07/06/2014

گوندر ويا گذري - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



گوندر ويا گذري
ايمانداريءَ سان لکيل هڪ آتم ڪٿا
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ ۾ ويجهي عرصي ۾ چڱيون ئي آتم ڪٿائون ڇپيون آهن جن جا لکندڙ هروڀرو اديب شاعر نه آهن. ٻيءَ طرح مجموعي ادب ۾ اڄ ڪلهه آتم ڪٿائون نه رڳو ججهي تعداد ۾ لکجي رهيون آهن، پر اهي تخليقي صنفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڙهيون به وڃن ٿيون، جنهنڪري ادارا آتم ڪٿائن ۽ يادگيرين وغيره جا ڪتاب نهايت خوشيءَ سان ڇپائي رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ به آتم ڪٿائن جو انگ چڱو موچارو وڌيو آهي ۽ سنڌي پڙهندڙ اهي پڙهي پڻ رهيو آهي.
تازو هڪ آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب سنڌيءَ ۾ شايع ٿيو آهي جنهن جو نالو آهي ”گوندر ويا گذري“ هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، سيد ديدار حسين شاهه.

سيد ديدار حسين شاهه جو تعارف سنڌي ماڻهن وٽ اڳ ئي آهي ۽ جيڪو وڌيڪ کين گهربل هوندو اهو، سڀ هو ڪتاب ”گوندر ويا گذري“ مان حاصل ڪري سگهندا، جن کي اهڙي اڇا هوندي. هونئن ڪنهن به ڪتاب مان ان جو پڙهندڙ ڇا حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، اهو ان پڙهندڙن جو نجي معاملو آهي، ائين هن ڪتاب مان به هر پڙهندڙ پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڳولڻ چاهيندو.
اول ته ڪو به سياست سان دلچسپي رکندڙ پڙهڻ وارو هن ڪتاب مان اهو سياسي دور ڳولڻ چاهيندو، جنهن دور مان، سيد ديدار حسين شاهه صاحب گذري آيو آهي، ڇاڪاڻ ته سيد صاحب جسٽس به رهيو آهي، ان ڪري قانون سان واسطو رکندڙ ڪتاب مان قانون جا نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا. ائين وڪيل صاحبان پنهنجي عمل ۾ سيد صاحب جي وڪالت جا تجربا داخل ڪندا. اهم ڳالهه تاريخ جي آهي، جيڪا سياسي تاريخ به آهي ته سماجي تاريخ به، پر هن ڪتاب ۾ ادب جي تاريخ ڳولڻ نه گهرجي، اهو وسارڻ نه گهرجي. جيتوڻيڪ هاڻ سيد ديدار حسين شاهه، صاحب ڪتاب آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجي ادبي برادريءَ ۾ کيس شامل ڪرڻ تي ارهائي نه ٿيندي. ڪتاب ”گوندر ويا گذري“ برابر هڪ دور جي سياسي تاريخ آهي، اهڙي پڪ آهي ۽ سياسي ڪتابن ۾ غلط بيانيءَ جي گهڻي گنجائش موجود رهي ٿي. پر هي ڪتاب ائين نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ اهو اندازو لڳائيندو ته سيد صاحب پنهنجي خانداني رواداريءَ جي نه رڳو پاسداري ڪئي آهي پر هن جتي جتي به ۽ جيئن به ساڻس ٿي گذريو آهي، ان جو اظهار ائين ئي ڪيو آهي ۽ نهايت ايمانداريءَ ۽ سادگيءَ سان، ڇاڪاڻ ته غير ضروري لکڻ لاءِ لکڻ جو تجربو گهرجي جيڪو شاهه صاحب وٽ نه آهي ۽ اها ڳالهه ئي هن ڪتاب کي پنهنجي سچائيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. شعوري طور شاهه صاحب جنهن سياسي ڌر سان آهي، ان ڌر ۽ ان ۾ ويٺل شخصن بابت به هن جيڪو ايمانداراڻو اظهار ڪيو آهي، اهو ممڪن آهي ته ڪِن ننڍي دل ۽ ننڍي شعور واري شخص لاءِ ڏکيو ٿئي، پر ان مان سيد صاحب جي وڏي دل ۽ وڏي شعور جو پتو ته اوس پوي ٿو.
ڪتاب جيئن ته آتم ڪٿا آهي، ان ڪري اها نه رڳو شاهه صاحب جي ڪٿا آهي پر هڪ دَور جي ڪٿا به آهي، اهو دور جنهن ۾ شاهه صاحب اڌ صدي پاڻ هڪ ڪردار طور گذاريو آهي، ان دور جي واقعن ۽ عملن ۾ هو پاڻ شريڪ به آهي ۽ جن ۾ پاڻ شريڪ آهي، ته سندس شعور شريڪ آهي، ڪنهن آتم ڪٿا لاءِ واقعا اهم حيثيت رکندا آهن، ڇاڪاڻ اهي ئي هڪ تاريخ جو ماخذ بڻجندا آهن ائين هن ڪتاب ۾ ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي سياست جا گهڻا ئي اهم واقعا درج ٿيل آهن. جيڪي هن ڪتاب کي اهم بڻائين ٿا.
سيد ديدار حسين شاهه جي هن ڪتاب مان سياسي رواداريءَ جي جيڪا خوشبو اچي ٿي اها دراصل سندس اندر توڻي ٻاهر واري شخص جي آهي. ٻيءَ طرح سياست اهڙو گورک ڌنڌو آهي، جنهن ۾ هر شخص ٻئي شخص جي قبر کوٽڻ لاءِ پنهنجي سموري توانائي صرف ڪندي ڏٺو ويندو آهي، ۽ جيڪڏهن ان کي وري لکڻ جو ڏانءُ به ايندو آهي ته اهو وري سون تي سهاڳ جو ڪم ڪندو آهي، پر سيد ديدار حسين شاهه جي هيءُ آتم ڪٿا ڪنهن اهڙي روئي کان بچيل آهي. هيءَ آتم ڪٿا سياسي هوندي، به سياسي ماحول جي براين کان آجي آهي، ۽ هڪ اهڙو ماحول جوڙيندڙ آهي جيڪو سنڌ لاءِ خوشگوار هوندو. سيد صاحب پنهنجا ڪي تلخ تجربا به نهايت بردباريءَ سان اهڙي ٻوليءَ ۾ اظهاريا آهن، جن کي پڙهڻ سان چهنڊڙيءَ جو احساس ته ٿئي ٿو پر اهي ڪانُ ٿي ڪُک ۾ چڀن نه ٿا، ۽ اها ئي هن ڪتاب جي اهم سڃاڻپ آهي.
سياست سان، قانون سان، سماج جي ٻين اهڙن ئي شعبن سان ڳنڍيل اڄ جا نوجوان هن ڪتاب مان جيترو حاصل ڪندا پڪ سان  هو اهو سڀ ڪجهه ڪيترن ئي نصابي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ به حاصل ڪري نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ مني صديءَ جا تجربا شامل آهن ۽ ماڻهوءَ کي جيترو تجربو سيکاري ٿو، اوترو ڳالهيون نٿيون سيکارين. ان ڪري شاهه صاحب جي انهن مڙني تجربن (جن کي هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ آندو آهي) مان اڄ جي نسل کي پرائڻ گهرجي. سنڌيءَ ۾ هڪ پڙهڻ، پرائڻ ۽ سانڍي رکڻ جهڙو ڪتاب آهي.
مان زور ڏيئي هيءَ ڳالهه لکي رهيو آهيان ته هن ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ستت ٿيڻ گهرجي، جيئن هنن تجربن مان سنڌي نه ڄاڻندڙ پڻ فائدو حاصل ڪري سگهن. هن خوبصورت ڪتاب کي اسان جي آبرودار اداري سنڌيڪا اڪيڊميءَ نهايت سهڻو ڪري ڇاپيو آهي، ڪيترين ئي ناياب تصويرن سان شايع ٿيل ٽي سَو اسي صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه ساڍا ٽي سؤ رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment