19/10/2015

دليل ۽ مشاهير نگاريءَ ۾ فرق - علي آڪاش (Ali Akash)

دليل ۽ مشاهير نگاريءَ ۾ فرق
علي آڪاش
هن بحث جو اهم مامرو ”غزل کي انڪار“ ۽ ”عروض جي قبر“ وارو آهي. آئون ان پاسي تي سوچيندو پئي آيو آهيان ته نيٺ به ڳالهه ڪندڙ دوست کي اهو خيال ڇو آيو؟ ڇو هن هڪ جڙي راس ٿيل ۽ عام مقبول صنف نثري نظم جي ٺهيل ٺڪيل ۽ عاليشان عمارت جي ٻاهران ”گجراتي برانڊ نئين ڪوتا“ جو بورڊ لڳايو. ان عمل جو ڪو ته محرڪ هوندو يا ڪو ته ڪارڻ هوندو. مثال طور نام نهاد نئين ڪوتا جو حمايتي دوست پاڻ عروض جو سخت پابند شاعر آهي. ان حد تائين جو اهو يورپ ۾ اڻلڀ ٿيندڙ سخت ساخت وارا سانيٽ به رائج عروضي پابندين هيٺ لکي رهيو آهي. انهن جو به ڪريڊٽ کيس ان طرح ڏنو پيو وڃي ته جهڙوڪ هن ئي اها صنف متعارف ڪرائي هجي. توڻي جو اها صنف اڳي به، اڃا به ويجهي ماضيءَ ۾ به، گهڻن شاعرن سرجي آهي، جنهن جي ڪري کيس ملندڙ ڪريدٽ تي به سوال اٿاريا ويا آهن. اها به حقيقت آهي ته گهڻن شاعرن جي اڪيچار ڪوششن کان پوءِ به، سنڌي شاعريءَ ۾ سانيٽ جي صنف پنهنجي پاڙ پختي ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي. تنهن هوندي به، ڪو شاعر ان کي ٻيهر لکي ٿو ته اهو به ٺيڪ آهي. کيس اهڙي تخليقي آزادي هئڻ کپي ته هو پنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر لکي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اڳين دورن ۾ ان صنف لاءِ حالتون ٺهڪندڙ نه هجن. متان هاڻي اها پنهنجي جڙ جوڳي نموني سنڌي شاعريءَ ۾ هڻي بيهي ۽ سنڌي شاعريءَ هڪ وڌيڪ صنف جو واڌارو ٿي پوي. صنفون جيتريون گهڻيون هونديون، شاعر لاءِ اظهار جا رستا اوترا ئي گهڻا ۽ کليل هوندا. عروضي صنفن هو دوست پاڻ لکي ٿو ته پوءِ عروض يا ڇند جي مخالفت ڇو ڪري رهيو آهي؟ عروض ۽ ڇند وديا تي آڌاريل يا سرجي ويندڙ اهم ۽ عام مقبول صنف ”غزل“ جي مخالفت به ڪري رهيو آهي. ان لاءِ هو اهڙي راءِ رکي رهيو آهي ته غزل هڪ شاعراڻي اظهار جي وسيلي طور وڌيڪ جٽاءَ نه ٿو ڪري سگهي ۽ سچ چوڻ واري ”ڪڙي گوري“ هو ئي کائي رهيو آهي! جڏهن ته ٻئي پاسي هو پنهنجا سرجيل غزل عامن اڳيان به پيش ڪري رهيو آهي. اهو هڪ ڳالهه رکندڙ جي ذهن جو تضاد آهي ۽ لڳي ٿو ته هو ٻڏتر جو شڪار آهي. يعني هو ان ئي شيءِ يا عمل خلاف اعتماد ۽ وڏي واڪي ڳالهائي رهيو آهي، جيڪو هو پاڻ ڪري رهيو آهي. ان ڏس ۾ ڪو مثال قائم نه ٿيندو آهي. ان لاءِ موقف ۽ عمل ۾ هڪجهڙائي ضروري هوندي آهي. مثال طور شيخ اياز پنهنجيءَ ڄمار جي پڇاڙڪي حصي ۾، جڏهن ذهني طرح نئين پنڌ تي هو ته هن پنهنجيءَ پوئينءَ شاعريءَ تان کڻڻ جو اعلان ڪيو هو. اها سندس هڪ فنڪاراڻي ايمانداري هئي ته هن وقت ۾ جيڪو درست سمجهيو، اهو چيو. اهڙي جرئت ان دوست کي به ڪرڻ کپي. جيڪڏهن ”گجراتي برانڊ نئين ڪوتا“ يا ”حقيقي طور موجود نثري نظم“ ۾ هو ايتري سگهه سمجهي ٿو ته کيس هڪ مثال قائم ڪرڻ کپي، جنهن جي پوئواري ڪري سگهجي. پڪ سان، سندس اهڙو اعتراف ۽ اعلان کيس ادبي تاريخ ۾ نمايان ڪري بيهاريندو ۽ ان جي اهڙي عمل کي هر طرح ساراهي سگهبو.

آئون ان مامري تي سوچيندو رهيو آهيان ته ڇا ڪٿي ۽ ڪڏهن تخليقڪار جي ذهن ۾ اهڙي شيءِ يا ناڪاري رٿ اڀري سگهي ٿي ته هو شعوري يا شعوري طور، سموري دور کي جهنگ ڏي لاڙي، پاڻ سڌي رستي تي سفر ڪري ۽ ايئن پنهنجي ليکي ڪنهن منزل تائين رسڻ جي ڪوشش ڪري ؟ انساني نفسيات جي حساب سان ايئن بلڪل ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن تخلقيقڪار ۾ اهڙي ڪيفيت ڪنهن خاص حالت ۾ پيدا ٿي پوي، جڏهن هو ڪنهن فرسٽريشن ۾ ورتل هجي.
ان کان سواءِ نثري نظم تي ايتري زور ڀرڻ پويان شايد اهو به خيال هجي ته سنڌي جي اعليٰ ترين معياري شاعريءَ جي مهندارن جي شاعري گهڻي ڀاڱي پابند ۽ موزون آهي، انهن مان گهڻن نثري نظم کي اهميت ڏيئي نه لکيو آهي. تنهنڪري، شاعريءَ جي صنفن جي پوري جهان مان رڳو هڪ صنف نثري نظم کي گهڻي اهميت ڏيئي اڀارجي ته اڻسڌيءَ طرح اهو تاثر قائم ٿيندو ته سنڌ ۾ ڪو اهڙو شاعر هن وقت تائين پيدا ناهي ٿيو، جيڪو تاريخ ۾ گهڻو اڳتي هلي سگهي. ظاهر آهي ته اهڙو ڪو خيال آهي ته اها خام خيالي آهي. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جا پنهنجا اعليٰ معيار برقرار رهڻا آهن. جيڪي ڪنهن فردي سڌ سان ختم نه ٿا ٿي سگهن. 
ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته جڏهن ڪنهن شاعر کي، ادبي دنيا يا سماج ۾، پنهنجو تصور ڪيل يا پنهنجي لاءِ طئه ڪيل شاعراڻو مقام نه ملندو آهي يا سندس سهيوڳي دور سندس شاعريءَ جي باري ۾ ڪا سگهاري راءِ نه ڏني آهي ته هو شعوري يا لاشعوري طور پاڻ سان گڏ ٻين مڙني شاعرن جي پورهيي کي به ٻوڙڻ، لوئڻ ۽ گهٽ ڏيکارڻ واري فرسٽريشن منجهان گذرندو آهي. اهڙا مثال به جڏهن ڪڏهن موجود رهيا آهن. پر اهڙي عمل جو لازمي ۽ حتمي نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اهو شاعر پاڻ اڪيلو ٿي ويندو آهي. اهڙن مامرن ۾ صبر جي گهڻي گهرج هوندي آهي. سهيوڳي دور جي راءِ ڪڏهن ڪڏهن اڻ چٽي، اڌوري ۽ ساڙ ورتي به هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شاعر جي شاعريءَ کي حد کان وڌيڪ اهميت ڏيئي اجايي نموني وڌائي به پيش ڪيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ حقيقي ۽ سمجهدار تخليقڪار پنهنجي دور ۾، اهڙيءَ حالت ۾، ڪنهن به زوريءَ جي مڃتا بدران پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ڄاڻندو آهي ته ڪم ئي هڪ اهڙي شيءِ هوندو آهي، جيڪو اڳتي هلي، وقت جي ڪنهن فيصلائتي موڙ تي کيس گهربل مڃتا ڏياريندو آهي. اهڙين حالتن ۾ حقيقي تخليقڪار پنهنجو فيصلو تاريخ ڇڏيندو آهي. اهڙا ڪئين مثال ڳڻائي سگهجن ٿا جو تخليقڪارن کي پنهنجي جيئري ڪوبه مان نه ملي سگهيو هو، ته اڳتي هلي اتهاس ساڻس انصاف ڪيو. تنهنڪري، هڪ تخليقڪار کي تاريخ جي بصيرت ۽ ان ۾ ويساهه گهربل هوندو آهي. بهرحال، زندگي ٿورڙي هوندي آهي ۽ تخليقڪار حساس به ماڻهو هوندا آهن، تنهنڪري، انهن ۾ پنهنجي جيئري ئي پنهنجي مڃتا کي ڏسڻ، ڇهڻ، ان کي محسوس ڪرڻ ۽ ان مان لطف ماڻڻ جي خواهش اڀري سگهي ٿي، پر ان لاءِ بي صبريءَ ۽ پوري دور مٿان پاڻ کي مڙهڻ بدران گهربل پنڌ ۽ پورهيي جي گهڻي گهرج هوندي آهي، جيڪي جائز مڃتا جا بنيادي معيار آهن.
نام نهاد نئين ڪوتا تي ٿيل علمي ادبي ڳالهين ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته شيخ اياز جو اهو چوڻ هو ته ”شعر کي کليو هئڻ کپي، لفظ سادا ۽ سولا هجن پر سادي ۽ روان سٽاءَ ۾ گهرائي هئڻ گهرجي.“ ظاهر آهي ته اها شاعريءَ جي مڪمل وصف ناهي، پر شاعريءَ جي گوناگون اوزارن منجهان رڳو هڪ اوزار ”سلاست“ جي وصف آهي. ”سلاست“ جي شاعراڻي اوزار کي پوريءَ شاعريءَ جي وصف طور پيش ڪرڻ به ائين ئي آهي، جيئن نثري نظم کي هڪ صنف بدران پوريءَ شاعريءَ جي متبادل طور پيش ڪيو ويو. حقيقت ۾ شاعريءَ ۾ موضوع جي حساب سان ٻولي استعمال ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن رنگين ٻولي يا مبالغو ڪنهن شاعراڻي موضوع لاءِ گهربل هوندو آهي. مثال طور جڏهن ڪنهن محبوب جي حسن جي تعريف ڪرڻي هجي ته شاعر کي رنگين ٻولي به واهپي ۾ آڻڻي پوندي ۽ مبالغي کان به ڪم وٺڻو پوندو. تنهنڪري، شاعريءَ ۾ رنگين يا ساديءَ ٻوليءَ جو واهپو تخليق لاءِ چونڊيل موضوع آڌار هوندو آهي ۽ ان جي حيثيت رڳو شاعريءَ جي گوناگون معيارن مان هڪ معيار جيتري آهي. 
وڏي ڳالهه اها آهي ته اهڙي شاعريءَ جي وصف شيخ اياز سان منسوب ڪئي ويئي آهي، جيڪا پڻ ٻڌ سڌ ۽ ذاتي ڪچهريءَ تي ٻڌل آهي. اهڙي ڳالهه شيخ اياز ڪٿي به لکي ناهي. کيس شاعريءَ جي باري ۾ جيڪي ڪجهه چوڻو هو، اهو هن چٽي نموني لکيو آهي، جنهن ۾ اهڙي قسم جي راءِ ڪٿي به موجود ناهي. اهڙي راءِ کي شاعريءَ جي عام معلومات لاءِ ڇپجندڙ چوپڙيءَ ۾ به شامل ڪرڻ کان اڳ گهڻو سوچيو ويندو ته پوءِ شيخ اياز جي نالي ۾ اها ڪيئن قبول ڪجي، جيڪو دنيا جو گهڻو ادب پڙهيو ويٺو هو.

ان کان به اهم ڳالهه هيءَ آهي ته ڪنهن به ذاتي ڪچهريءَ واري ڳالهه کي علمي مامرن جي چٽائيءَ لاءِ پيش نٿو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾، ڪي ٺوس دليل ڏنا ويندا آهن ۽ خاص طرح لکت ۾ آندل مواد جي وڏي اهميت هوندي آهي. ايئن به آهي شيخ اياز يا ڪو ٻيو ماڻهو ڪنهن سان به مليو هوندو ۽ پڪ سان، دوستيءَ جي ناتي ڪي ڳالهيون به هونديون، پر انهن جو بيان عملي دليل بدران مشاهير نگاريءَ طور ڪم ايندو آهي، جنهن ۾ ٻڌ سڌ توڻي ڪچهرين واريون ڳالهيون، عمل يا واقعا بيان ڪيا ويندا آهن، اهي به ڀلي بيان ٿين ، پر انهن جي بهترين اظهار جو وسيلو آتم ڪٿائون ۽ ”يادگيريون“ هونديون آهن، جيڪي لکندڙ پنهنجيءَ مرضيءَ ۽ آزاديءَ سان لکندو آهي. مشاهير نگاري ذاتي تجربن ۽ واقعن جو رڪارڊ ته ٿي سگهي ٿي، پر مشاهير نگاري علمي دليل جي جاءِ نٿي والاري سگهي. هونءَ به پٺتي پيل سماجن ۾ مري ويل اهم ترين شخصيتن جي باري ۾، انهن جي نالي توڻي کاتي ڪيتريون ئي گهڙيل ۽ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. نه اها اهم شخصيت جيئري هوندي ۽ نه ئي ان جي تصديق ٿي سگهندي. اهڙين ڳالهين جو سهارو، علمي مامرن ۾ اهي ئي وٺندا آهن، جن وٽ دليلن جي کوٽ هوندي آهي. ڪنهن ڳالهه ۾ ڀرپور نموني بهري وٺندڙ وٽ جڏهن پنهنجو منطق يا دليل هوندو آهي ته اهو اهڙين وائڙين ڳالهين تي نه ڀاڙيندو آهي. جڏهن ڪنهن علمي بحث ۾ شامل دوست کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته هو ٺلهن ۽ کوکلن حوالن بدران ٺوس دليل پيش ڪري ۽ موٽ ۾ اهو اهڙو ردعمل ڏيکاري ته هن جي حوالن کي قبول ڪيو وڃي ته ان کي علمي ڪمزوري چيو ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment