12/12/2015

فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري - محمد پنهل ڏهر (Muhammad Punhal Dahar)

 محمد پنهل ڏهر

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور پاران رياست خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن طرفان قائم ڪيل مشهور ۽ قديم سچل سرمست لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪئٽلاگ ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ“ جي نالي سان 1997ع ۾ اردو ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪئٽلاگ جو مرتب محترم محمد يوسف خشڪ آهي، جو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ درس و تدريس سان وابسته آهي ۽ مشهور اسڪالر جناب ڊاڪٽر نجم الاسلام جو وڏو هٿ آهي، جنهن جو اعتراف فاضل مرتب خود هن طرح ڪيو آهي: ”هن لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو راز مون تي منهنجي استاد محترم پروفيسر شعبه اردو سنڌ يونيورسٽي، ڊاڪٽر نجم الاسلام ظاهر ڪيو هو ۽ ان سان گڏ قلمي نسخن جي تفصيلي فهرست مرتب ڪرڻ لاءِ به صلاح ڏني هئي. استاد محترم جو مشورو مون لاءِ حڪم برابر هو. انهن قلمي نسخن تي ڪم ڪرڻ سولو ڪم نه هو، خاص طور تي اهڙي شاگرد لاءِ جيڪو خادم العلم ته آهي، ليڪن محقق نه آهي. ليڪن ڊاڪٽر نجم الاسلام صاحب جھڙا انسان جنهن کي به چاهين ادبي لائين تي بيهارين.  مون کان به اهڙيءَ طرح هي وڏو ڪم ڪرايو ويو. حڪم جي تعميل ۾ دير ضرور ٿي، ليڪن خدا جو شڪر آهي جو تڪميل خير خوبي سان ٿي.“ (فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري، صفحو 13).

هن ڪئٽلاگ جي ڇپجڻ سان سنڌ ۾ انهيءَ موضوع تي ڇپيل ڪتابن ۾ وڌارو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي انهيءَ موضوع تي ڇپيل ڪتاب بلڪل ٿورا آهن. هن ڪتاب تي فاضل مرتب محترم محمد يوسف خشڪ صاحب تمام سُٺي محنت ڪئي آهي، جنهن لاءِ هن صاحب بيشڪ کيرون لهڻيون.
هن ڪئٽلاگ ۾ مذڪوره لئبرريءَ ۾ موجود فارسي، عربي، اردو ۽ سنڌي قلمي نسخن جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي. اهي سڀ قلمي نسخا (سنڌي قلمي نسخن کان سواءِ) ورهاڱي کان پوءِ حيدرآباد دکن جي هڪ شخص حڪيم مظفر حسين خان کان مرزا ممتاز حسين قزلباش (اُن وقت جو وزير اعليٰ رياست خيرپور) ٻه هزار پنج سو روپين ۾ خريد ڪيا هئا. (فهرست مخطوطاب سچل سرمست لئبرريءَ، صفحو 13.).
هن ڪئٽلاگ کان اڳ، لئبرريءَ جي موجوده انچارج مير وزير علي ٽالپر به لئبرري سائنس جي ڊگريءَ لاءِ هن لئبرريءَ ۾ موجود فارسي قلمي نسخن جي فهرست تيار ڪري مونو گراف لکيو هو. هن فهرست جي شروع ۾ مذڪوره لئبرريءَ جو تعارف تفصيل سان ڏنو ويو آهي. اها فهرست قلمي صورت ۾ ليکڪ وٽ موجود آهي ۽ ڏاڍي ڪارائتي آهي. ڏاڍو سٺو ٿئي جو اها فهرست به ڇپائي هيٺ اچي وڃي.
هن ڪئٽلاگ جي شروع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ طرفان ”پيش گفتار“ جي عنوان سان ڪتاب متعلق چند سٽون لکيون ويون آهن. صفحي 8 ۽ 9 تي ڊاڪٽر نجم الاسلام طرفان ”تهنيت“ جي عنوان سان ڪتاب جي افاديت تي مختصر روشني وڌي ويئي آهي. صفحي 10 ۽ 11 تي ”محنت خشڪ“ جي عنوان سان پروفيسر ظهور الحسن جارچوي طرفان ڪتاب جي لائق مرتب جي محنت تي داد ڏنو ويو آهي. صفحي 13، 16 تي ”دو حروف“ جي عنوان سان مرتب پاران هن ڪتاب جي اهميت ۽ مذڪوره لئبرريءَ جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي.
اُن کان پوءِ لئبرريءَ ۾ موجود 1423 قلمي نسخن جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
(الف) 898 فارسي قلمي نسخن جو تعارف، صفحي 19 کان 160 تي.
(ب) 405 عربي قلمي نسخن جو تعارف، صفحي 161 کان 224 تي.
(ج) اردو قلمي نسخن جو تعارف، صفحي 225 کان 245 تي.
(د) آخر ۾ نو سنڌي قلمي نسخن جو مختصر تعارف، صفحي 245 کان 246 تي ڏنو ويو آهي. ياد رکڻ گھرجي ته راقم پڻ پنهنجي مقالي ”سچل سرمست لئبرريءَ خيرپور ۾ موجود قلمي نسخن جو تعارف“ ۾ ڪذڪوره لئبرريءَ ۾ موجود ڏهن سنڌي قلمي نسخن جو تفصيل سان تعارف پيش ڪري چڪو آهي. (ڏسو مهراڻ، نمبر: 4/ 1995ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، صفحو 66-72).
هن ڪئٽلاگ ۾ هر هڪ نسخي جو تعارف موضوع جي لحاظ ۽ ترتيب هيٺ ڏنو ويو آهي، جھڙوڪ: قرآن، جفر، رمل، نجوم، قيافه، منطق، اخلاقيات، تفسير، تجويد، احاديث، فقه، عقائد، ڪلام، عمادات، ورد و ظائف، تصوف، تاريخ، لغت، گرامر، رياضي، فلڪيات، ڪيميا، طب، موسيقي ۽ نظم وغيره. ڪٿي ڪٿي هڪ موضوع وارو نسخو ڪنهن ٻئي موضوع ۾ اچي ويو آهي. اهڙي سٽاءُ نظم وارن ۽ سنڌي نسخن ۾ ڪانه رکي ويئي آهي.
قلمي نسخن جي ڪئٽلاگ جي تياري متعلق اصول آهي ته هر هڪ نسخي جي تعارف ۾ نسخي جي شروع ۽ آخر ۾ لکيل چند سٽون به ڄاڻايون وينديون آهن، ليڪن هن ڪئٽلاگ جي مرتب اهو اصول قائم نه رکيو آهي، يعني نسخي جي شروع ۽ آخري عبارت واريون سٽون نه ڄاڻايون آهن.
هن ڪئٽلاگ ۾ قلمي نسخن متعلق مختصر ڄاڻ ڏني ويئي آهي. ڪٿي به اهو نه ڄاڻايو ويو آهي ته انهيءَ قلمي نسخي جا ٻيا نسخا به ڪٿي موجود آهن يا نه؟ اها ڄاڻ به نه ڏني ويئي آهي ته اهو نسخو ڪٿي ڇپيو به آهي، وغيره. ڪئٽلاگ ۾ انهن نسخن متعلق مٿئين ڄاڻ ڏني وڃي ها ته انهن متعلق معلومات ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ها.
هن لئبرريءَ جي قلمي نسخن جي داخلا واري رجسٽر جي صفحي 115 تي حاڪم سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ ميان دائود خان عباسي جي لکيل طب متعلق ڪتاب ”طبِ دائودي“ جو نالو موجود آهي. اهو ٻن جلدن ۾ آهي. پهرئين جلد ۾ 113 صفحا ۽ ٻئي جلد ۾ 100 صفحا ڄاڻايل آهن ۽ ڪتاب فارسي ۾ آهي. خبر نه آهي ته هن ڪئٽلاگ جي مرتب انهيءَ ناياب ۽ قيمتي نسخي جو ذڪر پنهنجي ڪئٽلاگ ۾ ڇو نه ڪيو آهي.؟
هن لئبرريءَ ۾ ڪيترائي خوبصورت قلمي نسخا موجود آهن، جيڪي خطاطيءَ جي لحاظ کان بي مثال آهن. اهڙن خوبصورت نسخن مان چند نسخن جي شروعات وارن صفحن جو عڪس به هن ڪئٽلاگ ۾ ڏنو وڃي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
چند سال اڳ ۾ هن لئبرريءَ ۾ ڪيترائي قيمتي ۽ ناياب نسخا موجود هئا، جيڪي هن وقت موجود نه آهن، جنهنڪري انهن جو ذڪر هن ڪئٽلاگ ۾ نه ٿي سگھيو آهي، شايد اهي قيمتي نسخا ڪنهن ادب چور جي ور چڙهي ويا! مثال طور تاريخ طاهريءَ جي مصنف سيد طاهر محمد نسيانيءَ جي هڪ ٻي ناياب منظوم تصنيف ”رسالا نسياني“ (فارسي) جو قلمي نسخو به هن لئبرريءَ ۾ موجود هو. هن نسخي متعلق محترم غلام محمد لاکو، محمد صديق ميمڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته طاهر محمد تاريخ سنڌ کان سواءِ هڪ ڪتاب نظم ۾ نسيانيءَ جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ سنڌ جا قديم قصا ۽ ڪهاڻيون درج آهن. هي ڪتاب لنڊن جي ڪتبخاني ۾ به ڪونهي. البت ٺٽي ۽ رياست خيرپور جي شاهي لئبرريءَ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ڪل 254 صفحا آهن.“ (مهراڻ 3/1995ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، صفحو 74، مقالو، ”فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“، از غلام محمد لاکو.) ليڪن هن وقت انهيءَ ناياب ۽ قيمتي نسخي جو لئبرريءَ جي ڪنهن به رجسٽر وغيره ۾ نالو نشان موجود نه آهي، ڄڻ هيوئي ڪونه. الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو؟
هن لئبرريءَ ۾ فارسيءَ جا صرف ٻه اهڙا ناياب ۽ قيمتي نسخا موجود آهن، جيڪي سنڌ جي عالمن جا لکيل آهن. انهن مان پهريون ”فرهنگ رشيدي“ آهي، جنهن جا ٽي نسخا هتي پيا آهن. هي ڪتاب فارسي لغت متعلق آهي. اهو ٺٽوي جي مشهور عالم سيد عبدالرشيد ٺٽويءَ جو لکيل آهي. هي عالم مغليه دور ٿي گذريو آهي ۽ هن جي وفات 1069هه/ ۾ ٿي. (”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، از پير حسام الدين راشدي، ڇاپو پهريون 1981ع، انجمن تاريخ سنڌ ڪراچي، صفحو 782).
ڪئٽلاگ ۾ فرهنگ رشيديءَ جي پهرئين نسخي جي ڪيفيت هن طرح ڄاڻائي ويئي آهي: داخلا نمبر 553ع 491 (ر ش ي) سائيز سوا اٺ X ساڍا يارهن، صفحا 828، في صفحو 19 سٽون، في سِٽ 15 لفظ، خط شڪسته، سنه 1024هه. باقي ٻن نسخن جا صرف داخلا جا نمبر ساڳيا مٿيان ڄاڻايا ويا آهن. هي ڪتاب اڻ ڇپيل ۽ ناياب آهي. تازو معلوم ٿيو آهي ته ڪتاب ٻن جلدن ۾ تهران مان ويجھڙائيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي.
ٻيو ڪتاب ”طيور نامه“ آهي. اهو ڪتاب والي رياست خيرپور مير علي مراد خان ولد مير سهراب خان ٽالپر جو لکيل آهي. ڪتاب فارسي ۾ آهي. اهو شڪار  ڪندڙ پکين جھڙوڪ: باز وغيره جي سڃاڻپ، تربيت ۽ انهن جي استعمال، بيمارين ۽ علاج متعلق آهي. هن ڪتاب ۾ ارڙهن باب آهن. هر باب ڪيترن ئي فصلن ۾ ورهايل آهي. هن ڪتاب جي داخلا 619 (ع ل ي)  نمبر تي آهي. سائيز ساڍا ست X 12 ۽ صفحا 322 اٿس. هر صفحي ۾ 10 سٽون ۽ هر هڪ سٽ ۾ يارهن لفظ آهن. خط نستعليق اٿس. ڏاڍو سٺو ٿئي جو مٿيان ٻيئي ڪتاب جلد ڇپايا وڃن ته جيئن ضايع ٿيڻ کان هميشه محفوظ ٿي وڃن. اهي ٻيئي ڪتاب اسان جي عالمن جا بهترين شهپارا آهن.

آخر ۾ سرورق تي ڪتاب جي لکيل نالي ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ“ متعلق ڌيان ڇڪائجي ٿو ته اهو اڻپورو ۽ مبهم آهي. ڇاڪاڻ ته سچل سرمست جي نالي سان سنڌ ۾ ٻيون ڪيتريون ئي لئبرريون موجود آهن، جنهنڪري سرورق تي لکيل انهيءَ نالي مان اها خبر ايستائين نٿي پئجي سگھي ته اها فهرست ڪهڙي سچل سرمست لئبرريءَ جي آهي، جيستائين ماڻهو اڳتي ڪتاب جا اندريان ورق اُٿلائي ۽ پڙهي. بهتر ٿئي ها جو سرورق تي ڪتاب جو پورو نالو ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ، خيرپور“ لکيو وڃي ها.

No comments:

Post a Comment