09/12/2015

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”ڳوٺاڻو ڳڙ“ لاءِ لکيل ”ٻه  چار  لفظ“
 رياضت ٻرڙو

سنڌ جي لوڪ ڏاهپَ؛ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن جي روپ ۾، سنڌي ماڻهن جي رويّن ۽ مزاجن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ماڻهن جي رهنمائي به ڪندي رهي آهي. سنڌي ماڻهو، جڏهن، پهاڪن ۽ چوڻين جو ٺهڪندڙ ۽ بَر وقت واهپو ڪن ٿا ته ڄڻ انهن پهاڪن ۽ چوڻين جي سماجي ڪارج ۽ ڪردار کي ادا ڪن ٿا ۽ ٻوليءَ جي حسناڪيءَ کي لفظن جي خوبصورتيءَ ۽ ادائگيءَ ۾ اظهارڻ سان گڏوگڏ معنى ۽ مفهوم جي بامقصد سرگرميءَ مان لطف اندوز ٿيڻ سُوڌو، پاڻ کي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ سمايل آزمودن ۽ تجربن سان سلهاڙين ٿا.
ڏسڻ ۾ اهو پڻ اچي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون؛ اسان جي ماضيءَ جا مشاهدا ۽ تجربا پڻ آهن، جن جو عملي استعمال حال ۽ مستقبل جي متوقع بهتريءَ، تنبيهه ۽ سمجھاڻيءَ لاءِ ڪيو ويندو آهي. ٻئي طرف، پهاڪن ۽ چوڻين جي لفظن منجھان، انهن لفظن جي لغوي توڙي سماجي ۽ اصطلاحي معنائن جو دلچسپ مطالعو پڻ ڪري سگھجي ٿو ۽ انهن جي قدامت کي پڻ پرکي سگھجي ٿو.
اها اسان جي چڱائي آهي ته گذريل سَـﺆ؛ سوا سَـﺆ سالن کان سنڌي ٻوليءَ جا ڪي نه ڪي محققَ پهاڪن ۽ چوڻين جي سهيڙ ۽ مطالعو ڪندا رهيا آهن، جنهن سان لوڪ ڏاهپ تي تحقيق ۽ ترتيب جو اهو سلسلو بيهجي وڃڻ بدران هلندو پئي رهيو آهي. ان ئي سلسلي هيٺ، ۱۹۴۱ع ڌاري، مشهور ۽ معروف رسالي ’سنڌو‘ ۾، قسطوار، ڄاڃي لال ڊي آھوجا ’طائر‘ صاحب جو مضمون ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ ڇپيو، جنهن ۾، سنڌي ٻوليءَ جي هن سڄڻ؛ پهاڪن ۽ چوڻين جي سهيڙ ڪري، انهن جي ضروري تشريح لکي پيش ڪئي هئي. جيئن ٻيون گھڻيون ئي تحقيقي ڪاوشون ماضيءَ جي ورقن ۾ دٻجي ۽ لَٽجي ويون آهن، تيئن ’طائر‘ صاحب جو اهو مضمون به اسان جي اکين کان اوجھل ئي رهجي وڃي ها، جيڪڏهن اهو، پهاڪن ۽ چوڻين کي پنهنجيءَ تحقيق جو ڪُل وقتي موضوع بڻائيندڙ ۽ ان سان عشق ڪندڙ؛ انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب کي اتفاقي طور هٿ نه اچي ها. سهتي صاحب وڏيءَ جاکوڙ سان نه صرف انهيءَ قسطوار مضمون کي، ’سنڌوءَ‘ جي پنجن شمارن مان سهيڙي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾، نئون جيئدان ڏنو آهي، پر انهن پهاڪن ۽ چوڻين کي الف-ب وار ترتيب ڏئي، پهاڪي، چوڻيءَ ۽ ورجيس جِي، ڏکين لفظن ۽ اصطلاحن جي معنى سان گڏ، سولي تشريح ۽ مطلب پڻ چِٽو ڪيو آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين کي پيش ڪرڻ جو سندس خاص انداز آهي. سندس طرفان، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾، الف-ب وار ترتيب سان ئي، ’ڏسڻي‘ پڻ شامل ڪئي وئي آهي ته جيئن پڙهندڙن ۽ محققن لاءِ گھربل پهاڪي يا چوڻيءَ کي ڳولڻ جي سهولت رهي.

ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ طرفان ڄاڃي لال ڊي آهوجا ’طائر‘ ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو هيءُ ڪتاب پيش ڪندي اسان کي سرهائي ٿي رهي آهي.

No comments:

Post a Comment