28/07/2020

مشتاق گبول جي شاعريءَ تي ھڪ نظر - مير حاجن مير (Mir Hajan Mir)


مير حاجن مير
مشتاق گبول جي شاعريءَ تي ھڪ نظر
مشتاق گبول جي شاعريءَ جو رنگ الڳ ۽ منفرد آهي، جنهن مان هميشه گلاب جي گل جي خوشبو ايندي آهي. جديد دؤر جي تقاضائن موجب مشتاق گبول شاعري جي هر صنف کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان خوشبودار بڻايو آهي، جنهن ۾ فن ۽ فڪر جي گهرائپ ۽ ڳوڙهاڻ آهي.
مشتاق جي شاعريءَ ۾ اُهي احساس محبوب جي مرڪ جهڙا آهن، ته ڌرتي جهڙا سهڻا به آهن، غزل، بيت، وائي، ڏيڍڻو، ترائيل، دوهو، ٽيڙو، ٻين صنفن سان گڏ گيت کي نواڻ ڏني آهي، جنهن ۾ جدت به آهي ته سادگي، سچائي به آهي ته سونهن به آهي. مشتاق گبول اهي سمورا رنگ خوبصورت نموني نِکاريا آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر ۾ خوبيون هونديون آهن. گهاڻيٽا، هيئتون، تشبيهون، تمثيلون، استعارا ۽ ڪنايا توجهه طلب آهن. مشتاق مشاهدي ۽ مطالعي جي نظر ۾ رکي انهن کي خوبصورت نموني استعمال ڪيا آهن جن ۾ محبوب جا ماڻا به آهن ته صبح جي باک به آهي.

سٺي ۽ اثرائتي شاعري ۾ هيٺيان رڪن اهم سمجهيا ويندا آهن.
1.       ترنم  (Rhythm)
2.       قافيو(Rhyme)
3.        عڪسيت  (Imagery)
4.        شاعراڻو خيال (Poetic thought)
5.        جذبو (Feelings)
6.        ٻولي ۽ اسلوب  (Diction)
مشتاق گبول جي شاعريءَ ۾ اهي مٿيون ڳالهيون سڀئي موجود آهن. جيڪي شاعري کي بهترين ۽ خوبصورت بنائن ٿيون. شيخ اياز چيو ته:
سٺي شاعري ۾ جهوريون نه پونديون آهن“ مشتاق جي شاعري ۾ ترنم، رڌم ۽ روانگي موجود آهي.
سانجهي ويلي ٽهڪڙا، سکين جيئن ڏنا،
منهنجا نيڻ ڀنا، سوچي تنهنجي ساٿ کي.
*
رات عجب ھئي حالت دل جي،
رات ته سج اُڀرڻ جو ڏر ھو.
*
پئي آرتي به تنهنجي اکين سان اُتاربي،
۽ نانءُ تنهنجو، دل جي چپن سان اُچاريو.
مشهور فرينچ نقاد ٽين اهو نظريو پيش ڪيو هو ته ادب انساني سماج جي تخليقي قوتن جو اظهار آهي ۽ ادب ان ماحول جي تخليق هوندو آهي جنهن ۾ اهو پيدا ٿيندو آهي ۽ وڌندو ويجهندو آهي. سندس پيدا ٿيڻ وارو زمانو ۽ ماحول، ان ۾ ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا مٿس اثر ڪندا آهن ۽ سندس ذهن کي هڪ خاص رخ ۾ مخصوص سانچي ۾ تبديل ڪندا آهن. ان ڪري هر مڪان ۽ زمان جو ادب هڪ خاص نسل ۽ هڪ خاص ماحول ۽ خاص لمحي جي تخليق هوندو آهي.(1) مشتاق پنهنجي شاعري ۾ سماج جا عڪس اکين سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري پيش ڪيا آهن، ڪٿي دردن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪٿي خوشين جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪٿي سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪٿي هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي ڳالهه ڪري ٿو. مشتاق اهڙا عڪس چٽي ٿو، جو ڪردار جيئرا جاڳندا ٿي ٿا پون.
ڇا ٿانءُ ڪنڀارڻ وٽ،
مٽيءَ جو سڄو رتبو،
ڇا ڏانءُ ڪنڀارڻ وٽ.
چاڏيءَ ۾ مکڻ آهي،
او سنڌ قسم تنهنجو،
اينءَ منهنجو سڄڻ آهي.
سهڻا ٿا لڳن ڪنڙا،
جئن باغ ۾ جهومن گُل،
ائن تنهنجا لڏن پنڙا.
مشتاق گبول جي شاعري ۾ اهي حسناڪيون آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر ۾ هونديون آهن. مشتاق غزل کي اصل (اورجنل) اسلوب ۾ لکيو آهي. اُهي غزل احساسن جي ترجماني ڪن ٿا. دلين ۾ داخل ٿين ٿا ۽ نفيس خيال پيش ڪن ٿا. ”مشتاق جي سٽ سٽ ۾ سادگي ۽ بي ساختگي آهي. آءٌ جڏهن به سندس غزل پڙهندو آهيان ته مشتاق پنهنجي پوري سڀاءَ سان منهنجي سامهون اچي ويندو آهي. هُن جي مُرڪ، هُن جو لهجو ۽ هُن جي نيڻ. نهار، سڀ عڪس، آئيني جيان، سٽن مان پنهنجو جلوو پسائن ٿا. آئون سمجهان ٿو، پنهنجي شخصيت کي شاعري ۾ ڍالڻ، ڪنهن شاعر جي اهم ۽ نرالي خوبي آهي. مشتاق پنهنجي شخصيت جا سڀ من موهڻا پاسا، پنهنجي شاعري ۾ آندا آهن.(2)
مشتاق جي غزل ۾ نڪور احساس ملن ٿا.
رت سان آھن ڀريل خبرون مليون،
ڪير ويو اخبار کي گولي ھڻي !
*
ھڪ تِيلي ۽ ھڪ ياد ھُئي،
رات دُکياسين سگريٽ ۽ مان.
*
شهر ٿو ويڙھبو وڃي ان ۾،
وئي کُلي آ، بزار جي چُنري.
*
حجابن جي فريمن ۾ جَڙيل آ،
اڳيان ھوندي به آ تصوير جهڙي !
شاعري ۾ سلاست رواني، اهم شيءِ هوندي آهي ٻٽن لفظن جو استعمال شاعري کي نرم، ملائم ۽ آسان بنائي ٿو، ان ۾ ترنم پيدا ڪري ٿو، جنهن سان شعر سندر ٿي ٿو پوي ۽ من کي موهيندڙ ٿو ٿئي رڌم سان شاعري ۾ تحرڪ اچي ٿو. مشتاق گبول به شاعري ۾ ٻٽن لفظن جو استعمال ڪيو آهي.
پنهنجي ئي رت دوست! رڱيا پنڌ پيچرا،
پنهنجي ئي پير پير ۾ شيشا هيا سوين.
ڪيڏي به رات رات هئي پرهه جو قسم،
شاعر جي سٽ سٽ ۾ ڏيئا هيا سوين.
سنڌ جو ناميارو شاعر آثم ناٿن شاهي لکي ٿو ته: ”مشتاق گبول پنهنجي هڪ انفراديت يا الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. مشتاق جي ذهن جو ڪيچنگ پاور سگهارو آهي. هن جو ذهن وڏا وڏا خيال جهٽي ٿو وٺي. هن وٽ اڇوتا موضوع به آهن ۽ انوکي جديديت (نواڻ) به. هن وٽ پنهنجي سوچن جي اظهار جو دلڪش ڏانءَ به آهي ۽ خيالن جي ادائگي جو خوبصورت هنر به.“(3)
مشتاق گبول جون وايون، سنڌي ڪلاسڪ واين جو جديد سنگم آهن، جن کي پڙهي نه رڳو جديد سنڌي شاعريءَ پر سنڌ جو ڪلاسڪ يگُ به مرڪڻ تي مجبور ٿي پوندو. مشتاق گبول نيون سوچون ۽ نوان خيال تخليق ڪري ٿو، اهڙا خيال جيڪي نه رڳو سنڌ جي ريڻي ۽ اڇڙي ٿر ۽ ماڻهن جي اڃايل ذهنن کي سيراب ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا.“(4)
مشتاق جي وائي دل آويز وڻندڙ آهي، جنهن عشق، سونهن ۽ پيار، ڌرتي ۽ محبت جا سمورا رنگ موجود آهن هو واين ۾ جدوجهد بهادري ۽ سجاڳي جي ڳالهه ڪري ٿو. مشتاق جي واين ۾ خوبصورتي آهي.
مون نه ڏٺي ڪڏهين،
تو جهڙي ڪائي،
سانجهي ڳاڙهي رنگ سان.
*
سڄڻ ”نارا جيل،
سرتيو سهرا ڪيئن چوان.
*
ڀڻڪي ٿي پئي ڀون،
ڪنڌ مروڙيو ماٺ جو.
*
اونداهو آ گهاٽ،
باهه وسامي ڇو وئي.
*
وڙهندي پنهنجي حق لئه،
تيسين باهينداسين،
جيسين ساهه سرير ۾.
ڇا ته اڇوتا خيال آهن سنڌي شاعري ۾، مشتاق گبول سنڌي شاعري ۾ نوان تجربا ڪري پنهنجي شاعري کي خوشبوءِ ڏئي ڇڏي آهي. مشتاق جي شاعري گٺل پيٺل رستن تي نه ٿي هلي. هن پنهنجي شاعري کي نئون گس ڏنو آهي. نئون ويس پارايو آهي. نوان احساس آهن. جيڪي سنڌ جي اجرڪ جي ڦلڙين وانگي جرڪندا رهن ٿا.
ٿري عورت جي جذبن جي عڪاسي ڪندڙ مشتاق گبول جو ھي گيت سنڌي گيتن ۾ ھڪ جديدءِ اھم گيت آھي:
اُڃ ازل جي بُک جا بادل،
آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
ڏُڪر سُڪر جا ڏينهن ڳڻائي،
ماروئڙن جا نينهن ڳڻائي،
آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
کنوڻيون کنوڻيون آس ڳڻائي،
مون پياسي کي پياس ڳڻائي،
آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
عمر سڄيءَ جا ورھه وڇوڙا،
ڪري ڏنائين مون کي جوڙا،
آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
ناتو ناتو زيور کان وڌ،
ڪائي چيز نه آ، ورکان وڌ،
سِڪ جون سُرخيون، قُرب جا ڪاجل
آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
سنڌ جي نامياري شاعر وسيم سومري، مشتاق جي جنم تي، ڀيٽا ڏيندي لکيو هو.
مون کي ٿا ڳولين،

او هُو وڻ جروار جا.
واقعي مشتاق گبول سنڌ جو پيارو شاعر آهي. جنهن پوپٽن جي پرن جهڙا گيت لکيا آهن ته پر جديد سنڌي شاعريءَ سان ناتو نڀائي سنڌ جو محبوب شاعر ٿي پيو آهي.
آنءُ پرين جو نانءُ کڻان ٿي،
آنءُ پرين جو نانءُ کڻان ٿي.
شرم اچي ٿو، لَڄَ ٿئي ٿي،
ڪٿ نه لڪڻ جي جاءِ مِلي ٿي،
سُسندي سُسندي سوڙھي ٿيندي،
پنهنجي پوتيءَ منجهه لِڪان ٿي،
آن پرين جو نانءُ کڻان ٿي.
ڪَتي ڪَتي کي آنءُ لتاڙي،
ٽيڙو ٽيڙو پير رکان ٿي،
تارو تارو ھٿ - تريءَ ٿي،
مُرڪي مُرڪي روز ڏسان ٿي،
آن پرين جو نانءُ کڻان ٿي.
مشتاق جي شاعري جو تاثير سنڌوءَ جهڙو ۽ بلندي هماليه جهڙي آهي. جا سدائين مرڪندي رهندي. سندس شاعري جي روشني جهيڻي ٿيڻي ناهي.
حوالا:
1.       ڊاڪٽر فهميده حسين ”ادب تنقيد، فن ۽ تاريخ“. سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997ع صفحو 72.
2.       مشتاق گبول ”چوڙين جو سڏڪو“ رم جهم پبليڪيشن دادو 2006ع صفحو 80.
3.       مشتاق گبول چوڙين جو سڏڪو 2006ع.
4.       مشتاق گبول ”ڇوڙين جو سڏڪو“ حوال اڳ آيل آهي صفحو 30.
5.       تارا تارا جهول ۾ مرتب امر کهاوڙ ۽ دوست سومرو 2013ع.
6.       مشتاق گبول ”خوابن جا رنگ“ 2010ع

No comments:

Post a Comment