16/07/2025

تصوف جي تاريخي ميراث ’سفينئه نوح‘ - نياز مسرور بدوي (Niaz Masroor Badvi)

 نياز مسرور بدوي

 تصوف جي تاريخي ميراث ’سفينئه نوح‘

 

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ جي علمي ۽ ادبي ميراث جا، ڪيئي وارث امين بڻجي ادب جي شاهراهه تي مسلسل گامزن رهندا آيا آهن ۽ پنھنجين علمي ۽ ادبي ڪاوشن سان سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. پنھنجي ميراث جي سبب سندن هاڪ نه فقط سنڌ ۾ پر انهن جي ادبي گونج فارسي ادب جي ايوانن ۾ به گونجندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ميرزا صفدر عباس ’سيفي‘ جي خاندان مان اهڙا ڪيترائي سندس وڏڙا ادب نواز ۽ ادب ساز پيدا ٿيا آهن، جن علم ادب جي خدمت ڪندي سرهائي محسوس ڪئي آهي ۽ املهه مانُ ماڻيو آهي، انهن ڪارساز هستين ۾ ميرزا امام علي بيگ جو نالو ڪنھن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي.