02/01/2016

ڪتاب ”بارش جي دعا“ - بنسي خوبچنداڻي (Bansi Khubchandani)

ڪتاب ”بارش جي دعا“
بنسي خوبچنداڻي
منهنجو وشواس آهي ته هر ڪنهن انسان جي اندر ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي ڪوتائون، ڪيئي ڪتاب اُڪريل آهن. ڪن کي وجهه ملي ٿو اُهي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ۽ گهڻا آهي افسانا پاڻ سان کڻي ٿا وڃن. ائين به ٿيندو آهي ته اُهي ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ وارتائون ڪيترا سال اندر ۾ پچي ڪري راس ٿيون ٿين ۽ پوءِ هڪ ٻوڏ وانگر من جون سڀيئي ديوارون ٽوڙي اکرن جي ڇوھ کڻي اچي ٿيون پڙهندڙن جي من کي ڌونڌاڙين!
ائين ديوي ناگراڻيءَ سان به ٿيو هوندو، نه ته هوءَ ٿورن سالن ۾ ئي سنڌي ۽ هندي ادب کي ايترا ڪتاب ڪيئن ڏيئي سگهي ها؟
ڪراچيءَ(سنڌ) ۾ جنم وٺي هوءَ ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ آئي ۽ پوءِ وڃي آمريڪا جو شهر نيو جرسي وسايائين جو نيويارڪ جي بلڪل ئي ويجهو آهي. نيوجرسي ئي ديوي ناگرانيءَ جي ڪرم ڀومي ٿي رهيو. هاڻي ديوي ڪجهه وقت نيو جرسيءَ ۾ رهندي آهي ۽ شايد انکان گهڻو وقت باندرا-ممبئيءَ ۾.

ديوي ناگراڻي سنڌي ادب ۾ پنهنجي آمد پنهنجي غزلن جي شروعات، ”غم ڀنل خوشيءَ“ سان ڪئي هئي. سندس پهرئين ڪتاب جي ئي ادب ۾ سٺي آجيان ٿي. اُهو سال 2004ع جو هو يعني لڳ ڀڳ اٺ سال اڳ ۽ انهن اٺن سالن ۾ ليکڪا اسانکي ٻارنهن ڪتاب ڏنا آهن، سنڌيءَ ۾ ڇهه، هندي ۾ پنج ۽ هڪ انگريزيءَ ۾، سنڌيءَ ۾ ”غم ڀنل خوشي“،  کانپوءِ پڙهندڙن کي مليا، آٿر پکيڙا(سنڌي ڀڄنا ولي)، آس جي شمع(غزل)، سنڌ جي آئون ڄائي آهيان(شعر-سنڌ ۾ ڇپيل)، غزل(غزلن جو ڪتاب) ۽ هي ڪتاب ”بارش جي دعا“ جيڪو چونڊ هندي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي.
هن ڪهاڻي سنگره ۾ ڪل سترهن ڪهاڻيون آهن جيڪي هنديءَ جي نامور ليکڪن جون آهن ۽ زندگيءَ جا الڳ الڳ پهلو کڻي اسان سان مخاطب آهن.
”بارش جي دعا“ جو مهاڳ سنڌيءَ جي نامور ليکڪ هوند راج بلواڻيءَ لکيو آهي. مهاڳ جو ٽائيٽل آهي، من جي ولوڙ آڪاش جي بلندي مان. هن مهاڳ مان ڪجهه ٽڪرا ڪوٽ ڪرڻ چاهيندم.
”هڪ هڪ لفظ جي چونڊ  ڪرڻ وقت ترجمي کي گهڻو آتم سنگهرش ڪرڻو پوندو آهي. مول رچنا ڪار جيان ئي  ترجمي کي رچنا جي آتما کڻي ٿورو به ڌرم رسائڻ بنا، جيئن جو تيئن ليکڪ جي ٻولي ۾ لکڻو پوندو آهي. انهيءَ ڪري ترجمو هڪ محبت واري ۽ ڪٺن رچيا پرڪريا آهي. انکي مول رچنا جو پنر جنم به چئي سگهجي ٿو.“
هوند راج، بلواڻي پاڻ هڪ سٺو سنڌي رچناڪار هئڻ سان گڏ هڪ سٺو  ترجمو ڪندڙ پڻ آهي. هن ڪيترا سٺا ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي پڙهندڙن تائين پهچايا آهن. هڪ ترجمي ڪندڙ جي دل جو حال ٻيو ڪير سمجهندو؟
هن ڪتاب ۾ ڪل سترنهن ڪهاڻيون آهن، جن جا هندي ليکڪ آهن، سُڌا اروڙا، هري پرڪاش راٺي،  ڊاڪٽر بال شوري ريڊي، ڊاڪٽر گرجا شنڪر ترويدي، مانا ترهري، ڊاڪٽر ماڪانت شرما، وحيد ظهير،ڊاڪٽر گرراج شرڻ اگروال، اُرملا شريش، ڌيريندر اسٿانا، ڪميلش بخش، آشا ڀٽناگر، موهن داس، نئمشراءِ، عارف ضيا، چندر ڪانتا، سوري بالا ۽ سنتوش شريواستوُ.
”بارش جي دعا“ ڪتاب جي ڪن ڪهاڻين جو ذڪر ضرور ڪندس، ٽائيٽل، ڪهاڻي هن ڪتاب جي چوڏهين ڪهاڻي آهي جنهن جو ليکڪ آهي عارف ضيا، هي هڪ ننڍڙي، سهڻي ۽ دل کي  ڇهندڙ ڪهاڻي آهي. معصوم زبيدا پنهنجي ماءُ سان ڇهين ماڙي جي هڪ بلڊنگ جي سائي ۾ هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندي آهي. گذريل ڪجهه مهينن کان بارش جو هڪ ڦڙو به نه وسيو آهي. زبيدا جي جهوپڙيءَ پويان واري پلاٽ ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ ماڻهن جو هڪ جلوس داخل ٿيو آهي. مولوي صاحب هٿ بلند ڪري الله سائين کي زوردار بارش وسائڻ جي دعا ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهو آمين. آمين ڪري رهيا آهن. پر ننڍڙي زبيده کي خبر آهي ته جي بارش ٿي ته سندس جهوپڙيءَ مان پاڻي وهندو کيس ۽ سندس بيمار ماءُ کي گهڻي تڪليف ڏيندو. اهو خيال ڪري ننڍڙي معصوم جا به هٿ پڻ الله سائين کان دعا گهرڻ لاءِ مٿي کڄي  وڃن ٿا ”الله سائين بارش نه وسائج. بارش آئي ته مان ۽ منهنجي امڙ پسي آلا ٿي وينداسين. توهان ڄاڻو ٿا ته امان بيمار آهي… الله سائين هاڻي بارش نه وسائجائين!
هن ڪهاڻيءَ ديوي ناگراڻيءَ جي من کي ضرور جنجهوڙيو هوندو. تڏهن ته هن ننڍڙيءَ ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻيءَ جو درجو ڏنو اٿائين.
ما نا ترهريءَ جي ڪهاڻي ”ڪتريل آدمي“ هڪ ستايل انسان جي ڪهاڻي آهي. اُهو انسان پنهنجي زندگيءَ جي مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ گهڻو ئي سوچي ٿو، پر کيس ڪو رستو ڪو نه ٿو سجهي. هن جو پنهنجي زال پاروتيءَ سان به زوردار جهيڙو ٿيو آهي ۽ هوءَ کيس ڇڏي پيڪي هلي ويئي آهي. هن ڪهاڻيءَ جو انت ڏسو:
” اڃا هو بيٺو ئي مس هو ته هن کي لڳو هن جي ديوار تي لڳل ڪِلي لڏي رهي آهي ۽  ڪُٽ ڪُٽ جو آواز اچڻ شروع ٿي ويو آهي،  انهيءَ  مهل ئي هن پنهنجي ڪمري جي بتي ٻاري ڏنائين ته ڪِليءَ تي ٽنگيل هن جي قميص جو بٽڻ ڪوئو ڪتري رهيو آهي، اُهو ڏسندي هن شي… شي…  جو آواز ڪيو، پوءِ پنهنجي هٿ ۾ جهليل پٿر کي هڪ پاسي ڦٽي ڪري زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو، ڄڻ ته ڪنهن مسئلي جو حل هنکي مليو هجي. ڏند ڀيڙيندي ڀڻ ڀڻ ڪندي چيائين. ” سالا“ سڀ ڪوئا آهن، هڪ ٻئي کي ڪترڻ ۾ لڳا پيا آهن.
وحيد ظهير جي ڪهاڻي ”آخري نظر“ مان هڪ ٽڪرو:
”لاهيءَ جي پاسي ڪرندڙ پٿر آخر ۾ هڪ جڳهه تي اچي رڪجي ويندو آهي. ها سوچ به ساڳيءَ طرح لڙڪندڙ پٿر وانگر ڪٿي نه ڪٿي وڃي رُڪجندي آهي… وقت ڪائنات جو سڀ کان وڏو چوڪيدار آهي. اڄ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته وقت به ٻڍو ٿي چڪو آهي. اُن ٻڍي وانگر جو عمرجو آخري پڙاءُ گهڻي تيزيءَ سان طئه ڪندو آهي. ڄڻ ته هن جي ٻڍاپي-وقت جي چهري کي به گنج وجهي ڇڏيا آهن. مامي ”گلوءَ سوچيو.“
هيءَ هڪ شڪي پيءُ جي ڪهاڻي آهي جو پنهنجي ڌيءَ جي چرتر تي بي بنياد شڪ ٿو ڪري ۽ پنهنجي گهر جي ڇت کان پنهنجي ڌيءَ جي جاسوسي ڪندي پنهنجا هڏگڏ ٿو ڀڃائي!
ڊاڪٽر گرراج شڙڻ اگروال جي ڪهاڻي ” اڻ ڄاتل پٽ“ انسان جي من کي جهنجهوڙيندڙ ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪ جپاني عورت جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو نالو تناڪا آهي هوءَ پنهنجي پٽ جي پنجاهين سالگرهه ملهائي رهي آهي. پر سندس پٽ ته اڃا ڄائو ئي ڪو نه هو، جڏهن هيروشيما تي پرماڻو بم جو نشانو چٽيو ويو هو، تڏهن تناڪا ٽن مهينن جي حمل سان هئي. کيس وشواس هو ته هوءَ پٽ جي ماءُ ٿيندي. پر بمن جي ڦاٽڻ ڪري تمام گهڻو پري هئڻ جي باوجود، ايترو شديد ڌماڪو ٿيو جو تناڪا دهشت ۾ ڏاڪڻ تان هيٺ ڪري پئي. تاپمان به هڏين کي ڳاري ڇڏڻ جي حد تائين گر هئو. هوءَ بيهوش ٿي ويئي ۽ اُنهيءَ حالت ۾ سندس حمل ضايع ٿي ويو. هوءَ پنهنجي اڻڄاول پٽ جو جنم ڏينهن ملهائي جنگ جي اعلان ڪندڙ هستين کي هر سال، اها ڳالهه ياد ڏياريندي آهي ته اُنهن هڪ ناريءَ کي ماءُ بڻجڻ کان روڪيو ۽ هڪ ٻار جنم نه وٺڻ جو ڪارڻ بڻجي هڪ پاپ ڪيو آهي. جنگ انسان جي لاءِ هڪ ظلمي سيراب آهي.

ديوي ناگراڻيءَ اهڙيون ئي سترهن سٺيون هنديءَ جون ڪهاڻيون ترجمو ڪري سنڌي پڙهندڙ کي ”بارش جي دعا“ هي سوغات ڏني آهي. هن کان اڳ به ڪهاڻين جو هنديءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجو ڪتاب ”اور مين بڙي هوگئي“ ڏنو. هن ڪتاب ۾ ليکڪا جون پنهنجون به چار سنڌي ڪهاڻيون ترجمو ٿيل آهن.

No comments:

Post a Comment