16/06/2014

طارق لفظن جي ناراض نسل جو سرواڻ - علي زاهد (Ali Zahid)



طارق لفظن جي ناراض نسل جو سرواڻ
علي زاهد
هر ماڻهوءَ جي شخصيت جا ڪيترائي پاسا هوندا آهن، پر جڏهن ڳالھ فنونِ لطيفه جي ڪبي ته پوءِ اڪثر ماڻهو ڪنهن هڪ فن ۾ مهارت ماڻي پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ جا جوهر ڏيکاريندا آهن، پر ڪي ماڻهو وري اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي مزاج ۾ گهڻ پاساوان هوندا آهن. فنونِ لطيفه جا ڪيترا ئي فن سندن من ۾ خيما کوڙي اچي وسرام ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن کي عام فهم ۾ ”هر فن مولا“ ڪوٺيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ”هر فن مولا، هر فن اڌورا“ گهڻا ڪم هٿ ۾ کڻڻ سان يا فن جي گهڻن رخن طرف سوچڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ سان اڪثر هر فن اڌورو رهجيو وڃي ۽ پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ مڃتا ۽ پورڻتا ڪوهين ڏور ٿيو پوي. پر ڪي ماڻهو وري پنهنجي اندر ۾ ڪمال جون صلاحيتون رکندا آهن، اهي گهڻ رخا ماڻهو پنهنجي هر فن سان ايترو ته نڀائيندا آهن جو پنهنجي هر پاسي ۾ اڳي کان اڳرا ڀاسندا آهن. پوءِ سندن چاهيندڙن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو اوکو ٿي پوندو آهي ته ان شخصيت جو ڪهڙو پاسو سڀ کان وڌيڪ سگهارو آهي ۽ ڪهڙي پاسي کي گهٽ اهميت ڏئي سگهجي ٿي.

اهڙن ماڻهن وٽ اهي صلاحيتون قدرتي هونديون آهن، اهي فردِ واحد هوندي به پنهنجي اندر ۾ ادارا هوندا آهن، هنن جي اندر ۾ هڪ نه پر ڪي ئي عشاق هوندا آهن. سندن هر روپ هڪ مڪمل ۽ ڀرپور عاشق جو روپ هوندو آهي ۽ هر عاشق پنهنجي پنهنجي پاسي، پنهنجي فن سان عشق جون اتاهيون منزلون طيءِ ڪري ان فن کي ان شخصيت لاءِ انتهائي سگهارو بڻائي ڇڏيندو آهي پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ ”هر فن اڌورا“ ڪڏهن به نه ٿو چئي سگهجي.
اهڙن گهڻ رخن ماڻهن لاءِ ننڍي کنڊ ۾ موجود ٻه وڏا نالا ۽ انهن جا حوالا ئي ڪافي ٿو سمجهان جن ۾ هڪ هيو رابندر ناٿ ٽئگور ۽ ٻيو آهي گلزار. اسان جو طارق عالم به اهڙو ئي گهڻ رخو ۽ پنهنجي اندر ۾ ڪيترائي عشاق رکندڙ ماڻهو هيو. سندس گهڻ رخي شخصيت سندس انهن عشاقين جي ڪري ئي جُڙي سگهي هئي جيڪي عاشقيون هن فنونِ لطيفه جي ڪيترن ئي پاسن سان هڪ ئي وقت ڪيون. طارق هڪ بهترين ڪهاڻيڪار هيو ته وڏو ناول نگار به، هن مصوري به ڪئي، ڪئميرا جي اک سان ڪيترائي خوبصورت منظر پڻ قيد ڪري فريم ۾ هميشه جي لاءِ محفوظ ڪيا ته وري ٽي وي جي لاءِ ڪيترائي خوبصورت ڊراما به لکيا پر طارق جي شخصيت جو هڪ ٻيو سگهارو ۽ نيارو پاسو به آهي، ها طارق هڪ خوبصورت شاعر به هيو.
طارق وٽ منظرن، لقائن، ماڻهن ۽ واقعن کان متاثر ٿيڻ جي انتهائي ڳوڙهي خاصيت هئي. هن وٽ شين کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ سمجهڻ واري گهري نظر هئي. هو شين کي پنهنجي اينگل کان ڏسندو هو ۽ سوچيندو هيو، پوءِ جڏهن ڪو واقعو، ڪو منظر، ڪو لقاءُ کيس گهڻو متاثر ڪندو هيو ته هن جي ڏات پاڻ فيصلو ڪندي هئي ته ان متاثر ٿيڻ واري عمل کي ڪهڙو روپ ڏيڻو آهي، پوءِ طارق وٽ لفظن جو الهام ٿيندو هيو. خيال وٽس ڪَهي ايندا هئا. هو ڪڏهن البرٽ ڪاميو سان ڪچهريون ڪري ڪو ناول يا ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪندو هيو. ڪڏهن مائيڪل اينجلو جو روح منجهس اتساھ بڻجي ايندو هيو ۽ کيس اتساهيندو هيو ته ان خيال کي ڪينواس تي اتاري ڪا خوبصورت پينٽنگ تخليق ڪر، ڪڏهن شيڪسپيئر وٽس مهمان ٿي کيس ڪو ڊرامو لکڻ جي فرمائش ڪندو هيو ۽ ڪڏهن وري جان ڪيٽس وٽس ڀيرو ڀڃندو هو ۽ کيس شاعري ڪرڻ تي ورغلائيندو هيو، ۽ پوءِ طارق ڪڏهن هائيڪن، ڪڏهن غزلن ته ڪڏهن نظمن جي روپ ۾ اهو سڀ ڪجھ لکي وٺندو هيو جيڪو سندس عشاق طبيعت ۽ ڳوڙهي نظر هن سماج مان کيس ارپن ڪندي هئي.
اها حقيقت آهي ته طارق کي شاعريءَ جي فن جي ايتري ڄاڻ نه هئي، پر هن کي شاعريءَ سان جنون جي حد تائين عشق هيو. هن روح سان شاعريءَ جو مطالعو ڪيو ۽ ايترو پڙهيو ۽ پنهنجو ڪيو جو شاعريءَ جو ردم هن جي روح ۾ سمائجي ويو، پوءِ جڏهن به ڏات شاعريءَ جي روپ ۾ هن وٽ آئي ته سندس روح ۾ ويٺل ردم سندس رهنمائي ڪئي، ۽ هن جيڪو به لکيو ان ۾ ڪمال اهو هيو ته سواءِ ٿورين ٿڪين وزن جي گهٽ وڌائين جي سندس شاعري، رائج ٿيل شاعريءَ جي اصولن، قانونن ۽ گرامر مطابق پوري لهندي آئي. شاعريءَ سان عشق جي ڪري لاشعوري طور تي طارق جي من ۾ شاعريءَ جي ردم جو ورد ٿيندو رهيو ۽ هو شاعريءَ جي ساگر جي ساحل تي بيهي خيال جي پکين کي اڏندو ڏسندو رهيو، سوچيندو رهيو ۽ لکندو رهيو ته:
پسن ٿا نيڻ نماڻا پري پري تائين،
اوهان جا رنگ او راڻا، پري پري تائين.
ڪناري بيٺا هئا سين، ڪُڏيون پئي لهرون،
پکي هوا ۾ اڏاڻا، پري پري تائين. (طارق)
طارق جي شاعريءَ واري جهان ۾ جڏهن جهاتي وجهجي ٿي ته اتي اهو درويش اوهان سان ڪچهريون ضرور ڪندو جيڪو هميشه طارق جي چپن ۾ مسڪرائيندو رهندو هيو، ذات پات کان مٿانهون ٿي سوچڻ هڪ درويش جو ئي ته ڪم آهي، هن وقت جتي سنڌ ذاتين، قبيلن ۽ گروهن جي ڌٻڻ ۾ ڌِڪبي پئي وڃي، اها اڏوهي سنڌ جي سماج کي ڏينهون ڏينهن کوکلو ڪندي پئي وڃي اتي طارق جي من ۾ ويٺل درويش جهڙي ڳالھ ئي اسان جي سماج جي زخمن تي ڪي پها رکي سگهي ٿي:
اسين فقير مسافر، محبتن جا سفير،
پڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات؟ ڪا خبر ناهي،
جلي پئي ٿي ردا ۽ ٻري پئي اخبار!
وسي ٿي باھ يا برسات، ڪا خبر ناهي. (طارق)
طارق جي شاعريءَ جي ڪتاب ”لفظن جو ناراض نسل“ جو مطالعو ڪرڻ دوران سندس ڪجھ خيال ته حيران ڪندڙ مليا، مون لئه ڪٿي ڪٿي اهو طئي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو ته ڪٿي طارق هڪ ڪهاڻيڪار کان وڌيڪ هڪ شاعر طور ته وڌيڪ پختو ناهي؟ پوءِ اهو سوچي پاڻ کي آٿت ڏيڻو پيو ته ان ڳالھ تي بحث اجايو آهي، اهو طارق جي پڙهندڙن تي ڇڏڻ گهرجي ته اهي کيس ڪهڙي روپ ۾ وڌيڪ چاهن ٿا. مان طارق جي شاعريءَ جي ڪتاب مان لطف ماڻيندو ۽ لفظن جي ناراض نسل سان ڪچهريون ڪندو سندس هڪ غزل تي اچي بيهي رهيس. ”پوڙهو بڙ جو وڻ“ جي رديف وارو طارق عالم جو اهو غزل فني جوڙجڪ سان گڏ فڪري پورڻتا جو شاهڪار لڳو. پوڙهو بڙ جو وڻ حوالي طور استعمال ڪيو ويو آهي، طارق جي من ۾ سنڌ جي آئيڊيل قيادت لاءِ محبتن ۽ سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ سچي ۽ ڀرپور قيادت جو ڄڻ خواب سمايل آهي ان غزل اندر، هڪ اهڙي قيادت جيڪا نه صرف قوم کي غلاميءَ مان آجپو ڏياري پر اها ڌرتيءَ لاءِ ڌيرج به هجي ۽ مٽيءَ جي رکوالي ڪرڻ به ڄاڻي:
ڌرتيءَ چوڪيدار لڳي ٿو ڪو مون کي هو ڄڻ،
صوفين جو سردار لڳي ٿو پوڙهو بڙ جو وڻ.
شام سمي جو پنڇي گم ٿين هن جي زلفن ۾،
پکي- پالڻهار لڳي ٿو پوڙهو بڙ جو وڻ.
سنڌو نديءَ جي ڪپ تي جاڳي اجڙيل خواب سبي،
ڪوئي اپرم پار لڳي ٿو پوڙهو بڙ جو وڻ. (طارق)
طارق جي غزلن ۾ مڪمل تغزل به آهي ۽ سندس خيال ڏاڍا خوبصورت ۽ مڪمل شاعراڻا پڻ آهن. هن نه صرف پنهنجي داخليت جي پاتار مان ڦٽندڙ ڪنول ميڙي شاعريءَ کي ارپيا آهن پر هن خارجيت جي رٿ تي چڙهي پنهنجي ڌرتيءَ جا سير ڪيا آهن، لطيف سرڪار جيان اکيون پير ڪري رليو آهي، ماڻهوءَ ماڻهوءَ منُ پڙهيو آهي، هر من ۾ ڀڙڪندڙ باھ کي پنهنجي من ۾ محسوس ڪيو آهي ۽ ماڻهن سان گڏ پاڻ به پڄريو آهي، سڙيو آهي، کاميو آهي ۽ انهن مان اهي اهاءَ گڏ ڪيا اٿس جيڪي سندس شاعريءَ ۾ وڏي جوت جلائن ٿا:
مٽايا اُس پاڇا پئي اڱڻ ۾،
غمن جا ڇڄ گم سُم ٿي ڇڙهيائين،
لڳائي ميخ هڪ ديوار ِ دل تي،
محبت لفظ کي ان تي ٽنگيائين. (طارق)
يا طارق جو هي شعر پنهنجي اندر ڪيڏي نه خوبصورت منظرڪشي سانڍي اسان جي آڏو مرڪي رهيو آهي:
ڏني هڏڪي پهاڙن جي پٺيان سج،
ويو رنگجي شفق سان ڏيک سارو،
ٻکن ۾ هئي محبت جي تمنا،
هيو حيران جنهن تي پاڻ پارو. (طارق)
طارق هڪ تمام حساس طبيعت رکندڙ انتهائي نفيس ماڻهو هيو، کيس هميشه اهو الڪو ستائيندو رهندو هو ته هن ديس جا درد ڪڏهن ختم ٿيندا؟ پنهنجي ان ڪيفيت کي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو اظهاريو آهي:
دور تائين ڪا به منزل ڪو نه آ،
درد جو ڪو انت آخر ڇو نه آ. (طارق)
يا ڏسو سندس هڪ نظم ”خواب اسان جا“ جو هڪ ٽڪرو:
ڏھ ڪلو اٽي جي خاطر
خواب اسان جا
قطارن ۾ بيٺل آهن. (طارق)
طارق جي شاعريءَ ۾ توڙي جو نراسائين جو عنصر ڪجھ سرس ملي ٿو ان ڪري ئي مون مٿي طارق جي جان ڪيٽس سان ڪچهريءَ جو ذڪر ڪيو آهي، سندس شاعريءَ اندر جان ڪيٽس جي ڪيفيتن جا اولڙا چڱيءَ پر پَسي سگهجن ٿا. پر هڪ ڳالھ ضرور آهي ته طارق وٽ سماج مان مليل مايوسين جي باوجود هن وٽ اهڙا اتساھ پڻ آهن جيڪي پڙهندڙ کي پَرَ لڳايو ڇڏين ۽ ماڻهو پاڻ کي آزاد هوائن ۾ اڏڻ واري احساس ۾ وڪوڙجڻ کان نه ٿو روڪي سگهي:
ٽهڪ ۽ سڏڪي جي سنگم مان جڙيل،
هڪ مڪمل ساز آهي زندگي. (طارق)
يا هي شعر ڏسو:
چئن رُتن جو بيشڪ باغ ۾ گهرُ آهي،
من اندر ۾ پنجين موسم رهندي آ،
جاڳي چنڊ جا پيرا جي کڻندا آهن،
اندر تن جي هر پل رم جهم رهندي آ. (طارق)
طارق اهو کاهوڙي هيو جنهن هميشه غفلت جي ننڊ کي پاسي تي رکي جاڳ جي جهرڻن ۾ پاڻ پُسايو آهي ۽ ڄاڻ جي پاتار ۾ وڃي پڳو آهي، جتان هن لفظن جي ناراض نسل کي پرچائي ڏات جا اهي موتي ۽ اها جوتي ماڻي آهي جيڪا جڏهن به هن پنهنجي نثر جي تاج ۾ سجائي آهي ته هو سرواڻ بڻجي ويو، ۽ جڏهن شاعريءَ جي لڙهيءَ ۾ اها جوتي ۽ موتي پوئي ٿو ته هو اهو درويش بڻجي ويندو هيو جنهن جي من ۾ هميشه طوفان هوندا هئا ۽ چپن تي پراسرار مسڪراهٽ، هن وٽ دنيا جا ڌنڌا معمولي حيثيت رکندا هئا، هن لاءِ عشق وڏي وٿ هيو، هو اهو درويش هيو جنهن جي ساري عمر عشق جي پيچرن تي رقصان رهي، ڇا ٿيو جي سندس هر عشق جو منظر ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي رهجي ويو هجي، پر هن جي درويشيءَ کيس هميشه عشق جي چيچ پڪڙڻ لاءِ اتساهيندي ۽ همٿائيندي رهي.
لفظن جي ناراض نسل جي سرواڻ طارق عالم جي رولاڪ روح ۽ عشق شايد ڪو ماڳ ماڻي ورتو هيو، ڪنهن جي وارن جي ڇانورن ۾ هن کن پل لاءِ وسرام ڪيو ته سندس ورهين جون ٿڪل اکيون امالڪ ٻُوٽجي وينديون هيون ۽ سندس نيڻن ۾ ننڊ اچي لٿي هئي، ۽ هو مسڪرائيندو ابدي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو ۽ اسان لاءِ ڇڏي ويو ڪجھ رهجي ويل منظر، ڪجھ ڌنڌليون يادون ۽ پنهنجي اندر جو آواز پنهنجون ڪهاڻيون، پنهنجا ڊراما، پنهنجا ڪجھ پورا ڪجھ اڻ پورا ناول، ڪجھ پينٽنگس، ڪجھ تصويرون ۽ لفظن جو ناراض نسل پنهنجي شاعري جنهن ۾ هو اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو ۽ اسان کي سمجهائيندو رهندو ته:
ويئڙا مُور نه هاڻي موٽي اچڻا هن،
هٿ جي آڱر لڙڪن کي سمجهايو پئي،
شاعر ڪوري ڪاڳر تي اتهاس لکي،
لفظن جو ناراض نسل پرچايو پئي. (طارق)

No comments:

Post a Comment