26/10/2015

ادب ۽ فن بابت غلط تصور ۽ مفروضا - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

ادب ۽ فن بابت غلط تصور ۽ مفروضا
جامي چانڊيو

غلط تصور ۽ مفروضا جيتوڻيڪ غلط ته هوندا آهن، پر اُهي انساني تهذيب جا ڪي منفي عنصر نه آهن، جن جو تاريخ ۾ رڳو منفي ڪردار هجي. جيڪڏهن انساني تهذيب ۽ سوچ جي ارتقا جي سفر ۾ انسان جا غلط تصور ۽ غلط مفروضا نه هجن ها، ۽ فطرت، ڪائنات، زندگيءَ ۽ ٻين انيڪ موضوعن بابت انسان جا تصور، خيال، قدر، ڏند ڪٿائون ۽ ڌُڪا جيڪڏهن غلط نه هجن ها ته انساني تهذيب ۽ فڪر جي اؤسر جو هيءُ سفر ايئن اڳتي وڌي به نه سگهي ها. انڪري اهو جيڪو چيو ويندو آهي ته جيڪا شيءِ غلط آهي، اُها پنهنجي اثر ۽ نتيجن ۾ به مڪمل طور منفي هوندي، فلسفي جي خيال کان ايئن نه آهي. هي جيڪي به فطرت، ڪائنات ۽ سماج جا موضوع آهن، انسان انهن بابت شروع ۾ ظاهر آهي ته رڳو ڌُڪا هنيا آهن ۽ غلط ڳالهيون ئي ڪيون آهن. اصل ڳالهه اِها آهي ته انسان انهن شين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ تصور تخليق ڪيا آهن، انهن شين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا ماڻَ ماپا، اندازَ ۽ ڍنگَ اختيار ڪيا آهن. اڄ فطرت، ڪائنات، سماج ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن موضوعن جي باري ۾ جيڪي به تصور آهن، انهن جو بنياد اِهي غلط تصور ئي هئا. جيڪڏهن غلط تصور نه هجن ها ۽ ماڻهو انهن جو اعتقاد نه ڪن ها، ته ماڻهو ڪا جستجو ئي نه ڪري ها- ماڻهو ڳولا ئي نه ڪري ها، ان ڪري هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته غلط تصور ۽ مفروضا جيتوڻيڪ غلط هوندا آهن پر انهن جو اثر ۽ آخري نتيجو لازمي طور ۽ هر لحاظ کان رڳو غلط نه هوندو آهي.

سڀ کان اڳ هڪڙو رويو جيڪو درست ڪرڻ گهرجي، اُهو هيءُ آهي ته صحيح خيالن، صحيح تصورن، صحيح اندازن يا صحيح نتيجن جو جيڪو ڪجهه حاصلُ آهي، اهو غلط تصورن، غلط خيالن ۽ غلط مفروضن ۽ پوءِ انسان جي مسلسل تجربن جي بنياد تي ئي اُسريو آهي. مثال طور فلسفو ۽ فڪر آهي ۽ فلسفي ۽ انسان جي فڪري تاريخ ۾ جيترا غلط تصور فلسفي پاڻ ڦهلايا آهن، اوترا ڪنهن به ٻئي شعبي نه ڦهلايا آهن. وري ساڳئي وقت جيترا فڪري مسئلا فلسفي حل ڪيا آهن اوترا به ڪنهن ٻئي ڪونه ڪيا آهن. فلسفي جو پيشيوراڻو ڪم ئي مُنجهيل ۽ پيچيده قسم جي مسئلن کي دليل، عقل، منطق ۽ عقلي بحث جي بنياد تي حل ڪرڻ آهي. ايئن ئي سائنس آهي، سائنس تجربن جي بنياد تي ڪم ڪري ٿي، پر سائنس اندر به سڀ مشاهدا ۽ تجربا لازمي طور درست نه هوندا آهن. ايئن ئي ادب ۽ آرٽ وٽ پنهنجا ماڻَ، ماپا ۽ ذريعا آهن. ان ڪري غلط تصور ۽ مفروضا انساني تهذيب جو هڪ اَٽُٽ حصو آهن. انسان اڄ علم، ادب، آرٽ، سائنس، سوچ، فڪر، عمل، سياست ۽ ذهني طرح ڄاڻ ۾ ۽ هر شيءِ ۾ ايترو اُسري آيو آهي، ان جي بنيادن ۾ انهن غلط تصورن ۽ مفروضن جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ اهي تمام اهم رهيا آهن. مجموعي طور اهو چئي سگهجي ٿو ته انساني شعور جي ارتقا جي سفر ۾ غلط تصورن ۽ غلط مفروضن جو پنهنجو هڪ خاص ڪردار رهيو آهي. ماڻهوءَ جي سمجهه يا ان جو علم ۽ ادراڪ مختلف مرحلن مان گذري ٿو ۽ مختلف ڏاڪا طيءِ ڪري ٿو، يعني ٻين لفظن ۾ خيالن، تصورن، قدرن، ادراڪ، سمجهه، عقل ۽ علم توڙي احساس جي به ارتقا ٿئي ٿي. اهي شيون هڪدم نه ٿيون ٺهن ۽ نه وري ڪنهن هڪ محرڪ يا سبب ڪري ٿيون ٿين. اهي به ايئن اُسرن ٿا جيئن فطرت ۽ ڪائنات جي ٻي هر شيءِ اُسري ٿي. ارتقا رڳو شين جي طبعيات ۾ نه آهي پر مابعدالطبعيات ۾ به آهي- ان جي جوهر ۽ روح ۾ به آهي. دنيا جو ڪوبه عظيم کان عظيم خيال ۽ تصور به هڪدم ڪنهن ٺهيل ٺڪيل ۽ صحيح حالت ۾ سامهون نه آيو آهي. اهو ارتقا پذير ٿيو آهي ۽ نه ئي وري اهو ڪنهن هڪ دؤر ۾ اُسريو آهي يا ان جي ترويج ڪنهن هڪ نسل ڪئي آهي. مطلب ته انسان جي خيالن، تصورن، قدرن، عقيدن، ويساهن، سمجهه، عقل، ادراڪ ۽ ڏاهپ جي اؤسر جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ ۽ پيچيده آهي. اها ڪهاڻي به ايتري ئي دلچسپ آهي، جيتري انسان جي پنهنجي ڪهاڻي آهي. انسان ۽ سماج جي ڪهاڻي شايد فطرت کان وڌيڪ لاهين چاڙهين واري ۽ پيچيده رهي آهي. فطرت جو بڻ مادو آهي ۽ سماج جو بڻ ماڻهو آهي.
سادن لفظن ۾ انسان جي شعوري ارتقا جي ڪهاڻي ايئن آهي ته هر دؤر جي سائنسي، سماجي، مذهبي، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ ٻين مختلف شعبن جي باري ۾ جيڪي به غلط تصور ۽ مفروضا مروج هوندا آهن، ماڻهن جي گهڻائي انهن غلط تصورن ۽ مفروضن جي عقيدي طور پوئواري ڪندي آهي. انسانذات  جي گهڻائي (اولهه توڙي اوڀر ۾) فڪري ۽ علمي طور اڃا ان مقام تي نه پهتي آهي، جتي انسان ذات جي وسيع تر گهڻائي عقيدن جي نظامن مان نڪري عقل، سائنس، دليل ۽ تجربن جي بنياد تي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، پوءِ ان تي ويساهه ڪري يا انهن کي رد ڪري. اڄ ڏينهن تائين اها، عقليت پسندي، دليل، تجربي ۽ بار بار تجربي ڪرڻ، سوال ڪرڻ، شين تي شڪ ڪرڻ، شين جي ماهيت، مزاج، بنياد ۽ صحت تي شڪ ڪرڻ ۽ شين کي رد ڪرڻ وغيره واري رويي کي اختيار نه ڪري سگهي آهي. هر دؤر ۾ وسيع تر گهڻائي انهن مروج غلط تصورن ۽ مفروضن تي يقين رکندي آئي آهي ۽ دنيا جي ماڻهن جي تمام ننڍڙي اقليت، جنهن ۾ عالم، سائنسدان، محقق، اسڪالر،  فلسفي، اديب، شاعر، تخليقڪار ۽ آرٽسٽ اچي وڃن ٿا، اها انهن غلط تصورن ۽ مفروضن سان ويڙهه ڪندي آهي. ان ننڍڙيءَ اقليت جي فڪري، ذهني ۽ سماجي هٿيارن ۾ عقليت پسندي، دليل، تجربا ۽ بار بار تجربا شامل هوندا آهن. ان ننڍڙيءَ اقليت جو هٿيار اهو هوندو آهي ته جيڪڏهن عقلي ۽ سائنسي بنيادن تي ڳالهه غلط ثابت ٿي ته ان تان هٿ کڻي وڃبو ۽/يا ان کي فوري طور قبول ڪبو، ڇاڪاڻ ته سائنس ۾ عقيدي جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي. ڀلي هڪڙو ماڻهو پنهنجي سڄي ڄمار ڪنهن هڪ ڳالهه تي يقين رکندو آيو هجي، پر جيڪڏهن کيس عمر جي آخري ڏينهن ۾ به اها خبر پئي ته هن سڄي ڄمار هڪ غلط ڳالهه تي ويساهه پئي رکيو ته ان وقت ڏاهپ، علم ۽ خاص طور سائنسي شعور جي اخلاقيات جي اها تقاضا آهي ته هو اهو مڃي ته هن سڄي عمر هڪ غلط ڳالهه تي يقين پئي رکيو، جڏهن ته حقيقت ۾ صحيح ڳالهه هيءَ آهي. سڄي انساني تهذيب جي تاريخ ۾ هر دؤر جي هڪ وڏي گهڻائي پنهنجي دؤر جي فڪري ۽ تصوراتي اسٽيٽسڪو جي ترجمان غلط مفروضن ۽ تصورن جي پوئواري ڪندي آهي ۽ دراصل هڪ ننڍڙي تخليقي، علمي ۽ فڪري اقليت ان سان ٽڪراءَ ۾ ايندي آهي ۽ علم جي ذريعي، فهم جي ذريعي، سائنس، فڪر، ادب، آرٽ ۽ فن جي ذريعي ماڻهن جا ذهن تبديل ڪندي آهي؛ ۽ ايئن اهو فڪري ۽ تصوراتي اسٽيٽسڪو/ جمود ٽُٽندو آهي، ۽ نتيجي ۾ تاريخ اڳتي وڌندي آهي. دلچسپ ڳالهه اها ته پوءِ وري ٿيندو ڇا آهي جو هڪ دؤر جي ننڍڙي اقليت جن شين لاءِ وڙهندي آهي، اڳئين دؤر جي اڪثريت انهن تي يقين رکندي آهي. ايئن ئي وري اڳيون دؤر پنهنجي دؤر جا نوان غلط تصور ۽ مفروضا ٺاهيندو آهي، ۽ وري ان دؤر جي ننڍڙي اقليت انهن کي رد ڪندي آهي، ايئن انساني سوچ ۽ فڪر جو ڦيٿو اڳتي وڌندو آهي؛ ۽ اسين چوندا آهيون ته انسان جي علم جي، انسان جي ادراڪ ۽ ان جي فهم جي تاريخ اڳتي وڌي ٿي.
مون ان موضوع جو اهو سڄو پسمنظر ان ڪري بيان ڪيو آهي، جو ان موضوع تي ڪوبه ٺهيل ٺهڪيل مواد موجود نه آهي. ان باري ۾ هڪڙي انڊر اسٽينڊنگ موجود آهي، جيڪا ڪيترن ئي علمن مان اُسري آئي آهي.
ادب ۽ فن ڇا کي چئجي ٿو؟
اسان جيڪڏهن دنيا جون ڊڪشنريون کڻنداسين ته پتو پوندو ته انهن ۾ ادب ۽ فن بابت ڪابه هڪ متفقه  معنيٰ يا وصف لکيل نه آهي. هر ڊڪشنريءَ ۾ پنهنجي وصف بيان ڪيل آهي. جيئن دنيا ۾ محبت لاءِ ڪابه هڪ وصف لکيل نه آهي ۽ ان جون ڪيتريون ئي وصفون بيان ٿيل آهن، تيئن دنيا ۾ آرٽ جون به اڻ ڳڻيون وصفون لکيل ۽ بيان ڪيل آهن. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به هڪ وصف تي ڪوبه اتفاق نه ٿيو آهي، ته هاڻي هيءَ وصف حتمي آهي ۽ سڀني لاءِ قبوليت جوڳي يا سڀ طرفي آهي. سائنس لاءِ هڪ طيءِ ٿيل وصف آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪم ٻئي قسم جو آهي پر ادب ۽ فن جي حالت ۾ ايئن نه آهي. ان جا سبب آهن پر ٿلهي ليکي ٻنهي شين جا بنياد واضح آهن. ان ۾ ڪوبه مونجهارو نه آهي. انسان سماجي حيوان (Social Animal) طور سامهون آيو آهي ۽ جڏهن انسان- انسان طور سامهون آيو آهي ته ان جي پهرين سماجي ايجاد شعور آهي. جيئن ارسطوءَ چيو هو ته انسان سماجي جانور آهي. جڏهن کان انسان سماجي شيءِ ٿيو آهي، جڏهن کان انسان Social Entity ٿيو آهي، ان وقت کان انسان سماجي ايجادون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. انسان جي سماجي جانور ٿيڻ کانپوءِ هن جي جيڪا پهرين سماجي تخليق آهي، ان جو جيڪو پهريون حاصل آهي، اهو سندس انساني شعور آهي. شعور  فطرت ۾ نه آهي، شعور ڪائنات ۾ به نه آهي، شعور فقط ۽ فقط انساني سماج ۾ آهي. ان کانسواءِ شعور نالي شيءِ ڪائنات جي ٻئي ڪنهن به لقاءَ ۾ نه آهي.
شعور کان پوءِ جيڪا انسان جي بطور سماجي جانور ٻي وڏي ايجاد آهي،  اها سندس ٻولي آهي. ڇاڪاڻ ته انسان کي ضرورت پيش پئي آئي ته اهو هڪٻئي سان رابطو  ڪري. هن کي بک لڳي، اُڃ لڳي، کيس ڊپ يا خوف ٿئي، شڪار تي وڃڻو هجي، سڏ ڪرڻو هجي، ڪجهه ڳالهائڻو هجي يا ڪي به ٻيون سماجي ۽ فطري توڙي جسماني گهرجون هجن، هو خوش ٿئي يا ڏک جي ڪيفيت ۾ هجي، انهن جي اظهار لاءِ هن کي ڪونه ڪو اثرائتو ڪميونيڪيشن جو ذريعو گهرجيو ٿي.
انساني ٻوليءَ جي جيڪا پهرين پهرين شڪل آهي، اُها اشارن ۽ آوازن واري شڪل آهي. ان کانپوءِ انسانن آوازن ۽ سُرن کي ترتيب ڏيڻ جي مشق وسيلي اهڙي ڳالهائجندڙ ٻولي ايجاد ڪئي، جنهن ۾ ڪونه ڪو مطلب، مقصد يا پيغام رکيل هو. هنن لفظن کي ايئن ٿي اُچاريو جنهن مان هو ڪونه ڪو مطلب ڪڍي سگهيا ٿي ۽ اڳئين کي سمجهائي سگهيا ٿي. اوهان کي خبر هوندي ته ان ڳالهه تي سڀ وڏا سماجي اينٿروپالاجسٽ متفق آهن ته انساني تهذيب جو جتان بنياد پيو آهي، اُها انساني تحرير آهي. جڏهن ماڻهوءَ آوازن ۽ اشارن واري ٻوليءَ مان اڳتي وڌي هڪ ڳالهايل ۽ بامقصد، هڪ سمجهه ۽ فهم واري ٻوليءَ کي لکت جي صورت ڏني ته اهو انساني تهذيب جو هڪ وڏو ڇال ثابت ٿيو. اوهان ڄاڻندا هوندا ته انسان ڪائنات جي اُها واحد شيءِ آهي جنهن جي وجود جي هڪ ٽنگ سماج ۾ آهي ته ٻي ٽنگ فطرت ۾ آهي. انسان سماجي به آهي ته فطري به آهي. هن جا سڀ طبعي نظام فطرتي آهن- اهي کيس فطرت ڏنا آهن، سماج ڪونه ڏنا آهن. اسين ساهه ڪيئن ٿا کڻون؟ اسان جي دل ڪيئن ٿي ڌڙڪي؟ اسان کي بک ڪيئن ٿي لڳي؟ وغيره، اهي جيڪي به اسان جي جسم جا طبعي نظام آهن، اهي اسان کي فطرت ڏنا آهن. ايئن ئي اسان شعور جي بنياد تي سماج ۾ جيڪو ڪجهه به ڪريون ٿا، اهو سماج جو حصو ۽ ان جي پيداوار آهي. هاڻي هڪ سوال آهي ته انسان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري ٻين سڀني جيوتن کان ممتاز آهي؟- ان ڪري جو هو تصور ڪري سگهي ٿو. ڪائنات ۾ اڃا اهڙو ٻيو ڪوبه عنصر نه مليو آهي، اهڙي ٻي ڪابه زندگي نه ملي آهي، جيڪا تصور ڪري سگهندي هجي، جنهن کي تخيل جي صلاحيت (Power of Imagination) هجي. انسان جي شعور جو وڏو حاصل اهو آهي ته هو تصور ڪري سگهي ٿو. اسان ڪنهن ماڻهوءَ سان نه مليا آهيون، ان لاءِ تصور ڪريون ٿا ته اُهو هيئن هوندو يا هوندي، يا آمريڪا نه ويا آهيون پر تصور ڪريون ٿا ته آمريڪا هيئن هوندو. جيڪي شيون اسان ڏٺيون ئي نه آهن، انهن لاءِ اسين تصور ڪريون ٿا ته اُهي هيئن هونديون. انسان سوچي ٿو، انسان اندازا لڳائي ٿو، انسان محسوس ڪري ٿو، انسان حَسين شيءِ ڏسي خوشي ۽ حيرت محسوس ڪري ٿو. اها هڪڙي انسان جي عقل (Reason) جي فيڪلٽي آهي، جيڪا سوچي ٿي. ٻي انسان جي محسوس ڪرڻ (Sensation) جي فيڪلٽي آهي. ايئن ئي ماڻهوءَ وٽ هڪ پورو ۽ ٻه طرفو اندروني جهان آهي. ماڻهو سوچي به ٿو ۽ محسوس به ڪري ٿو. هاڻي جيڪا شيءِ سوچي به ٿي، محسوس به ڪري ٿي، ڏسي به ٿي ۽ وجدان تي به رَسي ٿي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اها پنهنجو اظهار نه ڪري؟ هڪڙو وجود جيڪو ايترو Auto Dynamic هجي، پنهنجي سرشت ۾ ايترو زندهه هجي، اهو ڪيئن اظهار نه ڪندو؟ انسان بک جو اظهار ڪري ٿو، اُڃ جو اظهار ڪري ٿو، ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو، پيار جو اظهار ڪري ٿو، خوف ۽ عدم دلچسپيءَ جو اظهار ڪري ٿو، پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انسان هر شيءِ جو اظهار ڪري ۽ جيڪو سوچي ۽ محسوس ڪري، تنهن جو اظهار نه ڪري؟ ان ڪري انسان پنهنجن خوابن، حسرتن، تصورن، خواهشن، اندازن ۽ محسوسات جو اظهار به ڪري ٿو. اهو اظهار ته سڀ ڪو ڪري ٿو، پر جڏهن ڪو انسان ان جو حَسين ۽ تخليقي اظهار ڪري ٿو، جي اهو ڳالهائي ڪري ٿو ته ان کي لوڪ ادب چئجي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو حَسين اظهار لکت ۾ ڪري ٿو ته ان کي سنڌيءَ ۾ ادب ۽ انگريزيءَ ۾ Pure Literature چئجي ٿو. جنهن کي پاڻ تخليقي ادب چوندا آهيون. جڏهن انسان ٻوليءَ کان سواءِ خيالن، تصورن ۽ احساسن جو اظهارخارجي  (Objective) شڪل يا پرفارمنگ شڪل ۾ ۽ اهو به حَسين انداز ۾ ڪري ٿو ته ان کي فن چئجي ٿو. انسان ڳالهائڻ، ڳائڻ، مٽيءَ مان مجسما ٺاهڻ ۽ مصوريءَ ۾ فنڪار ٿي سگهي ٿو. اسان جون مايون گهرن ۾ ڀرت ڀرين ٿيون ۽ رليون ٺاهين ٿيون، اهي ڀرت ڀرڻ ۽ رلين ٺاهڻ جون فنڪارائون آهن، بلڪل ايئن جيئن ڪو مصور، مجسمي ساز يا ٻيا فنڪار آهن. جنهن سماج ۾ اڃا عورتن کي هڪ انسان طور بنيادي آزاديون ئي نه مليون آهن ته اهي ٻيو ڇا ڪنديون؟ ان ڪري هو پنهنجن گوڏن تي لَٽو رکي ان تي ڀرت ٿيون ڀرين يا ٽُڪَ جون رليون ٿيون ٺاهين- اُهي به آرٽسٽ آهن. مان اوهان کي ٻُڌائيندو هلان ته فيض احمد فيض جي ڌيءُ سليميٰ هاشمي جيڪا آرٽسٽ ۽ آرٽ جي استاد آهي، ان جي پي ايڇ ڊي  (Ph.D) ئي ان موضوع تي آهي. هوءَ چئي ٿي ته جيئن ٻيو آرٽ آهي، تيئن ڀرت ڀرڻ به هڪ آرٽ آهي، جيڪا ڏاڍي سهڻي ڳالهه آهي. انڪري ادب ۽ فن کي انسان جي سوچ، ويچارن، خواهشن، خوابن، احساسن، اُڌمن، خوشين، ڏکن، المين، حَسرتن، ڪاميابين، ناڪامين ۽ جرئتن جي حَسين تاريخ چئي سگهجي ٿو.
ادب ۽ فن بابت خالص هئڻ وارو غلط تصور ۽ مفروضو:
دنيا ۾ جيڪي چند بنيادي غلط تصور عام آهن، جن صدين کان انسان کي مُنجهايو ۽ صحيح واٽ تان ٿيڙيو آهي، انهن مان هڪ، شين جي قطعي طور خالص هئڻ وارو تصور به آهي. ڪائنات جي هر شيءِ نسبتي آهي، ان ڪري اُهي سڀ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ آهن. شيون اوچتو عدم مان نمودار نه ٿيون ٿين پر اُهي اڳ ئي موجود لقائن ۽ مظهرن مان اُسري، روپ مٽائي ۽ نون واڌارن سان سامهون اينديون آهن. ماڻهو بظاهر ايئن سمجهندو آهي ته شين جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو ناهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اُهي هڪٻئي کان ڌار آهن ئي ڪين. شيون هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ ڳُتيل آهن، هڪٻئي ۾ سمايل آهن، هڪ ٻئي مان جنم وٺن ٿيون، هڪ ٻئي تي اثر ڇڏين ٿيون، هڪ ٻئي کي تبديل ڪن ٿيون ۽ وڏي ڳالهه ته هڪٻئي ۾ سمائجن ۽ ٽرانسفارم ٿين ٿيون. اهو ڪائناتي اُصول تصورن، خيالن، نظرين، قدرن ۽ مجموعي طور انساني سماج تي به لاڳو آهي. ان ڪري هميشه اهو سمجهڻ گهرجي ته شيون، خيال، تصور، ويچار، قدر ويندي جذبا ۽ احساس پڻ قطعي طور خالص نٿا ٿي سگهن. اُهي هڪ حد تائين خالص ٿي سگهن ٿا پر قطعي طور نه. قطعي طور خالص هجڻ جو تصور ئي غير سائنسي ۽ غير متحرڪ آهي، ڇاڪاڻ ته متحرڪ شيون خالص ٿي نه ٿيون سگهن ۽ شيون توڙي خيال ۽ ويچار قطعي طور جامد ۽ هڪ هنڌ بيٺل ٿي نٿا سگهن. اهو موضوع به فلسفي جو آهي. اڄ کان نه پر اوائلي دؤر کان فلسفي ان سوال کي پئي کنيو آهي. مثال طور  فلسفي جو جيڪو سقراط کان اڳ جو دؤر آهي، جنهن کي فطرتي فلسفي جو دؤر چيو وڃي ٿو، ان ۾ هڪ فلسفيءَ چيو هو ته توهان هڪ درياهه ۾ هڪ دفعو ئي پير وجهي سگهو ٿا، ڇاڪاڻ ته ٻئي لمحي ۾ اهو درياهه ساڳيو نه هوندو آهي، ان ۾ انيڪ نظر نه ايندڙ تبديليون اچي چڪيون هونديون آهن. اهو ساڳيو سائنسي اُصول ادب ۽ فن تي به لاڳو آهي.
مثال طور ماڻهو چوندا آهن ته فلاڻي شيءِ خالص ادب نه آهي، ان ۾ سياست ملي وئي آهي، يا ان ۾ فلسفو ملي ويو آهي، هيءُ ته فلسفو آهي، ڪا ٻي شيءِ آهي، پر خالص ادب نه آهي. حقيقت ۾ ڪائنات جي ڪابه شيءِ مڪمل طرح ۽ سئو سيڪڙو خالص ٿي سگهي ئي نه ٿي. هيءُ سماج ته اڃا به وڌيڪ پيچيده آهي. سماج جو ڪوبه لقاءُ پنهنجي بنيادي سرشت ۾ ٻين سمورن لقائن کان مڪمل طور ڪٽيل ۽ خالص ٿي ۽ رهي سگهي ئي نه ٿو. سماج پاڻ ۾ تمام گهڻو ڳتيل آهي، هڪٻئي سان تمام ويجهو آهي، اڳي ايئن نه هوندو هو جو ميڊيڪل سائنس وارا به ميٿاميٽڪس پڙهن پر هاڻي پڙهن ٿا. اڳي سماجي سائنسن وارا ميٿا ميٽڪس نه پڙهندا هئا، پر اُها هاڻي انهن لاءِ به لازمي ٿي چڪي آهي. دنيا جا سمورا علم هڪٻئي ۾ ملي ويا آهن. دنيا ۾ علمن جون سرحدون پاڻ ۾ ملي ويون آهن، جيڪو هڪ وڏو انقلاب آهي. آڳاٽي زماني ۾ به ايئن هو پر پوءِ جيئن علم اُسريو ته انسان ان جي درجي بندي ڪئي، جيڪو ضروري به هو ته جيئن سمورن علمن جي ڌارَ ڌارَ اوسر ٿئي پر هاڻي جڏهن علم بلوغت تي آهي ته وري مختلف علمن جون پاڻ ۾ مائٽيون ٿي رهيون آهن. سڀ علم ڳُتجي ويا آهن. سؤلي سنڌيءَ ۾ علمن پاڻ ۾ سڱابندي ڪئي آهي، جيڪا ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي ۽ فلسفي جو به اهو بنيادي اُصول آهي ته شيون هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، هڪٻئي مان پيدا ٿيل آهن، اُهي هڪٻئي تي مدار رکن ٿيون، هڪٻئي کي نقصان ۽ فائدو ڏين ٿيون. شيون سماج ۾ هڪٻئي کان مڪمل طور ڌار ڪري سگهجن ئي نٿيون. ڇا جيڪو به ماڻهو سوچي ٿو اهو خالص رڳو پاڻ ٿو سوچي؟ ڇا هن جي سوچ جا بنياد رڳو سندس پنهنجا آهن؟ ڇا اسان جي ذهنن ۾ ويٺل اسان جا ابا، ڏاڏا ۽ صديون پراڻا غلط مفروضا ۽ تصور اسان کي ورثي ۾ نه مليا آهن؟ جهڙو اسان جو سماج آهي ۽ جيترو سماج ۾ علم آهي ته ان ۾ ڪوبه ماڻهو آزاد رهي ئي نٿو سگهي. ماڻهو منفي توڙي مثبت ۽ تخليقي معنيٰ ۾ نئون به آهي ۽ تسلسل به آهي- ان سڄيءَ شيءِ ۽ لقاءَ جو، جيڪا هن کي هزارن سالن کان ورثي ۾ مليو آهي. هڪڙو يونان جو صوفي هو، ان جو نالو فيثا غورث هو، جنهن کي رياضيءَ ۾ Pythagoras به چيو ويندو آهي، اهو تصوف جي تعليم لاءِ يونان مان عراق آيو، اهو هتي اچي رياضيدان ٿي ويو. هو آيو تصوف جي علم لاءِ هو، پر جيئن ته اُن زماني ۾ رياضيءَ جو مرڪز اسان وٽ ۽ خاص طور هندستان ۽ عراق ۾ هو، ايئن هو هڪ صوفيءَ مان رياضيدان ٿي ويو. اهڙا ٻيا ڪيترائي مثال آهن. انڪري علم هجي، ادب هجي، آرٽ هجي، عقل هجي، احساس هجي، تصور هجي، شعور هجي يا سماجي رويو هجي- سماج جو ڪوبه لقاءُ ٻين لقائن کان قطعي ڌار ٿي سگهي ئي نٿو، اهي دراصل هڪٻئي جي پيداوار آهن.
مثال طور، اسان جي اوڀر جي شاعري آهي، ان کي پڙهجي ٿو ته ڪا خبر نه ٿي پئي ته سندس محبوب مذڪر آهي يا مونث آهي. ان جو سبب ئي اهو آهي ته شاعر جي تحت الشعور ۾ سماجي غلاميءَ جو تصور ويٺل آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هو روحاني طور پاڻ کي آزاد فرد سمجهي ئي نٿو. هن کي اها خبر آهي ته هو هن سماج ۾ محبت جو چِٽو اظهار ڪري سگهي ئي نٿو/نٿي. هاڻي ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته اهو هن جو آزاد ۽ پنهنجو اظهار آهي؟ ممڪن آهي ته هن کي دل ۾ باهيون هجن ۽ هو سڄيءَ شيءِ مان بيزار هجي. پر هن جا رويا خالص پنهنجا نه آهن. ماڻهوءَ جا خيال، احساس، رويا ۽ تصور ڪجهه پنهنجا آهن ۽ باقي سڀ سندس ماحول ۽ سماج مان جُڙن ٿا. ماڻهو سمجهي ايئن ٿو ته هن جا خيال، احساس، قدر ۽ تصور هن جا پنهنجا آهن پر جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته حقيقت ۾ ايئن نه آهي. ماڻهوءَ جي اندر ۾، هن جي تحت الشعور ۾ صديون ۽ هزارين سال ويٺل آهن. صدين جا وهم، وسوسا، خيال، تصور، احساس ۽ سوچن جا پورا نظام هن جي اندر ۾ ويٺل آهن، ان ڪري ماڻهو آزاد فقط هڪ حد تائين آهي. دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو صحيح معنيٰ ۾ آزاد هوندا آهن پر انهن جا خيال به خالص سندن پنهنجا خيال نه آهن. مثال طور مذهبن جا خيال رڳو سندن نه آهن، شاعرن، اديبن، مفڪرن، فلسفين، سائنسدانن، اڳواڻن، رهبرن توڙي رهزنن جا خيال ۽ رويا رڳو سندن پنهنجا نه آهن. هر دؤر جا خيال به رڳو ان دؤر جا خيال نه آهن. انهن جي سرشت ۾ صديون، هزارين سال، مختلف دؤر ۽ تهذيبون پيل آهن. هڪ سماج جا رويا، قدر ۽ خيال به رڳو ان جا ٿي نه ٿا سگهن. خيالن ۽ تصورن جو خالص پڻو هڪ خودفريبيءَ جي ڳالهه آهي ۽ جڏهن خيال، احساس، قدر ۽ رويا ڪنهن جا به خالص نه آهن ته پوءِ انهن جو ترجمان ادب ۽ فن خالص ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ نسبتي معنيٰ ۾ شيون خالص ٿي سگهن ٿيون پر قطعي معنيٰ ۾ بلڪل نه. هونئن به ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ قطعي نه آهي. شيون پاڻ ۾ ڳتيل، ڳنڍيل، هڪ ٻئي ۾ سمايل آهن. جيڪو ماڻهو شين کي قطعي طور ڌار ڪري رڳو ادب ۽ فن کي خالص هجڻ جي اک سان ڏسندو ته نه رڳو گمراهه ٿيندو پر ٻين لاءِ به انيڪ گمراهيون ڦهلائيندو. ادب ۽ آرٽ جي حوالي سان به ايئن ئي ٿيو آهي.
مثال طور هاڻي پاڻ روين جي سوال تي اچون ٿا. گهر ۾ ڌيءُ ٽهڪ ڏيندي ته ماءُ چونديس، ”ٽهڪ نه ڏي، نياڻي ٽهڪ نه ڏيندي آهي.“ يا وري چونديس، ”گهڻو نه کاءُ، جلد وڏي ٿي ويندينءَ، زور سان نه ڳالهاءِ، نياڻيون زور سان نه ڳالهائينديون آهن.“ ننڍڙي ٻارڙي پيءُ ڏانهن اوطاق ۾ ويندي ته پيءُ چوندس، ”بابا گهر هَلُ، نياڻيون اوطاق تي نه اينديون آهن.“ اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اهي سوچون خالص انهن جون پنهنجون آهن؟ ڇا اهي رويا ماڻهوءَ جا پنهنجا آهن يا جاگيردار ۽ پدرشاهي سماج جا آهن؟ پدرشاهي سماج ماڻهوءَ جي اندر ۽ تحت الشعور ۾ ويٺو آهي. اوهان ٻُڌايو ته ماڻهوءَ جو اهو ڪهڙو رويو آهي جيڪو خالص هن جو پنهنجو آهي؟ ماڻهو سماج جي پيداوار آهي، اهو سماج جو فرد آهي، ان جون خواهشون، سوچون ۽ ان جون ڳالهيون سماج مان اينديون آهن ۽  رڳو همعصر سماج مان نه پر هزارن سالن جي سماج مان اينديون آهن. انڪري ادب ۽ فن بابت اهو مفروضو به بنهه غلط آهي ته ڪو ادب ۽ فن جا موضوع نج يا خالص هوندا آهن، ان کان علاوه باقي موضوع ممنوع آهن. ايئن بلڪل نه آهي ته ڪو علمن، خيالن ۽ موضوعن جي وچ ۾ ڪا ديوارِ چين آهي. ڇا جيڪي شاعر محبت جي شاعري ڪندا آهن اهي محبت جا پروپيگنڊا باز نه هوندا آهن؟ جيڪي چوويهه ئي ڪلاڪ پيا چوندا آهن ته محبوبا جا ڳل ههڙا آهن، رنگ ههڙو آهي، اکيون ههڙيون آهن، وارَ ههڙا آهن، ڇا اها محبوب جي حُسن جي پروپيگنڊا نه آهي؟ پروپيگنڊا به ته موضوع جو مسئلو آهي. ڪي اديب محبوب جي حُسن جي پروپيگنڊا ٿا ڪن ته ڪي وري پنهنجي نظريي ۽ خيالن جي. ڀلا ٻُڌايو ته ڀٽائيءَ کان وڏو ڪو ٻيو پروپيگنڊا باز شاعر آهي؟ ڀٽائيءَ جا جيڪي خيال آهن، سندس جيڪي ويساهه آهن يا جيڪي هن جا ڪردار آهن ان کان وڏو ڪو ٻيو تخليقي پروپيگنڊا باز شاعر آهي؟
دنيا جي ڪنهن به اديب، تخليقڪار، شاعر ۽ آرٽسٽ جي باري ۾ يا ادب ۽ فن جي باري ۾ اها شيءِ طيءِ ڪرڻ ته اها اهڙي خالص هجي جو ان جا ڪي مخصوص موضوع هجن نه ته اهو ادب ۽ فن ۾ ناپاڪيءَ جو مسئلو آهي. فطرت، ڪائنات ۽ سماج جو ڪوبه موضوع ادب ۽ فن جو موضوع ٿي سگهي ٿو. ان ۾ ڪنهن به قسم جي حد بندي هڪ غلط مفروضو ۽ غلط تصور آهي.اجنتا ۽ اِلورا جي غارن ۾ جيڪو مجسمن جو کجورا آرٽ آهي، ان جو موضوع سيڪس ۽ جسماني محبت آهي. سنسڪرت جي عظيم شاعر اَماروءَ جو شعر آهي ته:
”تنهنجا بُبا
جنگ جي ميدان تي وڙهندڙ
ٻن بادشاهن وانگر آهن،
جن مان هر هڪ
ٻئي کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.“
ايئن سنسڪرت شاعريءَ ۾ توهان کي گهڻي ڀاڱي جسماني محبت جو حَسين اظهار ملندو. يونان جي اوائلي مجسمن ۾ موضوع عورت جو جسماني حُسن آهي، عربيءَ جي رزميه شاعريءَ جو موضوع جنگ آهي، فارسي شاعريءَ تي گهڻو اثر فلسفي جو آهي، جپاني شاعريءَ جا موضوع فطرت جا آهن. ڪٿي موضوع بادشاهه آهن، ڪٿي عوام آهي، ڪٿي خوشي آهي، ڪٿي ڏک آهي، ڪٿي اُميد آهي، ڪٿي نااُميدي آهي، ان ڪري نه ته ادب ۽ فن خالص ٿيندو آهي ۽ نه ان جا ڪي رڳو مخصوص موضوع ٿيندا آهن. اديب، شاعر ۽ فنڪار کي دنيا جو ڪوبه محرڪ ۽ موضوع اُتساهي سگهي ٿو. اهو داخلي به ٿي سگهي ٿو ۽ خارجي به، اهو سماجي به ٿي سگهي ٿو ته سياسي به، اهو محبت ۽ حُسن به ٿي سگهي ٿو ته خيال نظريا ۽  تصور به. ادب ۽ فن جا محرڪ ۽ موضوع ڪائنات گير آهن ۽ هئڻ به گهرجن. مثال طور جيڪي به وڏا ۽ زبردست فرينچ ناول آهن، اهي فرينچ انقلاب جي دؤر جي پيداوار آهن. نوان ناول اسان کي ايترو وڻن ئي نٿا. ذاتي طور مون فرينچ ناول گهڻا پڙهيا آهن، ان دؤر جي ناولن کان علاوه ٻيا ڪيترائي جديد ناول پڙهي پڙهي ٿڪجي پيو آهيان، اهي ايترو وڻن ئي نٿا. هيءُ معاملو به ايئن آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ استاد وڏي غلام عليءَ کي ٻُڌو هجي، ان کي هي ٺينگ ٽپن وارا ڪيئن وڻندا؟  انهن ناولن مان چارلس ڊڪنس جي ناول “Tale of Two Cities” ۾ لنڊن ۽ پئرس جي ڪهاڻي آهي. ان ۾ فرينچ انقلاب دوران يورپ جي اندروني بحران تي لکيو ويو آهي. جوناٿن سُئفٿ جو ناول “Gulliver’s Travels”. آهي، جنهن ۾ هو انگلينڊ مان بيزار ٿيو آهي ۽ چئي ٿو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو. پوءِ هو وڃي سفر ڪري ٿو. ويهين صديءَ جي جديد روسي ناولن جا موضوع سياسي ۽ سماجي آهن پر اُهي عظيم ناول آهن. ”وو چنگ زو“ (Wu Ching Tzu) قديم چيني ناول “The Scholars” قديم چيني سماج تي لکيو آهي. انڪري ڪائنات، فطرت، سماج ۽ فرد جي شعوري وارتائن جو ڪوبه موضوع ادب ۽ فن جو موضوع ٿي سگهي ٿو. سوال اهو آهي ته ان موضوع جي صحت ڪهڙي آهي؟ ان جي اظهار جو اسلوب ۽ انداز ڪيڏو حَسين آهي، ان جو خيال ڪيڏو تخليقي (Creative) آهي. باقي دنيا جو رواجي کان رواجي موضوع به ادب جو موضوع ٿي سگهي ٿو. امر جليل چيو آهي ته دنيا ۾ ڪُل ٻٽيهه موضوع آهن، هر ڪنهن انهن کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پئي لکيو آهي. انڪري ان حوالي سان چئجي ته ادب ۽ فن خالص ٿيندا آهن- اهو غلط تصور ۽ مفروضو آهي. ادب ۽ آرٽ پنهنجي همعصر دؤر کان، پنهنجي ماضيءَ، پنهنجي مستقبل جي خواهشن کان، پنهنجي دؤر جي سياست کان، پنهنجي دؤر جي بحرانن کان، پنهنجي دؤر جي ڪلچرکان، پنهنجي دؤر جي تصورن جي نظامن کان، پنهنجي دؤر جي قدرن جي نظام کان، پنهنجي دؤر جي خوابن ۽ خواهشن کان ۽ انهن سڀني شين کان ادب ۽ آرٽ متاثر ٿيندو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس شعبي جو اڳوڻو سربراهه ۽ ناميارو آرٽسٽ اي آر ناگوري صاحب پينٽنگس ٺاهيندو آهي، اهي ته بظاهر ۽ روايتي معنيٰ۾ رومانٽڪ نه هونديون آهن، اهي بلڪل مزاحمتي ۽ تلخ موضوعن بابت هونديون آهن ۽ اهي سڀ پنهنجي مزاج ۾ گهڻي ڀاڱي پوليٽيڪل هونديون آهن. هاڻي ڪير چوندو ته اهو وڏو آرٽسٽ نه آهي، انڪري ادب ۽ فن ۾ خالص هجڻ جو تصور غلط آهي.
ادب ۽ فن جا ڪي به سماجي ۽ فڪري محرڪ نه هجڻ وارو غلط تصور ۽ مفروضو:
اهو به هڪڙو وڏو غلط مفروضو ۽ غلط تصور آهي، جيڪو عام طرح اوهان روز ٻُڌندا هوندا ته ادب ۽ فن جا ڪي به محرڪ نه ٿيندا آهن، اها فرد جي ذاتي محسوسات جي شيءِ آهي. اسان جا ڪيترائي اديب دوست چوندا آهن، هي فلاڻيون شيون اسان پنهنجيءَ ذات جي تسڪين ۽ اظهار لاءِ لکيون آهن. پوءِ مان انهن کي چوندو آهيان ته جي اوهان رڳو پنهنجيءَ ذات لاءِ ٿا لکو ته پوءِ ان کي ڇپرايو ڇو ٿا، جو ٻيا ماڻهو پڙهي پنهنجو وقت ضايع ڪن؟ پوءِ ته ان کي پاڻ ئي پڙهي ڦاڙي ڇڏيندا ڪريو. ان ڪري اها ڳالهه سراسر غلط آهي ته ادب ۽ فن جا ڪي به سماجي محرڪ نه ٿيندا آهن. جيئن مون اڳ چيو ته انسان جا احساس، هن جا خيال، سوچون، نظريا، فڪر اِهي سڀ داخليت سان گڏوگڏ سماجي لقائن جي به پيداوار آهن. ايئن ئي ادب ۽ آرٽ آسمان مان ڪونه ايندا آهن، انهن جا محرڪ بنيادي طور سماج مان اُڀرندا آهن. هڪڙو آرٽسٽ، اديب، شاعر ۽ تخليقڪار پنهنجا احساس به سماج مان ئي کڻي ٿو. هو خوش به سماج مان ٿئي ٿو ۽ ڏک به اتان کڻي ٿو، هو ڪاوڙ به اتان کڻي ٿو، هو خواهشون به اتان کڻي ٿو،  هو خواب به اُتي ئي اُڻي ٿو، جي گهرائيءَ سان غور ڪبو ته هو سڄي جو سڄو سماج کان متاثر ٿئي ٿو. نتيجي طور جيئن ته هو تخليقي آهي، ان ڪري موٽ ۾ نوان تصور، نوان رويا ۽ نوان لاڙا پڻ تخليق ڪري ٿو. ان ڪري سندس ادب ۽ فن جي تخليق جي محرڪن جي ڪابه حد بندي نه آهي. ممڪن آهي ته محرڪ احساساتي هجن، عقلي هجن يا شعوري هجن،  ممڪن آهي ته ادب جا محرڪ سماجي هجن يا سياسي هجن، پر ادب جا محرڪ دراصل سماج جي ئي پيداوار آهن. ڪوبه آرٽسٽ، اديب، شاعر يا تخليقڪار سماج مان ئي اُسري ٿو ۽ ان جي سڄي اؤسر سماج مان ئي ٿئي ٿي، انڪري ادب ۽ فن بابت اهو تصور غلط آهي ته ان جا ڪي به سماجي محرڪ ڪونه ٿيندا آهن، تنهن ڪري ان غلط تصور ۽ مفروضي مان جان ڇڏائڻ گهرجي.
هڪ آرٽسٽ يا اديب جي جيڪا انسپائريشن آهي، اها  رڳو سندس خالص ذاتي انسپائريشن نه آهي. هو سوچون، احساس، خيال، خواب، آدرش ۽ تخليقي رويا سماج مان کڻي ٿو ۽ پس و پيش سماج لاءِ کڻي ٿو، ان ڪري جيڪو به تخليقي ادب ۽ آرٽ آهي، ان جا پنهنجيءَ سرشت ۾ محرڪ سماج مان ئي جڙندا آهن. پوءِ ممڪن آهي ته اهي سياسي هجن، سماجي هجن يا احساساتي هجن. انهن سماجي محرڪن جي ڪابه حد بندي نه آهي. تخليقڪار محبت جي ڳالهه ڪري، اهو محرڪ ٿي سگهي ٿو، تبديليءَ جي ڳالهه ڪري، اهو محرڪ ٿي سگهي ٿو، مزاحمت جي ڳالهه ڪري، اهو محرڪ ٿي سگهي ٿو ۽ ممڪن آهي ته هن جا محرڪ اِهي سڀئي هجن. ادب ۽ آرٽ ۾ موضوع ڪائنات گير ٿي سگهن ٿا پر ان جا محرڪ سماجي هوندا آهن، پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ان ۾ هن جون داخلي، انفرادي ۽ ذاتي وارتائون شامل نه هونديون آهن. ماڻهوءَ جون خوشيون، ڪاميابيون، سوچون، خيال، احساس، پيڙائون، ڏک، ڀوڳنائون، اميدون، مايوسيون، اويساهيون، خواب يا آدرش هن جا پنهنجا ۽ ذاتي به هوندا آهن پر انهن جو تعلق بنيادي طور سماج سان به هوندو آهي. ان ڪري اهي شيون قطعي معنيٰ ۾ رڳو داخلي يا خارجي نه ٿيون ٿي سگهن پر اُهي هڪ حد تائين داخلي به هونديون آهن. مسئلو رڳو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ماڻهو انهن جي وچ ۾ ڪا حتمي ليڪَ ڪڍي بيهي ٿو رهي.
اسان وٽ صوفي شاعريءَ ۾ زبردست ڳالهيون ٿيل آهن ۽ گڏوگڏ ان ۾ ڪيتريون ئي ڪمزوريون به آهن. انڪري تصوف جي شاعريءَ سان ڪابه پيڪيج ڊيل نه آهي ته اها سڄي سٺي آهي يا سڄي خراب آهي. دنيا جي ڪابه شاعري ۽ ڪوبه ادب ۽ آرٽ پيڪيج ڊيل نه هوندو آهي. دنيا ۾ نهايت گندو، غليظ، انسان دشمن ۽ گمراهه ڪندڙ رجعت پسند ادب ۽ فن به تخليق ڪيو ويو آهي ۽ نهايت عمدو، اعليٰ، تخليقي، انسان کي فڪري ۽ احساساتي روشني ۽ سگهه ڏيندڙ ادب به تخليق ڪيو ويو آهي. دنيا جو مان اهڙو ڪوبه عظيم شاعر نه سڃاڻان جنهن جي سڄي شاعري عظيم هجي. هر شاعر جي هڪڙي شاعري روايتي ۽ ڀرتي به هوندي آهي ۽ ان جي شاعريءَ جو هڪڙو حصو ان جو ڳَرُ ۽ اهڙو جوهر هوندو آهي جنهن ذريعي شاعر وڃي ان وڏي مقام تي رسندو آهي. مثال طور غالب جا ڪيترائي خيال روايتي آهن، اهو ساڳيو غالب آهي جيڪو وري هيئن به چئي ٿو ته:
هي ڪهان تمنا ڪا دوسرا قدم يا رب،
هم ني دشتِ امڪان ڪو ايڪ نقشِ پا پايا.
هتي ساڳيو غالب  ڪيڏي وڏي ڳالهه ٿو ڪري ته اي خدا مان پنهنجين تمنائن جو ٻيو قدم ڪٿي رکان؟ ڇو ته جيڪو دشتِ امڪان آهي يعني تصور ۾ اچي سگهندڙ ڏک، اهنج ۽ ڏکيائيون آهن اُهي ته منهنجي پهرين قدم جي نشان هيٺان آهن. اها بلندي هونئن غالب ۾ ڪٿي آهي؟
ايئن دنيا جا سڀ شاعر آهن، ويندي لطيف تائين، ڇو ته اهي سڀ شاعر پنهنجي تخيل ۽ تخليقيت سان گڏ سماج جي به پيداوار آهن. اسان جو ڪنهن سان به عقيدت جو ڪوبه مسئلو نه آهي، ڇو ته هر شاعر هڪ دؤر جي پيداوار آهي ۽ ڪيترائي پاڻ کي ورثي ۾ مليل تصور اڳتي هلائي ٿو ۽  ڪيترن ئي موقعن تي هو انهن سان نظر ايندڙ ۽ نظر نه ايندڙ بغاوتون ڪري نوان تصور تخليق ڪري ٿو ۽ نيون شيون ايجاد ڪري ٿو. مثال طور لطيف آهي، هن پنهنجي دؤر ۾ ايڊوانسڊ ۽ ابتڙ خيال ڏنا آهن ۽ ڪيترين ئي جاين تي ممڪن آهي ته هو روايتي به هجي. ان ڪري اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪوبه شاعر يا تخليقڪار آسمان مان، خلائن مان، فضائن مان ڪونه آيو آهي. اهو دراصل سماج جي پيداوار آهي، ان ڪري اهو هڪڙيءَ حد تائين پنهنجي سماج جا ورثي ۾ مليل تصور به کڻي اچي ٿو، انهن کي هلائي ٿو ۽ هڪڙي وڏي مرحلي کانپوءِ انهن کي تبديل ڪري نوان ۽ پنهنجا تخليقي خيال به پيش ڪري ٿو.
تصوف جي باري ۾ عام طرح هڪ غلط مفروضو اهو آهي ته ان ۾ چيو ويندو آهي ته عقل خراب شيءِ آهي، احساس وڏي شيءِ آهي. اهو تضاد ادب ۽ فلسفي ۾ به موجود آهي. دنيا ۾ هڪڙن ماڻهن جو خيال آهي ته عقل وڏي شيءِ آهي. يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ جو دؤر (Renaissance) آيو ته ان کي  عقل جو دؤر ((Age of  Reason and Enlightment چيو ويو. اهو ريناسانس وارو  اهو دؤر هو، جنهن ۾ هڪڙي پاسي بُڪيشو،  پيٽرياٽ، ڊاوِنچي، بيڪن ۽ ڊيڪارٽ هئا. ان پاسي ادب ۽ آرٽ کان ويندي سائنس ۽ فلسفي تائين سڀ شامل هئا. اهو هڪڙو پورو دؤر هو ۽ انهن سڀني ماڻهن اچڻ سان ڪمال ڪري ڇڏيو. اچڻ سان ئي بيڪن چيو ته ارسطوءَ جو وڏي ۾ وڏو بلنڊر اهو آهي ته هن سائنس کي عقيدي سان ملائي ڇڏيو. هاڻي اوهان الزام جي ليول ته ڏسو! ارسطوءَ جي ايڏي هيبت هئي، جو سمجهيو ٿي ويو ته ان جهڙو نه ڪو ڄائو ۽ نه ڄمندو. بيڪن اچڻ سان ئي هن کي هڪ ئي جملي ۾ حرام ڪري ڇڏيو. اوهان ان ماڻهوءَ جي ليول ڏسو. ساڳيءَ ريت فلسفين افلاطون (Plato) تي ڳالهايو آهي، ۽ چيو ويو ته افلاطون خيال پسنديءَ (Idealism) کي ايترو ته مٿي کڻي ويو جو فلسفو ان مان صدين تائين چڙهيو ئي ڪونه. ايئن اهو هڪ پورو دؤر آهي، جنهن کي عقل جو دؤر (Age of Reason) چئجي ٿو.
هڪڙي پاسي چئجي ٿو ته عقل اُتم شيءِ آهي، ٻئي پاسي جيڪي داخليت پسند شاعر آهن، انهن جو خيال آهي ته عقل ٽڪي جي شيءِ آهي- ڇَسي ۽ بيڪار شيءِ آهي.
اقبال چيو هو:
بي خطر ڪود پڙا آتشِ نمرود مين عشق،
عقل هي محوِ تماشائي لبِ بام اڀي.
(عقل تماشائيءَ جيان بيٺي ڏٺو پئي، پر عشق خطري جي پرواهه بنان نمرود جي باهه ۾ ٽپي پيو) ايئن صوفياڻي شاعريءَ ۾ عقل ۽ احساس جي وچ ۾ وڏو تڪرار سامهون آيو آهي. ايئن ئي اهو ساڳيو تڪرار فلسفي ۽ ادب ۾ به سامهون آيو آهي. ڪي ڪي مسئلا اهڙا هوندا آهن، جن کي حل ڪرڻ بدران Reconcile ڪرڻ کپي. اصل ۾ ڪنهن به هڪ ڳالهه تي ضرورت کان وڌيڪ زور ڏيڻ سان به احساس، سوچ ۽ روين جو توازن بگڙي سگهي ٿو.
هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪوڙ  ۽ سچ ۾ ڪو گهڻو فرق نه هوندو آهي، ان ۾ ٿورڙو فرق هوندو آهي. اوهان ٻوڙ ۾ ٻيون شيون گيهه، مرچ وغيره صحيح مقدار ۾ استعمال ڪريو، ان ۾ فقط لوڻ جا ٻه ٻُڪَ وڌيڪ وِجهي ڇڏيو ته اهو ٻوڙ کائڻ جي قابل نه رهندو.  ايئن ئي کنڊ آهي. اوهان چانهه ٿا ٺاهيو، کيرُ ۽ پَتي ان ۾ صحيح مقدار ۾ وجهو، فقط کنڊ مقدار کان ٻه چار چمچا وڌيڪ وجهي ڇڏيوس، اها چانهه پيئڻ جهڙي نه رهندي. ايئن ئي شيون صفا غلط ۽ صفا صحيح نه هونديون آهن، انهن جو فقط مقدار وڌائبو يا گهٽائبو ته ان جو توازن بگڙجي ويندو. ڪنهن صحيح رويي کي به جيڪڏهن انتها تي کڻي وڃبو ۽ ان کي گهڻو اينگهائبو ته اها شيءِ غيرمتوازن ۽ غلط محسوس ٿيڻ لڳندي. عقل ۽ احساس جي باري ۾ اهو رويو فلاسافيڪلي غلط آهي ته عقل ۽ احساس ڪو صفا ڌار ۽ حتمي طور متضاد شيون آهن ۽ انهن جو هڪٻئي سان ڪو تعلق نه آهي. بنيادي طور اهو غلط تصور ۽ مفروضو آهي. جيئن مون اوهان کي ٻڌايو ته انسان فطري به آهي ۽ سماجي به آهي، فطري حوالي کان هن کي احساس ۽ سماجي حوالي سان عقل ورثي ۾  مليل آهي. پر ساڳئي وقت عقل ميڄالي جي پيداوار به آهي ته سماج جي به ۽ ساڳيءَ طرح احساس به فطري آهن ۽ سماجي به.
اوهان جي خيال ۾ انسان جو جيڪو به شعور اڳتي وڌيو آهي، ان ۾ احساس جو ڪوبه عمل دخل نه رهيو آهي؟ ڇا انسان جو احساس ان سان گڏ نه هجي ها ته انسان جو عقل ايترو اڳتي وڃي ها؟ ۽ ايتري ارتقا ڪري ها؟ منهنجو ذاتي خيال آهي ته انسان جو عقل ۽ شعور احساس جي ساٿ کان سواءِ هن اؤج تي رسي ئي نه ها. هي جيڪي سائنسدان ليبارٽرين ۾ ويهي ويهه، ٻاويهه ڪلاڪ بنا چانهه ۽ مانيءَ جي پنهنجي ڪم ۾ جنبيا پيا هوندا آهن، اوهان ڇا ٿا سمجهو اهو فقط عقل آهي؟ انهن کي محبت ناهي، انهن کي عشق ناهي، انهن کي جنون ناهي پنهنجيءَ ان ريسرچ سان. مان بروگز ۾ ، جتي مائيڪل اينجلو آخري ڏينهن ۾ اچي رهيو هو، ان ميوزيم ۾ ويو هئس. اتي ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون پيون هيون، خبر پئي ته هن کان ويهه ويهه ڪلاڪ ماني کائڻ وسري ويندي هئي. ڇا اها هن جي پنهنجي فن ۽ تخليقيت سان بي پناهه جنونيت نه هئي؟ اهو احساس ناهي جيڪو کيس ان لاءِ اُتساهي ٿو؟ دنيا جو وڏو تاثريت پسند ڊچ مصور وان گوف ٿي گذريو آهي. هن کي هڪ مائي وڻندي هئي، جنهن کي چيائين ته، ”تون مون کي ڏاڍي وڻين ٿي.“ هُن وري کيس چيو ته، ”تون مون کي نه ٿو وڻين پر تنهنجو ڪَنُ وڻي ٿو.“ هن ڇا ڪيو جو پنهنجو ڪَنُ ڪَپي پني ۾ ويڙهي وڃي مائيءَ کي ڏئي آيو. هاڻي اوهان ٻُڌايو ته هو ان کان علاوه هڪ سياڻو ماڻهو هو، ٻئي پاسي هو هڪ جينئيس آرٽسٽ هو، هن کي ڪهڙيءَ ڳالهه پئي اُتساهيو؟
هڪ سائنسدان جنهن جو احساس سان بظاهر ڪو  واسطو نه آهي، هن جو تعلق فقط ۽ فقط عقل (Reason) سان آهي، تجربن (Experimentation) سان آهي، فلسفيِءَ جو بظاهر ڪو احساس سان تعلق نه هوندو آهي، هڪڙو فيلسوف احساس کان متاثر ئي ڪونه ٿيندو آهي، ڇو ته هن جو بنياد ئي Argument ۽ Logic تي آهي. منهنجو خيال آهي ته عقل جي ارتقا ۾ احساس جو غيرمعمولي ۽ بنيادي ڪردار آهي. جيڪڏهن احساس نه هجي ها ته عقل ان مقام کي رَسي ئي نه سگهي ها ۽ ساڳيءَ طرح انسان جي محسوسات جو به انساني عقل جي ارتقا ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اوهان ڇا ٿا سمجهو ته هڪ عام ماڻهوءَ جي محسوسات ۽ لطيف جي محسوسات ۾ ڪو فرق نه هوندو؟ هڪ آرٽسٽ، شاعر، تخليقڪار، فيلسوف، اسڪالر، محقق ۽ سياستدان جي جيڪا محسوسات آهي، ڇا تنهن هن عقل جي ارتقا ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو هوندو؟ جيڪڏهن اوهان  کي ان موضوع تي وڌيڪ پڙهڻو هجي ته اپسٽامالاجي يعني (Theory of Knowledge) پڙهو. اهو علم سمجهائي ٿو ته عقل ۽ احساس جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ انڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته عقل جي سڄي ارتقا ۾ احساس جو به وڏو ڪردار رهيو آهي. عقل ۽ احساس هڪٻئي کان ڌار به آهن، هڪٻئي کان مختلف به آهن، هڪٻئي کان منفرد به آهن پر گڏوگڏ هڪٻئي جي پيداوار به آهن. اُهي هڪٻئي تي دارومدار به رکن ٿا، جيئن ڪائنات ۽ سماج جي هر شيءِ هڪ ٻئي مان ڦُٽي نڪري ٿي، هڪٻئي تي اثرانداز ٿئي ٿي، بلڪل ايئن عقل ۽ احساس هڪٻئي کان الڳ به آهن پر هڪٻئي کي متاثر به ڪن ٿا ۽ هڪٻئي کان ترقي به حاصل ڪن ٿا.
ادب ۽ آرٽ ۾ جيڪي آبجيڪٽوسٽس يعني خارجيت پسند آهن، اُهي چون ٿا ته عقل وڌيڪ اهم آهي، جيڪي سبجيڪٽوسٽس يعني داخليت پسند آهن، اُهي چون ٿا ته احساس وڏي شيءِ آهي. حقيقت ۾ ان کي Reconcile ڪرڻو پوندو. اهي ٻئي غلط تصور ۽ مفروضا آهن ۽ آرٽسٽ جو ڪم اهو نه آهي ته هو ويهي اهو نبيرو ڪري. هن جو ڪم آهي آرٽ تخليق ڪرڻ. اهو نبيرو ڪرڻ ادبي تنقيد ۽ فلسفي جو ڪم آهي ۽ شاعر ۽ آرٽسٽ لاءِ اهو ضروري به نه آهي ته هو انهن شين تي ويهي سوچي يا اهو سمجهي ته شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور ڪيئن ٿا ڪم ڪن؟
عقل ۽ احساس جي باري ۾ اهو سطحي پئمانو آهي ته اها ڀيٽ ڪجي ته ٻنهي مان عقل اعليٰ شيءِ آهي يا احساس. اهو غلط آهي، حقيقت ۾ اهي ٻئي Superior به آهن، هڪٻئي مان ڦُٽي به نڪرن ٿا، هڪٻئي جي پيداوار به آهن ۽ هڪٻئي تي اثرانداز به ٿين ٿا.  ان ڪري ادب ۽ فن جا محرڪ احساساتي به ٿي سگهن ٿا ۽ عقلي به، داخلي به ٿي سگهن ٿا ۽ سماجي به، فڪري به ٿي سگهن ٿا ۽ سياسي به، ذاتي به ٿي سگهن ٿا ته قومي ۽ طبقاتي به.
ادب ۽ فن ۾ آفاقيت جو غلط تصور ۽ مفروضو:
ادب ۽ فن ۾ آفاقيت جو سوال ۽ بحث ڏاڍو پراڻو ۽ پيچيده آهي. آفاقيت جو تصور مذهب ۾ هجي يا عقيدن يا ادب ۽ فن ۾- ان جون فڪري پاڙون اوهام پرستيءَ جي روايت ۾ کُتل آهن. صدين کان ماڻهو پنهنجا ڪم مابعدالطبعي ۽ مافوق الفطرت فرضي هستين سان منسوب ڪندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته انسان ايئن تصور ڪندو هو ته کانئس سڀ شيون اُهي فرضي هستيون ڪرائين ٿيون. ماڻهوءَ جو پنهنجي تخليقي صلاحيت ۽ ڏاهپ تي اعتماد سندس شعور جي پختگيءَ سان اچي ٿو، جنهن جي تاريخي عمر تمام ٿوري آهي. ان ڪري تاريخ جو ڳچ عرصو وڏن وڏن ڏاهن ماڻهن، مفڪرن، فنڪارن ويندي سائنسدانن به پنهنجي ذهني، علمي، فڪري ۽ فني پورهيي کي قدرت يا مافوق الفطرت فرضي وجودن يعني آفاقيت سان پئي منسوب ڪيو آهي. يونان ۾ وري اهو پورهيو استادن سان منسوب ڪيو ويندو هو. افلاطون جي ڊائلاگن ۾ رڳو سُقراط ٿو ڳالهائي، جڏهن ته ڳالهيون گهڻي ڀاڱي سندس پنهنجون آهن.
آفاقيت ڏاڍو دلچسپ مفروضو آهي، ان تي گڙٻڙ به ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عقيدي ۾ ورتل سماج آهي، ان جي پسماندگيءَ جو مسئلو به آهي. اوهان اڪثر ٻُڌو هوندو ته فلاڻو شاعر آفاقي شاعر آهي، فلاڻو آرٽسٽ آفاقي آهي، اهي بس تمام مشهور ڪيل ڳالهيون آهن. هڪڙا ماڻهو ٿوري گهڻي ڳالهه تي چوندا آهن، ”لطيف سرڪار هيئن، لطيف سرڪار هونئن“ وغيره. هاڻي ٻُڌايو ته سرڪار جهڙو لفظ لطيف سان ملائڻ، اهڙي ۽ ان کان وڏي توهين ٻي لطيف جي ڪهڙي ٿيندي؟ جيڪو ماڻهو جنهن سان محبت ٿو ڪري، سو ان کي سرڪار ٿو چئي. اهو دراصل غلاماڻي ذهنيت جو اظهار آهي. لطيف کي سرڪار چوڻ اها لطيف جهڙي عظيم شاعر ۽ مفڪر جي توهين آهي. اسان جي پنهنجي ٻوليءَ جو بهترين لفظ سائين آهي. سائين جهڙو ٻيو ڪو سهڻو لفظ نه آهي. اوهان لطيف کي ”لطيف سائين“ چئو، سرڪار جهڙو لفظ لطيف سان منسوب نه ڪرڻ گهرجي، اها ڳالهه مون فقط هتي ئي نه ڪئي آهي پر ڀٽ شاهه ۾ به چئي هئي.
اهو هڪ وڏو غلط مفروضو (Misconception) آهي ته، ”هيءُ فلاڻو آفاقي ادب آهي“، ”هيءُ غيرآفاقي ادب آهي“، فلاڻو فن آفاقي آهي ۽ فلاڻو  فن غيرآفاقي آهي. آفاق لفظ اُفق جو جمع آهي. اُفق جي معنيٰ آسمان يا اُڀُ جو ڪنارو آهي، جتي ڌرتيءَ ۽ اُڀ جي ملڻ جو گُمان ٿيندو آهي. اُفق جي معنيٰ آسمان مان آيل يا ماوراءِ فطرت آهي- اهو غلط مفروضو به شاعرن ۽ اديبن پاڻ ڦهلايو آهي. غالب به چيو آهي:
آتي هين غيب سي مضا مين خيال مين،
غالب صريرِ خامه نوائي سروش هي.
معنيٰ ته ڪو ٻيو آهي، جيڪو مٿان کان ڪم سان لڳو پيو آهي ۽ اهو ئي خيال موڪلي ٿو يا مفڪرن ۽ فنڪارن جي دلين ۾ لاهي ٿو. شيخ اياز به آخري دؤر ۾ لکيو هو ته، ”مان بتي بند ڪري قلم ۽ ڪاغذ هٿ ۾ کڻي ويهندو آهيان، صبح تائين ٻه سئو کن صفحا لکيا پيا هوندا آهن.“ هيءُ قلم ۽ ڪاغذ کڻي بتي بند ڪري ڪمري ۾ ويهي رهندو هو، پوءِ صبح تائين جيڪي ٻه سئو کن پنا ڀريل هوندا هئا، انهن ۾ قافيو ۽ رديف به صحيح هوندو هو، وزن ۽ بحر به پورو هوندو هو، سموريون بندشون به پوريون هونديون هيون، ذهن بند هوندو هو ۽ صبح تائين هٿ پيو هلندو هو. جيئن مون اڳ ڳالهه ڪئي ته انسان جا سمورا خيال، سمورا احساس، سمورا تصور، سموريون سوچون، سموريون خواهشون، سمورا خواب، سموريون ڪيفيتون هن جي داخليت سان گڏ دراصل سماج جي پيداوار هونديون آهن. سماج کان ٻاهران ڪٿان به نه اينديون آهن ۽ ادب ۽ آرٽ انهن ئي محرڪن جي پيداوار آهي. پوءِ ڇا ڪوبه ادب ۽ فن آفاقي ٿي سگهي ٿو؟ هن ڀريي هال مان اُٿي ڪوبه شخص ٻُڌائي ته فلاڻو خيال، فلاڻي وارتا، فلاڻي ڪيفيت، فلاڻو خواب، فلاڻي خواهش وغيره سماج کان ٻاهران ايندي آهي. يا انهن مان ڪنهن به هڪ جي باري ۾ ڪوبه ٻُڌائي ته فلاڻي شيءِ سماج کان ٻاهران جي آهي ته مان پنهنجي مؤقف تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان. اهي جيڪي آرٽسٽ، شاعر ۽ اديب چون ٿا ته فلاڻي شيءِ اسان نه ڪئي آهي، دراصل اهو انهن جو ڪم نه آهي ته اُهي اهو به ٻُڌائن ته انهن اهي شيون ڪيئن ٺاهيون آهن؟ اهو ڪم ڪنهن ٻئي شعبي ۽ علم جو آهي. علمن جون به درجي بنديون ٿيل آهن. اها ڳالهه ادب جي شاگردن لاءِ نهايت اهم آهي ته اهي انهن مفروضن مان نڪري اچن. مان اها ڳالهه پنهنجي پوري علمي ذميواريءَ سان چوان ٿو ته دنيا جو ڪوبه ادب ۽ فن آفاقي نه ٿيندو آهي. دنيا جو سمورو ادب ۽ فن، دنيا جي سمورين ٻولين جو ادب ۽ فن، دنيا جي سمورين تهذيبن ۽ خِطن جو ادب ۽ فن ۽ تاريخ جي سمورن دؤرن جو ادب ۽ فن، پنهنجيءَ سرشت ۾ سماجي هوندو آهي، اهو آفاقي ٿي سگهي ئي نه ٿو. ادب ۽ فن الهامي ٿي سگهي ئي نه ٿو. اديب ۽ آرٽسٽ به غلط نه آهن، پر حقيقت ۾ هو وجدان کي غيب سمجهن ٿا. هو جڏهن پنهنجي احساس ۽ خيال ۾، پنهنجي تخليقيت جي اهڙي مقام تي پهچن ٿا، جتي انهن کي پنهنجي ذات ۽ ماحول جو ڪو احساس نه ٿو رهي، جڏهن انهن جو شعور کان وڌيڪ لاشعور ۽ تحت الشعور ڪم ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن هو ايئن سمجهن ٿا ته اها ڪا ٻي شيءِ آهي، جيڪا اهو ڪم پئي ڪري. جڏهن ته حقيقت ۾ اهو ڪم هو پاڻ ئي ڪندا آهن. لطيف چيو آهي:
”جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي.“
جيڪي ماڻهو گهڻو ذهني ڪم ڪندا آهن، گهڻو  احساساتي ۽ فڪري ڪم ڪندا آهن، انهن جو لاشعور سمهڻ وقت به ڪم ڪندو آهي. هڪ وڏي سائنسدان کان بينزين جو ڪيميائي اسٽرڪچر نه پئي ٺهيو. هن ان ريسرچ تي ٽيهه سال ڏينهن رات ڪم ڪيو، تڏهن به هن کان اهو نه پئي ٺهيو. هڪڙي ڀيري هو سُتو پيو هو ته اوچتو ئي اوچتو ننڊ مان رڙيون ڪري اُٿيو ۽ چيائين، ”مون کي قلم ۽ ڪاغذ آڻي ڏيو.“ هن کي اهي نه ملي سگهيا ته ڀت تي ئي ليڪون ڪڍي هن ڪجهه ٺاهي ورتو ۽ خوشيءَ مان ٽپا ڏئي چوڻ لڳو ته، ”بينزين جو اسٽرڪچر ٺهي ويو- اهو ٺهي ويو.“ هن کان پڇيائون ته، ”اهو تو ڪيئن ٺاهي ورتو؟“ هن ٻڌايو ته، ”مون خواب ڏٺو ته نانگ پئي هليا ۽ ٽپا پئي ڏنائون. سندن راند روند ۾ هڪ اهڙو اسٽرڪچر ٺهي ويو، جو مون سمجهيو ته اهو بينزين آهي.“ هاڻي ان ماڻهوءَ جي وجدان جي ليول ته ڏسو. هن کي خواب ۾ به بينزين جو اسٽرڪچر نظر پئي آيو. ننڊ ۾ به وجدان جي ڪيفيت ۾ هو ۽ هن جو ذهن ڪم ڪري رهيو هو. هن پنهنجيءَ ريسرچ کي ايترو ته وقت ڏنو هو جو هن جا لاشعور ۽ تحت الشعور به ان تي ڪم ڪري رهيا هئا. ايئن ئي آرٽسٽن، اديبن، فيلسوفن ۽ شاعرن سان به ٿيندو آهي. اُنهن جي ننڊ دوران ذهن جي هڪ مخصوص فيڪلٽي سُتل هوندي آهي، باقي دماغ جيئن جو تيئن ڪم ڪندو رهندو آهي. شاعر، اديب، آرٽسٽ ۽ فيلسوف وجداني ڪيفيت کي غيب سمجهندا آهن. اهو وجدان هن جي ڪم ۽ ان جي پنهنجي ڪم سان ڪمٽمينٽ جو وجدان آهي. اهو هن جو جنون آهي، جيڪو هن کي پنهنجي پاڻ کان، ماحول ۽ سماج کان بيخبر ڪريو ڇڏي ۽ وجدان به عقل ۽ احساس جي پيداوار آهي. اهو به ڪا آفاقي شيءِ نه آهي؛ انڪري اهو منهنجو ذاتي خيال آهي ته ڪنهن به شاعر، اديب، تخليقڪار ۽ آرٽسٽ جي ان کان وڌيڪ توهين نٿي ٿي سگهي ته ان لاءِ چئجي ته اهو آفاقي شاعر، آفاقي تخليقڪار يا آفاقي آرٽسٽ آهي.  آفاقيت جو تصور مفڪرن، فلسفين، شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي شعور، تخليقي صلاحيت، پورهيي ۽ عظيم ڪارنامن جي خود فريب نفي آهي. معنيٰ ڪري ڪو ٻيو پيو، ماڻهو رڳو ذريعو آهي. ماڻهو ۽ ان جو شعور سڀني کان مٿانهين شيءِ آهي. آفاقيت رڳو هڪ تصور آهي، جڏهن ته انسان جو شعور، علم، عرفان، ڏاهپ، ادب، سائنس ۽ فن هڪ حقيقت آهي، ۽ نه رڳو اهو پر هڪ تخليقي حقيقت آهي.
شيخ اياز هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته شاعري موجود هوندي آهي، شاعر ان کي دريافت ڪندو آهي. تانسين ۽ بيجو باورا جي سازن ۾ ڌُنون موجود آهن، هو انهن ڌُنن کي سازن مان ڇڪي ڪڍن ٿا. مون ان وقت مضمون لکي چيو هو ته اها ڳالهه غلط آهي. جيڪڏهن اهي شيون اڳ ئي موجود آهن ته پوءِ اهي فنڪار دريافت ڪندڙ آهن، تخليقڪار نه آهن. ڪوبه/ ڪابه تخليقڪار ته آهي ئي تڏهن جڏهن هو پاڻ تخليق ڪري ٿو/ٿي. جيڪڏهن هڪ شاعر اڳ ئي موجود خيالن کي دريافت ڪري ٿو/ٿي- احساس اڳ ئي موجود آهن ۽ رڳو اهي دريافت ڪري ٿو/ٿي، تصور اڳ ئي موجود آهن ۽ اهي هو دريافت ڪري ٿو/ٿي: رنگن ۽ مجسمن جي صورت ۾، موسيقيءَ جي صورت ۾ ۽ جيڪي به ٻيا فارمز آهن انهن جي روپ ۾ ته پوءِ شاعر، اديب ۽ آرٽسٽ ڇا جا/جون تخليقڪار آهن؟ اهي ته دريافتڪار چئجن! ان ڪري ادب ۽ فن ۾ آفاقيت هڪ غلط مفروضو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو شاعرن ۽ اديبن جو ڪم نه آهي ته هو اهو به ٻُڌائين ته هو اُهي تخليقون ڪيئن ڪن ٿا؟ ان ڪري ياد رکڻ گهرجي ته ادب ۽ فن سماجي پيداوار آهي ۽ ان جو مافوق الفطرت فرضي وجودن سان ڪوبه تعلق نه آهي.
ادب ۽ فن ۾ جديديت ۽ ڪلاسيڪيت بابت غلط تصور ۽ مفروضو:
هيءُ به هڪ غلط تصور ۽ مفروضو آهي. اوهان اڪثر ٻُڌو هوندو ته فلاڻو جديد ادب (Modern Literature) آهي ۽ فلاڻو جديد ادب نه آهي. اسان جهڙا ادبي نقاد ۽ سائنسي خيالن جا ماڻهو هر ڳالهه تي سوال ڪندا آهن، مان پڇان ٿو ته جديديت (Modernity) ڇا آهي؟ ڇا هر همعصر شيءِ ماڊرن آهي؟ ۽ جيڪا به شيءِ ڪالهه لکي ويئي هئي، اها ڪلاسيڪل آهي؟ حقيقت ۾ ڪالهوڪيون لکيل سڀ شيون ڪلاسيڪل نه آهن ۽ اڄوڪيون لکجندڙ سڀ شيون به ماڊرن نه آهن. همعصر (Contemporary)  دؤر جي شيءِ ۾ ۽ ماڊرن شيءِ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. ان لاءِ ضرور ڪي پئمانا مقرر آهن. هاڻي اها ڳالهه سمجهڻ انتهائي ضروري آهي ته هر دؤر پاڻ سان گڏ تصورن جو هڪ نظام کڻي ايندو آهي، جنهن کي “System of Imagination” چئجي ٿو. ايئن ئي هر دؤر پاڻ سان گڏ قدرن جو هڪ نظام (System of Values) کڻي ايندو آهي، هر دؤر پاڻ سان گڏ ادراڪن (Perceptions) جو به هڪ نظام کڻي ايندو آهي. بظاهر هر دؤر ايئن ئي هوندو آهي، پر ان جي تصورن ۽ قدرن جو هڪ پورو نظام ٿئي ٿو، جنهن جي باري ۾ ان دؤر جي گهڻائيءَ کي خبر نه هوندي آهي. اسان وٽ ڪيترائي نسل اهو سوچي حرام ٿي ويندا آهن ته هيئن ڪيوسين ته پوءِ ماڻهو الائجي ڇا چوندا؟ هونئن ڪيوسين ته ماڻهو الائجي ڇا چوندا؟ ان ”ماڻهو الائجي ڇا چوندا؟“ واري خيال ڪيترائي نسل تباهه ڪري ڇڏيا آهن. يا وري اڪثر ايئن چيو ويندو آهي ته ”تڪراري ٿي پئون ته پوءِ؟“ ڪوبه سنجيده آرٽسٽ، مفڪر، تخليقڪار ۽ اسڪالر پنهنجي دؤر جي تصورن جي حدبندين کان بليڪ ميل نه ٿيندو آهي. هو ان ڳالهه جي پرواهه ئي نه ڪندو آهي. هن جو  پيشيواراڻو ڪم ئي اهو  هوندو آهي ته هو  پنهنجي دؤر جي تصورن جي نظام ۽ پنهنجي دؤر جي قدرن جي نظام جو قيدي نه هجي. هر وڏي مفڪر، دانشور ۽ جينيس جي اها ئي وڏي نشاني هوندي آهي. همعصر دؤر جو هر ليکڪ، اديب، شاعر ۽ تخليقڪار وڏو ۽ ماڊرن نه ٿيندو آهي. ماڊرن اهو ٿيندو آهي جيڪو پنهنجي دؤر جي غلط تصورن ۽ قدرن جو غلام نه هوندو آهي.
جديديت (Modernity) جو مطلب ئي اهو آهي ته جڏهن ڪو اديب، مفڪر، شاعر ۽ تخليقڪار پنهنجي همعصر دؤر جي تصورن جي نظام، سماجي خواهشن جي نظام، خوابن، خيالن ۽ قدرن جي نظام  کان اڳتي وڌي ڪا نئين ڳالهه پيش ڪري ٿو ته ان کي جديد چئجي ٿو. مثال طور اوهان سڄي اردو شاعري پڙهندا ته مير، اقبال، جوش، فيض، ساحر، سردار جعفري، مخدوم محي الدين ۽ ٻيا ڪجهه ترقي پسند شاعر ڇڏي باقي شاعرن جي شاعريءَ ۾ گهڻي ڀاڱي عاشق هڪ اهڙو شخص ڏيکاريل آهي جنهن کي ڪوبه عزت نفس نه آهي. هو صفا ٺٺينگ ۽ واندو ماڻهو آهي، جيڪو چوويهه ئي ڪلاڪ وتي ٿو محبوبا جو پيڇو ڪندو. هن کي عزت نفس ۽ ذلت جو ڪوبه احساس نه آهي. اردو شاعريءَ ۾ عاشق کي جيترو رد ٿيڻ جو احساس آهي، ان جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نه آهي. اها شاعري رڳو ٻن شين جي قيدي آهي، انهن مان هڪ هجر ۽ ٻيو وصال آهي. اردو شاعريءَ ۾ هجر معنيٰ ته تباهي ۽ وصال معنيٰ وڏي ۾ وڏو معراج. سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته نوريئڙي جي مهماني ٻه ٻير. اردو شاعري صدين تائين گهڻي ڀاڱي هجر ۽ وصل جي دائري کان ٻاهر نه نڪتي. ان صورتحال ۾ فيض ٻه سٽون لکي اهو دؤر ڪراس ڪيو، فيض لکيو آهي ته:
اور ڀي غم هين زماني مين محبت ڪي سوا،
راحتين اور ڀي هين وصل ڪي راحت ڪي سوا.
فيض اردو شاعريءَ ۾ اهڙا رويا ۽ روايتون کڻي آيو، جيڪي ان دؤر کان اڳ ايئن موجود نه هئا. ايئن ئي اقبال آهي. سياسي حوالي کان هو وڏو يا ڪو باڪردار ماڻهو نه هو، پر بحيثيت شاعر اقبال وڏو شاعر هو ۽ ان سان هن جي سياسي عمل جو ڪوبه تعلق نه آهي ته هو شاعر سٺو هو. هو اسٽيبلشڊ ۽ مڃيل وڏو شاعر آهي ۽ رهندو. پنهنجين سمورين سياسي ۽ فڪري ڪمزورين باوجود هن شاعريءَ ۾ نيون شيون آنديون. اقبال چئي ٿو:
جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نه هو روٽي،
اس کيت ڪي گوشهءِ گندم ڪو جلادو.
اهڙا خيال ۽ روايتون اقبال کان اڳ اردو شاعريءَ ۾ موجود نه هيون.ترقي پسند لڏي جنهن ۾ سردار جعفريءَ وارا هئا، انهن ۾ به اها روايت هئي. مثال طور شيخ اياز ان ڪري جديد شاعر نه هو جو هو شڪارپور ۾ ڄائو هو، وڪيل هو ۽ فُل سوٽ پائي هلندو هو، پر اياز ان ڪري جديد شاعر هو جو هُو پنهنجي شاعريءَ ۾ اُهي رويا، اهي تصور ۽ اهي قدر کڻي آيو، جيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ اڳ ان شڪل ۾ موجود ئي نه هئا. ايئن رڳو اياز نه آهي پر شاعرن جو هڪ سلسلو آهي. امداد حسيني جديد شاعر آهي، هن جو ڪتاب ”امداد آهي رول“ اڄ تائين اسان کان نه ٿو وسري. هو ڪيترن ئي وڏن شاعرن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجو هڪ الڳ لهجو کڻي آيو. ايئن استاد بخاري به جديد (Modern) شاعر آهي، ۽ ٻيا به ڪيترائي شاعر آهن. جديديت رڳو ڪجهه مخصوص شاعرن جو مسئلو نه آهي. ادب ۽ آرٽ جي حوالي کان جديد جو مطلب اهو نه آهي ته هر همعصر ليکڪ، شاعر ۽ آرٽسٽ جديد آهي پر هڪڙو اديب، شاعر، آرٽسٽ ۽ اسڪالر پنهنجي دؤر جي تصورن جي نظام، قدرن جي نظام، خواهشن جي نظام، خوابن جي نظام ۽ پنهنجي دؤر جي سمورن خيالن جي نظام کان وڌي پنهنجي شعبي ۾ ڪي نيون شيون کڻي اچي- پوءِ ڀلي ڪي هڪ ٻه شيون ئي کڻي اچي. ممڪن آهي ته ڪو اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ پنهنجي سڄي شاعريءَ ۽ ڪم ۾ روايتي هجي پر ڪنهن خاص موقعي تي پنهنجي ڪنهن هڪ تخليق جي ڪري ماڊرن هجي.
شاهه لطيف ماڊرن شاعر آهي، هو سڄي جو سڄو ماڊرن شاعر آهي. لطيف جي سڄي شاعري ماڊرن آهي. کيس اُن دؤر جي حساب سان ڏسون ته هو پنهنجي دؤر ۽ اڄ جي دؤر جو به ماڊرن شاعر آهي. هو اهڙا رويا کڻي آيو، جيڪي اڄ تائين موجود نه آهن. پر ساڳئي وقت اهو به سمجهڻ گهرجي ته جدت ادب ۽ فن جي تصورن ۾ به ٿي سگهي ٿي ۽ اُها ٻوليءَ، ترڪيبن، فني تجربن، اسلوب ۽ مجموعي طور فارم ۾ به ٿي سگهي ٿي. ممڪن آهي ته ڪو اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ تصورن ۾ جديد نه هجي پر فارم ۾ جديد هجي ۽ ڪو فارم ۾ جديد نه هجي پر تصورن ۾ تمام گهڻو جديد هجي. فيض جو غزل پنهنجي اسلوب ۽ فارم ۾ جديد نه آهي پر تصورن ۽ روين ۾ جديد آهي. سنڌيءَ ۾ حاجي احمد ملاح به وڏو جديد شاعر آهي، جنهن تي لکيو نه ويو آهي. عبدالڪريم گدائي جديد شاعر آهي، جنهن کي اسان وساري ڇڏيو آهي. ڪشنچند بيوس جديد شاعر آهي. ان ڪري ياد رکڻ گهرجي ته هم عصر ادب ۽ جديد ادب ٻه مختلف شيون آهن.
ساڳيءَ ريت اوهان اڪثر ٻُڌندا هوندا ته فلاڻي شيءِ ڪلاسيڪل آهي. سوال آهي ته ڇا هر پراڻي شيءِ ڪلاسيڪل آهي؟ جواب آهي ته هر پراڻي شيءِ ڪلاسيڪل نه هوندي آهي. ڪلاسيڪيت جي باري  ۾ لطيف کان وڌيڪ سهڻي وصف (Definition) ٻئي ڪنهن بيان نه ڪئي آهي. لطيف چئي ٿو:
”وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.“
ڪلاسيڪيت جو مطلب آهي اهڙي شيءِ تخليق ٿيل هجي جيڪا زماني جي گذرڻ سان پراڻي ۽ متروڪ نه ٿئي. ان جي اهميت ختم نه ٿئي. اهڙا تصور، خيال ۽ ان جي اظهار جا حَسين فارم  ايجاد ڪجن جو ڏينهون ڏينهن ان کي دوام ۽ زندگي ملي ۽ وقت گذرڻ سان ان جي اهميت جيئن جو تيئن برقرار رهي. ان ڪري ڪلاسيڪيت جو مطلب اهو ٿيو ته اها شيءِ جيڪا فارم ۽ ڪانٽينٽ ۾ هجي يا تخليق جي جوهر ۾ هجي يا ان جي اسلوب ۽ اظهار ۾ هجي، اها شيءِ نئين ۽ حَسين به هجي ۽ ان کي ڊگهو عرصو حياتي ملي سگهي. ان ڪري ڪلاسيڪل جو مطلب آهي اهي فن پارا، اها شاعري، اهو تخليقي ادب، اهو آرٽ ۽ ادب جيڪو پنهنجي فارم ۽ مواد، اظهار  ۽ جوهر/ڳَرُ ۾ اهڙا تخليقي انداز، موضوع، رويا ۽ حُسناڪي رکي جيڪا وقت جي رفتار سان ختم، متروڪ ۽ پراڻي نه ٿئي. مثال طور لطيف جديد به آهي ته ڪلاسيڪل به آهي، جو وقت سان هو متروڪ نٿو ٿئي. اردوءَ ۾ غالب ۽ مير ڪلاسيڪي شاعريءَ جا وڏا ٿنڀا آهن. ايئن دنيا جي سموري شاعريءَ، ادب ۽ فن ۾ توهان کي جدت سان گڏ ڪلاسيڪي روايتون به ملنديون. هومر انڌو هو، جنهن جي نالي جي به خبر ناهي پر هو يونان جو ڪلاسيڪي شاعر آهي. جدت وانگر ڪلاسيڪيت به خيالن ۾ به ٿي سگهي ٿي ۽ فارم ۾ به، پر تاريخ ۾ اصل اهميت خيالن ۽ تصورن جي آهي. فارم ته خيالن ۽ احساسن جو لباس آهي. حَسين شيءِ سادي لباس ۾ به حَسين لڳندي پر ڪوجهي شيءِ حَسين لباسن ۾ به ڪانه ٺهندي. ان ڪري هر پراڻي يا قديم تخليق ڪلاسيڪي نه آهي.
ادب ۽ فن ۾ ترقي پسنديءَ بابت غلط تصور ۽ مفروضو:
اڪثر ماڻهو ايئن سمجهندا آهن ته ترقي پسنديءَ جو تعلق رڳو مارڪسزم يا ڪميونزم سان آهي، پر حقيقت ۾  ايئن نه آهي. هر دؤر جي ترقي پسندي پنهنجي هوندي آهي. جيڪڏهن ماڻهو مارڪسسٽ آهي ته اها تمام سٺي ڳالهه آهي ۽ جيڪڏهن ڪميونسٽ نه آهي ته به هو ڪو غير ترقي پسند نه ٿي ويندو. ادب هجي، فن هجي، سياست هجي، فڪر هجي يا نظريا هجن، هر دؤر جي ترقي پسندي پنهنجي هوندي آهي. هر اهو فڪر، ادب، فن، ان جا خيال،  اسلوب ۽ ان جا رويا جيڪڏهن پاڻ کان اڳ موجود انهن سڀني شين کان نوان ۽ Advance آهن ۽ انهن کي وڌيڪ ترقيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن ته اهي پنهنجيءَ سرشت ۾ ترقي پسند آهن. اهو به ممڪن آهي ته اڄ جي ترقي پسند شيءِ سڀاڻي جي دقيانوسي شيءِ ٿي وڃي. اهو طئه ٿيل نه آهي ته ترقي پسندي ڪا جامد، ازلي ۽ ابدي شيءِ آهي. ڪنهن زماني ۾ سرمائيداري ترقي پسند شيءِ هئي، ڇو ته جاگيرداري ان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ واهيات هئي. ايئن ئي ڪنهن زماني ۾ وري جاگيرداري ترقي پسند شيءِ هئي، ڇو ته غلام داري ان کان وڌيڪ ظالم ۽ خراب هئي. ايئن ئي ڪنهن زماني ۾ غلام داري به ترقي پسند شيءِ هئي، ڇو ته ان کان اڳ ماڻهوءَ کي جيئرو پوري ڇڏيندا هئا يا ماري ڇڏيندا هئا، ان ڪري هر دؤر جي ترقي پسندي تصورن، خيالن، نظرين، فڪر، ادب ۽ آرٽ جي خيال کان پنهنجي هوندي آهي ۽ هر دؤر جي ترقي پسنديءَ جو هڪڙو حصو پنهنجي همعصر دؤر ۾ ئي متروڪ ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجين روايتين جو هڪڙو حصو اڳتي کڻي ويندو آهي ۽ ان ۾ نوان رجحان ايندا آهن. ان ڪري ترقي پسنديءَ جي باري ۾ مٿيون تصور غلط آهي.
انسان هڪ مسلسل سوچيندڙ ۽ محسوس ڪندڙ جانور آهي. هو هميشه پنهنجي ماحول بابت سوچي ٿو، تصور ڪري ٿو، پورَ پچائي ٿو، خواب ڏسي ٿو، ان جي تعبيرن لاءِ جاکوڙي ٿو. انسان پنهنجين سمورين جبلتي، فطرتي، احساساتي، ذهني، سماجي ۽ تاريخي ڪمزورين باوجود بنيادي ۽ مجموعي طرح ترقي پسند آهي. جي اهو ايئن نه هجي ها ته هو ايترو اُسري اڳتي نه وڌي ها ۽ ترقيءَ جي هن اؤج کي نه رسي ها. ظاهر آهي ته اها ترقي هن سڌيءَ ريت حاصل نه ڪئي آهي. ان لاءِ هن اجتماعي طور ڌِڪا کاڌا آهن، بُڇڙو ٿيو آهي، عظيم بحرانن ۽ تباهين مان گذريو آهي، انيڪ تلخ تجربن مان گذريو آهي. هن ڪاميابين سان گڏ اڻ ڳڻيون ناڪاميون ڏٺيون آهن، جنگيون ۽ جدل سَٺا آهن. پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته هو ٿِڙِي ٿاٻڙِي، وَرَن وڪڙن مان لنگهي، عروج ۽ زوال ڏسي، خوشيون ۽ ڏک سَهي، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ڏسي نيٺ اچي پيرن تي بيهي ٿو ۽ نه رڳو پيرن تي بيهي ٿو پر اڳتي وڌڻ جا گَسَ ڪڍي ٿو. انسان جو سمورو ذهني، احساساتي، سماجي، ثقافتي، سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي سفر بنيادي ۽ مجموعي طور اڳتي وڌندڙ ۽ ترقي پسند آهي. ان ڪري ادب ۽ فن ذريعي به انسان جتي پنهنجن سمورن مثبت ۽ منفي لاڙن جو اظهار ڪيو آهي اُتي هن هر دؤر ۾ ترقي پسند روايت کي به نه رڳو زندهه پئي رکيو آهي پر ان کي ڇالَ ڏئي اڳتي پڻ پئي وڌايو آهي. هر اهو تصور جيڪو روشن خيال آهي، انسان دوست آهي، جامد نه پر متحرڪ آهي، مثبت تبديليءَ ڏانهن مائل آهي، جيڪو انسان جو زندگيءَ، ان جي آئيندي ۽ آزاديءَ ۾ ويساهه وڌائي ٿو، جيڪو جهالت ۽ انڌي عقيدي کي رد ڪري ٿو- اهو ڀل ته ڪهڙي به فارم ۾ هجي، ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ هجي، ڪهڙي به دؤر ۾ هجي، ترقي پسند آهي.
ادب ۽ فن ۾ رومانويت (Romanticism) بابت غلط تصور ۽ مفروضو:
اسان وٽ رومانويت لاءِ به هڪ غلط تصور ۽ مفروضو عام آهي. اوهان اڪثر ٻُڌو هوندو ته هيءُ شاعر رومانوي آهي ۽ هيءُ شاعر رومانوي نه آهي. فلاڻو اديب، آرٽسٽ ۽ مصور رومانوي آهي. سوال آهي ته اهو ڇا آهي؟ ۽ خود رومانويت (Romanticism) ڇا آهي؟ اوهان اڪثر انگريزي شاعريءَ ۾ شيلي، ڪيٽس، بائرن، جان ڊان وغيره پڙهندا هوندا. اهي انگريزي شاعريءَ ۾ رومانويت واري دؤر جا مشهور ۽ نمايان شاعر آهن. رومانويت کي انگريزي ادب جي نقادن ۽ مؤرخن، هڪ تحريڪ طور، هڪ مخصوص دؤر ۽ شاعرن جي گروهه يا روايت سان منسوب ڪيو آهي. اها هڪ مخصوص درجي بندي ڪئي وئي آهي، پر ان درجي بنديءَ تي مان يقين نه رکندو آهيان ته: رڳو ڪيٽس، بائرن ۽ شيلي وغيره رومانوي شاعر هئا، باقي نه هئا. اها هڪ محدود ۽ سطحي ڳالهه آهي. پوءِ ڀلي اها ڳالهه اولهه وارا ڪن يا اسين اوڀر وارا ڪريون، ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي. اها هڪ رسمي ۽ نصابي قسم جي درجي بندي آهي. باقي عالماڻي سطح تي ان جي ڪابه اهميت نه آهي. اصل ۾ يورپ جا ادبي مؤرخ اوڀر جي ادب کان ايترو واقف نه آهن، انڪري سياسي تاريخن وانگر ادب جون عالمي تاريخون به درست نه آهن. مثال طور مغربي مورخن ۽ نقادن کي لطيف، بابا فريد، بلها شاهه، باهو، اَمارو، ڀرتري هري، بهاري، رومي، حافظ، عرفي، اِمرءُ القيس جهڙن عظيم شاعرن بابت ڪيتري خبر آهي؟ ادب جي عالمي تاريخن بابت انهن جو ذڪر مختصر ملندو ۽ گهڻن جو ته ملندو ئي نه. جڏهن ته مغرب جي عام شاعرن جو ذڪر به انهن کان تفصيل سان ٿيل آهي. انڪري مغرب جي دانشورن ۽ اسڪالرن جي ڪيل درجي بندي ڪا حتمي ۽ آخري نه آهي. اصل ۾ اهو مسئلو سياست ۽ ادب ٻنهي سان لاڳو آهي ته اسان جي مستند اورينٽل اسڪالرن ۽ نقادن کي ته ٻنهي دنيائن جي خبر آهي، پر مغرب وارن کي اسان جي باري ۾ گهرائيءَ سان گهٽ خبر آهي. ان جو وڏو سبب اهو به آهي ته اسان جي انهن عظيم شاعرن کي ترجمو به گهٽ ڪيو ويو آهي، ۽ ان سطح تي سندن عالمي طور ادبي، فڪري ۽ فني ڇنڊ ڇاڻ به گهٽ ٿي آهي. نتيجي ۾ هڪٻئي کي سمجهڻ جو وڏو گيپ آهي. اها ئي ڳالهه ادب جي روايتن ۽ تحريڪن بابت لکيل تاريخن جي به آهي. سنسڪرت ۽ فارسي شاعريءَ کان وڌيڪ رومانويت دنيا جي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ هوندي؟ رومانويت لاءِ عام تصور اهو آهي ته جيڪو سرجڻهار ادب ۽ آرٽ ۾ عشق ۽ محبت جي ڳالهه ڪري اها رومانويت آهي، پر حقيقت ۾ رڳو ايئن به نه آهي. رومانويت جو مطلب آهي ته ڪو آرٽسٽ ڪنهن به خيال، ڪردار، تصور، وارتا ۽ ڪنهن به لقاءُ کي اهڙيءَ طرح بيان ڪري ۽ ان ۾ فني گهُرجن ذريعي اهڙو حَسين وڌاءُ ڪري جو اهو اظهار ان اصلوڪي شيءِ کان به وڌيڪ حَسين لڳي. مثال طور اسان  اڪثر چوندا آهيون ته: ”هيءُ ٻار گلاب جو گل آهي.“ ٻار ته گلاب جو گل نه هوندو آهي، دراصل ٻار جي معصوميت ۽ حُسن کي اسان گلاب جي گُل سان تشبيهه ڏئي، ان کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي پيش ڪندا آهيون. يا اسان چوندا آهيون ته فلاڻو ماڻهو چوڏهينءَ جو چنڊ آهي. جڏهن ته اسان کي اها خبر به هوندي آهي ته هُو چنڊ نه آهي. اهو ئي ته Romanticism آهي، جو هڪ آرٽسٽ ۽ تخليقڪار خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن ذريعي هڪ شيءِ کي اصلوڪي شيءِ کان وڌيڪ خوبصورت بڻائي پيش ڪري ٿو. پوءِ ڀلي اهو پنهنجي محبوبا لاءِ ڪري ٿو، گلن ۽ ٻوٽن لاءِ ڪري ٿو، انقلاب لاءِ ڪري ٿو، ڌرتيءَ لاءِ ڪري ٿو- ۽ جنهن شيءِ لاءِ وڻيس تنهن شيءِ کي رومينٽڪ بڻائي پيش ڪري سگهي ٿو. اسان بورس پوليواءِ جو هڪ ناول پڙهيو: ”چراغ جلتا رها“. ان جو هڪ ڪردار جدوجهد ڪندي صفا ختم ٿي ويو پر تنهن هوندي به، پنهنجين ٻانهن تي هليو پئي. هن ڪردار جو پنهنجي مقصد سان رومانس آهي. ادب ۽ آرٽ جو رومانويت سان زندگيءَ ڀر جو ناتو (Life Long Partnership) آهي. جيڪڏهن شيون ”جيئن آهن تيئن“ جي بنياد تي ماڻهن کي ٻُڌائبيون ته اُهي ٻُڌي بيزار ٿي پوندا، ڇو ته اُهي ته هو اڳ ۾ ئي پيا ڏسن. ان ڪري ادب ۽ آرٽ جي حُسناڪي ئي اها آهي ته ماڻهو ان کي افسانويت سان ٻُڌڻ چاهين ٿا. ان کي اصلوڪي حُسن کان وڌيڪ حَسين ڏسڻ چاهين ٿا؛ ۽ ان ڪري ماڻهو ان کان متاثر (Inspire) وڌيڪ آهن. ماڻهو ادب ۽ آرٽ کان ان ڪري وڌيڪ انسپائر ٿين ٿا جو ان ۾ شين جو رومانوي انداز ۾ اظهار ڪيو وڃي ٿو، ان کي ڪوڙ نه پر حُسناڪيءَ واري انداز ۾ ۽ تشبيهن، تمثيلن ۽ ڪناين ذريعي حَسين وڌاءَ سان پيش ڪيو وڃي ٿو. ادب ۽ آرٽ ۾ رومانويت جو مطلب آهي: شين جي اظهار ۾ خارجي ذريعن سان وڌيڪ حُسن پيدا ڪري، ان کي حقيقت نگاريءَ مان افسانويت جي دائري ۾ وٺي وڃڻ. رومانويت حُسن جي اظهار جي افسانويت جو نالو آهي. رومانويت ادب ۽ فن جو روح آهي ۽ اها به ساڳيءَ طرح خيال، ڪردار ۽ موضوع ۾ به ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي فارم ۾ به.
ادب ۽ فن ۾ افسانويت بابت غلط تصور ۽ مفروضو:
اوهان اڪثر ٻُڌو هوندو ته هيءُ افسانوي ادب آهي ۽ هيءُ افسانوي ادب نه آهي. هيءَ ڪهاڻي آهي ۽ هيءُ افسانو آهي. اسان وٽ ماڻهن کي جيئن وڻندو آهي تيئن چوندا آهن. ايئن ئي اردوءَ ۾ به آهي. اردوءَ جو مشهور اديب مظهرالاسلام منهنجو سُٺو دوست آهي، مان هن کي چوندو آهيان ته، ”اردوءَ جا ڪهاڻيڪار پاڻ کي افساني نگار لکندا آهن، تون افساني نگار آهين پر پاڻ کي ڪهاڻيڪار لکندو آهين.“ اسان وٽ ادبي تنقيد ڪمزور هجڻ سبب ماڻهو اهو فرق نه ٿا سمجهن. حقيقت ۾ ڪهاڻيءَ ۽ افساني ۾، فني خيال کان، زمين ۽ آسمان جيترو فرق آهي. هر ڪهاڻي افسانو نه هوندي آهي پر هر افسانو ڪهاڻي ضرور هوندو آهي. انهن ۾ فرق اهو آهي ته ڪو ليکڪ ڪو اهڙو تصور، اهڙو خيال، اهڙو ڪردار يا وارتا يا ڪا اهڙي ڪيفيت بيان ڪري، ٻُڌائي يا چِٽي، جنهن کي ان انداز ۾ اڳ ڪڏهن به پيش نه ڪيو ويو هجي. مثال طور افلاطون (Plato) جو ڪتاب ”رعيتي راڄ“ (Republic) آهي. اهو ڪتاب هونءَ فلسفي جو آهي پر اهو فڪشن به آهي. ان ۾ هن رياست جو هڪ اهڙو خاڪو پيش ڪيو آهي، جيڪو ان کان اڳ دنيا ۾  موجود ئي نه هو. اهو ڪتاب افسانويت آهي ۽ افسانويت کي دوام آهي، ڇو ته حقيقت کي ماڻهو جلدي رسي وٺندو يا اها ماڻهوءَ لاءِ جلد بي معنيٰ ٿي پوندي. ادب ۽ آرٽ ۾ رومانويت ۽ افسانويت تمام حَسين شيون آهن. شرط رڳو اهو آهي ته ان جو خيال، روح، تصور ۽ پيغام غيرمعمولي هجي. ادب ۾ حقيقت نگاري هڪ زبردست شيءِ آهي، ڪرشن چندر حقيقت نگار هو، سعادت حسين منٽو حقيقت نگار هو، عصمت چغتائي حقيقت نگار هئي، ۽ ايئن ٻيا ڪيترائي ليکڪ حقيقت نگار آهن ۽ ٻيا ڪيترائي ليکڪ يا افسانوي اديب ۽ آرٽسٽ رهيا هئا/ آهن.
ادب ۾ حقيقت نگاريءَ ۽ افسانويت جي ڀيٽ جو ڪو مسئلو نه آهي. سوال اهو نه آهي ته ڪهڙو ادب سٺو آهي يا ٻيو گهٽ سٺو آهي. اصل ۾ اِهي ادب جون ٻه مختلف روايتون آهن. هڪ روايت اها آهي جيڪا اهڙا تصور، ڪردار، وارتائون، احساس ۽ خيال سامهون آڻي ٿي، جيڪي دنيا ۾ يا ته ٿي گذريا آهن، يا اڄ موجود آهن يا وڌ ۾ وڌ ٿي سگهن ٿا. ان روايت پوئواريءَ ۾ دنيا ۾ عظيم ادب به تخليق ٿيو آهي ۽ نهايت ڇسو ۽ فرسوده ادب به. ويهين صديءَ جي ترقي پسند حقيقت نگاري ته ادب جي سماجي ڪارج کي زمين تان کڻي آسمان تي پڄائي ڇڏيو. سنڌي ادب به ان روايت کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ساڳيءَ طرح ادب ۾ افسانويت جي روايت به تمام پراڻي آهي، ۽ نه رڳو پراڻي آهي پر حقيقت نگاريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پراڻي آهي. سڀ کان اڳ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ادب ۽ فن ۾ افسانويت جي روايت ڇا آهي؟ يا خود افسانويت ڇا آهي؟ افسانويت معنيٰ دل ۾ گهڙيل ڳالهه؛ اهو لفظ اصل ۾ ”فُسون“ مان نڪتو آهي. انڪري افسانويت پنهنجي سِر ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. ماڻهو دل ۾ نهايت فضول، اجايون، بي روح، خود فريب، جهالت گاڏڙ ۽ واهيات ڳالهيون به گهڙي سگهي ٿو ۽ ان جو فني اظهار به ڪري سگهي ٿو، پوءِ اهو ڪنهن به فارم ۾ هجي. ساڳيءَ ريت ماڻهو دل ۾ عظيم، حَسين، لازوال، انسان دوست، فطرت دوست، نفيس، لطيف ۽ غير معمولي ڳالهيون به گهڙي سگهي ٿو يا گهڙي سگهي ٿي. اهميت رڳو اُڻت ۽ گهڙت جي ناهي پر اهميت ان جي ڳر ۽ جوهر جي آهي، ۽ ان سوال جي آهي ته ماڻهو ڇا ٿو گهڙي؟ ان جو فڪري معيار ڇا آهي؟ اها ڳالهه ڪيتري تخليقي آهي؟ ايئن رڳو ڳالهيون ڇو؟ ماڻهو خيال، ڪردار، وارتائون، احساس، ڪيفيتون، اظهار جا نوان تخليقي انداز، قدر، خواب، آدرش ۽ اُتساهه به تخليق ڪري سگهي ٿو يا ان جي اُبتڙ به شيون گهڙي سگهي ٿو. ان ڪري جڏهن ماڻهو اهڙيون ڳالهيون، اهڙا خيال، تصور، آدرش، ڪردار، احساس ۽ قدر تخليق ڪري ٿو، جيڪي نه اڳ ڪڏهن ان حالت ۾ رهيا هجن، نه اڄ موجود هجن ۽ نه اڳتي ممڪن ٿي سگهن ته ان کي اسان خالص تخيلاتي ۽ افسانوي ادب سڏي سگهون ٿا. ان ادب ۽ فن کي ان ڪري وڌيڪ دوام آهي جو اهو وقت سان متروڪ نه ٿو ٿئي. اهو هر دؤر ۾ ماڻهوءَ کي علامتي طور اُتساهي ٿو. جوناٿن سئفٽ جو ناول آهي ”گوليور جا سفر“، جنهن جو مون شروع ۾ ذڪر ڪيو، اهو هڪ مڪمل افسانو آهي. ان ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي، اها حقيقي هئي ڪانه، ۽ ٿي سگهي به نٿي، پر ان جو بنيادي خيال ماڻهوءَ کي هميشه اُتساهي ٿو. لطيف جا سڀ ڪردار افسانوي آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو دنيا ۾ هئڻ گهرجن پر آهن ڪونه- شايد خود لطيف پاڻ به ايئن ڪونه هو. ان جو حُسن آهي ئي اِهو، جو اهي ڪردار آئيڊيل آهن ۽ ماڻهو اهڙي ٿيڻ جي هميشه جاکوڙ ڪندو رهندو ۽ اهي ڪردار هن کي اُتساهيندا رهندا. مان ذاتي طور معياري ۽ تخيلاتي افسانويت کي ادب ۽ فن ۾ وڌيڪ اهميت ڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته حقيقت جي اظهار جي عمر ٿوري آهي پر ان جي اهميت ضرور آهي. جي افسانوي ادب ۾ خيال، ڪردار ۽ قدر يا احساس غير معمولي ۽ نهايت معياري آهن، ته پوءِ اهڙو ادب اُهو آهي جنهن لاءِ لطيف چيو هو:
”وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.“
سنڌي ٻوليءَ جي نثر ۾ اڃا اهو افسانوي ادب پيدا نه ٿيو آهي ۽ جي ٿيو آهي ته گهٽ ٿيو آهي. نسيم کرل، امر جليل، رسول بخش پليجي، عبدالقادر جوڻيجي، نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءَ جعفري، حفيظ شيخ ۽ علي بابا ۾ اهي صلاحيتون هيون، جيڪي سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب جي روايت کي بلندين تي کڻي وڃن ها پر هڪ حد کان وڌيڪ ايئن نه ٿيو. علي بابا، امر جليل ۽ عبدالقادر جوڻيجي وري به ڪجهه وکون کنيون. نسيم کرل پاڻ کي افسانويت بدران سماجي موضوعن تائين محدود رکيو، هن جو تخيلاتي پاسو ڪمزور آهي. اسان کي حد کان وڌيڪ ڪلچر پرستيءَ به ڌڪ رسايو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪلچر، تخيل ۽ افسانويت ۾ وڏو بنيادي تضاد آهي. رڳو ڪلچر ۾ ڦاٿل ماڻهو اسٽيٽسڪو کان ٻاهر نڪري نٿو سگهي ۽ اهو پنهنجي هم عصر دؤر جي سماجي، فڪري، احساساتي ۽ سياسي يا ثقافتي حقيقتن ۽ بندشن ۽ محدود دائرن جو غلام ٿي وڃي ٿو. تخيل هڪ متحرڪ ڳالهه آهي، جتي ماڻهو زمان ۽ مڪان جون حدون ٽپي ويندو آهي ۽ معياري افسانويت ان کانسواءِ تخليق ٿي سگهي ئي نٿي.
دنيا جي هر قوم جو ڪلچر گهڻي ڀاڱي عوام دشمن، فرسوده، دقيانوسي ۽ خراب هوندو آهي ۽ ان جو هڪ ننڍڙو حصو زبردست، بي مثال،  تخليقي، عوام دوست ۽ انسان دوست هوندو آهي ۽ ترقي پسنديءَ جي تقاضا اها آهي ته ڪلچر جي انهيءَ پاسي کي اڳتي وڌائبو آهي. ڪلچر جي عوام دشمن پاسي جي نفي ڪبي آهي. انڪري ياد رکڻ گهرجي ته ڪلچر ڪابه پيڪيج ڊيل نه آهي. دنيا جي ڪابه اها قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، جيڪا جائز حد کان وڌيڪ ڪلچر پرستيءَ جو شڪار آهي. ڪلچر ۽ ترقيءَ جي وچ ۾ هڪ بنيادي تضاد آهي. عام طرح ادب جو گهڻو حصو ان فرسوده حصي جو ترجمان رهيو آهي، ۽ ادب ۽ آرٽ جو هڪڙو حصو اهو آهي، جيڪو  ان تخليقي ۽ بهتر حصي جو ترجمان آهي، انڪري اهڙي ادب ۽ آرٽ کي جنرلائيز ڪرڻ غلط آهي. صحيح ادب، تخليقي ادب، انسان دوست، وطن دوست ۽ حَسين ادب ۽ آرٽ اهو آهي جيڪو  ڪلچر جي ان حَسين ۽ انسان دوست پاسي بيٺل آهي، ۽ ان ۾ وڌيڪ حَسين واڌارا ڪندڙ آهي. انڪري حد کان وڌيڪ ڪلچر پرستيءَ جي ماحول ۾ عظيم تخيلاتي ۽ افسانوي ادب تخليق ٿيڻ جا امڪان گهٽ رهن ٿا. مثال طور لطيف آهي. هن شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي پر هن جا تصور سنڌي سماج جا ناهن، بلڪ، ان جي نفي ڪندڙ ۽ ان جي اُبتڙ آهن. لطيف جا تصور سنڌ ته ڇا پر عالمي انساني سماج جي همعصر سطح کان به نهايت اڳتي آهن. لطيف جي ڪردارن جهڙا ماڻهو سڄيءَ دنيا ۾ ڪونهن. اهڙا رويا ۽ قدر به ڪونهن، اهڙا معيار ۽ ماڻ ماپا به ڪونهن. ان ڪري ئي اهو هميشه اُتساهي ٿو، ۽ ماڻهو ايئن ٿيڻ جا خواب ڏسي ٿو، ۽ ان لاءِ جاکوڙي ٿو. سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ هڪ ئي وڏو افسانويت جو لازوال فنڪار ۽ شاعر پيدا ڪيو، اهو لطيف آهي، ڇاڪاڻ ته هن جا تصور، رويا، ڪردار ۽ احساس موجود سماجي حقيقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عظيم، جٽادار، اُتساهيندڙ، متحرڪ، تخيلاتي ۽ غير معمولي آهن.
ادب ۽ فن ۾ جماليات بابت غلط تصور ۽ مفروضو:
جماليات فلسفي جي پنجن شعبن مان هڪ آهي ۽ اهو فلسفي ۾ هڪ باقاعدي علمي ڊسيپلين آهي، ۽ جيتوڻيڪ جماليات جو موضوع فلسفي جو آهي، پر ان جو ادب ۽ آرٽ سان به گهرو تعلق آهي. عام تصور اهو آهي ته جماليات ڪو فارم جو مسئلو آهي. غزل آهي ته غزل جو فارم آهي، نظم آهي ته نظم جو فارم آهي، افساني يا ڪهاڻيءَ (Fiction) جو فارم آهي، مصوريءَ جو فارم آهي، موسيقيءَ جو فارم آهي، ۽ ٻيا ڪيترائي فارمز آهن. ماڻهو سمجهن ٿا ته حُسن جو اظهار جماليات آهي، پر رڳو ايئن نه آهي. جماليات فارم ۾ به آهي پر اها ڪانٽينٽ ۾ به آهي. منهنجو خيال آهي ته ادب ۽ فن جي حقيقي جماليات ان جي فارم سان گڏ ڪانٽينٽ ۾ هوندي آهي. انڪري اهو غلط آهي ته ادب ۽ آرٽ جي جيڪا به جماليات آهي، اها رڳو ان جي فارم ۾ آهي. رڳو ان جي اسلوب ۽ ڊڪشن ۾ آهي. جماليات فارم ۾ به آهي، اسلوب ۽ ڊڪشن ۾ به آهي پر رڳو ان ۾ به نه آهي، ۽ حقيقت ۾ سڀ کان اعليٰ  جماليات ڪنهن فنپاري جي جوهر ۽ ڪانٽينٽ ۾ هوندي آهي. فارم جي جماليات اِها آهي ته ان جي ٻولي ڪيتري اوريجنل ۽ حَسين آهي؟ ان جون ترڪيبون، تشبيهون، تمثيلون، اشارا، ڪنايا، علامتون، عڪس بندي، گهاڙيٽا ۽ فني تجربا ڪيترا حَسين آهن. جڏهن ته ڪانٽينٽ جي جماليات جو مطلب اِهو آهي ته ان جا خيال، تصور، قدر، احساس ۽ نياپو ڪيترا زبردست، روشن خيال، تخليقي، جديد، انسان دوست، فطرت دوست ۽ انصاف پسند آهن، ۽ انهن ۾ ڪيتري فڪري گهرائي آهي؟ جماليات کان سواءِ ادب ۽ فن مڙئي ڳالهه رهجي ويندو، ۽ وڏي ڳالهه ته ادبي تخليقن ۽ فنپارن ۾ فڪري ۽ فني جماليات جو توازن به ضروري آهي. جي خيال حَسين هوندا ۽ فارم ڪمزور، روايتي ۽ غير تخليقي هوندا ته خيال جو اثر محدود ٿي ويندو، ۽ جيڪڏهن تصور ۽ قدر پسمانده، فرسوده ۽ ڇَسا هوندا؛ ۽ انهن جو فني اظهار معياري ۽ حُسناڪ هوندو ته اهو ادب ۽ فن وڌيڪ گمراهه ڪندڙ ثابت ٿيندو. پوءِ ايئن ٿيندو جيئن لطيف چيو آهي ته: ”پاڻان ڏوهه چڙهن جي ورق ورائين ويترا“. ان ڪري ادب ۽ فن ۾ ڪانٽينٽ ۽ فارم جو حُسناڪ توازن تمام ضروري آهي ۽ اهو حُسناڪ توازن ئي ادب ۽ فن کي زندگي، دوام، جاذبيت ۽ جمال بخشيندو.
ادب ۽ فن ۾ لافانيت هجڻ وارو غلط تصور ۽ مفروضو:
هيءُ به هڪ غلط تصور ۽ مفروضو آهي ته فلاڻو ادب لافاني ۽ امر آهي. ادب ۽ آرٽ ۾ جيڪو لافانيت جو سوال آهي، ان بابت هيءُ منهنجو ذاتي خيال آهي. توهان ان سان اختلاف به ڪري سگهو ٿا. تاريخ جي تمام ڊگهي ۽ وسيع تناظر ۾، اهو طئي ڪرڻ ممڪن نه آهي ته ڪوبه اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ يا ڪوبه ادب ۽ انهن جو جيڪو فني اظهار آهي، هميشه، هر زماني ۽ هر نسل لاءِ اهڙو ئي جاذب، حَسين ۽ قابل قبول هوندو. اهو انساني تهذيب جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي ته بي مثال ۽ اعليٰ شيون به وقت سان يا ته مِٽجي وڃن ٿيون يا انهن ۾ اُها جمالياتي جاذبيت ۽ مُوهه باقي نٿو رهي. اها ڳالهه هر شيءِ تي لاڳو ٿئي ٿي. مثال طور مارڪس چيو آهي ته شاعريءَ جو حَسين دؤر گذري چڪو آهي. جيئن جيئن اربنائيزيشن ٿيندي، شهري سماج ٺهندو، تيئن تيئن عظيم شاعريءَ جو دؤر جهڪو ٿيندو ويندو، ڇو ته انسان کي سماجي حالتون اهڙيون ملنديون ئي ڪونه، جن ۾ هن کي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ايڏو وقت، تنهائي ۽ سازگار ماحول ملي.  مثال طور فلسفو آهي، ڪو زمانو هو، هي سڀ شعبا فلسفي جا هئا پر جيئن جيئن وقت گذريو آهي، ان کان گهڻا شعبا کسجي ويا آهن. اڄ سائنس پنهنجا سڀ ڪم ان کان کسي ورتا آهن. ڪالهه اهي ڪم به فلسفو ڪندو هو، اڄ سائنس پاڻ ڪري ٿي. اڄ سائنس ۾ به هزارين شعبا ٿي ويا آهن،  اڄ ادب پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو، آرٽ پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو، اڄ سماجي سائنسون پنهنجا ڪم پاڻ ڪن ٿيون، اڄ سوشل سائنس، نيچرل سائنس ۽ اپلائيڊ سائنس جي وچ ۾ درجي بندي ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري اڄ فلسفي جا منصب، ڪم ۽ مقام ٻئي قسم جا آهن. اڄ فلسفو سڀ ڪم نه ٿو ڪري پر مخصوص ڪم ڪري ٿو. ڪنهن زماني ۾ فلسفو اهي سڀ ڪم ڪندو هو. اڄ فلسفو گهڻي ڀاڱي ساختيات (Structuralism) تي ڪم ڪري ٿو، پوءِ اُها ساختيات ٻوليءَ جي هجي، فڪر جي هجي، ادب جي هجي يا سماج ۽ سياست جي. انڪري لافانيت جو تصور غلط آهي. سماج جو ڪوبه لقاءُ، نظريو، سماجي خيال، سماجي تصور، ڪابه سماجي صورتحال، سماجي وارتا، ڪوبه سماجي قدر لافاني ۽ امر ٿي سگهي ئي نه ٿو. سماج هڪ متحرڪ (Dynamic) شيءِ آهي، ان جي اندر ۾ ڊائنامزم آهي، اها هر وقت تحرڪ ۽ تغير ۾ آهي، ان ڪري سماج جا جيڪي به نظريا آهن، جيڪي به ادب ۽ آرٽ آهن ۽ ٻيون شيون آهن، اهي انساني تهذيب جي سفر جو حصو آهن. اهي سڀ پنهنجي پنهنجي دؤر جا حَسين يادگار، ڏاڪا ۽ مرحلا آهن، جن جي سونهن ۽ موهه اُن دؤر جي حساب سان زندهه رهندو، پر اهو هر زماني ۾ سڀني ماڻهن کي ساڳيءَ طرح انسپائر ڪندو، اهو چوڻ شايد درست نه آهي. ان ڪري ادب ۽ آرٽ جي باري ۾ لافانيت جو سوال ايئن آهي ته اهي اُن دؤر جون حَسين شيون ايندڙ دؤر کي بنياد فراهم ڪنديون، ان ۾ خوبصورت واڌارا ڪنديون ۽ پنهنجي دؤر جي نسبت سان زندهه رهنديون. ايئن به ناهي ته عظيم تخليقون بنهه متروڪ ۽ موهه کان خالي ٿي وينديون، پر دراصل اُهي ساڳيءَ طرح هر دؤر جي ماڻهن کي ساڳيءَ نسبت ۽ معنيٰ سان ۽ ساڳيءَ حد تائين ڪونه موهي سگهنديون. اها شيءِ ادب ۽ فن جي مواد ۽ جوهر تي به لاڳو آهي ۽ ان جي فارم تي به. حقيقت ۾ لافانيت يا امرتا به هڪ نسبتي ڳالهه آهي. ڪن عظيم ترين تخليقن جو روح ۽ جوهر هڪ حد تائين امر ٿي سگهي ٿو، پر اهي تخليقون پنهنجي سموري مواد ۽ فارم ۾ به هميشه ۽ هر دؤر لاءِ امر رهن- ايئن ممڪن ناهي. جڏهن هر شيءِ کي نسبتي ڪري وٺبو ته پوءِ ڳالهه سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي.
آخر ۾ هڪ ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته ادب ۽ فن بابت جن غلط تصورن ۽ مفروضن جي اسان ڳالهه ڪئي آهي، اُهي رڳو اسان وٽ ڪونهن پر سڄيءَ دنيا ۾ رهيا آهن. اسان وٽ فلسفي ۽ ادبي تنقيد جو اڃا اُهو معيار ۽ ڪردار ڪونه جُڙيو آهي، جنهن ۾ انهن غلط تصورن ۽ مفروضن بابت ماڻهو ۽ خاص طور اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ واضح ٿين. اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ ماکيءَ جي مَک وانگر آهن، هو جيترو سُٺن ۽ عظيم خيالن جي گلن تي ويهندا، اوتري مٺي ماکي کڻي ايندا. ماکيءَ جي مک فرسوده خيالن، تصورن ۽ قدرن جي لاڻين تي ويهي ته ماکي ڪونه ٺاهيندي. سنڌي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ ادب جي شاگردن لاءِ نهايت ضروري آهي ته اهي ادب ۽ فن بابت غلط تصورن ۽ مفروضن بابت پنهنجي فڪري سمجهه، علم ۽ ڏاهپ جو معيار بلند ڪن. ان طرح ئي اسين پنهنجي ادب ۽ فن جي عظيم روايتن کي زندهه رکي، هڪ وڌيڪ زبردست ادبي، فڪري ۽ فني دؤر جو بنياد وجهي سگهون ٿا، ۽ ادب جي عظيم لطيفي روايت جا امين بڻجي سگهون ٿا.


]هيءُ ليڪچر 21 سيپٽمبر 2006ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران پروفيسر محرم خان ليڪچر سيريز تحت منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن، اديبن، شاعرن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي- ادارو[

No comments:

Post a Comment