25/01/2016

سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

مختيار احمد ملاح جي لکيل
سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ
رکيل مورائي
سنڌ ۾ لکيل سنڌي ادب جون تاريخون ڪي گهڻيون نه آهن، پوءِ به ڪي اهم تاريخون آهن، جن کي وقت سر اپ ڊيٽ نه ڪرڻ سبب اهي اهم هوندي به مڪمل گهٽ آهن.
اسان جي نوجوان دوست، مختيار ملاح چڱي عرصي کان ان سلسلي ۾ پئي پاڻ پتوڙيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن هڪ بيمثال ڪتاب ادبي تاريخ جي حوالي ۾ لکيو آهي، ” سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ هي هزار کن صفحن جو گرنٿ هاڻ مارڪيٽ ۾ موجود نه هجڻ سبب هو ان کي وڌيڪ لاڀائتو بنائڻ لاءِ ان ۾ ڪيترائي واڌارا ڪري رهيو آهي، ساڳئي وقت هن سنڌي ادب جي تخليقي صنفن تي پڻ هڪ سيريز لکي آهي، جنهن جو پهريون جلد آهي، سنڌي ناول جي مختصر تاريخ ٻيو جلد آهي سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ ۽ هاڻ ان سلسلي جو آخري ڪتاب آيو آهي ” سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ“ مختيار ملاح انهن نوجوانن مان آهي، جن ۾ سچ پچ بيپناھ جذبو آهي، محنت ڪرڻ جو کوجنا ڪرڻ جو ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪنهن به ڪم کي توڙ تائين پڄائڻ جو. اهڙيون صلاحيتون اڄ جي نوجوان ۾ خاص طور تحقيق واري پاسي وقت ڏيندڙن ۾ گهٽ ئي آهن.

مختيار ملاح جو تازو ڪهاڻي جي تاريخ بابت لکيل ڪتاب مان سمجهان ٿو ته اڳ لکيل سڀني ادبي تاريخن کان وڌيڪ مواد ڏيندڙ ڪتاب آهي.هر لکندڙ جي پنهنجي هڪ خاص چونڊ هوندي آهي، پر تاريخ مرتب ڪرڻ وقت ان ۾ پسند يا پاسخاطري جيتري پري رکبي اوترو پنهنجي ڪم سان وڌيڪ انصاف ڪري سگهبو. پڪ سان مختيار ائين ئي ڪيو آهي، هن ادبي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن ڪيترائي ڪهاڻيڪار اهڙا به شامل ڪيا آهن جن تي بنهه نه لکيو ويو آهي، يا لکيو ويو آهي ته ساڻن انصاف نه ڪيو ويو آهي، ڪيترائي ڪهاڻيءَ جي کيتر جا اهم نالا اسان جي ڪهاڻيءَ جي ڪنهن به تذڪري ۾ نظر انداز  ڪيا ويا آهن، جن کي مختيار ممڪن حد تائين ڳولي ڦولي پنهنجي هن ڪهاڻيءَ جي تاريخ بابت لکيل ڪتاب ۾ جوڳو مرتبو ڏنو آهي،  جيڪو هر حال ۾ هو لهڻن ٿا. ان جو فقط هڪ سبب آهي، اهو هيءُ ته مختيار ادب ۾ ڪنهن خاص ڌر، يا حلقي جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪ نه آهي. ان ڪري هن وٽ سمورو سنڌي ادب اهميت ڀريو آهي ۽ ان جا سڀ اديب اهميت وارا آهن، شايد ائين پاسخاطريءَ کان آجي هيءَ پهريون ادبي تاريخ آهي.
هن ڪتاب جي ٻي اهم خوبي اها آهي ته هن ڪتاب ۾ اُهي نوجوان ڪهاڻيڪار پڻ پنهنجي ڪيل ادبي/تخليقي پورهئي سبب شامل آهن. جيڪي ادبي/ غير ادبي حوالي ۾ يا پاسخاطريءَ جي زد ۾ اچي تاريخن کان ٻاهر رکيا ويا آهن، اهي نظرانداز  ڪيا ويا آهن يا غير اهم سمجهيا ويا آهن پر ايئن ٿيو ضرور آهي، جيڪو عمل خود ادبي تاريخن کي ننڍي دائري ۾ آڻي بيهاري ٿو، مختيار ملاح جو هيءَ ڪتاب اهڙين سڀني ادبي ناانصافين کان آجو آهي، جنهنڪري نهايت اهم بڻجي پيو آهي.
هاڻ وقت جي گهرج آهي ته اسان جي ٻين سنڌي ادب جي تاريخن کي پڻ نئين سري سان اپ ڊيٽ ڪيو وڃي جيئن اهي اڄ تائين لکيل ادب جو عيوضپڻو ادا ڪن. ڇاڪاڻ ته ادبي تاريخن جو اهو ئي بنيادي ڪم آهي ته اهي گهڻي کان گهڻو مواد پڙهندڙن تائين پهچائين. سنڌي ادب جيڪو سنڌ کان کان ٻاهر لکجي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ گهٽ پهچي رهيو آهي. ان جون پڻ ڪيتريون اهم  داخلائون مختيار جي ٽنهي ڪتابن ۾ شامل آهن،
ايئن ڪهاڻيءَ واري هن جلد ۾ پڻ ڪيترائي، اهڙا ڪهاڻيڪار آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ لکيل ادبي تاريخن ۾ غير موجود آهن.  هن ڪتاب  جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جو خاص طور هند ۾ لکيل ادبي تاريخن ۾ سنڌ جون داخلائون گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ سنڌ ۾ لکيل ادبي تاريخن ۾ هند جي ليکڪن جي شموليت گهٽ نظر اچي ٿي، پر هي ڪهاڻيءَ جي تاريخ بابت اهڙو دستاويز آهي، جنهن ۾ ان کوٽ جو ممڪن حد تائين پوراءُ ڪيو ويو آهي. جيڪو شايد پهريون ڀيرو ويڪري دائري ۾ ٿيو آهي. ظاهر آهي ته پنهنجي ادبي تاريخ کي ممڪن حد تائين اعتماد جوڳو بڻائڻ لاءِ مختيار ملاح جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي. اها ساراھ جوڳي آهي. نه رڳو ايترو پر هن تاريخ کي سنڌ جي اهم اداري سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي ڇپرائي، سنڌي ادب جي هڪ اهم ذميواري پوري ڪئي آهي، جنهن لاءِ ثقافت کاتو پڻ تعريف لهڻي جيڪا اسان جي دوست ۽ ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپائي سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ کاتي  جي ڊائريڪٽر جنرل منظور احمد ڪناسري ڏانهن به وڃي ٿي. ساڳئي وقت اها اميد به کانئس ڪري سگهجي ٿي ته اڳتي به هو اهڙا اهم ڪتاب سنڌي ادب لاءِ ڇپائيندو ۽ مختيار احمد ملاح مان به اڃا گهڻيون اميدون آهن،  ڇاڪاڻ هو محنتي به آهي ۽ نوجوان به آهي پڪ سان سنڌي ادب جي تايخ تي وڌيڪ ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيندو.

ثقافت کاتي سنڌ پاران ڇپايل هن ڪهاڻيءَ جي مختصر تاريخ ۾ پنج سئو ٻيانوي صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه پنج سئو رپيا آهي. اڄ جي نوجوان لکندڙن لاءِ هيءَ ڪتاب سندن رهبر طور آهي، جنهن مان هو گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا. اهڙي پڪ آهي.

No comments:

Post a Comment