14/12/2022

”ننڍڙو چنڊ“ جو مھاڳ - محمد علي پٺاڻ (Muhammad Ali Pathan)

 محمد علي پٺاڻ

انور ابڙي جي ناول ”ننڍڙو چنڊ“ جو مھاڳ

ڪو به ٻارُ، ڪنھن به گهر ۾ جنم وٺي ٿو ته سندس سِکيا جو پھريون مرحلو گهَرَ جي ماحول کان ئي شروع ٿِئي ٿو - ۽ جيڪڏهن اھو ماحول مُھذب، ٻارَ جي عزت نفس ۽ معصوميت جو خيال ۽ احترام ڪندڙ آهي ۽ چِڙِچِڙو، ٻارَ کي دڙڪي دھمانَ ۾ رکندڙ ۽ ”مارَ“ کي ”سَنوارَ“ جي جاھِلاڻي سوچَ تي عمل ڪندڙ نه آهي ته اڳتي هلي اھڙو ٻارُ نه رڳو پنھنجي گهرَ، تَرَ ۽ پاڙي پنڀي ۾ ”يارَ، ھِي ٻارُ ڪيڏو نه صدورو آهي...“ يا ”اَئِي اَدي، ٻارڙو ماشاء اللھ ڏاڍو سمجهدار ۽ سلڇڻو اَٿَئِي...“ جھڙن سٺن جملن جي سڃاڻپ سان زندگيءَ جي عقلي ۽ شعوري شاھراھ تي اعتماد سان ننڍڙيون وِکون کڻي، اڳتي وڌي ٿو. اھڙو ٻارُ نه رڳو پنھنجي حياتيءَ جي سفر کي سڦلائتو بڻائڻ واري منزل طرف گامزن ٿِئي ٿو، پر سماج لاءِ به ھڪ سُڌارڪ، انسان دوست ۽ ”سَڀِئين وصفين سُھڻي“ شخص جو حوالو بڻجي ڪنھن نه ڪنھن اھڙي منزل کي ضرور رَسي ٿو، جيڪا ھُن جھڙو ھَڏُ ڪاٺُ رکندڙ انسانن لاءِ اتساھَ جو ڪارڻ ۽ عظمت جو معراج سمجهي ويندي آهي ۽ جنھن تي تاريخ رَشڪ ڪندي آهي.

اسان جي دوست ۽ سنڌ جي مانائتي ليکڪ انور ابڙي ان ئي مرڪزي خيال ۽ آئيڊيا کي آڏو رکي ٻارن لاءِ ھِي ”ننڍڙو چنڊ“ تخليق ڪيو آهي. جنھن جي ڪھاڻي ليکڪ خيالي ۽ تصوراتي سَگهه ذريعي نه جوڙي آهي، نه ئي ديوَن پَرِيُنِ ۽ بادشاھن، شھزادن ۽ شھزادين جي غير حقيقي ۽ عقل کان ماوِرا ڳالهين کي پنھنجي انداز ۾ ناول جي تاڃي پيٽي ۾ شامل ڪيو اَٿائين. ھر ڳالهه ۽ رَوايت کان ھٽي ھُنَ ھِنَ ناول جو دَڳُ ئي نئون ۽ پنھنجو ٺاھيو آهي، جيڪو پھريٽي پُٽَ عَنيق جي جنم کان وٺي ان جي پنجن سالن جي عمر کي رَسڻ تائين وارن واقعن، ٺينگن ٽَپَنِ، نَيُنِ نَيُنِ حرڪتن، معصوم معصوم سوالن ۽ عجيب عجيب ڳالهين جي تخليقي انداز ۽ جُداگانه ترتيب جي گُلن ٻوٽن سان سينگاريل آهي، جنھن ۾ فوٽو گرافڪ سُونھَن جا جَلوا به نظر اچن ٿا ته بيحد ئي سليقي سان سادي نوعَ ۽ روايتي رنگ روپ ۽ ڊيلَ ڊولَ ۾ پڙھندڙ اڳيان دل ۾ گهَرُ ڪري ويھندڙ ۽ دلچسپ قصو ۽ ڪھاڻي به آهي. ھن ۾ شامل عَنيق جي مختصر سوانح جي سلسليوار واقعن ۽ ڳالهين پڙهڻ کان پوءِ انھن تي ٿورو به غور ويچار ڪجي ٿو، ته بظاهر ته اُھي ٻاراڻي نوعَ جا محسوس ٿِين ٿا، پر پنھنجي روحَ ۾ اُھي ھڪ ”نئين انسان“ کي ڪيئن ھُجڻ گهُرجي؟، خاص طور ان جي اوسر جي حوالي سان ڏاڍا ئي اھم، چُڀندڙ ۽ ڪنھن گَھِري فڪري پس منظر سان سلھاڙيل نظر اچن ٿا.

عَنيق جي ڄمڻ کان جيئن ئي ناول جي ڪھاڻي شروع ٿِئي ٿي ۽ پوءِ ھن جي سمجهه پرائڻ ۽ ڳالهائڻ جي وڻندڙ توتلن لفظن جي سلسلن سان سندس خانداني پس منظر کي واضح ڪندي اڳتي وڌي ٿي ته، خبر پَوي ٿي ته ليکڪ ايڪويھين صديءَ جي تقاضائن موجب سنڌ جي ٻارَ لاءِ نه رڳو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي لازمي ڄاڻ ھُئڻ تي زور ڏئي ٿو، پر ان سان گڏ پنھنجي ديسَ جي ماڳن مڪانن، جهرن جهنگلن، جبلن، اوتارن، درگاھن، شاعرن، ٻوليءَ جي ماھرن، سُگهڙن، اديبن، لوڪ نفسيات، سُورھَنِ، سَپُورنجن، ڍنڍن ڍورن، لَنگَهن پيچرن، ڳوٺن ۽ شھرن بابت به معلومات ڏئي علم جي ھر شاخ سان ”ڪچِي عمر“ کان ئي سندس دوستيءَ جو ناتو ڳنڍڻ جي شعوري ڪوشش ڪري ٿو، ته جيئن اسان جو ٻارُ به، دنيا سان گڏ ھَلي ڪنھن به ريت مُھذب ۽ پڙھيل ٻارن کان پوئتي نه رھي.

ناول ۾، ھيرو عَنيق جي ڪردار سان گڏ سندس ننڍي ڀاءُ عَريبَ، بابا سرمد، امڙ، ڏاڏي، ڏاڏيءَ، ناني، نانيءَ، چاچن، مامن، پُڦين ۽ ماسين جا ڪردار به شامل آهن، جن کي پڻ انور ابڙي ڪھاڻيءَ جي ضرورت آھر کيرَ ۾ کنڊُ وانگر مِلائي اھڙي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جو پڙھندڙ انھن سان پنھنجي وابستگي ۽ دلچسپي آخر تائين برقرار رکيون اچي ٿو - ۽ ناول تان اَکِ نٿو ھَٽائي.

سو انھن سڀني ڳالهين ۽ نئين دور جي ”ٻارَ سَنوارَ“ لاءِ اعليٰ قدرن وارين خوبين سان ٽمٽار ھن ناول کي سنڌ جي ٻاراڻي ادب جو ”ھڪ شاھڪار ناول“ چَوندي اُميد ڪجي ٿي ته اسان جي ٻارن جي شعوري تربيت لاءِ ليکڪ ھلندڙ ۽ ايندڙ وقت ۾ اھڙن ناولن جي تخليق تي پنھنجي سوچ مرڪوز رکندو.

(18 مئي 2017ع)

No comments:

Post a Comment