12/02/2023

دادن ”ثقلين“ لاشاريءَ جي ڪتاب ”مٽيءَ جو مڪتب“ جو مھاڳ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

شاعراڻي ڏندڪٿا

[دادن ”ثقلين“ لاشاريءَ جي ڪتاب ”مٽيءَ جو مڪتب“ جو مھاڳ]

سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز ڪيڏو نه خوب چيو آهي ته

شاعري جي روح گرمائي نه ٿي،

منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.

”ڪِي جو ٻيجل ٻوليو“ (ڇاپو 3: 1995، ص 83) ۾ شامل غزل جي ان مطلع ۾، شاعريءَ جي ڪارج، فڪر ۽ فن جو طلوع جنھن طرح سمايل آهي، اهو شيخ اياز جو ئي ڪمال آهي! اهو شعر شاعريءَ جي معيار بابت به چٽيءَ طرح آگاهي ڏي ٿو. ’روح گرمائڻ‘ لاءِ جيڪي جذبا، اڌما، احساس، ارمان، اُمنگون ۽ ڪيفيتون گهرجن، اُهي موجود ته انيڪ ماڻهن ۾ ٿي سگهن ٿيون، پر انهن جو اظھار شاعريءَ ۾ ان ريت ڪري سگهڻ، جو اها ’روح گرمائي‘ ۽ ’منزلِ مقصود‘ کي ماڻي، سا هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته جذبن، اُڌمن ۽ احساسن، ارمانن، اُمنگن ۽ ڪيفيتن جي پس منظر ۾ محبتن جي مھڪ به هوندي آهن ته نفرتن جا ڏنگَ به، پيار جي پڪارَ به هوندي آهي ته دُوريءَ جي ڌڪارَ به، من جي خوشي به هوندي آهي ته دلڙيءَ جو درد به، امن جي اڏار به هوندي آهي ته ويڙهه جي والار به، داخليت جي گھرائيءَ به هوندي آهي ته خارجيت جي وسعت به، خواب جي ساڀيان به هوندي آهي ته جاڳ جا ڀاڳ به، اکڙين جي اميد به هوندي آهي ته هينئين جا کُٽڪا به، اڪيلائيءَ جا وَڍ به هوندا آهن ته ساٿ جا مرهم به... سڀ ڪجهه ته هوندو آهي انهن جذبن، اڌمن، احساسن، ارمانن، امنگن ۽ ڪيفيتن ۾! شاعريءَ ۾ اهڙو ئي ته ڪو نه ڪو عڪس، تصور ۽ خيال هوندو آهي. هاڻ اهو شاعر جي سوچ، سمجهه ۽ سگهه تي مدار رکي ٿو ته اهو ڪيتري قدر پنھنجن عڪسن، تصورن ۽ خيالن ذريعي ’روح گرمائي‘ ۽ ’منزلِ مقصود کي پائي‘ سگهي ٿو يا ان اتم معيار جي ويجهو وڃي سگهي ٿو.

’روح گرمائيندڙ‘ ۽ ’منزلِ مقصود کي پائيندڙ‘ جديد سنڌي شاعريءَ جو جامع مطالعو اڃا ناهي ٿيو، خاص ڪري اها شاعري جيڪا پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجي وئي آهي. البت، ڪي مقالا ۽ مضمون ضرور لکيا ويا آهن يا مھاڳن ۾ ڪجهه قدر اڀياس ڪيو ويو آهي. تڏهن به، ويھين صديءَ ۾ ٿيل سنڌي شاعريءَ جي مفصل اڀياس جي ضرورت اڻٽر آهي، جنھن سان ان جي گهڻ رخن قدرن کي ڄاڻي سگهجي.

ساڳيءَ طرح ايڪويھين صديءَ جا به ٻاويھه ورهه گذري چڪا آهن (ٽن سالن بعد پاءُ صدي پوري ٿيندي)، ته انهن پنجويھن سالن دوران پڻ سنڌي شاعريءَ جي معيار، ڪارج، فڪر، فن ۽ پنھنجين ڪلاسيڪي روايتن سان تسلسل کي ڄاڻي سگهبو. هِنن سالن دوران ڪيترن ئي نوجوان شاعرن پنھنجي بھترين شاعريءَ ذريعي پاڻ ڏانھن متوجه ڪيو آهي، جن کي پڙهڻ کان پوءِ خاطريءَ سان محسوس ٿيڻ لڳو آهي، ته سنڌي شاعريءَ ۾ نئون نسل ’روح کي گرمائي‘ ۽ ’منزلِ مقصود کي پائي سگهڻ جھڙي‘ شاعري ڪري رهيو آهي. انهن شاعرن ۾، لاشڪ، پنھنجي دوست ۽ سڄاڻ ادبي ساٿي دادن ’ثقلين‘ لاشاريءَ کي شامل سمجهان ٿو. ان راءِ سان متفق، اوهان سندس شاعريءَ جو هيءُ پھريون مجموعو ”مٽيءَ جو مڪتب“ پڙهڻ کان پوءِ ضرور ٿيندا.

’ثقلين‘ لاشاريءَ شاعريءَ جي شروعات ته 17-18 سال اڳ ڪئي هئي، جڏهن هُو نه صرف گورنمينٽ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قنبر جو شاگرد هو پر سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو رڪن به بڻيو هو. پوءِ هُو تعليم ۽ نوڪريءَ جي معاملن کي نبيرڻ ۾ شاعريءَ کان ”ٿورڙو“ وٿيرڪو ٿي ويو هو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته هن پنھنجو تعلق ادب سان ڇِڳو ڪو نه، هڪ طرف پڙهندو ۽ پرجهندو رهيو، ته ٻئي طرف شاعريءَ جي چيچ کي به پڪڙيون آيو ۽ نيٺ 2018ع کان وري شاعريءَ سان دل کولي لونءَ لڳايائين، جنھن جي پنج-ورهي تپسيا ڪري، هاڻ ”عالم آشڪار“ ڪري رهيو آهي، ته ان کي پڙهندي ڏاڍي گهڻي خوشي ٿي رهي آهي.

ھي جاڳَ ته آڳ لڳائي ٿي، ھل ٿورو ننڊ جي شھر ھلون،
ھن سپني ۾ سنسار ڪيئي، ڪجهه تون کڻجان، ڪجهه مان کڻندم.

شاعري جاڳ به آهي، آڳِ به آهي، ننڊ جو شھر به آهي، سپنو به آهي، ته سنسارَ به آهي! اهم ڳالهه وري هيءَ به، ته اهي سنسارَ ”اڳ ۾ تنھنجي لاءِ“ ۽ ”پوءِ منھنجي لاءِ“ آهن.  اها ”آڳِ لڳائيندڙ جاڳَ“ ته حساسيت آهي جيڪا ثقلين جي وجود ۾ پنھنجو مسڪن بڻائي چڪي آهي ۽ کيس سنسارن جي گردش ۾ ”تنھنجي ۽ منھنجي ساٿ ۾“ متوازن رکي رهي آهي.

ثقلين لاشاريءَ شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ خيالن جو اظھار ڪيو آهي، جن منجهان غزل، گيت، وايون ۽ نظم خاص آهن، جيڪي سندس هن ڪتاب ۾ به ڪَٺي ڪيل آهن. انهن منجهان مون کي سندس غزل ۽ نظم تمام گهڻا وڻيا آهن، جن کان پوءِ گيت به سٺا لڳا آهن. البت، واين ۾ اڃا ايتري ڇَڪ محسوس نه ڪئي اٿم. ثقلين ڄاڻ ڏني، ته هُن هائيڪا، ٽيڙو، ترائيل، چَوسٽا ۽ دوها پڻ لکيا آهن، پر اهي جڏهن ڇپجي اچن!

ثقلين جي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ فن جا ٻئي پاسا سٺيءَ طرح سمايل آهن. فڪري طور هن داخليت ۽ خارجيت، ٻنهي کي شاعريءَ ۾ جڳهه ڏني آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي ٻنهي جو خوبصورت امتزاج به ڪيو آهي. هن شعوري طور ’خيال‘ ۽ موضوع جي اظھار ۾ ’نئين لب و لھجي‘ تي فوڪس ڪيو آهي، جنھنڪري ’خيال‘ جي ’لباس‘ تي اکيون ترسي پوَن ٿيون ۽ موضوع جي چونڊ داد جي تقاضا ڪري ٿي. جڏهن ته، فني طور، هر صنف پنھنجيءَ گهرج پٽاندر عروضي توڙي ڇند جي سٺي ڄاڻ جي نمائندگي ڪري ٿي. اها فني اهليت ۽ خاصيت هن جي گيتن ۽ نظمن منجهه ڏاڍي پرڪشش آهي، جڏهن ته غزلن ۾ بحرن ۽ وزنن جي پاسداريءَ سميت قافين ۽ رديفن جي وڻندڙ واهپي سان گڏ تشبيھن ۽ استعارن جي حسناڪي نمايان آهي.

هِن پيش لفظ ۾، چئني صنفن ــــ غزلن، گيتن، واين ۽ نظمن ــــ جي بھترين شعرن جي سڀني خوبين جي اپٽار ڪرڻ ۽ سمايل سوچن ۽ واقعن تي لکڻ ڪنھن به ريت ممڪن نه آهي، ان ڪري ڪجهه چونڊ شعرن کي ئي هتي پيش ڪجي ٿو.

سڀ کان اڳ ۾ غزلَ.

* گل فروش هِن سارا، باغبان ڪو ناهي.

هن اُجاڙ نگريءَ تي مھربان ڪو ناهي.

ان شعر ۾ ”گل فروش“ ۽ ”باغبان“ جون تمثيلون ”اجاڙ نگريءَ“ لاءِ ثقلين ڏاڍي خوبصورتيءَ سان ڪتب آنديون آهن. ”گل فروش“ ۽ ”باغبان“ کي ضد لفظن طور ڪتب آڻيندي ٻنهي جي ڪمن جي هوند ۽ اڻ هوند کي هڪ سٽ ۾ وڏي ڪمال سان ثقلين سمايو آهي. هڪ پورو الميه منظر آهي ان شعر ۾، جيڪو پنھنجي ڏيھه سميت گهڻن ئي ڏيھَن جي ابتر حالت کي بيان ڪري ٿو. باغبان يعني مھربان جو نه هئڻ ئي نگريءَ جي ويرانيءَ ۽ برباديءَ جو ڪارڻ آهي، ويتر جو سڀ رهواسي يعني گل فروش پنھنجي اثاثي يعني گلن (خوشبوئن، رنگن، خوبصورتين) جو واڪُ هڻندڙ بڻجي پون، ته مڪمل تباهي مقدر بڻجي پوي ٿي.

ان ئي غزل جو هيٺيون شعر پڻ ساڳئي تسلسل ۾ مطالع ڪري سگهجي ٿو:

* رتّ آ لڳل ڀت تي ۽ وڍيل ڪي عضوا هِن،

پر پُڄائي قاتل تي، سو نشان ڪو ناهي!

لاقانونيت ته پنھنجيءَ جڳھه تي، پر جنھن دهشت جي هئڻ ۽ ان کي پکيڙيندڙ دهشتگرد تائين نه پھچي سگهڻ جي بيوسي ان شعر ۾ چِٽي وئي آهي، خبر ناهي، ته ان جو انت ڪڏهن ٿيندو! ان دهشت گرديءَ واسطي جنھن آڙ کي گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو سا مذهب جي آڙ آهي. مذهبَ ماڻهن سڪونَ ۽ اجتماعي بھتريءَ جو ڪارج رکن ٿا، پر انهن ۾ ”ورهايو ۽ ويڙهايو“ جي حڪمت عمليءَ کي اختيار ڪندي، هڪ مذهب وارن کي ٻئي مذهب وارن کان ۽ هڪ فرقي وارن کي ٻئي فرقي وارن کان نفرت پيدا ڪرائي، ماڻهن جي من ۾ ڪِيني، ڪروڌ ۽ اَسھپ جي شعلن کي ڀڙڪايو ويو آهي ۽ ماڻهوءَ کان سُک ۽ سلامتي ڦري وئي آهي. ان ڳالهه جو هڪ سادو پر سگهارو اظھار هيٺئين شعر ۾ ڪيل آهي:

* منھنجي دنيا کي رهڻ ڏي سک سان،

دين لئه ڏِس جَھان ٻي ڪنھن جو.

مٿيان مثال ته انهن فردن جا آهن، جن جي هڪ نيت خوف ۽ هراس پکيڙڻ به آهي، پر جڏهن اهڙو خوف ”پنھنجا“ ئي پکيڙن لڳن ته پوءِ جبلن جا جيءَ ڌُڏڻ، هوائون روئڻ ۽ فطرت سڏڪڻ لڳندي آهي:

* پھاڙن تي لاشا جي اڇليا ويا ھا،
تنين لاءِ سڏڪيا جبل ۽ گهٽائون.

صحتمند ۽ خوشحال ماڻهن سان ئي تندرست ۽ پاڻ ڀرا ملڪَ دنيا جي گولي تي جڙڻ لڳندا آهن، جنھن ۾ گهڻي ۾ گهڻي اهميت فھم ۽ فڪر جي آزاديءَ جي هوندي آهي جنھن سان سماج ۾ مثبت رويا وڌڻ سميت علم ۽ ادب جي آبياري ٿيندي آهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ته ڇا، پر دنيا جي گهڻن ئي ملڪن ۾ سمجهه ۽ ساڃاهه کي ناپسند ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته گهرج ان رويي کي وڌائڻ جي آهي. ان جي شعري عڪاسي ثقلين هيٺينءَ ريت ڪئي آهي:

* هي ديس آ اپاهج، معذوري آ ڪا لاحق،
ساڃھه، شعور وارو ان لئه مساج ڳوليان.

تنھائي ۽ خالي پڻو اڄوڪي ماڻهوءَ جو ٻه وڏا مسئلا ئي نه، پر مونجهارا به آهن. بظاهر ته ماڻهو سوشل ميڊيا ذريعي ٻين ماڻهن سان ڳنڍيا پيا آهن ۽ دنيا انٽرنيٽ ۽ ويب وسيلي ڳوٺڙي ۾ بدلجي وئي آهي، پر دوريون اڃا به گهڻيون محسوس ٿيڻ لڳيون آهن. ڇھاءَ جو حقيقي ۽ مٺڙو احساسُ موبائيل فون جي اسڪرين تي آڱرين جي ٽَچِنگ (touching) مان ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي! اهڙي ڪيفيت ۾ بي اختيار شاعر جي سوچ ۾ سٽون سرجي پون ٿيون ته

* ڪيڏي وشال دنيا، ڪيڏو وشال ماڻهو،

پوءِ ڀي رهي ٿو تنھا ۽ خال خال ماڻهو.

دوست ۽ دوستي سماجي طور تي هڪ نعمت ۽ مثبت قدر ته آهن، پر جڏهن ان نعمت ۾ اَوَگُڻِي رويا مطلب ۽ خود غرضيءَ جي روپ ۾ شامل ٿي پوندا آهن ته دوست ذريعي مليل گهاءَ ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا آهن يا اميريءَ-غريبيءَ جي تضاد ۾ جڏهن دوستيءَ جو ملهه ڪٿجڻ لڳندو آهي، ته دوستي ان ئي گهڙيءَ ٽُٽي ٽڪرا ٿي پوندي آهي. اهو موضوع شعر ۽ ادب جو هڪ اهم موضوع آهي. ثقلين لاشاريءَ پڻ ان موضوع تي ڪي شعر سرجيا آهن، جيڪي اسان جو ڌيان ڇڪائن ٿا:

*دوست داناءُ ٿي ويو آھي،
پٺّ ۾ گهاءُ ٿي ويو آھي.

ثقلين لاشاريءَ جا غزل پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته هُو ٻن سٽن جي محدوديت ۾ خيال جي وسعت کي گُهٽڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. غزل جي شاعر لاءِ اها وڏي ڪاميابي هوندي آهي، ته هُو پابنديءَ ۾ پاڻ کي پابند هئڻ کان بچائي. ٻن سٽن ۾ لفظ ڀلي ته ٿورا هوندا، پر سندن چونڊ ۽ بيھڪ اهڙي رکبِي جو مفھوم روان ۽ جامع هجي، جنھن جي سمجهڻ ۾ مونجهارو پيدا نه ٿئي، نه ئي ايئن لڳي ته زوريءَ گهربل مفھوم پيدا ڪيو ويو آهي. هيٺ ثقلين جي لکيل غزلن مان ڪجهه چونڊ شعر ڏجن ٿا:

* اسان اڳ ۾ ئي، پنھنجي خاڪ ٿا ميڙيون،

وري هُو ڀي ھوا ٿيندو، ته ڇا ٿيندو!؟

اسان جنھن جي، مسيحائي تي ٿا جيئون،

اهو ئي جي وبا ٿيندو، ته ڇا ٿيندو!؟

مرڻ کان پوءِ، ٿئي ڇا ٿو، فرق ڪھڙو،

اگر نانءُ ڀي فنا ٿيندو، ته ڇا ٿيندو!؟

* ڏڪندي ڏڪندي هٿّ وجهي ٿو ڪاتي ۾ ڇو،

پيٽ بکيي هِنَ ڪاسائي کي سمجهين ٿو ڪجهه؟

* پاڻ ته هٿّ ڏسون ٿا جيڪي، شربت آڇن ٿا ڪاڙهي ۾،

زهر وڌو ڪنھن آهه دلي ۾، ويساهن کي ڪل آ ڪھڙي!

هن کان، هن کان، پڇندڙ کي ڀي، ماڳ ڪڏهن ملڻو ناهي،

ڪھڙي پاسي منزل آهي، چوراھن کي ڪل آ ڪھڙي!

* منھنجي معصوميت جو ملي هڪ پنو،

۽ انهي کي به منصف جلائي ته پو؟

* رهبرن جي انا جو کاڄ بڻيو،

ڪلهه مئو جو جوان ٻي ڪنھن جو.

* آ طوائف بڻي اميرن جِي،

ڏات جو هي زوال ماري ٿو.

* اسان جنھن به چادر ۾ جندڙي لڪائي،

اُنهيءَ تي ئي جڳ آهي قينچي هلائي.

مٿين شعرن ۾ ڪيئي خوبصورت ۽ منفرد خيال ۽ احساس سمايل آهن، جن ۾ اجتماعيت ۽ خارجيت کي گهڻي ڀاڱي  پرکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ به جديد سنڌي غزل محدود يا چونڊ موضوعن جو محتاج ته رهيو ئي ناهي. مٿين شعرن ۾ ”خاڪ ميڙڻ، هُن جي هوا ٿيڻ، مسيحا جي وبا ٿيڻ، نانءَ جي فنا ٿيڻ، ويساهن ۽ چوراهن جي ’سادڙو ۽ اڻڄاڻ‘ هئڻ، معصوميت جي پَني جي جلڻ، انا جي کاڄ ٿيڻ، ڏات جي طوائف بڻجڻ ۽ جندڙيءَ جي چادر تي قينچي هلڻ“ جون ترڪيبون، انهن شعرن ۽ خيالن کي ندرت ۾ جرڪائيندڙ آهن. انهن شعرن وارن غزلن توڙي ٻين ڊگهن ۽ وڻندڙ رديفن وارن غزلن کي، مڪمل طور پڙهڻ سان شعرن جي جماليات اڃا نکري اڳيان اچي ٿي. رديف کي رڳو لکڻو ناهي هوندو، اصل معاملو ان رديف سان نڀائڻ جو هوندو آهي. ثقلين لاشاريءَ نه صرف انهن رديفن کي دريافت ڪيو آهي، پر انهن سان نڀايو به آهي. اهڙن ڊگهن ۽ منفرد رديفن وارن غزلن منجهان هيٺ مطلعن جون پھريون سِٽون لکجن ٿيون. انهن ۾ رديفن کي ليڪ ڏني وئي آهي:

* نگر ۾ موت سستو ۽ دوا ڏاڍي مھانگي آ.

* آ ڇانيل ٻاٽ هر پاسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

* اگهن لئه ڪو خدا ٿيندو، ته ڇا ٿيندو؟

* خاموشيءَ جي گويائي کي، سمجهين ٿو ڪجهه؟

* ٻيڙا ڪھڙي پيڙا ۾ هن، درياهن کي ڪل آ ڪھڙي؟

* محبت ۾ پوندا بار ڪيئي، ڪجهه تون کڻجان، ڪجهه مان کڻندم.

* گهٽيءَ جي ڪنهن راهه وانگي ھوءَ، ٿُڏي ويندئي، خبر پوندئي.

* منھنجي سيني تي، ڌيان ٻي ڪنھن جو.

* يادون قيد نه ٿينديون آهن، زندانن کي ڪو سمجهائي!

* ميڪده ميڪده هي اوھان جون اکيون.

* رستن تي ٿو ليڪا پائين، ڪھڙي ڳارڻ ڳاريو توکي؟

* بيگانو شھر آهي، تون گهاوَ لڪائي رک!

* اچ پاڻ پسايون او پيارا، هي مينھن وري ايندو نه ڪڏهن.

* پٿر پاڻي ۾ هڻجي، ڪجهه شور ڪجي.

* وري وري، وري وري، نچو ته جڳ ٺري پوي.

* ڪُلَهن تي بار ٿورن جا، کڻي ٿڪجي پيا آهيون.

* پارسائي وڻي ڪونه ٿي.

* ڪنھن سان ھڪ به نه لفظ ڪڇي ٿو، ڪو ته سبب آ.

* ڪلهه رات منھنجي گهر ۾ يارن جو چھچٽو ھو.

* انا اچي ٿي ڪٿي اسان کي، اسان ته آھيون مٽيءَ جا ماڻهو.

* سرءُ جي سوڀ ٿي بابا! بھارن خودڪشي ڪئي آ.

* ڀڳو آھيان ھڏا ھڏا ٿي، رڙھان ٿو مان مگر پوءِ ڀي.

* جلي ٿو اڄ بدن سارو، ڪٿي ڪوئي پڪاري ٿو.

اهڙيءَ طرح غزلن ۾ ئي آندل ٻين منفرد رديفن ۾ ”ته پو؟“، ”پڙهي ٿو وٺي“، ”ماري ٿو“، ”ويراني ڇاهي“، ”هوش ٿا اڏرن“، ”عقل اهو آ“، ”لاوارث آ“، ”ڪُھاڙيون“، ”گهر ۾ ناهي“، ”ٿِي پوان مان“، ”سِکي وٺ“، ”نظارا“، ”ٿِي آڇي“ ۽ ”نظرون“ جو استعمال ثقلين لاشاريءَ جي تخليقي فڪري ۽ فني سگهه کي پڌرو ڪري ٿو.

ثقلين جي غزلن ۾ محبت جا احساس پڻ بخوبي اظھاريل آهن، جن ۾ نينھن جي نفاست ۽ نزاڪت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. مثال طور:

* پنھنجي دل جي ڪٿا ٻڌائي مون،

تو سان ڇيڙي بيان ٻي ڪنھن جو.

* شاعري، ڪھاڻيون ۽ بحث علم جا سارا،

تو تائين پُڄڻ جا هِن، اي پرين بھانا سڀ.

* هاڙهه جي ڏينهن ۾ نِم جي ڇانوَ جيئن،

۽ اتر جي هوا، هِي اوھان جون اکيون.

گُگهه اونداهه ۾ ڪو جي ڀٽڪي وڃي،

ٻاٽ ۾ لاٽ ڪا، هِي اوھان جي اکيون.

* سالن کان پوءِ آئي آهي، رسمن منھنجو حال پڇڻ،

اڄ سمجهيو ٿم لھجن جِي ۽ لفظن جِي ويراني ڇاهي.

***

گيت کي هِندي شاعريءَ جي صنف سمجهيو ۽ لکيو ويندو آهي، پر مان ان کي صرف هِند بدران، ننڍي کنڊ سنڌ-هند جي انتھائي مترنم شعري صنف سمجهان ٿو. ان جو دليل سنڌي لوڪ گيتن جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪي حقيقت ۾ گيت ئي آهن، پر لوڪ جي دلين ۾ جيئندا ۽ وڌندا رهيا آهن. شيخ اياز ته پنھنجي زنده هئڻ جي سوال جو جواب گيت ۾ ئي سمايل ٿو ڄاڻي. هُو لکي ٿو: ”گيت ئي منھنجي جيت آهن: انهن کان سواءِ منھنجي زندگي هار آهي ـــــ انهن کان سواءِ منھنجي زندگي بي معنى آهي ـــــ انهن کان سواءِ مان انهيءَ سوال کان ڪڏهين به پيڇو نه ڇڏائي سگهندس ته مان زنده ڇو آهيان؟“ (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، ڇاپو ڊسمبر 1987ع، ص 139) اهو ئي ڪارڻ آهي ته اياز جا سرجيل گيت زندگيءَ جي خوبصورتيءَ جا گيت آهن ۽ اها خوبصورتي اياز جي همعصر شاعرن کان پوءِ شاعري ۾ زنده رهندڙ نئين ٽهيءَ جي گيتڪار شاعرن لاءِ به زندگيءَ جو جواز بڻجي ٿي اچي. انهن شاعرن ۾ ثقلين لاشاري به شامل آهي. هن جا سرجيل گيت ٿڌڙي هوا جي هير محسوس ٿين ٿا، جن ۾ موسيقيت جون لھرون سمايل آهن. ڏسو:

* ٽپ ٽپ ٽپ ٽپ بوندون آيون،

ڌڪ ڌڪ ڌڪ ڌڪ يادون آيون،

ڳل ڳل ڳل ڳل ڳاڙها لال،

ساجن ساٿ هجين تون شال!

* ماڪ پوي ٿي مُند متل آ،

ساجن اوري آءُ،

جوڀن جو هر انگ رتل آ،

ساجن اوري آءُ!

* پنھنجا جذبا سنڌوءَ جھڙا، سڀ لئه گھرا گھرا،

پنھنجا جذبا ڪينجهر جھڙا ھر دم صاف سُنھرا.
ڪارونجهر جي ڳاٽ جيان آ،
اونداھي ۾ لاٽ جيان آ،
تنھنجو منھنجو ساٿ او ساجن.
تنھنجو منھنجو ساٿ او ساجن.

مٿين مثالن منجهان گيت جي ٻوليءَ جو هڳاءُ جيءَ اندر پکيڙجي وڃي ٿو. اهو گيت جي پھرئين لفظ کان شروع ٿي آخري لفظ تي دنگ نه ٿو ڪري، پر ان بعد خيال جي روپ ۾ هينئڙي جي دنيا جو سير ڪري ٿو:

* مينھن وڌايا دل جا خال،

ساجن ساٿ هجين تون شال!

* وڻجارا او وڻجارا!

روز ڏنگِن ٿا ھي تارا،
ٿڌڙا ٿڌڙا شوڪارا،
ھاڻ
ته واپس آءُ !
ھاڻ
ته واپس آءُ !

جيتوڻيڪ ثقلين جي هن شعري مجموعي ۾ صرف ست گيت ڏنل آهن، پر اهي ڏاڍا سندر آهن. سندس ٻين گيتن جو اسان کي انتظار رهندو.

***

ثقلين جي وائين کي مان، غزلن، گيتن ۽ نظمن جي ڀيٽ ۾، آخري درجي تي رکندس. هن جون وايون اسان جي سنڌي وائين جي بيھڪ ۽ سٽاءَ کان فرق رکندڙ آهن ۽ ڪلاسيڪي وائيءَ سان پنھنجو تعلق جوڙيندي نظر نه ٿيون اچن. وائي، صرف وراڻي ته نه آهي! کيس ان پاسي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ پنھنجي روايت سان پاڻ کي جوڙڻو پوندو، ته جيئن وائين ۾ پنھنجائپ جي سڳنڌ محسوس ٿي سگهي. ان باوجود، ثقلين جي وائين ۾ ڪي جذبا، ڪي احساس، ڪي واقعا ۽ ڪي حادثا مطالع ڪري سگهجن ٿا، جھڙوڪ:

* ڪَڻ ڪَڻ، ڪَڻ ڪَڻ، ڪَڻ ٿي جئن،

سڏڪا آکيرن ۾ ٿيندا،

سڀ لئه بارش ساڳي ناھي.

ٽِپ ٽِپ ٽِپ ٽِپ ڇِت پئي ٽِمندي،
خوف مان سڀ ان کي گهوريندا،

سڀ لئه بارش ساڳي ناھي.

مٿين وائيءَ ۾، پاڪستان جي ٽن صوبن کي خاص طور ٻوڙي ڇڏيندڙ 2022ع جي مھا برساتن جي تباهين سبب درد جي جهلڪ ڏيکاريل آهي.

يا هيءَ خواهشن جي اظھار جي وائي ڌيان ڇڪائيندڙ آهي:

* امرت آڇيان گهرگهرکي مان،

ساري دنيا ٿي لافاني،

اھڙو ڏانءُ اچي ڪو.

اهڙيءَ طرح ”سج لھڻ“ رواجي طور تي ڏينھن جي پوري ٿيڻ جي نشاني آهي پر اصطلاحي طور ”گلارو ٿيڻ، بي مانو ٿيڻ، بي غيرت ٿيڻ، بيڪار ٿيڻ، بي همت ٿيڻ“ (موبائيل SLA Lughat) ۽ ”پُورو ٿيڻ، پويون وقت اچڻ، ختم/خلاص ٿي وڃڻ“ جي مفھوم ۾ به آهي. ”سج لھڻ“ جي ڪيفيتن کي ثقلين سٺيءَ طرح هڪ وائيءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنھن جي واکاڻ واجب بڻجي ٿي:

* بونا پاڇا لمبا ٿيا ھِن،

شايد سج لھڻ وارو آ.

اڀ ۾ ڏُور ھُو اڏندڙ پنڇي،
شام شفق جا ڳوڙھا ٿيا ھ
ِن،

شايد سج لھڻ وارو آ.

ڪا تحرير نه واضح آھي،
ڌنڌلا سارا نقشا ٿيا ھ
ِن،

شايد سج لھڻ وارو آ.

ڀيلا ڀيلا چھرا ٿيا ھِن،
ڌارين
جئن ڪي لھجا ٿيا ھِن،

شايد سج لھڻ وارو آ.

اِن وائيءَ ۾ ”بونن پاڇن جي لمبو ٿيڻ“، ”شفق جا ڳوڙها ٿيڻ“، ”نقشن جي ڌنڌلي ٿيڻ“، ”ڀيلا چِھرا ٿيڻ“ ۽ ”ڌاريا لھجا ٿيڻ“ جو ترڪيبون نوَن اصطلاحن کي جوڙيندي نظر اچن ٿيون، جنھن تي ثقلين داد جو مستحق بڻجي ٿو.

انهن وائين منجهه هڪڙو شعر، وراڻيءَ جي سگهه شامل نه هوندي به، ڏاڍي زبردست خيال وارو آهي، جيڪو هتي اوهان جي خيال خاطر لکي، وائيُن جي ڀاڱي جي پڄاڻي ڪجي ٿي:

*پنھنجو جيون ڀي،

ھو ڪا ڏند ڪٿا.

***

ثقلين جا نظم ۽ آزاد نظم پڙهندي، جيڪو اولين خيال ذهن ۾ اسري آيو، سو هيءُ ته ”ثقلين ته نظم جو شاعر آهي!“ نه ته، اڳ ۾ هن کي غزل ۽ گيت جو شاعر سمجهيون ويٺا هئاسين! هيءَ ته ڏاڍِي ٿي! هن جا لکيل نظم ۽ آزاد نظم ”ڌُوڙ آ سڀ“، ”جنگ“، ”گهر گهر ساز وڄايان“، ”دشمن ناهي ته پوءِ“، ”گهر کان ٻاهر پير نه رکنديس“، ”پوهه ۽ پيار“، ”ڏک ۽ جنڊ“، ”مان جي کنڀجي وڃان“، ”هڪ شخص نظم جھڙو“، ”ڪجهه يارن کي عرض“، ”سوڀ“، ”ڏُور جبل جي چوٽيءَ تي“، ”رنگن جي برسات“، ”ديس ٻنهي جو ساڳيو!“، ”ڀٽائي تو چيو آهي“، ”تنھنجي حڪمت“، ”ننڊ ۽ موت“، ”ڪيڏو وئين اڳتي وڌي“، ”اي ڀٽائي تنبورو وڄاءِ!“ اهڙا ئي ته من منجهه لھي ويندڙ ۽ اهڙو ئي احساس ڏياريندڙ نظم آهن! پڙهندڙ سمجهندا، ته باقي نظم بچيا ڪھڙا! ته واقعي به آهي ايئن ئي! ثقلين جا سڀ نظم نشانبر ڪرڻ جھڙا ئي ته آهن! حقيقت ۾ ثقلين کي هڪ مڪمل ڪتاب نظمن جو پڌرو ڪرڻ گهرجي ها، جنھن ۾ نظم ۽ آزاد نظم الڳ الڳ ڏيڻ گهرجن ها، جيڪي هتي پڻ گڏي ڏنا ويا آهن.

ثقلين نظمن ۽ آزاد نظمن جي موضوعن کي ڳولڻ ۽ انهن کي تسلسل سان اڳتي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته فني طور نظمن ۽ آزاد نظمن جي تقاضائن کي پڻ نڀايو اٿائين. ڏسو ”ڌوڙ آ سڀ“ جو هيٺيون بندُ:

ٺاٺ ٺانگر جا ڏھاڙا ڪيترا ھِن!
ڪنھن به دلبر جا ڏھاڙا ڪيترا ھ
ِن!
۽ ستمگر جا ڏھاڙا ڪيترا ھ
ِن!
ھُلّ ۾ سڀ گمّ ٿيندا سڏّ پنھنجا،
سال ٻن کان پوءِ نه ملندا ھڏّ پنھنجا
،
چيز ھر ھڪ ڪائناتي ڌوڙ آ سڀ
،
ھاءِ پنھنجي ھي حياتي ڌوڙ آ سڀ.


وجود جي ثباتي ۽ بي ثباتي فلسفي جو هڪ وڏو موضوع آهي ۽ اهو شاعريءَ ۾ پڻ اهم موضوع رهندو آيو آهي خاص ڪري نظم جي صنف ۾ ان کي نڀائڻ ۾ شاعر پنھنجي فڪري اڏام کي امتحان ۾ وجهندا آهن. ثقلين به ايئن ئي ڪيو آهي، پر هُو ”هئڻ“ کي اهميت ڏئي ٿو، تڏهن ئي ته اختتامي بند ۾ چوي ٿو:

ڌوڙ ۾ ڌڌڪو ڪري، پر جيءُ ٿورو،
جام تارون تر ڀري ۽ پيءُ ٿورو
،
سِر ڦريو ۽ بي ڊپو اڄ ٿيءُ ٿورو
،
آخرت جو ڇڏّ اونو، سڀ ھتي آ،
عشق ٿيڻو ناھي جهونو، سڀ ھتي آ
،
ھا حياتي ۽ مماتي، ڌوڙ آ سڀ!
ڇو چوان بس ھي حياتي ڌوڙ آ سڀ.
ڇا حياتي ھر نقاطي ڌوڙ آسڀ؟؟


ثقلين پنھنجي سرجيل نظم ”گهر گهر ساز وڄايان!“ ۾ راڳ، رقص ۽ شاعريءَ سان پنھنجي گھري تھذيبي ڳانڍاپي کي ڏاڍي بھترين طريقي سان منظوم ڪيو آهي. ڏسو:

راڳُ ثقافت آهه اسان جي،
رقص
ُ عبادت آهه اسان جي،
گيتن ۾ آ گيان
ُ ازل جو،
روز رياضت آ
هه اسان جي.
ڪ
ِئن ھي ورد ڀلايان!؟
مان گهر گهر ساز وڄايان!


اهڙيءَ طرح ”دشمن ناهي ته پوءِ“ نظم ۾، بيحد ڪماليت سان وطن جي حب جي رُخ کي نروار ڪيو ويو آهي. ثقلين جي اها ان طرح جي پيشڪش داد لائق آهي.

تنھنجو ڪوئي دشمن ناهي،

پوءِ پڪ آهي،

ويڙهه نه ڪائي وڙهيو تون آهين،

دشمن ساڻ جُڙيو تون آهي،

حق جي ڳالهه ڪئي تو ناهي،

اهڙي مجال ڪئي تو ناهي.

تنھنجو جيئڻ ڪھڙو جيئڻ،

جنھن ۾ ڪائي آڳَ نه آهي،

جاڳ نه آهي.

ان نظم ۾ دشمنيءَ جي معيار کي مثبت قدر طور آڏو آندو ويو آهي، اها ان نظم جي هڪ اهم خاصيت آهي، نه ته دشمني هڪ منفي قدر آهي، پر هتي اهو هڪ مَيار طور اڀري اچي ٿو ۽ پنھنجي سچ کي پڌرو ڪري ٿو.

ثقلين جو سرجيل نظم ”ڏک ۽ جنڊ“ موضوعي طور تي انتھائي بھترين نظم آهي. ان نظم ۾ جنھن ريت جنڊ کي علامتي طور ڪتب آندو ويو آهي، اهو شاندار آهي. نظم ننڍو آهي، پر ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ آهي. ان جي شروعات ڏسو:

جيجان جنھن پل جنڊ کڻين تون،

اَن ڏَرِين تون،

ٻُڪ ڀرين تون،

اُن ۾ منھنجا گهاوَ به وجهجان،

سالن جا سوداءَ به وجهجان،

تن کي ڏرجان،

سور سڀن جا ڍوئي ڍوئي،

۽ پنھنجو من لوئي لوئي،

چُور ٿيو هان.

 اَنَ سان گڏ گهاوَن ۽ سودائن کي ڏَرڻ جو خيال پنھنجي فڪري جوڙجڪ ۾ سٺي ترڪيب رکندڙ آهي.

ثقلين جو نظم ”مان جي کنڀجي وڃان“ سندس ذهني سگهه ۽ پختي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، جنھن ۾ هو سياسي مفاد کي نندي وطن جي محبت ۽ خوشحاليءَ جي سپني کي ڏسي ٿو ۽ ان سپني جِي ساڀيان جِي اميد رکي ٿو:

مان جي کنڀجي وڃان، رات ڏنڀجي وڃان،
۽ پوء ماريو وڃان، ديس واريو وڃان،
گيت ڪو ڳائجان جيت جنھن ۾ هجي،
ديس جنھن سان کلي، ديس جنھن تي نچي.

ثقلين جا اڪثر نظم، موضوعي طور، درد جا نظم آهن. هن انهن نظمن ۾ درد کي چڱيءَ طرح ڳوهيو آهي، جنھن سان دردُ سڄي نظم ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ لفظ لفظ ۾ ڏکوئيندڙ ڪيفيت کي اُڀاري ٿو، جيئن ”ڪيڏو وئين اڳتي وڌي“ نظم ۾ به اهڙي درد جي واقعاتي منظرنگاري نظر اچي ٿي:

تون روشنين جي پنڌ ۾،
ايڏو وئين اڳتي وڌي،
توکان
ته وسري مُور وئي،
گهر ۾ جا ٻرند
ڙ لاٽڙي!

***

هِن ’پيش لفظ‘ کي ڪٿي ته دنگ ڪرڻو پوندو، جيتوڻيڪ ’ثقلين‘ لاشاريءَ جي شاعري اهڙي گنجائش ڏيندي نظر نه ٿي اچي! پنھنجين ادبي مصروفيتن سبب منھنجو ارادو ٻه چار صفحا ئي لکڻ جو هو، پر جڏهن سندس شاعري پڙهندو ويس، ۽ اها پنھنجي چونڊ ڪرائيندي ۽ لکڻ تي آماده ڪندي رهي، ته ڳالهه منھنجي وس کان چڙهي وئي! اڃا ته ڪيترن ئي شعرن کان ڪٿي معذرت ڪرڻي پئي آهي، ڪٿي اک-ٻُوٽ ڪري درگذر ڪرڻو پيو آهي، ته ڪٿي ڏاڍ کان ڪم وٺي اڳتي وڌڻو پيو آهي، نه ته شايد پڄاڻي ڪري نه سگهجي ها! ثقلين جي اهڙي ئي ته بھترين شاعري آهي.

جڳ مشھور آمريڪي مصنفه مايا اينجليو (1928-2014ع) موجب: ”Nothing can dim the light that shines from within“ يعني ’جيءَ منجهان نڪرندڙ روشنيءَ کي ڪو به جَهڪو ڪري نه ٿو سگهي‘، سو ثقلين جي جيءَ منجهاران ئي هِي شعرن جون لاٽُون نڪتيون آهن، جن کي ڪو به جهڪو ڪري نه سگهندو. مون کي پوري پوري پڪ آهي ته سندس شاعريءَ جو هيءُ پھريون مجموعو گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو ويندو ۽ ان جي ادبي افاديت کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. مان ذاتي طور هن شعري مجموعي جي اشاعت تي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪيان ٿو ۽ ثقلين لاشاريءَ کي دل جي گھراين سان اڻڳڻيون مبارڪون ڏيان ٿو.

آدم نئون بڻائي، ان ۾ ٿو پيار ڦُوڪيان،
اي عشق! تو لئه ڪھڙو، مان ٻيو خراج ڳوليان؟

- ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

10 جنوري 2023ع، لاڙڪاڻو

No comments:

Post a Comment