28/01/2023

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ جو مختصر اڀياس- امين جويو (Amin Joyo)

 امين جويو

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ڪتاب

”سمن جي سلطنت“ جو مختصر اڀياس

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو هي بهترين تواريخي دستاويز سَمن جي حڪومتي دور تي ٻڌل آهي. هن ڪتابَ جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو وارن سن 1987ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪِتابَ کان اڳ ۾”سما دور“ تي ڪو به ننڍو يا وڏو ڪتاب ڇپيل ڪو نه هو. ڪتاب جي ليکڪ مطابق؛ ”هن کان اڳ ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، سڀ کان پهريان ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم. ايڇ پنهور ۽ سيد حسام الدين راشديءَ سَمن جي دور تي نمايان ڪم ڪيو.

جيئن ته سمن جو دور سن 1351ع کان سن 1520ع تائين رهيو ( يعني هڪ صدي ۽ اوڻهتر سال) ۽ ان هيڏي ساري دور کي ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب رڳو هن ننڍڙي ڪتابچي ۾ سمائي، سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيئي ڇڏيو آهي! هن ڪتاب جي ڪاميابيءَ جي ثابتي اها آهي ته اڄ ڏينهن تائين هن جا پنج ڇاپا اچي چُڪا آهن ۽ هن ڪتابَ جون پنجن هزارن کان وڌيڪ ڪاپيون وِڪرو ٿي چُڪيون آهن! ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ اڄ به هن ڪتاب جي گُهرجَ آهي. سَمن جي دور تي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارا ماڻهو، ڪتابَ جي پُڇا ڳاڇا ڪندي نظر ايندا آهن، ان جو سبب هي آهي ته هن ڪتابَ ۾ سما دور جي پهرئين حُڪمران ڄام اُنڙ کان وٺي آخري حُڪمران ڄام فيروز تائين؛ سڀني حُڪمرانن جي حُڪومتي دور ۽ انهن جي ڪمن ڪارين، زندگي ۽ ڪارونهوار جي حالتن ۽ ڪارنامن بابت وڏي تفصيل سان ڄاڻ ونڊيل آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ اِهو به لکيل آهي ته انهن سڀني حُڪمرانن ڪهڙي عيسوي سن کان وٺي ڪهڙي عيسوي سن تائين سنڌ تي حُڪومت ڪئي! اهي سڀئي ڳالهيون هن ڪتابَ کي ٻين ڪِتابن کان مختلف ۽ منفرد بڻائين ٿيون.

حُڪمرانن جا نالا ۽ سندن حُڪومتي دور ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ اوهان کي چڱيءَ طرح سان انداز ٿي ويو هوندو ته ڪهڙن حُڪمرانن ڪيترن ورهين تائين سنڌ تي حُڪومت ڪئي.

ان کان سواءِ هن ڪِتاب ۾ مٿي ڄاڻايل حُڪمرانن جي دور ۾ ٿيندڙ اهم واقعن ۽ ٻين ڪمن بابت ترتيبوار ڄاڻ پڻ ونڊيل آهي. مٿين سڀني حُڪمرانن جي حُڪومت ختم ٿيڻ جا سبب ٻُڌائڻ سان گڏوگڏ ليکڪَ سندن ڪردار ۽ سَڀاءَ جي ڳالهه پڻ لکي آهي.

ليکڪَ مطابق سَما دور ۾ سڀني کان بهترين حُڪمران ڄام نظام الدين عُرف ڄام نندو هو، جنهن سن 1461ع کان سن 1508ع تائين سنڌ تي حُڪومت ڪئي جيڪا ستيتاليهه سالن جي عرصي تي مُحيط هئي. سندس حڪومتي دور ۾ سنڌ جا اقتصادي توڙي فوجي معاملا ڏاڍي خوش اصلوبي سان هلي رهيا هئا، پر سندس فطري موت کان پوءِ سنڌ جون واڳون سندس پُٽ ڄام فيرو جي هٿ ۾ اچي ويون، جيڪو نااهل ۽ نادان هو. ڄام فيروز جي دور ۾ سندس درٻار ۾ رڳو مسخرا ۽ خواجا سراءِ پيا مسخريون ڪندا هئا ۽ درٻار ۾ معتبر ۽ معززين سان بدسلوڪي ڪئي ويندي هئي. نتيجي ۾ دولهه درياهه خان ۽ ان جهڙا ٻيا کوڙ سارا اهم ماڻهو ٺٽي شهر کي الوداع ڪري گوشائتا ٿي ويا. سنڌ دشمن قوتون انهن سڀني ڳالهين تي نظر رکيون ويٺيون هيون، سو جيئن ئي مرڪز ڪمزور ٿيو، بيوقوف ۽ غيرسياسي قيادت اچڻ کان پوءِ سن 1519ع /1520ع ۾ ارغونن موقعي جو فاعدو وٺندي، ٺٽي تي ڪاهه ڪئي ۽ شاهه بيگ ارغون جي اڳواڻي ۾ اسان جي آزاد سنڌ هڪ ڀيرو وري ظالمن جي چنبي ۾ هلي وئي، جن ٺٽي سميت سنڌ جي هر هڪ شهر ۾ ظلم، تباهي ۽ بربادي شروع ڪري ڇڏي. مختلف تورايخي ڪِتابن ۾ لکيل آهي ته سنڌ جو تخت گاهه ٺٽو مسلسل ڏهن ڏينهن تائين باهه ۾ سڙندو رهيو! هزارين ماڻهن جو خون ٺٽي ۾ وهندو رهيو! عِلم ۽ ادب جو مثالي شهر ٺٽو اُجڙي ڀڙڀانگ ٿي ويو ۽ ٺٽي ۽ اوسي پاسي جي شهرن ۾ موجود سڀئي فصل ساڙيا ويا، جانورن ۽ ماڻهن کي يرغمال ڪيو ويو. اهڙي طرح هڪ بي وقوف بادشاهه جي ناداني ۽ غير سياسي حڪمتي عملي جي ڪري سنڌ وري هڪ صديءَ لاءِ يرغمال ٿي وئي!

بهرحال هن ڪتاب ۾، سمن جي حُڪومتي جوڙجڪ، حُڪومت جي نموني، ملڪي صورتحال، ملڪي سرحدن، سنڌ جي پاڙيسري ملڪن سان لڳ لاڳاپن، واپارَ، ناڻي/سِڪن، ثقافتي صورتحال، تعليم، عدالتن، صوفياڻي ۽ مذهبي زندگي، فنون لطيفه، فوجي طاقت ۽ جنگي طور طريقن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي. جيڪو به شخص سَمن جي حُڪومتي دور بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي، ان لاءِ هي ڪتاب هڪ بي بها تحفو آهي. خاص طور تي سنڌ ۾ سما دور تي تحقيق جو شوق ۽ ذوق رکندڙ ماڻهن لاءِ ته هي دستاويز وڏي اهميت جوڳو آهي .

منهنجي دعوا آهي ته هن ڪِتاب ۾ سما دور تي موجود سڀني ڪتابن کان وڌيڪ ڄاڻ موجود آهي، جنهن کي ليکڪَ ڏاڍي دلچسپ ۽ پيرائتي نموني سان بيان ڪيو آهي. 184 صفحن تي ٻڌل هي ڪتاب هڪڙي ويهڪ ۾ پڙهي سگهجي ٿو. هي ڪِتاب پڙهڻ سان سَما دور کي تمام چٽيءَ ريت سمجهي ۽ پَرکي سگهجي ٿو. ان سان گڏ اوهان کي هن ڪتاب ذريعي سما دور جي آخري حُڪمران ڄام فيروز جي بي عقلي، غير اخلاقي حرڪتن ۽ ڪرتوتن بابت پڻ خبر پئجي سگهي ٿي، جن جي ڪري سنڌ مُلڪ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو!

No comments:

Post a Comment