28/01/2023

ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس - ناشاد شوڪت شنباڻي (Nashad Shoukat Shanbani)

 ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس!

 سانجهيءَ جو ستارو آڪاس تي اُڀري ڌرتيءَ تي لهندڙ سرمائي شام جا رنگ ڏسي رهيو آھي. چنڊ جي هلڪي هلڪي روشني پوندڙ ڪوهيڙ جا منظر چٽي رهيو آھي ۽ سرنهن ڦولاريل گلن تي ماڪ جا ڦُڙا برسات جي بوندن جيان ڪِري رهيا آھن، مون ڪٿي پڙهيو هو ته، رات جو جڏهن سارو جڳ سمهي پوندو آھي، تڏهن هڪ تخليقڪار، هڪ شاعر، هڪ ليکڪ هڪ ترجمي نگار کي پنهنجو ادبي ڪم ڪرڻ لاءِ ڏاڍو پُرسڪون وقت ملندو آهي، ۽ وري اُها رات سياري جي هجي ته سندس تخليقي پورهئي ۾ بي پناھ اضافو اچي ويندو آھي. جڏهن رات جو وقت هجي ۽ هڪ شاهوڪار ڪتاب هجي ته اُڀرندڙ چنڊ به ڪتاب جي ورقن ۾ چانديءَ جهڙي روشني ڪندي سرهو محسوس ٿيندو آھي.

منهنجي هٿ ۾ به ڪتاب آھي، اهو ڪتاب جنهن کي مون پڙهي يادگيرين جي سمنڊ جي تکي وير ۾ پنهنجي سوچن جي مسافرين کي روڪي نه سگهيو آھيان. مون اهو سوچي لکڻ شروع ڪيو آهي ته جيڪو به لکندس ڪتاب جي تخليقي تعريف سان گڏ ليکڪ جي تخليقي سگھ کي به ضرور نروار ڪندس، جنهن شاعر پنهنجو رت ست سُڪائي پنهنجو تخليقي پورهيو اسان تائين پهچايو آھي. تخليقي پورهيو ڪرڻ هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالھ ناهي، ڇو ته هيءَ خدائي ڏات ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ملندي آھي جيڪا هڪ سچي موتيءَ جيان اڻلڀ ۽ اڻملهه آھي. هڪ اهڙو ئي ڪتاب جنهن جو نالو ”ساڻيھ سندي سڪ“ يعني پنهنجي ديس پنهنجي جنم ڀونءِ جي سڪ سان مشابهت رکندڙ هجي، اوهان سمجهيو ته ڪيڏو نه اڻملهو ۽ شاهوڪار ڪتاب هوندو! هيءَ ڪتاب سنڌ جي بيحد خوبصورت شاعر سگهاري ڪوي ۽ پنهنجي تخليقي سفر ۾ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شاعر سائين عرس اوٺي جو آھي. مون ڪٿي پڙهيو هو ته شاعري جيڪا اندر جي آواز سان گڏ ڏکن خوبين جو سنگم آهي، جيڪا مختلف ڪيفيتن ۾ لهي ٿي، تمام مختصر لفظن ۾ تمام وڏين ڳالهين جو اظهار ٿي وڃي ٿو. 

خوبصورت شاعريءَ سان سرشار هن ڪتاب ”ساڻيھ سندي سڪ“ جي سونهن کي سيني ۾ سمائيندي جڏهن ڪتاب ۾ شامل پهرين تخليق تي پهتس ته منهنجي ساهن ۾ يادگيرين جي خوشبو محسوس ٿيڻ لڳي هئي، منهنجي من ۾ جذبا سمنڊ جيان ڇوليون ڏيئي رهيا ھئا ۽ آئون خاموش ڪمري ۾ غزل جي بندن کي بار بار پڙهي عجيب ڪيفيت سرور ۾ من کي ريجهائي رهيو هيس:

انوکيون رســمون ھـــن دنــيا جون

ڏسي وئي ڪنھن جي زندگي آھي

گـــلاب جــــهڙي ڪـــا عــــرس هاءِ

لٽــي وئـــي ڪـنهن جي زندگي آھي.

شاعريءَ جي سونھن ۾ ھن ڌوتل پوتل شاعر جي جنھن تخليق کي پڙھو اوھان جي دل سرور جي سمنڊ ۾ ترڻ لڳندي...

هر پــل سامهون ذات پرينءَ جي

مــن ۾ آھــــي تــــات پرينءَ جي

صـــدَين وانگـــر پـل ٿو گذري

خــوابن ۾ هـــر رات پرينءَ جي

شاعريءَ ۾ سُونهن سنگيت، پيار محبت، ڌرتيءَ سان چاھ جهڙن حقيقي عنصرن کي پنهنجي تخليقن ۾ اوتي سموريون حسين منظرنگاريون سموهي پني پني تي پيار جو وجود سمائي انهن کي ڪتابي شڪل ڏيندڙ هي محبوب شاعر سچ ته ڪنهن ڪمال جي ڪوي کان گهٽ ناهي. مون پني پني تي پيار ڏٺو، سڪ ڏٺي، اوسيئڙو ڏٺو، درد ڏٺو. مون ته هن ڪتاب ۾ لڙڪ به ڏٺا جيڪي سائين عرس اوٺي اکين مان هاري انهن کي تخليقي روپ ڏنو آهي:

دلــبر دمـاغ دل جو ٽڪراءُ ٿو ٿئي

معصوم ڪنهن تي جهڙو پٿراءُ ٿو ٿئي

ساري وجود هن ۾ ڀڃ ڊاھ ٿي پئي

ڪن تي به ڪو پرينءَ جو پڙلاءُ ٿو ٿئي

ههڙين سندر تخليقن جي مالڪ هِن خوبصورت شاعر کي آئون سچ ته دل وٽان کيس الستي ۽ پنهنجي تخليقي روپ ۾ انوکو ڏات رکڻدڙ خوبصورت شاعر مڃي ويٺو آھيان. ”معصوم ڪنهن تي جهڙو پٿراءُ ٿو ٿئي“، جهڙن سهڻن بندن ۾ داخلي خارجي ڪيفيتن کي هڪ خوبصورت ڏات ڌڻي ئي اظهاري سگهي ٿو ۽ اهو انوکو ڏات رکندڙ سائين عرس اوٺو آھي. ڪتاب ۾ سهيڙيل سموريون تخليقون اندر جو آواز آھن، ڪو پرسوز ساز آھن جن کي پڙهندي دل رومي جيئن رقص ڪرڻ لڳي ٿئي، هنن تخليقن ۾ ڪو هڪ رنگ ناهي پر هي ته مور جي پرن جيان وسيع رنگن سان سرشار آهن، جن کي پڙهندڙي اکين اڳيان سوين حسِين يادگيريون جمالا هڻڻ لڳن ٿيون.

نانءُ ڪو منهنجو هيو

پر بي نام آھي تو ڪيو

شهر پنهنجي ۾ مٺا بدنام آھي تو ڪيو

سڏ ڪري ڀر ۾ ويهاري مڻ محبت جا ڏئي

ڇو اُٿاري هاڻ رسوا عام آھي تو ڪيو

”روح کي راحت ڏيندڙ تخليقون ئي، تخليقون چئبيون آھن“ جڏهن اهي لفظ پڙهي مون ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو ته اُها ڳالھ مون لاءِ واضع ٿئي وئي ته سائين عرس اوٺو جون ساريون تخليقون روح کي راحتون ڏيندڙ آھن. هيءُ عظيم قول به ذهن ۾ آيو ته ”شاعري پيڙائن ۽ سورن جي دور ۾ ئي پيدا ٿي آھي.

سائين عرس اوٺي جو هي ڪتاب جيڪو سندس ڏات جي رنگن سان سنواريل هڪ ڏاڍو تجسس ڀريو ۽ احساساتي رنگن سان سرشار آهي جنهن جي ڪري ورق ورق ۾ خوشبوءَ جھڙيون ڳالهيون سمايل آھن جن کي پڙهندي باک ڦٽي جهڙا منظر اوسيئڙيءَ ۾ گم ٿيل اکين ۾ سمائجي ويندا آھن.

نفرتون نفرتون هر طرف نفرتون

ڪونه ڏسجن ڪٿي هاڻ ڪي قربتون

ڪونه احساس آ ڪنهن جي دل ۾ رهيو

شل سلامت رهن پيار جون عظمتون

هن ڪتاب جي سموري سونهن هڪڙي ليک ۾ سمائڻ وقت جو زيان چئبو. هونئن به ڪتاب بابت تيستائين رايو نه رکجي جيستائين ڪتاب جي سمورن تخليقن ۽ انهن جي شعرن کي سمجهي ۽ پُرجهي نه سگهي.

سائين عرس اوٺي جي شاعريءَ تي يعني سندس وسيع خوبصورتي رکندڙ ڪتاب تي رايو لکڻ يا شعرن جي تعريف ائين آھي جيئن درياھ جي پاڻيءَ کي گلاسن سان ماپڻ. اهو ڪو ٻيو چوي نه چوي آئون ضرور چوندس ته سائين عرس اوٺو هِن ڌرتيءَ جو ٻهڳڻ ۽ بي بها حسِين تخليقن جو مالڪ هڪ سمنڊ جيڏي وسيع خوبصورتي تخليقڪار آهي.

دل ۾ جيڪي درد دکن ٿا

سي ئي توکان يار پڇن ٿا

وفا جي بدلي جفا ڪئي ڇو؟

نير اکين مان يار وسن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل سائين عرس اوٺي جي شاعري بابت سنڌ جي بيحد سگهارن سرجڻهارن جا معلومات خيز تبصرا شامل آھن جن ۾ ڪيترائن ئي سينئر شاعرن جا بيحد خوبصورت رايا پڙھڻ وٽان آھن.     

No comments:

Post a Comment