ۽ پُرجهڻ کان پوءِ کيس بنگال جو ’ڀٽائي‘ چئجي، ته ان ۾ ڪو به
مبالغو نه ٿيندو. توڙي جو ٽئگور جي تخليقن تي مغربي اثرن هجڻ سبب، شروع ۾ سندس
ڪيترن ئي وطن واسين انهيءَ عمل کي پسند نه ٿي ڪيو، پر پوءِ سندس ڌرتيءَ سان اٿاهه
پيار ۽ اَملهه تخليقي پورهئي کي ڏسي، ساڻس ماڻهن ايتري محبت ڪئي ۽ مڃتا ڏني آهي، جيڪا
دنيا ۾ گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو سندس مشهور
سوانح نگار (Andrew Robinson) لکيو آهي ته:
“During his
life time in his native Bengal, Tagore was rejected by many Bengalis as being
product of west’s influence. Today no artistic figure, living or dead, is more
actively worshiped in Bengal than Rabindranath Tagore” (5).
رابندرناٿ نه صرف بنگالي ٿيٽر
کي نئين زندگي ڏني، پر هن شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول ۾ نوان تخليقي تجربا ڪري، انهن کي
انهيءَ پد تي پهچايو، جو انهن جي مطالعي سان مقامي ماڻهن ۾ نه صرف وڏي سُرت ۽
سجاڳي پيدا ٿي، پر انهن جي فڪري ۽ فنڪاراڻي سگهه يورپ کي پڻ تمام گهڻو مائل ۽
متاثر ڪيو آهي.
”ٽئگور جنهن ماحول ۾ پرورش پاتي، ان ۾ ادب ۽ شاعري،
موسيقي، حُسن ۽ عشق، حب الوطني، سياسي شعور، تحريڪِ آزاديءَ سان وابستگي، ماڻهن جي
ڏکن سُکن سان تعلق، مطلب ته روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ جا مڙئي عنصر موجود هئا، جن
سندس شخصيت، فن ۽ فڪر تي وڏا اثر وڌا“ (6).
هُن شيخ اياز وانگر پنهنجي
تخليقي سفر جي شروعات تمام ننڍڙي عمر کان ڪئي. سترنهن ورهين جي ڄمار ۾ هن ڊراما
لکڻ شروع ڪيا. ويهن سالن جي وهيءَ ۾ سندس پهريون شعري مجموعو شايع ٿيو، جيڪو گيتن
۽ نظمن تي مشتمل هو. سندس گيت جذبات جي ترجماني ۽ موسيقيءَ جي مٺاس سان ايترو ته
رسيل هئا، جو ان ڪتاب نه فقط بنگال ۾ وڏي پذيرائي حاصل ڪئي، پر پنهنجي مصورانه
احساس ۽ جذبات جي فنڪارانه شدت سبب ان ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجا مداح پيدا ڪيا.
1912ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب، ’گيتانجلي‘ جي نالي سان منظر عام تي آيو. ”گيتانجلي
اصل ۾ ٻن لفظن، گيت + انجلي جو ميلاپ آهي. گيت جي معنى گيت ۽ انجلي جو مطلب
قرباني، صدقو، ڀيٽا يا ٻليدان آهي، يعني گيتن جي ڀيٽا“.(7).
ٽئگور پنهنجي هن ڪوتا ــ ڪتاب
مان ڪيترن ئي نظمن جا خود انگريزي زبان ۾ سُپڪ ۽ سهڻا ترجما ڪيا، جڏهن ته جڳ مشهور
شاعر ۽ نقاد ڊبليو بي ييٽس (W. B. Yeats) ترجمي جي سموري ڪم کي نه رڳو تڪميل تي رَسايو، پر انهيءَ تي هڪ
پُرمغز مهاڳ پڻ لکيو. اهو شعري مجموعو پوءِ ’Song offerings‘ جي نالي
سان منظر عام تي آيو. ييٽس، ٽئگور جي انهن ترجمن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي
لکي ٿو:
“These prose
translations from Rabindranath Tagore have stirred my blood as nothing has for
years (8).
ان
شعري ڳٽڪي ’گيتانجليءَ‘ کي آندري گيڊ (Andre Gide)، ازرا پائونڊ (Ezra pound) ۽ برنارڊ
شا (Bernard Shaw) جھڙن اديبن ۽ شاعرن پڻ تمام گھڻو پسند ڪيو.
ايتري تائين جو ازراپائونڊ، ٽئگور جي انهن ڪوتائن کي پنهنجي من جو آواز ۽
اندر جو عڪس ڪوٺيندي لکيو آهي:
“A whole
people, a whole civilization, immeasurably strange to us, seems to have taken
up into this imagination, and yet we are moved because of its strangeness, but
because we have met our own image” (9).
ان ئي ڪتاب تي کيس 1913ع ۾
نوبل انعام مليو. ايشيا کنڊ ۾، ٽئگور اهو پهريون تخليقڪار هو، جنهن کي نوبل انعام سان نوازيو
ويو. ٽئگور جي شاعريءَ جا انگريزي ٻولي کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجما ٿيا آهن.
فرانسيسيءَ ۾ آندري جيد، انگريزيءَ ۾ ڊبليو بي ييٽس، روسي ۾ پاسترناڪ ۽ اينا اخما
توف ۽ هسپانوي ۾ رامن جيمز سندس ڪوتائن جا سٺا ترجما ڪيا آهن.
رابندر ناٿ ٽئگور کي علمي ۽
ادبي حوالي سان نه صرف هندستان ۾ وڏي اهميت ۽ وقعت حاصل آهي، پر يورپ ۾ پڻ کيس مها
ڪوي مڃيو وڃي ٿو. هو هندستان جي انهيءَ ادبي ورثي ۽ عظيم ڪلاسيڪي روايتن جو پاسدار
۽ علمبردار هو، جيڪي ڪاليداس، تلسيداس، سورداس، ڪبير داس، جي ديو، امير خسرو، ملڪ
محمد جائسي، عبدالرحيم خان خانان ۽ مرزا غالب پويان ڇڏيون هيون. سندس شاعريءَ تي
اُپنشدن جي اثر کان علاوه مذڪوره ڪوتاڪارن جي پڻ گهري ڇاپ آهي. هن نه فقط پنهنجن
پيشروئن جا فني ۽ فڪري اثر قبول ڪيا آهن، پر پنهنجن همعصرن ۽ پوءِ جي دؤر جي ڪيترن
ئي اهم شاعرن تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن، جن ۾ چليءَ جي ناميارن شاعرن گئبريلا مِسٽرل
۽ پئبلونرودا ۽ ميڪسيڪو جي سيبتي سرجڻهار آڪٽائيو پاز جا نالا شامل آهن.
ٽئگور يورپ جي جديد ۽ اعلى
آسائشي زندگيءَ جو عملي مشاهدو ماڻڻ سان گڏوگڏ ايشيا جي ٻين ڪيترن ئي ترقي پذير ۽
تهذيب يافته ملڪن ۽ شهرن جا سير سفر ڪيا هئا. هن اُتان جي معاشرن جي رهڻي ڪهڻي ۽
فطرت جي گوناگون منظرن ۽ مظهرن کي حساس دل ۽ شاعراڻي اک سان پَسيو ۽ پرکيو هو، پر
1891ع ڌاري اوڀر بنگال ۾، هو جڏهن پنهنجي ڪٽنب سان پدما درياءَ ڪناري اچي رهائش
پذير ٿيو، ۽ اتان جي فطري حُسناڪيءَ جا هن پنهنجي شاعريءَ ۾ نقش چِٽا هئا، سي امر
۽ لافاني آهن.
رابندرناٿ پنهنجن ڪوتائن ۾
پدما درياءَ جي مست لهرن، چؤڏس چهچ سائي ۽ گلن ڦلن سان جنجهيل ڌرتي ۽ وشال آڪاش ۾
چنڊ ستارن جي جهرمر جي نظارن جا موهيندڙ عڪس اهڙي فنائتي انداز، اثرائتي اسلوب ۽
نرمل پيرايي ۾ پيش ڪري عڪس بند ڪيا آهن ، جو انهن کي ماڻي ۽ ڄاڻي دل باغ بهار ٿي
پوي ٿي ۽ دماغ هڪ نئين ۽ انوکي شعور جي جوت سان جرڪي پوي ٿو.
هن ئي دؤر ۾، ٽئگور جي شاعريءَ
نه رڳو نوان رنگ ۽ آهنگ ماڻيا، پر انهيءَ زندگيءَ جي روح سان سرشار ٿي، ماڻهن کي تمام
گهڻو موهيو ۽ متاثر ڪيو. هن ئي عرصي دؤران هن جو تخليقي سفر عروج تي رهيو ۽ سندس
ڪيئي شعري مجموعا شايع ٿيا. هن پنهنجي تخليقي زندگيءَ ۾، هڪ هزار کان وڌيڪ نظم، ٻه
هزار گيت، چاليهه ناٽڪ، اَٺ ناول، چار ناوليٽ، ٻه ڪهاڻين جا مجموعا، ٻه هزار کان
مٿي مصوري جا شهپارا، انيڪ ليڪچر، ڪيئي خاڪا ۽ ان کان علاوه ڪيترن ئي مذهبي،
تعليمي، سياسي، تحقيقي ۽ تنقيدي موضوعن تي مقالا لکيا آهن.
هو برصغير ۾، نه رڳو شاعريءَ
جي حوالي سان وڏي مڃتا ماڻيندڙ شاعر هو، پر بنگالي زبان ۾، پهريون ڪهاڻيڪار ۽
هندستان ۾ جديد مصوريءَ جو باني پڻ هو. توڙي جو هن مصوري جي ابتدا چاليهن سالن کان
پوءِ واري عمر ۾ ڪئي ۽ ويهن سالن جي مسلسل لگن ۽ محنت کان پوءِ سٺ سالن جي عمر ۾
کيس سوڀ ۽ ناماچاري نصيب ٿي، پر پوءِ به سندس چترڪاري منفرد ۽ مثالي آهي. ٽئگور
پنهنجن ڪجهه نظمن جا پاڻ انگريزيءَ ۾ ترجما پڻ ڪيا، جن هڪ ڪوتاڪار جي حيثيت ۾، کيس
مغرب ۾ چڱو نانءُ ۽ ناماچار بخشيو. ناميارو نقاد رومين رولان ان حوالي سان ٽئگور
جي سفرنامي ’جاتري‘ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿو:
“Tagore is the
greatest literary figure of India of all times. He is one of the fairest of our planet to combine East and West
an ancient and modern knowledge”.
حقيقت ۾ ٽئگور
هڪ گهڻ رخو تخليقڪار ۽ هر فن مولا ماڻهو هو. هن جي وجود ۾ صلاحيتن ۽ تخليقي
سُندرتائن جو سمنڊ سمايل هو، جيڪو سندس ساهن پساهن جي آخري پل تائين پنهنجي پوري
جوت، جمال ۽ جدت سان قائم، دائم، جاري ۽ ساري رهيو. ايتري تائين جو هن موت جي آغوش
۾ آهلڻ کان چند ساعتون پهريان به هڪ ڪوتا لکي، پوءِ ئي اکيون پوريون هيون. پوين
ڏينهن ۾ هو جڏهن سخت بيمار ۽ اسپتال ۾ داخل هو، تڏهن به سُرت ۾ ايندي، ڪجهه نه
ڪجهه لکي وٺندو هو. موت جي بستري تي سِرجيل سندس انهن ڪوتائن کي سهيڙي، ’wings of death‘ جي نالي سان
شايع ڪيو ويو آهي.
رابندر
ناٿ ٽئگور سموري زندگي مختلف حوالن سان مشهور ۽ معروف رهيو. هڪ دؤر ۾ هو اديب ۽
ڪوتاڪار جي حيثيت سان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور هو. ٻي دؤر ۾ هندستان جي قومي شاعر
طور تسليم ڪري، کيس وڏو مانُ ۽ سُمان ڏنو ويو. حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هُن هڪ
مهان مصور، موسيقڪار ۽ تعليمدان جي حيثيت سان وڏي شهرت حاصل ڪئي. ٽئگور نه رڳو
سماجي، سياسي، تهذيبي، تمدني، ثقافتي، علمي ۽ ادبي ميدانن ۾ پاڻ موکيو، پر بنگال
جي تعليمي ۽ تدريسي شعبن ۾ پڻ هن وڏو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي.
1901ع ۾ هُن هڪ علمي درسگاھ ’شانتي
نڪيتن‘ جي نالي سان قائم ڪئي، جيڪا اڳتي هلي 1922ع ڌاري ’وِسوا ڀارتي يونيورسٽي‘
بڻي. شانتي نڪيتن مان مشهور مارڪسوادي، سنڌ واسي ۽ معروف ڏاهي سوڀي گيانچنداڻيءَ
پڻ تعليم حاصل ڪئي، جنهن کي ٽئگور ’The Man from Moen Jo Daro‘ جي نالي سان سڏيندو هو. سوڀو، شانتي نڪيتن
۽ ٽئگور جون ساروڻيون ساريندي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو: ”شانتي نڪيتن کي هلائڻ لاءِ
هو پاڻ فنڊ ڪَٺا ڪندو هو، ٻين ملڪن کان چندا وٺندو هو، ۽ ناٽڪ منڊيلن ۾ خود
ڳائيندو، نچندو هو.... هو سٺو مصور، گائڪ ۽ موسيقار به هو. ...موسيقيءَ ۾ هن مغربي
۽ مشرقي موسيقي يعنيSymphony ۽ Melody جي
ميلاپ سان اهڙيون ڌنون ٺاهيون، جيڪي گھر گھر ڳايون وينديون هيون ۽ بنگال ۾ انهن جو
وڏو ڌاڪو هو... جيڪڏهن ادب جي دنيا ۾ ڏسجي ته تمام ٿورا ماڻهو آهن، جن جي شاعريءَ
۾ ايڏي وسعت آهي. هيءَ وسيع ڪائنات ۽ ان اندر جيڪي ستارا ۽ ڪهڪشائون آهن، اهي ڪيئن
ٽڪرائجن ۽ ٽٽن ٿيون، انهن مڙني لقائن کي گرديو پنهنجي ڪوتائن ۾ ڏاڍي خوبصورت نموني
سان پيش ڪيو آهي. دعائن کان وٺي ويندي انقلابي گيتن ۽ فطري طاقتن تائين جي موضوعن
تي سندس شاعري پکڙيل آهي... مان شانتي نڪيتن ۾ تڏهن داخل ٿيس، جڏهن ٻار هوس ۽ اتان
جوان ٿي نڪتس. (I
came here as a boy and I go back as a man)“ (10).
’شانتي نڪيتن‘ ٽئگور جو خواب
هو، جنهن جي تعبير ۽ تڪميل لاءِ هن تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو. گروديو ٽئگور هن اداري ۾
ٻارن کي ڪلاسن اندر نه پڙهائيندو هو، پر کُليل فضا ۾ وڻن هيٺان ويهي درس ڏيندو هو.
ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ پڙهندا هئا. ڪتابي ۽ نصابي ڳالهين کان وڌيڪ علمي ۽ عملي تعليم،
جنهن ۾ راڳ، رقص، مصوري ۽ ڪوتا سِرجڻ شامل هو، تي گهڻو زور ڏنو ويندو هو. ٽئگور پنهنجن وطن واسين کي علم جي دولت سان
مالا مال ڪرڻ ۽ کين آرٽ جي حسين سچائين سان آراستا ڪرڻ ٿي گھُريو، جنهن لاءِ هن
روس، چين، آمريڪا، جپان، اٽلي ۽ سنڌ سميت لڳ ڀڳ ٽيهن ملڪن جون ياترائون ڪري، نه
رڳو شانتي نڪيتن کي متعارف ڪرايو، پر ان لاءِ انهن کي سهائتا لاءِ پڻ قائل ڪيو.
هو پنهنجي علمي درس گاهه جي پذيرائي
۽ پُٺڀرائيءَ لاءِ سنڌ به آيو ۽ سنڌ جي اديبن، شاعرن، عالمن ۽ ڪلاڪارن سان
ملاقاتون ڪيائين. ”سنڌ جي دؤري دوران، حيدرآباد جي اديبن جي دعوت تي ٽئگور جڏهن
حيدرآباد آيو، تڏهن هن اديبن ۽ سنڌين جي
عوامي ميڙ کي هاڻوڪي بسنت هال ۾ خطاب پڻ ڪيو. اديب کيس سنڌو دريا جو سير ڪرائڻ
لاءِ ڪوٽڙي وٺي آيا. جڏهن هو ٻيڙيءِ تي سنڌوءَ جو سير ڪري رهيو هو، ان وقت شام جو
وڳڙو هو ۽ سج پورهيت پکيڙن جيان اولھ طرف اُلهي رهيو هو. ٽئگور جڏهن سج کي اولھ
طرف ٽڪرين ۾اُلهندي ڏٺو، تڏهن چيائين، مان دنيا گھميو آهيان. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي
منظرن کي ڏٺو اٿم، پر سج لهڻ جو سهڻو منظر، جيڪو هتان ڏٺو اٿم، اهو ايترو وڻيو
آهي، جو دنيا جا ڏٺل ٻيا منظر وسري ويا اٿم... سنڌو دريا تان اولھ طرف جن ٽڪرين
آڏو ٽئگور سج لهندي ڏٺو هو، ان ٽڪرين مٿان اڄ سنڌ يونيورسٽي قائم آهي“ (11).
ٽئگور کي علمي ۽ ادبي خدمتن
عيوض انگريز سرڪار 1915ع ۾ ’سر‘ جو خطاب پڻ ڏنو هو، پر جليان والا باغ ۾ 1919ع ۾ جڏهن جنرل ڊائر هزارين بي
گناھ بنگالين تي گوليون وسرائيون، تڏهن هن احتجاجن اهو خطاب کين واپس ڪيو هو. رابندر
ناٿ انهن عظيم اديبن مان هڪ آهي، جن کي زمان ۽ مڪان جي سرحدن ۾ مقيد نه ٿو ڪري
سگھجي. هن تخليقي ۽ فنون لطيفه جي حوالي سان ايترو ڪم ڪيو آهي، جو دنيا ۾ شايد چند
ئي قلمڪارن ڪيو هوندو. ”عام طور تي شاعر ۽ فنڪار کي صرف خواب ڏسندڙ ۽ خيالي سمجھيو
ويندو آهي، پر ٽئگور هميشه فن کي زندگي جو سنجوڳي بڻايو آهي. هُن حُسن جي تلاش
ضرور ڪئي آهي، پر ان کي زندگيءَ جي وجود ۾ ئي تلاشيو آهي، ڇو ته کيس اهو يقين هو ته
ڪنهن به تخليق ۾ مڌرتا ۽ شيريني ان وقت تائين پيدا ٿي نه ٿي سگھي، جيستائين ان کي
زندگي ۽ ان جي سونهن سان منسلڪ نه ٿو ڪجي. ٽئگور جي نظر ۾ شاعر جو مذهب ئي، انساني
مذهب آهي (12).
ٽئگور 17 آگسٽ 1941ع تي انتقال
ڪيو. سندس وڇوڙي تي هندستاني سياست ۽ علم ادب جي وڏي نالي جواهر
لعل نهرو لکيو:
“It is not so
much because of any single virtue but because of the tout ensemble that I felt
that, among the world’s great men today, Gandhi and Tagore were supreme as
human beings. Tagore belonged to an age that seems far from ours. But, like
Mahatma Gandhi, his life has the power to move us in the core of our being” (13).
هن جي فاني وجود کي ته مٽيءَ ۾ مدفون ڪيو ويو، پر سندس تحريرون
۽ تخليقون سدا امر آهن، جن جي رهندي دنيا تائين هاڪ ۽ ڌاڪ قائم رهڻي آهي ۽ اجل
ڪڏهن به انهن جو انت آڻي نه ٿو سگهي. رابندرناٿ ٽئگور 14 سالن جي عمر کان شروع ڪيل
لکڻ پڙهڻ وارو ڪم، 81 سالن تائين جاري
رکيو، ايتري تائين جو هيءَ دنيا ڇڏڻ کان چند گهڙيون پهريان به هن پنهنجو آخري نظم
لکي موڪلاڻي ڪئي هئي. حقيقت ۾ هو هڪ اهڙو سُچيت ۽ سگهارو تخليقڪار هو، جنهن جي تخليقن
ماڻهن ۾، نه رڳو سجاڳي ۽ سُرت جو روح بيدار ڪيو، پر انهن کي آجپي ۽ آزاديءَ جي
حقيقي مفهومن کان آشنا ڪري، کين ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جو سليقو پڻ سيکاريو.
شيخ اياز جو جنم 2 مارچ 1923ع
تي شڪارپور ۾ غلام حسين شيخ جي گھر ۾ ٿيو. يعني هو ٽئگور کان 62 سال پوءِ پيدا
ٿيو. سندس والد کي اردو ۽ فارسي زبانن تي
چڱي دسترس حاصل هئي، انهيءَ ڪري ننڍي عمر ۾ ئي هن اياز جي اهڙي تربيت ڪئي، جو سندس
علم ۽ ادب سان چڱو چاهه پيدا ٿيو ۽ هو لکڻ پڙهڻ طرف راغب ٿيو. 13 سالن جي عمر ۾
سندس پهريون شعر ڇپيو ۽ تحرير ۽ تخليق جو اهو عمل سندس آخري پساهن تائين جاري
رهيو. سندس شاعريءَ جا 45 مجموعا ۽ مختلف نثري تحريرن تي مشتمل 15 کن ڪتاب شايع ٿي
چڪا آهن ۽ اڃان ڳچ مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس وارثن وٽ موجود آهي، جنهن کي منظر عام
تي آڻڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته انهيءَ سان هڪ ته سندس سمورو ڪم سامهون اچي ويندو ۽
مٿس ڪم ڪندڙ محققن کي آساني ٿيندي ۽ ٻيو ته انهن تخليقن سان سنڌي ادب ۾ پڻ بيش بها
اضافو ٿيندو.
شيخ اياز سنڌي کان علاوه اردو
۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. ’نيل کنٹھ اور
نيم کے پتے‘سندس
اردو شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن نه صرف اردو پڙهندڙ حلقي ۾ سٺي پذيرائي حاصل ڪئي،
پر سنڌي پڙهندڙن پڻ انهيءَ ڪلام مان خوب لطف ماڻيو آهي. اياز هڪ ئي وقت اردو ۽
سنڌيءَ جو سگهارو شاعر آهي، پر سچ ته هن جي حقيقي سڃاڻپ جو حوالو ۽ حيثيت سنڌي
شاعري آهي. سندس شاعريءَ جا اردو ۽ انگريزي ٻولين کان سواءِ ڪجھ ٻين زبانن ۾ ترجما
پڻ ٿيا آهن. ٽئگور وانگر شيخ اياز جي شخصيت به تمام گھڻ پهلوئي آهي. هو هڪ ئي وقت
شاعر، ڪهاڻيڪار، دانشور، وڪيل، تعليمدان، مترجم، محب وطن، ترقي پسند، حسن پرست،
مصوري، موسيقي ۽ نرت ڪلا سان لڳاءُ رکندڙ، علم ادب ۽ مطالعي جو شائق ۽ پنهنجي ڌرتي
۽ انسانيت سان اٿاهه محبت ڪندڙ ماڻهو هو. هن پنهنجي شاعراڻي صدا کي نه صرف سنڌ جو
آواز بڻايو، پر ڪيترن ئي سُتل نيڻن کي، سچ ۽ سُندرتا جي نئين باک ۽ بيداري سان
آشنائي پڻ پيدا ڪرائي.
اياز جي تحريرن ۽ تخليقن جي
وڏي خوبي اها آهي، ته اهي نثر هجن توڙي نظم، پر انهن ۾ رواني، ترنم، رس ۽ پنهنجي
فڪري ۽ فني رنگيني آهي. هن جو نظم ته پنهنجي جاءِ تي آبشار ڌارا جھڙي رواني ۽
تازگي رکي ٿو، پر هن جي نثر ۾ به نرتڪي جي رقص جھڙي ڪيفيت ۽ حُسناڪي آهي.
اياز جي ذهن ۽ فڪر تي، بنگالي
ڪوتاڪار ٽئگور جي فن ۽ فلسفي جو ننڍي عمر کان ئي اثر رهيو آهي، جنهن جو اعتراف هو
خود پنهنجي ڪتاب، ’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن ـــ 2‘ ۾، هئين ڪري ٿو، ”مون ٽئگور جا ڪجھ
سنڌيءَ ۾ ترجما ٽئين يا چوٿين درجي انگريزي ۾ پڙهيا هئا ۽ هن جو مون تي ننڍي هوندي
ئي اثر هيو“ (14).
شيخ اياز جي ٽئگور سان اٿاھ
محبت ۽ اُنسيت جو اندازو انهيءَ مان ئي ڪري سگھجي ٿو، ته هن پنهنجي پهرين شعري
مجموعي، ’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾، ٽئگور جا ٻه هيٺيان نظم شامل ڪيا آهن، جيڪي هن سندس
نوبل انعام يافته شعري مجموعي،’گيتا نجلي‘ مان کڻي، انهن جو سهڻو منظوم ترجمو ڪيو
آهي.
سانجھيءَ جا
پاڇاوان ڦهليا، من ٿيندو ويو مات
ڪڪريون آيون، ترسيون، برسيون، رم جھم آندي رات
هوءَ ايندي، هوءَ ايندي، منهنجي تن ۾ رهندي تات
مان چانئٺ تي ويٺو آهيان، ڀلي پوي برسات
ـــــــ
ڪڪريون آيون، ترسيون، برسيون، رم جھم آندي رات
هوءَ ايندي، هوءَ ايندي، منهنجي تن ۾ رهندي تات
مان چانئٺ تي ويٺو آهيان، ڀلي پوي برسات
ـــــــ
ويجھو، ويجھو،
ويجھو پهتو هوريان هوريان پير،
ساڳيا گھنگھرو، ساڳي ڇم ڇم، ڪوئي ناهي ڦير،
ايندي آهي هوءَ اورانگھي، گھڙي گھڙي جو گھير،
ارهي من ۾ سرهو سرهو هئن ايندو ٻيو ڪير؟ (15).
ساڳيا گھنگھرو، ساڳي ڇم ڇم، ڪوئي ناهي ڦير،
ايندي آهي هوءَ اورانگھي، گھڙي گھڙي جو گھير،
ارهي من ۾ سرهو سرهو هئن ايندو ٻيو ڪير؟ (15).
شيخ اياز، ٽئگور جي نه رڳو
فڪر، فن ۽ دانشمنديءَ کان متاثر هو، پر هو هن جي شخصي، علمي ۽ عملي ڪردار کان پڻ
جذباتي حد تائين مرغوب ۽ متاثر محسوس ٿئي ٿو. هو پنهنجي شعري مجموعي، ’ڪتين ڪر
موڙيا جڏهن ــ 1‘ ۾ لکي ٿو، ”جڏهن ٽئگور 1941ع ۾ گذاري ويو هو، مان شڪارپور ۾ سي
اينڊ ايس ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. ڪاليج مان موٽندي، اها ڳالھ مون کي پروفيسر ڄيٺملاڻي
ٻڌائي هئي، ته مان ساري واٽ گھر تائين اوڇنگارون ڏيندو ويو هوس“ (16).
هو، ٽئگور کان ايتري قدر متاثر
هو، جو 23 جنوري 1976ع ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو کيس وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو،
تڏهن هن نه رڳو ان کي علمي طور ’شانتي نڪيتن‘ جھڙو ڏسڻ جي خواهش جو پنهنجي تقريرن
۽ تحريرن ۾ بار بار اظهار ڪيو، پر فطري منظرن ۽ ماحول جي حوالي سان ان کي خوبصورت
بڻائڻ جون عملي ڪوششون پڻ ڪيون، جيڪي قابلِ تعريف آهن. گلن، ڦلن، وڻڪاري ۽ سونهن
جو، جئين ٽئگور عاشق هو، ۽ پنهنجي آشرم ’شانتي نڪيتن‘ کي وڻن ٽڻن ۽ باغ باغيچن سان
جنجهي ڇڏيو هيائين، ائين اياز به خوبصورتي ۽ خوشبوئن جو عاشق هو. هن به سنڌ
يونيورسٽيءَ کي خوشبوئن ۽ خوبصورتين سان سنوارڻ ۽ سينگارڻ جي پنهنجي طور تي هر ممڪن
ڪوشش ڪئي هئي.
هو پنهنجي هڪ شعري مجموعي جي
مهاڳ ۾ ان حوالي سان لکي ٿو، ”اهي گل (گلِ شبو) مون ڄام شوري ۾ پوکرايا هئا ۽ رات
جي راڻيءَ سان گڏ ڪنهن محترمه ڏانهن موڪليندو هوس، جا ريمبرانٽ جي مصوريءَ ۽ سئفو
جي شاعريءَ وانگر خوبصورت هئي..... رات جي راڻي ۽ گلِ شبو جي خوشبو، ڪمري جيڏي
پڃري مان ٻن مورن جو آواز... سرَوَ ۽ صنوبر جا وڻ جي ڪنهن محبوبه جي وکريل زلفن
وانگر لڳندا هئا، رابيل ۽ گلاب جا گل، جي مون کي ڏاڍا وڻندا ها، ڪويل جي ڪوڪ، جيڪا
کن ۾ ڪتيون پار ڪري ويندي هئي... گل مهر ۽ املتاس جا درخت، دراصل هڪ بهشت، جو مون
ٿوري عرصي لاءِ بڻايو هو. اهي سڀ ڳالهيون، جي سپني وانگر گذري ويون، گلِ شبو جي
خوشبو ياد ڏياريندي آهي“ (17).
شيخ اياز، ٽئگور جي نه رڳو
شخصيت ۽ صلاحيتن کان تمام گهڻو مرغوب هو، پر هو سندس شاعراڻي ڪمال ۽ جمال جو پڻ
وڏو مداح ۽ معترف هو. هو سندس تخليقي عظمت ۽ فنڪاراڻي حيثيت کي تسليم ڪندي، پنهنجي
هڪ دوست کي خط ۾ لکي ٿو، ”ٽئگور نه فقط بنگالي زبان جو، پر مشرق جو عظيم ترين شاعر
آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اهو لطف آهي، جو نديءَ جي سطح تي شفق جو پاڇو پيدا ڪندو آهي.
هن جي سِٽ سِٽ ۾ ڪمند جي ڳني جي رس آهي، جنهن ۾ تازگي به آهي ۽ شيريني به“(18).
شيخ اياز، ڪلا، فڪر ۽ آدرشي
جيون جي حوالي سان نه فقط دنيا جي کوڙ مفڪرن کان متاثر رهيو آهي، جن ۾ سقراط،
گئليلو، منصور حلاج، شمس تبريز، سرمد، ناظم حڪمت، پئبلونرودا، مينڊل اسٽام، محمود
درويش، لورڪا، ٽئگور ۽ ٻيا ڪيئي نالا شامل آهن، پر انهن وانگر موت کي مات ڏيڻ ۽
پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي بنياد تي زندهه رهڻ جو پڻ خواهشمند هو، جنهن جو اظهار هو پنهنجي
هڪ لکڻيءَ ۾ هن ريت ڪري ٿو، ”جسماني طرح ته مان مرندس، پر ان کان اول ڪاليداس،
ٽئگور ۽ ڀٽائيءَ وانگر موت کي شڪست ڏئي ويندس“ (19).
شيخ اياز پنهنجي عملي توڙي
فڪري جيءَ ۽ جياپي ۾، من موجي ۽ صوفي لاڪوفي منش ماڻهو هو. هو ڪڏهن به هڪ جاءِ تي
ٽِڪي نه بيٺو. سدائين متحرڪ، ترقي پسند ۽ دل جي سڏ کي ’لبيڪ‘ چئي، هن تخليق ۽
جياپي جو سفر جاري رکيو، انهيءَ ڪري مختلف وقتن تي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن پاران
مٿس ڪيئي تنقيدون به ٿيون آهن، پر هو هميشه ابتدا کان آخري پساهن تائين پنهنجي دل
جي دڳ تي گامزن رهيو.
پهرين دؤر ۾ زندگيءَ جي فلسفي
۽ فڪر ڏانهن اياز جي روش يوناني مفڪر ايپيڪيوريس (Epicures) جھڙي هئي، جيڪو خوشي ۽ خوبصورتي کي ئي
زندگيءَ جي منتها سمجھندو هو. ’جيڪو آهي، سو هتي ئي آهي‘. ’هي پل ئي امر آهي‘. ’انسان
ئي سبحاني ما اعظم شاني آهي‘. ’ماڻهو ئي ساري مخلوق ۽ سنسار ۾، حسين صورت ۽
موهيندڙ مورت وارو آهي‘. ان جي محبت ۾ ئي شراب جهڙي مستي ۽ جوانيءَ جهڙو سرور ۽
ساءُ آهي. آدم ۾ وڏي معما ۽ مام آهي‘. هن جي سُندرتا ۽ سيرت کي گهرائيءَ سان جانچي
ڏسبو ته، هو پنهنجي روحاني رمزيت ۾، ’خود خدا ۽ خود ئي خدائي‘ محسوس ٿيندو. ان دؤر
۾ زندگي، انسان ۽ ان جون حُسناڪيون ئي اياز لاءِ وڏيون صداقتون آهن. اهو ئي سبب
آهي، جو هو پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ ان جو ڀرپور اظهار ڪري ٿو.
زندگي يا شراب
جي نئن آ،
جنهن جي مستي روان دوان آهي.
هر محبت اڃان حسين آهي،
هر تمنا اڃان جوان آهي.
(ص187)
جنهن جي مستي روان دوان آهي.
هر محبت اڃان حسين آهي،
هر تمنا اڃان جوان آهي.
(ص187)
اسان سوال ڪيو هو خدا به آهي ڇا
اوهان جو حسن ان جو جواب آ سائين.
اسان جي روح ۾ جنهن جي نفيس خوشبو آ
اهو بدن به مثالِ گلاب آ سائين.
(ص212)
جيئن مکڙيءَ کي
ماڪ، چمڻ اچي چاھ مان،
آياسين تيئن اوچتو، اورانگي افلاڪ،
خوشبو آ خوراڪ، سائل آهيون سڪ جا.
(ڀونر ڀري آڪاس، ص18)
آياسين تيئن اوچتو، اورانگي افلاڪ،
خوشبو آ خوراڪ، سائل آهيون سڪ جا.
(ڀونر ڀري آڪاس، ص18)
ٻي دؤر ۾ هو انقلابي، وطن
پرست، انسان دوست ۽ ترقي پسند سوچ جو شعلا بيان شاعر ۽ پنهنجي اظهار ۾ ايڏو ارڏو
تخليقڪار آهي، جنهن جي باغي گيتن جي گونجار سان استحصالي ۽ آمرن جي مضبوط ڪوٽن جا
بُرج لُڏڻ لڳن ٿا ۽ هن نه رڳو هر ڪُڌي ريت ۽ روايت جو انڪار ڪيو، پر ان خلاف للڪار
بڻجي الاعلان چئي ڏنائين:
مان ڏوهي هان
مان ڏوهي هان ــ
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن!
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن!
هن
سر جي گدلي سينور ۾،
هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪو به چڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ،
هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جي،
مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ!
مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان ـ
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ص102)
هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪو به چڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ،
هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جي،
مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ!
مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان ـ
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ص102)
منهنجو اَگھ پُڇين ٿو آمر، منهنجا گيت ڳِنهي
سگھندين تون!
نتيجي ۾ سندس ٻن شاعريءَ جي ڪتابن، ’ڀونر ڀري
آڪاس‘ (1964) ۽ ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ (1968) ۽ هڪ نثري مجموعي، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘
(1968) تي نه رڳو پابندي مڙهي وئي،
پر مٿس ديس دروهي جا الزام هڻي، شهر بدر ڪيو ۽ ڪوٽ ڪڙن ۾ قابو ڪيو ويو، پر هن جا
آدرش ۽ احساس ساڳيا رهيا. سندس آواز خاموش ٿيڻ بدران ويتر ڀڙڪي اُٿيو.
جنهن وقت اسان
جي تند تپي ۽ ساز ٽپي آواز جھپي
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو ڳايو آ پيارا
هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس
مون ڪيڏي جر جي جھاڳ مٿان هي ديپ جلايو آ پيارا.
هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ
آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گھٻرايو آ پيارا.
(وڄون وسڻ آيون، ص50)
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو ڳايو آ پيارا
هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس
مون ڪيڏي جر جي جھاڳ مٿان هي ديپ جلايو آ پيارا.
هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ
آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گھٻرايو آ پيارا.
(وڄون وسڻ آيون، ص50)
اياز ان دؤر ۾، ’پنهنجي رت ۾
ريٽو جهنڊو‘، ’سنڌڙيءَ کي سِر ڪير نه ڏيندو‘، ’باغي آهيان‘، ’ڇو پير پساري ويٺو آ‘،
’جل جل مشعل جل‘، ’منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس جھان‘، ’هي ماڻهو وهه جو ڍڪ
ٿيا‘، ’انڌو اُڀ انڌاري ڌرتي‘، گهر گهر جوت جلائي‘ ۽ ٻيا اهڙا اڻ ڳڻيا گيت، نظم ۽
وايون سِرجيون، جن ۾ ’مٽي، محبت ۽ ماڻهپي‘ جي سُڳنڌ سان گڏوگڏ جرئت، جوانمردي،
مظلوم سان محبت ۽ استبدادي ۽ جابر سان نفرت جو نه رڳو کُليو اظهار ملي ٿو، پر
منجهس جدوجهد، انقلاب، انسان دوستي ۽ حب الوطنيءَ جو وڏو جوش ۽ ولولو پڻ نظر اچي
ٿو.
ٽئگور به، اياز وانگر سڌيءَ
ريت شايد ڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي ۽ تحريڪ ۾ شامل نه رهيو، پر پنهنجي ڌرتيءَ جي
آزادي پسند ۽ مظلوم ماڻهن جي هن هميشه پٺڀرائي ۽ همت افزائي ڪئي. هن نه رڳو ديس
واسين ۾ تعليمي سجاڳيءَ جو احساس اجاگر ڪيو، پر انگريزن جي بربريت خلاف پنهنجي
شاعريءَ جو سگھارو آواز بلند ڪري، پنهنجن محنت ڪش ماڻهن کي هر پل احساساتي ڏڍ ۽
فڪري اُتساھ آڇيو. سندس هڪ اهڙي نظم جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو:
هو اچن پيا، هو اچن پيا،
صف به صف نعرا هڻندا
موج موج ۽ لهر لهر ڄڻ اُٿلي پئي آ
پورهيتن جو چؤطرف سيلاب آ
ڄڻ ته ڪوئي خواب آ.
هو ڄمڻ کان موت تائين،
ٻل پنهنجي تي سدائين
جي جيئن، جھيڙين ٿا،
سون مٽيءَ مان ميڙين ٿا،
سي نه سنڀريا سُک ڪڏهن.
ڏک سدائين ساٿ تن سان،
قسمتون پنهنجون بدلائيندا ضرور
ڀور ٿيندا غاصبن جا سڀ
غرور
نفرتن جا ڏينهن ويندا
محبتون اينديون ضرور
منزلون پنهنجون ناهن هاڻي دور
تاريخ نئين ٿي رقم ٿئي
جو کيڙي سوئي کائي
ڄاڻ اڀريو سج نئون
ڄاڻ پهتي رات پنهنجي انت کي (20).
ساڳي خيال ۽ احساس کي اياز هنن
ٻن بيتن ۾ ڪيئن نه موهيندڙ انداز سان پيش ڪيو آهي:
اُڀري ايندا
اوچتو، هو ڌرتيءَ جا لال،
آءٌ ڏسان ٿو ڀونءِ تي، ايندا جي ڀونچال،
ماڻهو، مَڏيون، مال، ڊاهي هڻندا ڍير ۾.
ـــــــ
آءٌ ڏسان ٿو ڀونءِ تي، ايندا جي ڀونچال،
ماڻهو، مَڏيون، مال، ڊاهي هڻندا ڍير ۾.
ـــــــ
آءٌ ڏسان ٿو
ڀونءِ تي، اڄ به سو انسان،
اڀري ايندو باک سان، جيڪو سج سمان،
ناهي تر به گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالھ ۾.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص294)
اڀري ايندو باک سان، جيڪو سج سمان،
ناهي تر به گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالھ ۾.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص294)
رابندر ناٿ ۽ اياز جي ٻن
شاهڪار تخليقن، جيڪي پوءِ سندن پنهنجي پنهنجي وطن جي قومي تراني طور اپنايون ويون،
انهن ۾ گھڻي حد تائين خيال، احساس، جمالياتي حسيت ۽ جذبات جي شدت جي هڪجھڙائي ملي
ٿي. ٽئگور جي ان گيت جون ڪجھ سٽون سنڌي ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪجن ٿيون:
اي ڌرتي ماتا!
مان تنهنجي آڏو پنهنجو سيس جھڪايان ٿو.
تنهنجو پاڻي
پويتر ۽ صحت بخش آهي،
تنهنجو ميوو مٺو
۽ مزيدار،
تنهنجي هوا سيتل
۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي.
تنهنجون سايون،
سهڻيون ۽ سرهاڻ سان مهڪندڙ ٻنيون،
سدائين سون جان
چمڪن ٿيون.
تنهنجي نديءَ جي
ڪنارن تي چانڊوڪي جرڪي ٿي،
سک، پيار ۽
سندرتائون آڇيندڙ منهنجي ماتا!
تنهنجو مرڪڻ
موهيندڙ، تنهنجا ٻول جيئن امرت،
توتان سر، ساھ
ڇڏيان گھوري.
تون دين، ڌرم،
تون قرب ڪرم، تون شڪتي
تون ئي منهنجو
جيون،
تون سونهن،
سوڀيا، تون اکٽ خزانا،
اي ڌرتي ماتا!
مان تنهنجي آڏو پنهنجو سيس جھڪايان ٿو (21).
هاڻي اياز جي هيءَ وائي پڙهو:
سنڌو ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان مان.... مٽي ماٿي لايان.
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا! بيت به تنهنجا ڀايان،
ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين توکي چشمن چايان،
جيءُ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل! توکي ڪيئن لنوايان...
سُر سُر ڄڻ ساوڻ ۾ سنڌو، لهر لهر لهڪايان،
ڪالھ مليران مهڪ اٿي جا نگر نگر ڦهلايان،
تنهنجي مٽيءَ منجھ ملان جي، آءٌ امرتا پايان،
سنڌو ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان مان....
(وڄون وسڻ آئيون، ص80)
اياز جو ٽيون دؤر اهو آهي،
جنهن ۾ هن نه رڳو سنڌ جي صوفياڻي فڪر طرف پنهنجي مڪمل رغبت ڏيکاري، پر ان سان
گڏوگڏ شوپنهار ۽ اسپنوزا (Spinoza) جي مابعدالطبعيات (Meta Physics) ۽ پنرجنم جھڙن خيالن جي اثر هيٺ پڻ رهيو.
ان کان علاوه هو ٽئگور جي ويدانتي فڪر ۽ وجداني فلسفي کان پڻ گھڻي حد تائين متاثر
محسوس ٿئي ٿو.
انهيءَ دؤر ۾ ئي اياز ۾ فڪري ۽
احساساتي طرح تمام گهڻو بدلاءُ آيو. هو جيڪو اڳ پنهنجي اظهار ۽ احساسن ۾، سامونڊي
موجن جيان مست ۽ سرڪش هو. سندس لفظن مان جذبات، ولولي ۽ جوش جو لاوو پيو ڀڙڪندو
هو، سو صوفياڻي مزاج پيدا ٿيڻ سبب هڪ شانت ندي ۽ آبشار ڌارا بڻجي پيو.
تون
ئي آهين رات جا، ڪروڙين قنديل،
تون ئي ابابيل، تون ئي بکين باک ۾.
(ص44)
تون ئي ابابيل، تون ئي بکين باک ۾.
(ص44)
هو
روشن فانوس، هو رقصِ درويشان،
قونيه! تو ۾ مان، پنهنجو پاڻ وڃائيو.
(ص47)
قونيه! تو ۾ مان، پنهنجو پاڻ وڃائيو.
(ص47)
تون
ئي سڀ جي ساهه ۾، سڀ ۾ تون ئي تون،
سانجهي، سمنڊ، سپون، ڪيئي ولر واءُ ۾.
(اٿي اور الله سان، ص48)
سانجهي، سمنڊ، سپون، ڪيئي ولر واءُ ۾.
(اٿي اور الله سان، ص48)
شيخ اياز بلاشبه پنهنجي ابتدائي ادبي دؤر ۾
ٽئگور کي پڙهيو هو، پر حقيقت ۾، هو ان ڏانهن گهڻو راغب پنهنجن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ٿيو
۽ هُن ان جا وڌيڪ فڪري اثر پڻ ان دؤر ۾ ئي قبول ڪيا آهن.
ٽئگور جي شاعريءَ ۾، اڪثر ڪري
برکا رُت جي رنگيني ۽ سانجھيءَ ــ ٽاڻي آکيري ۾، آرام سان سُتل پکين جي سانت ۽
آنند جھڙو احساس آهي. ”فطرت جي اگھاڙي حُسن ۾ هن جي اڻ مئي دلچسپي هئي. لهندڙ سج
جي لالاڻ ۽ چڙهندڙ چنڊ جي سون ــ سريکي چانڊاڻ ۾، پري پري تائين وهندڙ شفاف
دريا... سونار بنگله جون سبزپوش پهاڙيون ڏسندي ۽ شام جي ٿڌڙين ٿڌڙين هيرن جي هنج ۾
جھولندي، هن جيڪي ڪوتائون رَچيون آهن، سي امر آهن ۽ امر رهنديون“ (22).
خاص ڪري سندس ڪوتا ــ ڪتاب،
’گيتانجلي‘ قدرت جي سونهن ۽ انسان جي داخلي ڪيفيتن جي اُپٽار سان ڏٽيل آهي. ان جا
موضوع روز مره زندگي ۽ ان جي ننڍڙن تجربن، داخلي احساسن ۽ جذبن سان تعلق رکندڙ
آهن. نظمن جي ٻولي رسيلي، نرم، سادي ۽ مصوراڻي تاثرن سان ڀرپور آهي. انهن ۾ فڪري
سونهن، احساساتي نرملتا، فني نفاست، ۽ وجدان رمزيت سميت ٻيون اهڙيون انيڪ خوبيون ۽
خوبصورتيون ملن ٿيون، جن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي، پر انهن کي هنئين سان
هنڊائي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿو.
ٽئگور جي شاعري زندگي ۽ فطرت
جي آئينه دار ۽ انسان جي اندر جي مختلف ڪيفيتن جي عڪاس آهي. ”ٽئگور جي شاعريءَ جي
حاوي موضوع ’روحانيت‘ آهي.
”روحانيت کان سواءِ فطري حُسن،
جنهن ۾ موسم ۽ مينهن، وڻ، ٽڻ، هوا، پکي ۽ جيت جڻيا شامل آهن. ٽئگور جو شاعريءَ جو
اهم جُز آهن“(23). هن زندگيءَ جي معمولي کان
معمولي مظهر ۽ لقاءَ کي به شاعراڻي جماليات سان زنده ۽ حسين بڻائي پيش ڪيو آهي. هن
جي شاعريءَ ۾ اندر جي ڪيفيتن ۽ صوفياڻي رمزن ۽ رعنائين جو حسين مانڊاڻ پنهنجي پوري
تاثريت ۽ تازگيءَ سان موجود ملي ٿو. مثال لاءِ هي نظم ملاحظه ڪريو:
Innermost One:
He it is, the innermost one,
Who awakens my being with his deep hidden touches!
He it is who puts his enchantment upon these eyes
And joyfully plays on the chords of my heart
In varied cadence of pleasure and pain.
He it is who weaves the web of this Maya
in evanescent hues of gold and silver, blue and green,
and lets peep out through the folds his feet,
at whose touch I forget myself.
Days come and ages pass,
and it is ever he who moves my heart in many a name,
in many a guise, in many a rapture of joy and of sorrow (24).
هن جو نه رڳو مٿيون نظم وحدت
الوجود جو مظهر آهي ۽ ان ۾ ’جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون‘ جي رمزيت
جهلڪي ٿي، پر سندس اڪثر شاعري، ’جز ۾ ڪل ۽ ڪل ۾ جز‘ جي فلسفي ۽ فڪر کي عيان ڪري
ٿي.
رابندر ناٿ ٽئگور جي نظمن ۽
گيتن جي ٻولي سادي، سرل، سُريلي، رس ڀري ۽ فطري محسوس ٿئي ٿي. لفظ، آرسيءَ جيان
شفاف ۽ موسيقيءَ جي سُرن ۾ ٻُڏل ٿا لڳن ۽ انهن ۾ نزاڪت، لطافت، تخيل ۽ تخليق جي حُسن
جي حيرت ڏياريندڙ جهلڪ پسڻ سان گڏوگڏ ڪمال جو تفڪر پڻ محسوس ڪري ۽ ماڻي سگهجي ٿو.
خاص ڪري سندس شهرِآفاق شعري مجموعي، ’گيتانجلي‘ ۾ موجود شاعري، من جي سُتل تارن کي
هڪ ڇُهاءَ سان مضطرب ڪري ڇڏي ٿي.
حقيقت ۾ ٽئگور جي هيءَ شاعري
سندس روح جو اهو راڳ آهي، جيڪو هن پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿي ڳايو آهي. هن ۾ ’وحدت
الوجود‘ ۽ ’فنا في الذات‘ جا آلاپ به آهن، ته فطرت ۽ قدرت جي حُسناڪين جون نغمه
سرايون به. اهو ئي سبب آهي، جو هو پاڻ چوي ٿو، ”گيتانجلي ۾موجود منهنجا گيت، دراصل
منهنجي روح جا نغما آهن، جيڪي مون پنهنجي معبود جي عبادت ۽ عشق ۾ جهونگاريا آهن.
انهن ۾، منهنجي زندگيءَ جي ڏکن سُکن سان گڏ منهنجن رياضتن ۽ عبادتن جو روح به
سمايل آهي، جيڪو لفظ لفظ ۾ ڌڙڪي ۽ رقص ڪري رهيو آهي“(25).
سچ پچ ٽئگور جو هي
سمورو ڪلام نرالي فڪري نُدرتن، روحاني جذبات ۽ وجداني ڪيفيتن سان لبريز آهي، جنهن کي
هن اهڙي سرمدي ۽ سرمستيءَ سان اظهاريو ۽ سِرجيو آهي، جو ان کي پڙهڻ کان پوءِ
پڙهندڙن تي پڻ انوکي ڪيفيتن جا کيپ ۽ خمار طاري ٿي وڃن ٿا.
شيخ اياز جي پڇاڙڪن ڏينهن واري
شاعريءَ ۾ پڻ ٽئگور وانگر فطرت، داخليت ۽ روحاني ڪيفيتن جو اظهار وڌيڪ حاوي نظر
اچي ٿو. خاص ڪري سندس پوئين دؤر جي نثر توڙي نظم تي ٽئگور جا گهرا ۽ گهڻ رخا اثر
محسوس ٿين ٿا. ٽئگور جو هي نظم پڙهي ڏسو:
Give Me Strength
This is my prayer to thee, my lord---strike,
Strike at the root of penury in my heart.
Give me the strength lightly to bear my joys and sorrows.
Give me the strength to make my love fruitful in service.
Give me the strength never to disown the poor or bend my knees before insolent might.
Give me the strength to raise my mind high above daily trifles.
And give me the strength to surrender my strength to thy will with love (26).
شيخ اياز جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ ٽئگور سان نه
رڳو فڪر، فن ۽ فلسفي جي لحاظ سان وڏي مماثلت ۽ هڪجهڙائي ملي ٿي، پر خدا کي
التجائون ۽ ارداسيون ڪرڻ، اي رب، اي مالڪ، اي ڌڻي ۽ رب العالمين جي نالن سان مخاطب
ٿي کيس پنهنجي مدعا پيش ڪرڻ جو لهجو، نرملتا، ڪيفيت ۽ انداز پڻ ٽئگور جي دعائيا
ڪلام جھڙو آهي، جنهن جا عڪس ۽ اولڙا سندس ڪوتا ــ ڪتاب، ’اُٿي اور الله سان‘ ۾،
چڱيءَ پَرِ پَسي سگھجن ٿا.
يا رب العالمين!
تون مون کي قوم، رنگ ۽ نسل جون تنگ گليون ڇڏاءِ
۽ پنهنجي شاهي رستي تان وٺي هل
تون منهنجو آغوش ايترو وسيع ڪر
جو مان ان ۾ ساري انسان ذات سمائي سگهان
مون کي استطاعت ڏي ته ڪنهن ڪاري ۽ ڪوجهي لاءِ
دل ۾ ڌڪار نه رکان
۽ ڪنهن کي نٻل ۽ نڌر ڏسي، ان جو ساٿ نه ڇڏيان...
ڪنهن ڏاڍي جي اڳيان نه جهڪان....
سڀ تو تي ڇڏيان.... تون ئي ازلي محتسب آهين (27).
پوين ڏينهن ۾ ٽئگور جو موت جي
موضوع ۽ ان جي عملي ۽ نفسياتي ڪيفيتن تي سِرجيل اهم ۽ منفرد ڪتاب، ’Wings of Death‘، اياز جي
گھڻي مطالعي هيٺ رهيو. ايتري تائين جو 6 مارچ 1991ع ۾ اياز جڏهن سخت بيمار هو ۽
ڪارڊيو وئسڪيولر انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ ۾ کيس داخل ڪيو ويو هو، تڏهن به ٽئگور جو اهو
ڪتاب وٽس موجود هو، جنهن بابت هو خود لکي ٿو، ”مون ڊاڪٽر کان پڇيو، ته مان ڪجھ لکي
سگھان ٿو، ته هن چيو ته تون صرف اخبار ڏسي سگھين ٿو....مون ڊاڪٽر جي صلاح کي وزن
نه ڏنو ۽ ٽئگور جو ڪتاب، ’Wings of Death‘ پڙهڻ لڳس. اهو ڪتاب مون 1963ع ۾ ٽئگور جي
ڪتابن ۽ ٽئگور تي لکيل پنجهٺ ڪتابن سان گڏ بمبئيءَ ۾ ورتو، جو ٽئگور تي مون کي
ڪتاب لکڻو هو، پر ڪيترن سببن ڪري نه لکي سگھيو آهيان.
مٿين ڪتابن مان مون ٻيا ڪتاب
پڙهيا هئا، پر ’Wings
of Death‘ رهجي ويو هو، ڇو ته ان وقت مان زندگيءَ جي ڀرپور جدوجهد ۾ مصروف
هوس ۽ ان ڪري مون کي ان ڪتاب جو نالو نه ٿي آئڙيو.... مون ٽئگور جو ’Wings of Death‘ اهو ڄاڻڻ
لاءِ پڙهيو ته آخري ڏينهن ۾ هو ڇا ٿو چوڻ چاهي. پهريان اهو نظم پڙهيم، جيڪو هن
آپرِيشن واري صبح لکيو هو، ان کان پٺئين صفحي تي هيٺيون نظم پڙهيم:
ڏينهن جي پهرين سج پُڇيو
تون ڪير آهين؟
ان کي ڪو به جواب نه مليو هيو.
ڏينهن جي پوئين سج ساڳو سوال پڇيو
شفق جي روشنيءَ ۾،
اولھ سمنڊ جي ڪنارن تي،
تون ڪير آهين ؟
ان کي به جواب نه مليو“ (28).
اياز جي ڪوتا ــ ڪتاب، ’ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون‘
۾، ٽئگور جي بيماري جي بستري تي لکيل مٿئين نظم سان فڪري توڙي احساساتي لحاظ سان
ڪافي مماثلت رکندڙ هي نظم ڏسو:
باک جو آواز آيو، ڪير آهين؟
مون جئين ٽئگور کي ٿي گُنگنايو،
ڪير آهين؟
ڪنهن پرندي چهچهايو،
ڪير آهين؟....
تون شفق ۾ ٿو ٻُڏين...
آڪاس ۾ درياه ڪنهن کي ٿي ڪنايو،
ڪير آهين؟...
رات ۾ سورج سمايو ۽ وري
آواز آيو،
ڪير آهين؟
ڪير آهين؟
ڪير آهين؟ (29).
مٿئين نظم ۾ اياز نه فقط ٽئگور
سان مخاطب آهي، پر ان ۾، ڪيترن منظرن ۽ محسوسات جي هڪجهڙائي پڻ چِٽي محسوس ٿئي ٿي.
ان سان گڏوگڏ موضوعي تاڃي پيٽو، علامتون ۽ اظهار جو انداز، جهڙوڪ: ’ڏينهن جو
پهريون سج‘، جنهن کي اياز ’باک جو آواز‘، جي اهڃاڻ سان اظهاري ٿو ۽ باک،
صبح کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن ته ’ڏينهن جو پويون سج‘، جنهن لاءِ اياز ’شفق‘،
لفظ استعمال ڪري ٿو ۽ جيڪو لهندڙ سج ۽ شام جي نشاني آهي. ٽئگور جو مرڪزي خيال کڻي،
اياز ان ۾ نه رڳو ڪمال جي فڪري نُدرت ۽ نرملتا پيدا ڪئي آهي، پر ان ۾ ترنم ۽ تفڪر
جو سونهندڙ سنگم پڻ سمايو آهي.
زندگي ۽
فطرت جي حُسناڪين سان گڏوگڏ ٽئگور موت ڏانهن پڻ گهڻو مائل آهي. هو پنهنجي شاعريءَ
۾ ’موت‘ کي انتهائي منفرد ۽ محبوب انداز سان ’پوئٽري‘ ڪري ٿو. ”هو موت جي ايندي،
ان جي ڀرپور آجيان ڪري ٿو. ڏک سان سلهاڙيل جرئت جي احساس سان موت کي ميزبان جيان
ڏسي ٿو. موت جي در کڙڪائڻ تي هو ڊوڙي ٿو پهچي ۽ ان کي زندگيءَ جي تڪميل ٿو سمجهي...
ٽئگور جي شاعريءَ ۾ ٻئي احساس مٿس حاوي آهن. هڪ پاسي موت جو خوف، ته ٻي پاسي ان جي
اچڻ تي اطمينان به بَکي ٿو“(30).
رابندر
ناٿ ٽئگور وٽ موت جو تصور ڀيانڪ، خوفائتو ۽ رواجي طرح جيئن ان کي منفي ۽ مصيبت
وارو سمجهيو ويندو آهي، ائين نه آهي، پر ان جي برعڪس هو موت کي زندگيءَ جو سڪون
ڪوٺي، ۽ ان جي شادماني (Death - Wedding) وانگر آجيان ۽
آڌرڀاءُ ڪرڻ جي انوکي ڳالهه ڪري ٿو. هو زندگيءَ کي ڪنوار ۽ پاڻ کي گهوٽ بڻائي،
هيٺين نظم ۾، ڪهڙي نه حسين انداز سان موت کي شادماني وانگر ملهائڻ جو ذڪر ڪري ٿو.
WE are to play the game of death to-night, my bride and I.
The night is
black, the clouds in the sky are capricious, and the waves are raving at sea.
We have left our bed of dreams, flung open the door and come out, my
bride and I.
We sit upon a
swing, and the storm winds give us a wild push from behind.
My bride starts up with fear and delight; she trembles and clings to my breast.
Long have I served her tenderly?
I made for her
a bed of flowers and I closed the doors to shut out the rude light from her
eyes.
I kissed her
gently on her lips and whispered softly in her ears till she half swooned in
languor.
She was lost in the endless mist of vague sweetness.
She answered
not to my touch, my songs failed to arouse her.
To-night has
come to us the call of the storm from the wild.
My bride has
shivered and stood up, she has clasped my hand and come out.
Her hair is
flying in the wind, her veil is fluttering, her garland rustles over her
breast.
The push of
death has swung her into life.
We
are face to face and heart to heart, my bride and I (31).
موت جي
حوالي سان ساڳيو تصور، تخيل ۽ احساس اياز وٽ پڻ ملي ٿو. هو به موت کان ڊڄي ۽ ان
کان فرار اختيار نه ٿو ڪري، پر سرهائيءَ سان، ٻانهون کولي محبوبه وانگر سندس هن
ريت آجيان ۽ استقبال ڪري ٿو.
جيڪر پوري ٿي وڃي، هي ساري ڳڻ ڳوتَ،
تون جي اچين موتَ، تنهنجي ڪيان آجيان!
تون جي اچين موتَ، تنهنجي ڪيان آجيان!
باقي ڪهڙو موتُ جي، تون ئي تون آهين؟
تون ئي ٿو چاهين، تو ۾ آنءُ سمائيان!
(سورج مکيءَ سانجهه ص50، 51)
تون ئي ٿو چاهين، تو ۾ آنءُ سمائيان!
(سورج مکيءَ سانجهه ص50، 51)
هو به ٽئگور
وانگر موت کي زندگيءَ جو انت نه ٿو سمجهي، پر پرينءَ سان ملاقات ۽ سنجوڳ جو هڪ سُندر
ذريعو تصور ڪري ٿو، تڏهن ئي ته چوي ٿو:
تنهنجو موت! ڇُهاءُ ائين، جئن ڪو پشمينو،
ڄڻ منهنجو سينو، سيني لاتو سپرين.
(جهڙ نيڻان نه لهي، ص53)
ڄڻ منهنجو سينو، سيني لاتو سپرين.
(جهڙ نيڻان نه لهي، ص53)
موت به آهي ننڊڙي، جڏهن لڳي اک،
پوءِ به ان جي ٻک، ڇا ڇا جرڪي جندڙي!
(ڪتين ڪر موڙيا جڏهن ــ 1، ص136)
پوءِ به ان جي ٻک، ڇا ڇا جرڪي جندڙي!
(ڪتين ڪر موڙيا جڏهن ــ 1، ص136)
شيخ اياز وٽ موت جو تصور انتهائي جمالياتي، عاشقاڻو، عارفاڻو، تخليقي ۽
احساساتي آهي. منهنجي ڄاڻ ۽ مطالعي ۾، اهڙا تمام گهٽ شاعر سامهون آيا آهن، جن وٽ
موت جو تخيل محبوباڻو، موهيندڙ، تخليقي ۽ تفڪراڻو آهي. انهن سڀني مان شاهه لطيف وٽ
موت جو تصور نه رڳو نرالو ۽ نئون آهي، پر اَڇوتو، آٿت ڀريو ۽ اُتساهيندڙ آهي. لطيف
لاءِ موتُ منزل جو سونهون آهي، جنهن کي هو هڪ رفيق ۽ همراز وانگر ڪوٺي، قريب ڪري ۽
چوي ٿو: ’مرڻ مون سين آءُ، پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان‘، ٽئگور وٽ پڻ موت جو تصور تخليقي
۽ صوفياڻو آهي. ساڳيءَ طرح اياز وٽ به موت جو فڪر ۽ فهم تمام گهڻو حُسناڪ ۽
شاعراڻو آهي. تڏهن ئي ته موت کي کِلي کيڪارڻ، مَلهي مُرڪي مرڻ ۽ سولي کي سينگار
سمجهڻ وارن کي وڏي اوليت ۽ اهميت ڏئي ٿو ۽ چنڊ کي استعاري طور استعمال ڪري، انهن
کي پنهنجي هيٺين نظم ۾، ڪهڙي نه خوبصورت ۽ من موهيندڙ انداز سان خراج پيش ڪري ٿو:
چانڊڪا تي
چنڊ جون ڳالهيون ته ٻُڌ!
ٿو چوي:
’موت ڏي کِلندو وڃي
کيڪار ڪر،
جي مَلهي مُرڪي مُئا
سي يار ڪر
گهوٽ آهين جي ته تون
سوري ڏسي سينگار ڪر
عشق سان اقرار
ائن ڏسن تنهنجون اکيون
حُسن اڳ کان سرس ٿئي
پيارَ، اهڙا پيارَ ڪر...‘! (32)
توڙي جو
اياز پاڻ چوي ٿو ته، ”مان ٽئگور نه آهيان، مون کي پنهنجي موت لاءِ هڪ سادي سودي
تشبيهه آهي“ (33). پر سندس شاعريءَ جي اڀياس کان پوءِ شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته، هن
جي تخليقن تي، نه رڳو ’موت ۽ حيات‘ جي فلسفي جي حوالي سان ٽئگور جا اَڻ مٽ ۽ جهجها
اثر آهن، پر ’خدا ۽ خدائي‘ بابت سندس تخيل ۽ تصور پڻ گهڻي حد تائين ٽئگور سان
ملندڙ جلندڙ آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته، اياز وٽ ڪمال جي ڏات ۽ ڏانءُ موجود آهي، ۽
هو ڪيترن ئي تخليقڪارن جا اثر وٺڻ باوجود پنهنجي تخليقي اظهار ۽ اسلوب ۾ نئون ۽
نرمل محسوس ٿئي ٿو.
شيخ اياز
۽ رابندر ناٿ ٽئگور جي شاعريءَ ۾، ڪيترين ئي فڪري ۽ فني مماثلتن سان گڏوگڏ خيال ۽
احساس جون هڪجهڙايون پڻ ملن ٿيون. ٽئگور جي هن نظم کي غور سان پڙهو.
Friends:
I have no sleep tonight.
Ever and again I open my door and look out on
The darkness, my friend!
I can see nothing before me.
I wonder where lies thy path!
By what dim shore of the ink-black river,
By what far edge of the frowning forest,
Through what mazy depth of gloom art thou threading
Thy course to come to me (34).
هاڻي وري
اياز جي هن نظم جو ڌيان سان مطالعو ڪريو. اوهان کي ٻنهي سرجڻهارن ۾، خيال، تخيل،
تصور ۽ تخليقي سٽاءَ ۾، ڪيئي حسين هڪجهڙايون ۽ هم آهنگيون نظر اينديون.
تنهنجي ڪارڻ ليئا پاتا
ساري رات جلي مون در تي،
ڪيڏو ڪارو انڌيارو آ
ڀنڀرڪي تائين سانڀر تي.
ڄاڻ پرهه جا پنڇي اُڏريا!
توڙي پوئين آهي ويرا،
منهنجي جوت اڃا به ٻَري ٿي
اڃا تڪيان ٿو تنهنجا پيرا.
اڃا به ساڳيو ليئو آهيان
اچڻو آهين جي تون، آءُ! (35)
ٽئگور وٽ ڪمال جي تخليقي ڏات ۽
فني نُدرت آهي. هو عام ۽ سادي شيءِ کي جڏهن پنهنجي شاعراڻي حِس سان ڇُهي ٿو، ته
اها فن ۽ حُسن جو شهپارو بڻجي پوي ٿي. هو عالمي ادب ۽ ڪلا جو اهڙو معتبر ۽ سگھارو
نالو آهي، جنهن پنهنجي تخليقي ڏات ۽ دانشمنديءَ سبب نه فقط پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي،
سڄي دنيا ۾ وڏو ناماچار حاصل ڪيو، پر ايندڙ صدين تائين هن کي پنهنجي ڪم ۽ ڪردار
ڪري وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو ويندو. هو هڪ ئي وقت اديب، شاعر، مصور، موسيقار،
راڳي، فلسفي، استاد، انقلابي، انسان دوست، فطرت پرست ۽ نهايت ئي وڏو انسان هو. اهي
سڀئي حوالا ۽ انهن سان حقيقي طور تي نڀائي سگھندڙ صرف ٽئگور جي شخصيت ئي ٿي سگھي
ٿي، ڇو ته هو پنهنجي وجود ۾ علم ۽ عمل جو ڀنڊار هو. ڪلا ۽ تخليق جي ايترن گھڻن
شعبن ۾ ورهايل هجڻ باوجود، هن جو ڪم معياري ۽ منفرد آهي. سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ’The Golden Boat‘، جو مترجم
(Bhabani
Bhattacharya) ڪتاب جي مهاڳ ۾ ٽئگور جي تخليقي ۽ ادبي حيثيت جي حوالي سان لکي
ٿو:
“The quantity of his output was immense. He wrote more than a
hundred volumes of poetry and plays, but the range of his productions was no
less astounding. There were many novels, short stories, essays, philosophic and
aesthetic treatises (mainly addresses delivered in India, Britain and the United
States), travel diaries and books for children. Among the most significant of
his work was his songs, the number of which ran into four figures. Set to
music, exquisite in imagery and sensitiveness, these songs are today integral
in the cultural life of Bengal. When well over sixty he took up painting and
evolved a highly personalized technique. Collection of his paintings exhibited
in Paris and elsewhere drew warm appreciation from the foremost critics. His
lifework however was not confined to the arts, but he was Guru deva of his land
and literature” (36).
حقيقت ۾ رابندرناٿ ٽئگور مشرق ۽ مغرب جي ادبي
آسمان تي اُڀريل ساهت جو اهڙو سج هو، جنهن نه صرف پنهنجي ڌرتي ۽ ديس واسين کي
پنهنجي علم ۽ فڪر جي روشنيءَ سان منور ڪيو، پر هن پنهنجي سُرت ۽ ساڃاھ جو سوجھرو
پوري دنيا تائين پکيڙيو، جنهن مان فڪري ۽ احساساتي طرح اياز پڻ فيضياب ٿيو آهي. شيخ
اياز جو پنهنجي اهڙي مهان ۽ صدين جي سرجڻهار کان متاثر ٿيڻ عين فطري ۽ سڀاويڪ آهي.
نتيجو: رابندرناٿ ٽئگور وڏو
شاعر ۽ اديب ئي نه، پر وڏو مفڪر به هو. هن جي ڏات ۽ ڏاهپ سرحدن جي قيد کان آزاد
هئي. هن جي پڙهندڙن ۽ پُرجهندڙن جو نه فقط مشرق توڙي مغرب ۾ وڏو حلقو آهي، پر سندس
ڪلام ۾ اهڙي آفاقيت ۽ همگيريت موجود آهي، جنهن ڪيترن ئي مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي
ڪنهن نه ڪنهن طرح موهيو ۽ پاڻ ڏانهن متوجهه پئي ڪيو آهي. هو تجزياتي شعور کان وڌيڪ
وجداني احساس جو مالڪ ۽ دانشمند تخليقڪار هو. هن جي شاعري دماغ کان وڌيڪ دل جي
عڪاس آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جهڙيءَ ريت قدرت ۽ فطرت جي موهيندڙ لقائن کي پيش
ڪيو ۽ انسان جي داخلي ڪيفيتن کي پُراثر انداز سان اظهاريو آهي، اهو تمام گهڻو
تخليقي ۽ احساساتي آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي دل ۽ دماغ جون دريون کولي ڇڏي ٿو.
شيخ اياز پڻ پنهنجي دؤر جو نبض
شناس قلمڪار ۽ 21 صدي جي جديد دؤر جو، نه رڳو سنڌ، پر پاڪستان جو وڏو تخليقڪار ۽
دانشور شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جي گونج پنهنجي ديس جون سيمائون پار ڪري، نه صرف
پرڏيهه تائين پهچي چڪي آهي، پر گجي ۽ گونجي رهي آهي. هن وٽ نه فقط مفڪراڻو دماغ
هو، پر وٽس مصوراڻي دل به هئي. هن جي شاعري ۾ فڪر ۽ فلسفي جي اُپٽار سان گڏوگڏ
انساني ڪيفيتن ۽ فطرت جي عڪاسي پنهنجي پوري فنڪاراڻي جوهر ۽ جمالياتي جوت سان
موجود ملي ٿي.
هنن ٻنهي عظيم شاعرن جي ڪوتائن
جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن انهن ۾ فڪر، تاثر ۽ فن جون ڪيئي حسين هڪجهڙايون ملن
ٿيون. مها ڪوي ٽئگور ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جي تقابلي مطالعي کان
پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته، ٽئگور جا اياز جي شاعريءَ تي
فڪري ۽ فني حوالي سان ڪافي اثر آهن. خاص طرح سان اياز، ٽئگور جي وحدت الوجودي فڪر
۽ وجداني فلسفي کان گهڻو مرغوب ۽ متاثر آهي.
موت ۽ حيات جي موضوعن، فطرت جي
مظهرن، انساني ڪيفيتن ۽ محسوسات جي ڪيترن ئي نقطن تي، هنن ٻنهي شاعرن جي تخليقن ۾،
وڏي هم آهنگي ۽ يڪسانيت محسوس ٿئي ٿي. اياز وٽ توڙي جو تفڪر ۽ تصور جي پنهنجي هڪ
حسين ۽ دلفريب دنيا آهي، جنهن کي هن پنهنجي ڀرپور تخليقي اظهار ۽ فنڪاراڻي احساس
سان پيش ڪيو آهي، پر پوءِ به پنهنجن متقدمين جي مثبت روايتن کي اپنائڻ ۽ سندن فڪري
اثرن قبول ڪرڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ ۽ ٿانءُ آهي. هن ٽئگور جا اثر اهڙي نمونيءَ سان
ورتا ۽ انهن ۾ پنهنجي فڪر، فن، ڏات ۽ تات جو جوهر مِلايو آهي، جو اهي هر لحاظ کان
تخليقي، نرمل، نُدرت ڀريا ۽ نت نوان محسوس ٿين ٿا ۽ اهو عمل ئي اياز کي مهان ۽
منفرد شاعر بڻائي ٿو.
...................
حوالا
1.
حيدري، شمشير، ”سنڌي آزاد نظم
جي اوسر“، حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر اينڊ آرٽس، ڪراچي، 1987ع، ص12.
2.
انجم، شهزاد، (مرتب) ”رابندر
ناتھ ٹئگور ــ فن و فکر“، مضمون ــ ’ ٹئگور‘، حامد حسن قادري، مکتبه جامعه، نئي
دهلي، لميٹڈ، 2012ع، ص68.
3.
ايضا، ص69.
4.
Robinson, Andrew, “Tagore the Myriad minded man,
Bloomsbury publishing ltd, London, 1995.
5.
ibid
6.
ضمير، احمد، (مرتب)،
”دوسروں کي شاعري“، شهرزاد کراچي، 2001ع، ص63.
7.
گل، ڊاڪٽر، (مترجم)،
”گيتانجلي“، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 1995ع، ص13.
8.
Robinson, Andrew, ”Tagore the Myriad minded man,
Bloomsbury publishing ltd,London, 1995.
9.
ibid
10.
گل، ڊاڪٽر، (مترجم)،
”گيتانجلي“، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 1995ع، ص9، 10.
11.
جوڻيجو، منصور قار، ”ٽئگور جي
جيون ڪٿا“، سنڌو ڪتا گھر، دادو، 1987ع، ص50 ،51.
12.
گورکھپوري، فراق، (مترجم)،
ٹئگور کي شاعري“، مکتبه اردو ادب، لاهور، ص11، 15.
13.
Robinson, Andrew, ”Tagore the Myriad minded man,
Bloomsbury publishing ltd,London, 1995.
14.
شيخ، اياز، ”ڪتين ڪر موڙيا
جڏهن ـــ2“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع، ص292.
15.
شيخ، اياز، ”ڀونر ڀري آڪاس“،
نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1962ع، ص140.
16.
شيخ، اياز، ”ڪتين ڪر موڙيا
جڏهن ـــ1“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع، ص18.
17.
ايضا، ص20، 25.
18.
شيخ، اياز، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا
ڪاپڙي“، ساهت سڀا پبليڪيش، الهاس نگر (ڀارت)، 1987ع، ص52.
19.
شيخ، اياز، ”ڪتين ڪر موڙيا
جڏهن ـــ1“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع، ص12، 13، 18.
20.
رنگريز، غلام حسين، ’وکر سو
وهاءِ‘، ارباب نور محمد پليجو پبليڪيشن، ٺٽو، 1988ع، ص52.
21.
جوڻيجو، منصور قار، ”ٽئگور جي
جيون ڪٿا“، ص13، 32.
22.
رنگريز، غلام حسين، ”وکر سو
وهاءِ“،ص44، 45.
23.
گل، سحر، ”ٽئگور نوبل پرائيز
جو حقدار ڇو هو؟“، ڪاوش دنيا، 26 مئي 2013ع، ص8.
25.
انجم، شهزاد، (مرتب) ”رابندر
ناتھ ٹئگور ــ فن و فکر“، مکتبه جامعه،
نئي دهلي، لميٹڈ، 2012ع، ص5.
26.
https://www.poetrysoup.com/famous/poem/give_me_strength_105
27.
شيخ،
اياز، ”شاعري ــ 8“، ’تون ڇپر تون ڇانو‘، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2010ع، ص555.
28.
شيخ، اياز، ”ڪتين ڪر موڙيا
جڏهن ـــ1“، ص27.
29.
شيخ، اياز، ”ڇوليون ٻوليون
سمنڊ جون“، مڪتبه دانيال، ڪراچي، 1993ع، ص56.
30.
گل، سحر، ”ٽئگور نوبل پرائيز
جو حقدار ڇو هو؟“، ڪاوش دنيا، 26 مئي 2013ع، ص8.
31.
https://www.inspirationalstories.com/poems/-the-game-of-death
-Tagore-poems
32.
شيخ، اياز، ”چنڊ چنبيليءَ ول“، نيو فيلڊس
پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985ع، ص44.
33.
شيخ، اياز، ”شاعري ــ 8“، ’پتڻ ٿو پور ڪري‘، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2008ع، ص367.
35.
شيخ،
اياز، ”راج گهاٽ تي چنڊ“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع، ص173.
36.
Bhabani Bhattacharya, “The
Golden Boat”, Jaico Publishing house, Bombay, 3rd edt: 1964, p: 8.
No comments:
Post a Comment