12/02/2023

رشيد ڀٽيءَ جي ناول ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ تي هڪ نظر - گل ڪٽوهر (Gul Katohar)

 گل ڪٽوهر

رشيد ڀٽيءَ جي ناول ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ تي هڪ نظر

رشيد ڀٽيءَ جو ناوليٽ ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. ان کي پڙهي بهتر سمجھيم ته ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيان. اهو ان ڪري به مناسب سمجھيم ڇوته جنهن قسم جي ماحول جي عڪاسي ڀَٽِي صاحب پنهنجي ناول ۾ ڪئي آهي بلڪل ان قسم جي زندگي مان به گذاري چڪو آهيان. ها فرق صرف ڪجھ سالن جو آهي. رشيد ڀٽيءَ جي ناول جا ڪردار اوڻيهه سؤ سٺ جا ٿا لڳن جڏهن ته اوڻيهه سؤ ستر جي آخري سالن کان مان پاڻ پڻ اهڙي ئي ماحول جو حصو رهيو آهيان.

ناول جا مک ڪردار ٽي آهن. پروفيسر زاهد، سندس گھرواري رضيه ۽ وڪيل صاحب، باقي ٿورا گھڻا ڪردار انهن جي چوگرد ڦرندي نظر اچن ٿا. ناول جي شروعات سيکڙاٽ وڪيل کي هڪ بي واهي ڪيس ملڻ سان ٿئي ٿي جنهن ۾ جوابدار پنهنجي گھرواريءَ جي قتل جو اعتراف ڪورٽ سڳوري ۾ ڪري چڪو آهي. پوءِ جيئن جيئن وڪيل صاحب تحقيق ڪندو ٿو وتي ته ڪيس جا ڪيئي لڪل پاسا نڪري نروار پيا ٿين ۽ ان جو خاتمو به پڙهندڙ جي ذهن ۾ جڙيل منڍ واري خاڪي جي ابتڙ نڪري ٿو. ناول ۾ پروفيسر زاهد جي زندگي تيستائين صراط مستقيم تي هلندي گذرندي آهي جيستائين سندس زندگيءَ ۾ ترقي پسند سياست ڪندڙ دوست داخل ناهن ٿيندا. ترقي پسند ۽ وطن دوست سياست ۾ سرگرم ٿيڻ بعد زاهد پنهنجي گھر ڀاتين ۽ گھر واريءَ کي تمام گھٽ وقت ڏئي سگھندو آهي. پروفيسر صاحب سان پيار ڪندڙ مٿس انڌو اعتبار ڪندڙ سندس گھر واري کي منڍ ۾ سندس ڪردار تي ڪوبه شڪ ناهي ٿيندو پر جڏهن هو کين مڪمل نموني نظر انداز ڪندو آهي ته رضيه جي من ۾ اهي شڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويندا آهن ته ضرور ڪا اونهي گڙٻڙ آهي. سندن اهو تڪرار وڃي سندن علحدگي جي ويجھو پهچندو آهي ته ان وقت ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون موڙ رضيه جي خودڪشيءَ سان ايندو آهي ۽ رضيه جي جيون ساٿي پروفيسر زاهد جي سوچ اها وڃي بيهندي آهي ته جيئن ته اهو ماحول هُن ئي تيار ڪيو هو ان ڪري اها خودڪشي ناهي پر اهو قتل آهي جيڪو سندس هٿان ٿيو آهي ۽ هو ان جو ازالو ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ ۾ اهو اعترافي بيان ڏيندو آهي.

ناول کي پڙهندي مون کي هاليووڊ جي فلم سيون پائونڊس Seven Pounds جو ڪارو اداڪار ول سمٿ (Will Smith) ياد اچي ويو هو. فلم جي پهرين سين ۾ ڪار هلائيندي موبائيل تي پيغام لکندي ول سمٿ حادثو ڪري وجھندو آهي جنهن ۾ سندس پياري گھر واريءَ کان سواءِ ڇهه ٻيا ماڻهو به اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان کان پوءِ هو پنهنجي پوري زندگي ستن انسانن جي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجي جسم جا عضوا ڏيندو آهي ۽ ان راهه تي هلندي آخر ڪار هو پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندو آهي.

حقيقت ۾ رشيد ڀٽي صاحب هن ناول ۾ هڪ طرف ته سياست جي نالي ۾ هلندڙ وهنوار تي سخت تنقيد ڪئي آهي جڏهن ته ساڳي وقت عورتن جي نفسيات جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي آهي ته ڪيئن نه ان سڄي وهنوار ۾ عورتون نفسياتي ۽ سماجي مونجھارن جي ور چڙهي برباد ٿينديون رهنديون آهن. هڪ پاسي ته عورتاڻي مسئلن جي اپٽار ٿيل آهي ته ٻئي پاسي ترقي پسند سياست جي اوڻاين کي وائکو ڪيو ويو آهي. پروفيسر زاهد جڏهن ترقي پسند سياست واري رومانس ۾ گم ٿي ويندو آهي ته کيس گھر ٻار به بار لڳندا هيا ۽ هو ”...گھر ٻار گھر گرهستيءَ کي مايا ڄار سڏيندو هو. هو چوندو هو ته هڪ آدرشي ۽ پاڻ ارپي ڇڏيل (Dedicated)  انقلابي يا وطن دوست ڪارڪن يا بامقصد حيات واري شخص کي شادي نه ڪرڻ گھربي هئي.“  پروفيسر زاهد جي سوچ ان حد تائين وڃي پهتي هئي ته جتي هو”رضيه ۽ گھر ٻار کي ڄڻ راهه رلائيندڙ رڃ پئي سمجھيائين، آدرش جو رقيب روسياهه پئي ڄاتائين“. اها هڪ خطرناڪ فراريت واري سوچ هئي جنهن سندن خوشين ڀريل زندگي گذاريندڙ گھراڻي کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو هو.

حقيقت ۾ رشيد ڀٽيءَ ان نموني سنڌ اندر ترقي پسند ۽ وطن دوست سياست ڪندڙن جي سامهون هڪ آئينو اچي رکيو آهي ته اهي حقيقي انقلابي پيدا ڪرڻ بدران روبوٽ تيار ڪندا هيا جيڪي انساني نفيسات کي سمجھڻ کان وانجھيل هيا. جيئن پروفيسر زاهد هو جيڪو دماغ ۽ دل جي رشتن ۾ توازن رکي هلڻ بدران ڪو ڀٿر جو مجسمو ٿو لڳي، جنهن کي پنهنجي پارٽيءَ جي ڪم ڪار کان سواءِ ڪا به دنيا نظر نه ٿي اچي. حقيقت ۾ رشيد ڀٽيءَ اسان جي ترقي پسند ۽ وطن دوست سياست ڪندڙن کي انساني نفسيات سمجھائڻ جا جتن ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ناول نگار اسان کي اهڙي سياست جي ناڪاميءَ جا سبب ٻڌائي ٿو. سنڌ اندر ترقي پسند ۽ قومپرست سياست ڪندڙن سدائين سنڌي عورتن کي حقيقي سماجي، سياسي، نفيساتي ٻنڌڻن کان آجو ڪرڻ بدران انهن جو غلط استعمال پئي ڪيو آهي. سنڌ اندر سياسي اڳواڻن تي صنفي اڻ برابريءَ ۽ عورتن کي رڳو جنسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جون ڪيئي ڳالهيون عام هلنديون رهنديون آهن. اسان جي سماج اندر صنفي مامرا ايترا ته منجھيل آهن ته اسان مان گھڻن کي ان جي گھرائي جو اندازو ئي نه ٿو ٿئي. صنفي اڻ برابري ۽ ظلم ستم جا ڪيئي ڪردار اسان کي نظر اچن ٿا. کڻي جو انهن جو روپ مٽيل هوندو آهي پر هر صورت ۾ ڀوڳيندي وري به عورت ئي آهي. صنفي مت ڀيد رڳو اڻ پڙهيل يا غريب ماڻهو ناهن ڪندا اهي جرم پڙهيل لکيل، سياسي طور نالي وارن ماڻهن جي سر تي به لکيل آهن. اسان جو سماج سياسي، سماجي، تهذيبي، عقلي ۽ علمي طرح ائين نه ٿو اڳتي وڌي جيئن ان کي وڌڻ گھرجي ته ان ۾ ڏوهه رڳو وڏيرن، پيرن، ميرن، جاگيردارن، ملن مولوين، پنڊتن جو ناهي ان ۾ ترقي پسندي، قومپرستي، عقليت پسندي جي نالي ۾ دڪانداريون ڪندڙ ڪيئي مهانڊا اچيو وڃن. پر اسان مان ڪوبه انهن خلاف نه ٿو ڪڇي ڇوته اهي نالي چڙهيل آهن، انهن جي ڪريڊٽ تي ڪيئي ڪتاب، ڪيئي سياسي جدوجهدون، ڪيئي ڪارناما درج ٿيل آهن. ان ڪري اهڙن مشهور، ڪامياب، هنرمند ماڻهن کي سندن باقي سمورا ڏوهه ڦٻيو وڃن. مثال طور تي پارليامينٽرينس کان وٺي ترقي پسند ۽ قومپرست اڳواڻن تائين ڪيئي مامرا بيان ڪري سگھجن ٿا. اهي ڦوٽوز ۽ اهي ڪلپون اسان مان گھڻن ئي دوستن ڏٺيون هونديون ته سنڌ جا چونڊيل نمائيندا سوم رس جي بوتل سان  گڏ نارين جي جھرمٽ ۾ يا وري اڌ اگھاڙين طوائفن جي محفل ۾ مست نظر ايندا رهيا آهن. ٿي سگھي ٿو ته اوهان مان گھڻن کي ياد نه هجي پر مان ڪيئن ٿو وساري سگھان ته سنڌ جي ساڃهوند گھراڻي جي سلڇڻي ڊاڪٽر فوزيه ڀٽو جو قتل تنهن وقت جي چونڊيل سنڌ اسمبلي ميمبر هٿان ٿيو هو. ان کان سواءِ اسان جي ترقي پسند اڳواڻن پاران پهرين شادي کان پوءِ ٻي شادي ۽ پوءِ ٽين، چوٿين شادي ڪرڻ جا رڪارڊ پڻ جڙندا رهيا آهن. ان سڄي صورتحال ۾ ڏکائيندڙ پاسو اهو رهيو آهي ته جڏهن به نئين شادي ڪيائون پوئين گھروارين کي ان نموني وساري ڇڏيائون جهڙوڪر زندگي ۾ ساڻن انهن جو ڪو سڱ ئي ناهي رهيو. اسان جي قومپرست سياستدانن تي سريتون رکڻ ۽ وري انهن جي قتل جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن. اهڙن روين تي رڳو رشيد ڀٽيءَ نه پر رشيد ڀٽي جي همعصر لکاري امر جليل به تنقيد ڪندي نظر ٿو اچي.

تمام گھڻو اڳ سائين امر جليل هڪ ڪهاڻي ”هڪ دور جو ماتم“ تخليق ڪئي هئي. هڪ دور جو ماتم ۾ ڇوڪري جيڪا يونيورسٽيءَ جي تعليم حاصل ڪندي پنهنجي پارٽيءَ جي لٻاڙي ۽ اوباش اڳواڻ جي جذباتي ڳالهين جي سحر ۾ مڪمل نموني ۾ گم ڏيکاريل هوندي آهي ۽ هو انتهائي جذباتي ٿي ڪري چوندي آهي ته ”آدرشي اڪثر بدنصيب هوندا آهن، جو کين پنهنجي پسند جو ساٿي نه ملندو آهي. مان خوشنصيب آهيان. مونکي منهنجو آدرشي ساٿي مليو آهي. هو به مون وانگر انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آجي معاشري جو حامي آهي. اسين ايندڙ  آچر تي شادي ڪنداسين.“ کيس حقيقي حالتن جي خبر وڃي تڏهن پوندي آهي جڏهن پل هيٺيان گھڻو پاڻي وهي چڪو هوندو آهي ۽ سندس زندگي برباد ٿي چڪي هوندي آهي ۽ هوءَ پنهنجي ان غلط فيصلي ڪري سواليه نشان بڻجي ويندي آهي. ان بعد هوءَ چوندي آهي ته؛ ”اسان جي معاشري ۾، طبقاتي ڪشمڪش ٻئي نمبر جو مسئلو آهي. پهريون مسئلو انفرادي پَرمار آهي، جنهن ۾ هڪ وڌيڪ ذهين انسان، ٻين گهٽ ذهين انسانن کي، پنهنجي ذاتي مقصد ۽ ذاتي غرض لاءِ، بي واجبي نموني استعمال ڪندو آهي.

امرجليل جي ڪهاڻيءَ توڙي رشيد ڀٽيءَ جي ناول ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اسان جي سنڌي سماج اندر سياست جو وهنوار ڪندڙ مردن جي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل غلط فيصلن ڪري عورتون ڀوڳين ٿيون ۽ انهن جون زندگيون برباد ٿين ٿيون. اهڙن عملن جا انتهائي ناڪاري اثر وطن دوست ۽ ترقي پسند سياست ۽ اسان جي سماج تي پون ٿا. ان ڪري انهن نازڪ ۽ حساس مامرن تي تمام گھڻي سوچ ويچار جي ضرورت آهي. سياسي ڪمن ڪارين جي مصروفيتن ڪري ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي گھريلو مسئلن کي ثانوي حيثيت نه ڏيڻ گھرجي. هڪ سچو انقلابي اهو آهي جيڪو پنهنجي سياسي وهنوار ۽ گھريلو ذميوارين وچ ۾ توازن رکي هلي سگھي. ڪو سٺو ڪم ڪرڻ جي معنى اها ناهي ته ٻي اهم ذميواري وساري ويهجي. اهو ڪم ته تبليغي مولوي ڪندا آهن پوءِ انهن ۾ ۽ اسان ۾ ڪهڙو فرق ٿيو؟

ناول ۾ وڏي ڪمال ڪاريگريءَ سان اهو ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن گھر جا مرد گھر کان ٻاهر رهن ٿا، پنهنجي جيون ساٿي ۽ ٻارڙن تي توجهه نه ٿا ڏين ته ڪيتريون ئي سماجي ۽ نفسياتي الجھنون پيدا ٿيو پون ۽ ڀلا ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته مرد جو گھر ٻاهر رهڻ ڪري سڀ کان وڌيڪ گھر جون عورتون پيڙا جو شڪار ٿين ٿيون.

ناول ۾ اسان جي سماج اندر رهندڙ پيڙهيل عورتزاد جي نفسياتي مونجھارن، ڏکيائين جي اپٽار ڪئي ويئي آهي. هن پوري ڪهاڻيءَ ۾ ناول جو مک ڪردارجيڪو سياسي ڪارڪن، اڳواڻ، نظرئيدان ٻڌايو ويو آهي اهو ته مڪمل نموني ڀٽڪيل ۽ هڪ قسم جو نفسياتي مريض ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سيکڙاٽ وڪيل سياسي، سماجي ۽ نفسياتي مامرن ۾ انتهائي ڀڙ آهي ۽ هو پنهنجي ڏاهپ وسيلي هڪ ڀٽڪيل سياسي روبوٽ کي زندگيءَ جو حقيقي روپ پسائي ٿو.

ناول جي آخري حصي ۾ وڪيل پنهنجي اصيل کي قائل ڪرڻ لاءِ چوندو آهي ته ”سماج جا اهي سُور، سانگ ۽ ڪڙيون سچايون تون سيني اندر سانڍي، موت قبولي، انهن کي وڌيڪ ڊگھي حياتي ۽ پناهه ڏئي رهيو آهين، تون رضيه جي موت جو جي ڪفارو ادا ڪرڻ چاهين ٿو، ته جيئري رهڻ جو عزم ڪر ۽ امنگ رک! جيئرو رهي سماج مان انهن خرابين، خامين ۽ خود غرضين کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪر...!“ وقت جي اهم ضرورت آهي ته صنفي تعليم کي عام ڪجي، سنڌ جي ماڻهن کي اهو ٻڌائجي ته اوهان جي اڌ آبادي سماجي مامرن ۾ اوهان سان گڏجي نه هلندي ته ڪي به مسئلا حل ڪونه ٿيندا ويتر وڌندا. پر افسوس ته اسان جي سياسي ڪيڊر، سماجي وهنوار ڪندڙ ڌرين عورتن کي حقيقي نموني پاڻ ڀرو ڪرڻ بدران انهن جي آزادي ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ جي نالي ۾ جنسي بي راهه روي کي وڌايو آهي. ان ڪري اچو ته صنفي ميدان ۾ تمام پوئتي رهجي ويل سنڌ جي نياڻين کي انسان سمجھي کين گھريلو، سياسي، سماجي فيصلن ۾ ڀائيوار ڪيون. عورتن کي پنهنجي گھر جي عزت سمجھڻ بدران کين انسان سمجھون ۽ کين همٿايون، انهن کي اهي سموريون سهولتون ۽ وسيلا ڏيون جن تي مردن جو قبضو رهندو آيو آهي. جيستائين هن ناول ”ناٿ ڏٺائون ناهه ۾“ کي مان سمجھي سگھيو آهيان ته مون کي ان مان اهي ئي نتيجا ٿا نظر اچن.

ناول ۾ اڻ سڌي نموني سياسي پارٽين تي هڪ ٻي به تنقيد ٿيل ٿي ڏسجي. ناول ۾ مک ڪردار پروفيسر زاهد جڏهن جيل ۾ ٿو وڃي ته اهو اتي لاوارث قيدي طور تي رهي ٿو جنهن جي سار سنڀار لهڻ وارو ڪوبه ناهي ۽ مجبور ٿي ڪري کيس سرڪاري وڪيل ڏنو ٿو وڃي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته هو جنهن سياسي پارٽيءَ ۾ ڪم ڪندو هو، جنهن جو اڳواڻ ۽ نظرئي دان هيو اهي سڀ ڪيڏانهن مري کپي ويا هيا؟ انهن ڇو ڪونه سندس سار لڌي هئي؟

سائين رشيد ڀٽيءَ پنهنجي جيل جي ڊائريءَ ”اسين لوچيون لوهه ۾“ ۾ ڪٿي لکيو آهي ته جڏهن ماڻهوءَ تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته انسان جي مدد ۽ واهر لاءِ رت جي رشتي وارا پهچندا آهن جڏهن ته نظرياتي ساٿي يا پارٽي ۽ ان جا اڳواڻ گم هوندا آهن. ان سلسلي ۾ مون کي به ذاتي طور تي تجربو آهي ته جڏهن سياسي وهنوار ڪري اسان جا ڪارڪن جيلن جي حوالي ٿيندا آهن ته سندن پارٽيون سندن سار سنڀار لهڻ وارو ڪم گھٽ ڪنديون آهن ۽ پوءِ ڪورٽن ڪچهرين جا چڪر سندن خاندانن جي فردن کي ڪاٽڻا پوندا آهن.

ناول جي ٻولي شاندار آهي ڪٿي ڪٿي سنڌيءَ جا اهڙا لفظ به ملن ٿا جيڪي هاڻي جهڙوڪر مري چڪا آهن. جڏهن ناول کي کڻي ڪاليج ويو هوم ته ٻيو ته ٺهيو پر سنڌي ادب ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ دوستن وچ ۾ ناول جي نالي ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ تي خيالن جي دلچسپ ڏي وٺ ٿي هئي. مون سميت گھڻن کي پوري نموني ناول جو نالو ئي سمجھ ۾ نه پئي آيو.

ناول جو لڳ ڀڳ اڌ حصو بياني آهي پر جڏهن وڪيل پنهنجي اصيل سان جيل اندر ملاقات لاءِ وڃي ٿو ته پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ڪيس جي مختلف پاسن تي ڳالهه ٻولهه وارو انداز پڻ اچي ٿو ۽ اهو انداز ناول جي خوبصورتيءَ ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو.

سنڌي ادب، سياست، نفسيات، صنفي تعليم سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي هي ناول ضرور پڙهڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment