11/10/2015

ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“
مٺل جسڪاڻي
پهاڪا ۽ چوڻيون علمي ۽ تاريخي وسعت جي ڪري ٻولي جي سونهن آهن، ۽ پهاڪن توڙي چوڻين جي مدد سان، ڪا به تفصيلي ڳالهه ڪرڻ، ردعمل ۾ ڊيگهه ڪرڻ کان سواءِ به مقصد ڀري تمام وڏي ڳالهه ڪري سگهبي آهي.
سنڌ اتر، لاڙ، وچولي، ٿر (ريگستان)، ڪوهستان (جابلو پٽي، ڪاڇي ۽ ڪچي ۾ ورهايل نه هجڻ باوجود ورهايل آهي. سنڌ جي مجموعي ٻولي هڪ سنڌي ئي آهي، پر سنڌ جي مختلف خطن ۾ ان هڪ سنڌي زبان جا لهجا به مختلف آهن.
ٻولي جي لهجن بابت گهڻا سال اڳ پڙهيو هئم، پر جيئن ته سنڌي منهنجو مضمون نه رهيو، ان ڪري ٻولي جي حوالي سان ڪا خاص ڄاڻ به نه اٿم.

ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته رسول بخش درس وٽ ڪچهري ۾ ويٺو هئس، اتي ٻولي جي لهجن جو ذڪر نڪتو، ته رسول بخش چواڻي، سندس لهجو حيدرآبادي آهي! جڏهن ته رسول بخش درس جهمير لڳ ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي قائم ڳوٺ ڦوٽو درس جو رهواسي آهي. جهمپير ۽ آسپاس جي رهواسين جي ٻولي ۾ جابلو ۽ لاڙي لهجو عام آهي.
مون تي جهمپير ٿيل ان ڪچهري جو سحر اڃان طاري هو، ته احسان راهوجو جي ٿورن سان انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو بازار ۾ آيل نئون ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ مليو، ته سچ پچ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي ان ڪتاب بابت ٻيءَ ته معلومات ملي، پر ٽنڊو محمد خان واري حڪيم يوسف پاران هن ڪتاب تي تبصرو ۽ ان تبصري تي رايا به پڙهڻ جو موقعو ملي چڪو هو ۽ مون کي لکڻ توڙي ڳالهائڻ وقت پهاڪا ۽ چوڻيون ذهن تي تري ته اينديون آهن، پر ڪجهه پهاڪا ۽ ڪي پهاڪا غلط يا صحيح هجڻ جي گڏيل صورتحال مونجهاري جو سبب بڻبي آهي. ان ڪري هي ڪتاب خريد ڪري وٺڻ جو فيصلو ڪيو هئم، ان کان اڳ منهنجي ڪتابن ۾ شامل ٿيو ته خوشي ڪجهه سرس ٿي پئي.
لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ۾. ڪتاب جي اندرئين سادي سرورق موجب حيدرآباد، ماڃر / ڪڪرالي کاري ڇاڻ ۽ مٽياريءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون شامل آهن. فهرست مطابق پهرين رياضت ٻرڙو پاران ٻه چار لفظ، مصنف يعني انجنيئر عبدالوهاب سهتو پاران چڱا اکر، ان کان پوءِ ڪتاب لاءِ حدف وارو مواد حيدرآباد جا پهاڪا ۽ چوڻيون، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا پهاڪا ۽ چوڻيون، ۽ مٽيارين جا پهاڪا ۽ چوڻيون تي مشتمل ٽي باب، ٽي ڀاڱا يا ڪتاب جا ٽي حصا آهن، جڏهن ته آخر ۾ سائنسي ڪتابن وانگر ڏسڻي ڏئي، مون جهڙي ضرورت مند لاءِ تمام گهڻي سهوليت ڪئي وئي آهي. ڇو ته ڏسڻي ۾ ڪتاب ۾ موجود هر پهاڪي جي نشاندهي سان اهو صفحو به ڄاڻايل آهي، جنهن صفحي تي ان پهاڪي يا چوڻي بابت تفصيلي معلومات ڏنل آهي. مثال طور ڏسڻي ۾ ڏسندي منهنجي نظر پئي ”اهڙو ڪم ڪجي جو، نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي“ تي. ڏسڻي ۾ هي پهاڪو نمبر 8 آهي، هن بابت ڄاڻ صفحي 75 تي ڄاڻايل آهي. جڏهن ڄاڻايل صفحي تي ويس ته هي پهاڪو ”مٽيارين جا پهاڪا ۽ چوڻيون“ واري باب ۾ هجڻ ڪري، ان باب جو هي 5 نمبر پهاڪو آهي ۽ اتي هن پهاڪي متعلق ضروري معلوماتي سمجهاڻي ۽ مطلب پڻ ڏنل آهي. مطلب نمبر ٻه موجب هن پهاڪي جو مطلب ٻئي پهاڪي جي مدد سان ڏيندي ”اهڙو ڪم ڪجي جو، لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي“ لکيل آهي. اها هن ڪتاب جي اضافي سهوليت، اهميت به مون کي دل سان وڻي.
هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 159 پهاڪا ۽ چوڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان 40 حيدرآباد، 68 ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ ۽ 51 مٽيارين جا پهاڪا ۽ چوڻيون شامل آهن.
هي ڪتاب انهن اديب دوستن جي نالي منسوب ٿيل آهي، جن ليکڪ سان هي ڪتاب تيار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي ۽ ڪتاب جي ليکڪ جي اها فراخدلي آهي، جو هن ارپنا جي ٻن اکرن کان پهرين اهو سڀ ڪجهه لکيو آهي ته ڪهڙي ڪهڙي دوست سندس ڪهڙي مدد ڪئي. ياد رهي ته مولف جا اڳ ۾ 3 ڪهاڻين جا مجموعا، 7 ڪتاب پهاڪا ۽ چوڻيون / ورجيسيون جي حوالي سان، 4 ڪتان تاليف ۽ ترتيب جي صورت ۾ ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته پهاڪن ۽ چوڻين جي ئي حوالي سان سندس 6 اڻ ڇپيل ڪتاب وٽس ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن.

هن ڪتاب جو چئن رنگن ۾ خوبصورت سرورق (ٽائيٽل) احسان دانش ٺاهيو آهي، هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرد) قمبر جو ڪتاب نمبر 45 آهي، جيڪو اڪيڊمي جي چيئرمئن عبدالحميد ميمڻ ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر پاران سيپٽمبر 2015ع ۾ پڌرو ڪيو، ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي.

2 comments:

  1. سائين منھنجا مضمون اندر ليکڪ جو نالو انجنيئر عبدالخالق سھتو لکيل آھي، جنھن جي تصحيح ڪندا.


    انجنيئر عبدالوھاب سھتو

    ReplyDelete