20/08/2021

ناول 'يوٿوپيا' جو جائزو - علي اڪبر نهڙي (Ali Akbar Nahri)

 علي اڪبر نهڙي

ناول 'يوٿوپيا' جو جائزو


پوسٽ ماڊرن ادب ۾ ڊسٽوپيائي فڪشن پنهنجي الڳ معني رکي ٿو، جنهن کي پوسٽ ماڊرن ڊسٽوپيا به چئبو آهي. ۽ ڊسٽوپيائي فڪشن ۾ ڊسٽوپيائي ناولن جو پنهنجو مقام آهي. اهي ناول دنيا ۾ اڳ به لکيا ويا پر جديديت پڄاڻان انهن جي موضوعن ۾ نواڻ ۽ تبديلي آئي. ڊسٽوپيائي فڪشن انسان جي زندگي جي هڪ اهڙي پهلوءَ جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ انساني زندگي رياستي جبر ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي چنبي هيٺ بيوس بڻيل نظر ايندي آهي. ڊسٽوپيائي ناولن لاءِ اڪثر ائين چيو ويو ويندو آهي ته اهي مستقبل جي اڳڪٿي ڪن ٿا، انهي بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر انهن ناولن جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حال سان ضرور تعلق هوندو آهي. جيئن جارج آرويل سندس جڳ مشهور ڊسٽوپيائي ناول 1984 بابت ڳالهائيندي هڪ جڳهه چيو ته 1984 جي دنيا لازمي طور تي ممڪن ڪونهي ۽ سندس ناول تنقيد ۽ انتباھ آهي نه ئي اڳڪٿي.

منهنجي نظر ۾ حقيقي معني ۾ ڏٺو وڃي ته اسين هڪ ڊسٽوپيائي سماج ۾ رهون پيا جتي ڏاڍ، ظلم، ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي خوفناڪ روش اسان کي اسان جي فطري آزاديءَ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، ته انهي ماحول ۾ اهڙي ادب جي سرجڻ جي ضرورت آهي جيڪو اسان جي زندگيءَ جي انهي ڀوائتي تصوير کي چِٽي سگهي، ۽ سنڌي ادب ۾ انهي ضرورت کي ڪليم ٻٽ پنهنجي ناول ”يوٿوپيا“ سان پورو ڪيو آهي.

ڪليم ٻٽ سنڌي ادب جو سٺو ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏوگڏ سٺو ناول نگار پڻ آهي. انهيءَ [ناول] کان اڳ سندس ٻيا ڪجهه ناوليٽ به منهنجي مطالعي هيٺ رهيا آهن پر اهو ناول انهن سڀني کان شاندار آهي. ناول جي ڪهاڻي طويل آهي ۽ ڪردار به گهڻا آهن ته انهي ڪري آئون ناول جي صرف ڪجهه شين تي نظر وجهندس.

ناول يوٿوپيا ڪهاڻي بيان ڪري ٿو 'يوٿوپيا' نالي هڪ اهڙي رياست جي جتي جا حڪمران اقتدار جي هوس خاطر مذهب جو غلط استعمال ڪري عوام جو استحصال ڪندا رهن ٿا ۽ انهي سان گڏوگڏ اتي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انهن جي زندگين مٿان قابض ٿيڻ چاهيندا آهن. جيبي ۽ ماسمو هن ناول جا مرڪزي ڪردار آهن جن جو تعلق ٽين جنس سان هوندو آهي، يعني انهن جي جسم جو اڌ حصو عورتاڻو ۽ اڌ مرداڻو هوندو آهي. انهن جو تعلق يوٿوپيا جي هڪ وڏي سياسي خاندان سان هوندو آهي، اقتدار جي ويڙھ ۾ انهن جو خاندان قتل ٿي ويندو آهي ۽ اهي يوٿوپيا ڇڏي لندسيا ۾ پناھ وٺنديون آهن. ناول ۾ سندس خاندان جي ٻن شخصيتن ڇٽي اول ۽ ڇٽي ثاني جي زندگي ۽ سياست کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ناول ۾ جيبي جو ڪردار انتهائي متحرڪ آهي جيڪو يوٿوپيا وڃي اتي عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪرڻ چاهيندي آهي، ڇو ته اتي جا حڪمران آئسوليشن سٽي جو قيام ڪندا آهن جتي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي کنڀي آندو ويندو آهي، جتي انهن جو مقصد انهن جي جسم ۾ هڪ چِپ لڳائڻ هوندو آهي جنهن سان اهي انهن جي ذهنن کي قابو ۾ آڻيندا آهن جيئن انهن کي مذهبي انتهاپسندن جي حوالي ڪري سگهجي. ماسمو جيبي کي يوٿوپيا وڃڻ لاءِ روڪيندي آهي ڇو ته هو اتي جي غضبناڪ حالاتن کان واقف هوندي آهي پر ناول جي پڄاڻي آخر جيبي کي به اتي کنڀي آنڌو ويندو آهي پر سندس جنس جي مونجهاري سبب چِپ نه لڳڻ ڪري هو جلد اتان نڪري اچي ماسمو کي ملندي آهي.

ڪليم ٻٽ جو اهو ناول پنهنجي ڪهاڻي سان گڏوگڏ پسمنظر به منفرد رکي ٿو. اهو هڪ ڊسٽوپيائي ناول آهي ۽ انهي جي مختلف ڳالهه اها آهي ته انهي ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جي عنصر کي سٺي نموني اظهاريو ويو آهي. جيئن ناول ۾ ابيس، ارساد ۽ شالني جهڙا انتهاپسند ڪردار انهي کي هٿي ڏئي ماڻهن ۾ وڌيڪ دهشت ۽ جنونيت پيدا ڪري انهن جي ذهنيت مٿان حاوي ٿي ويندا آهن.

جيبي ۽ ماسمو سان گڏوگڏ مون کي ناول جا ٻيا ڪردار به متاثر ڪن لڳا جن ۾ راضي، ساراق ۽ بنديا. ساراق ڇٽي خاندان جي مزاحمتي عورت هوندي آهي جيڪا آخري دم تائين انهن انتهاپسندن سان ويڙھ ڪندي آهي ۽ آخر ۾ دشمن جي هٿان مرڻ بجاءِ هوءَ پنهنجي هڪ انقلابي ساٿياڻي هٿان مرڻ پسند ڪندي آهي. ٻيو ڪردار راضي جيڪو ليکڪ هوندو آهي جنهن کي چِپ لڳائڻ لاءِ کنڀيو ويندو آهي ۽ اتي جي تشدد ۾ دم ٽوڙي ڇڏيندو آهي. راضي جا جيبي سان سٺا لاڳاپا هوندا آهن، سندس وڇوڙي جي خبر هن لاءِ وڏي دردناڪ ثابت ٿيندي آهي. اهو واقعو پڙهندڙ کي به ڏکارو ڪري ٿو پر اتي ناول نگار عام رواجي ناول نگارن جيان روئڻ پٽڻ يا ماتم ڪرڻ بجاءِ سنجيدگي سان ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائيندو رهي ٿو. بنديا جو ڪردار اهم آهي. بنديا ۽ بهادر ڇوڪريءَ هوندي آهي جيڪو يوٿوپيا جي گنجيڙي نالي وحشي حڪمران جي انهي سازش کي ظاهر ڪندي آهي، جنهن جي نتيجي کيس وڏو ڀوڳڻو پوندو آهي، سندس اهو ڀوڳنا به ناول جو ڏکوئيندڙ پاسو آهي.

ٻيو هن ناول ۾ ناول نگار ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي فن تي به سٺي مهارت رکي ٿو.

ناول جي مرڪزي ڪردارن جي جنس وارو پاسو ناول کي مختلف پر سٺو رنگ ڏئي ٿو. منهنجي نظر ۾ انهن ڪردارن تي گهڻو منجهڻ اجايو آهي ڇو فڪشن ۾ اهو ممڪن آهي۔ ۽ ڊسٽوپيائي ادب ۾ ڪردارن بابت جيڪا ڳالهه معني رکي ٿي اها سندن متحرڪ هجڻ آهي. اهي ڪردار هميشه انهي دهشتناڪ ماحول مان پاڻ کي توڙي ٻين کي ڇٽڪارو ڏيارڻ ڪرڻ لاءِ وڙهندا رهندا آهن، جيئن ناول ۾ جيبي، ساراق، راضي، بنديا ۽ ڪجهه ٻيا ڪردار آهن.

هن ناول جا ڪجهه ڪمزور پاسا به آهن. جيئن ناول ۾ ڇٽي اول ۽ ڇاٽي ثاني جي زندگيءَ بيان کي ايڏو ته ڊگهو ڪيو آهي جو ناول جو اڌ کان وڌيڪ حصو ته ماضي ۾ گذري ٿو وڃي. ٻي شيءِ جيڪا ناول جي ڊسٽوپيائي پاسي کي ڪمزور ڪري ٿي سا اها ته جيبي جي پنهنجي مخالفت باوجود ناول ۾ ڇٽي ثاني کي مشهور ۽ دلعزيز اڳواڻ طور ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ڊيسٽوپين فڪشن ۾ هر حڪمران جو ڪردار سخت ظالم هوندو آهي، جنهن کان ماڻهو شديد نفرت ڪندا آهن. ڊسٽوپيائي معاشري ۾ حڪمرانن طرفان ماڻهن لاءِ ڪا به چوائس ناهي هوندي، اتي صرف تشدد جو زور هوندو آهي. ٻيو ناول ۾ اسٽيله، جمل خان ۽ ڪاڪي جمالو جو تعارف به ناول ۾ وڏو ملي ٿو جڏهن ته اهي ناول جا ڪي وڏا ڪردار ناهن.

ٻيو منهنجي نظر ۾ هن ناول جي شروعات ۾ ناول نگار کي پنهنجي ناول جو تعارف ڏيڻ ضروري هو، جيئن ته اهو ڪو سنڌي ڪئمپس ناول آهي ڪونه جنهن جي پهرين صفحي کي پڙهندي ئي پڙهندڙ سمجهي وڃي ته اڳتي وڇوڙو ٿيندو.

بلڪ اهو ناول پنهنجو هڪ الڳ پسمنظر رکي ٿو، جنهن کي سمجهڻ سواءِ ناول پڙهندڙن کي منجهائيندڙ لڳندو.

باقي ناول جي بهترين ڳالهه اها آهي ته انهي ۾ ٽين جنس جو ڀرپور دفاع ڪيو ويو آهي، ۽ انهي ۾ عورت جي ڪردار کي وڌيڪ مظلوم ڏيکايو ڪيو ويو آهي.

هن ناول جي سڀ کان وڻندڙ ڳالهه اهو آهي ته ناول ۾ افسانوي دنيا کي حقيقت جي دنيا کان وڌيڪ خوبصورت ڪري پيش ڪيو ويو آهي. واقعي حقيقت جي دنيا ظلم، درد، انڌير ۽ لهو سان لبريز آهي، ته انهيءَ ڀيانڪ دنيا کان کان کن پل لاءِ نجات صرف افسانوي دنيا ڏياري سگهي ٿي. افسانوي دنيا ۾ اسين هر خواهش جي تڪميل ۽ هر خواب جي ساڀيان ماڻي سگهون ٿا. افسانوي دنيا ۾ اسين انهن ٻانهن جي پناھ ۾ پنهنجو سر ٽيڪي سگهون ٿا جڏهن ته انهن ٻانهن کي اسان کان وڇڙي ڪو عرصو گذري چڪو هوندو آهي.

افسانوي دنيا ۾ اسين انهن محبوب ماڻهن سان ملاقات ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان جي زندگي کان گهڻا ڏور هليا ويا هوندا آهن بلڪِ جيڪي هن دنيا کان به ڏور پهچي چڪا هوندا آهن. افسانوي دنيا ۾ اسين انهن من موهيندڙ واقعن کي به سوچيندا آهيون جيڪي اسان جي زندگي ۾ ڪڏهن ٿيا ئي ناهن هوندا، ۽ نه ئي ڪڏهن شايد ٿيڻا هوندا آهن. هن حقيقت جي هولناڪ دنيا کان عارضي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ انسان وٽ افسانوي دنيا سواءِ ٻيو سهارو ئي ڪهڙو آهي!

ناول جي پڄاڻي پڙهندڙ جي خواهش جي ابتڙ آهي پر پوءِ به بهترين آهي.

اسان جي ادب ۾ اهڙن جديد موضوعن سان لاڳاپيل ناولن جي لکجڻ جي وڏي ضرورت آهي.

يوٿوپيا سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي جنهن لاءِ ڪليم ٻٽ کيرون لهڻي.

No comments:

Post a Comment