25/01/2016

پهرين جنوري نصير سومرو (Naseer Soomro)

ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو جنم ڏينهن
پهرين جنوري
نصير سومرو
”پهرين جنوري“ زماني جي چڪر اندر چڪر سٿيل ڏينهن مان هڪ ڏينهن آهي، جيڪو هونءَ ته عيسوي سال جي پهرين مهيني جو پهريون ڏينهن آهي پر اسان جي گهڻ گهريي دوست ۽ نامياري ليکڪ انور ابڙي جو جنم ڏينهن به آهي ته هن جي نڪور ڪهاڻين جي ڳٽڪي جو نانءُ به آهي.
حياتيءَ جي آس پاس جنم وٺندڙ ڪهاڻين منجهان سرجيل ڪهاڻين جا رنگ جدت ۽ ”صوفيت“ جي گڏيل احساس جو اديباڻو اظهار آهن. هوند ۾ ڪهڙي اڻهوند آهي ۽ اڻهوند ۾ ڪهڙي هوند آهي جينيس ليکڪ ئي ڳولي پنهنجن پڙهندڙن آڏو علامتي انداز ۾ آڻيندو آهي. احساس جو هي دريافتي شعور پڙهندرن جي ستل شعور کي سجاڳ ڪرڻ ۽ حياتيءَ جي هاڃن کي هر حال ۾ سهڻ جي سڪت جا امڪان ڳولي لهڻ ۾ ٻانهن ٻيلي بڻجندو آهي. هي امڪان ٻين ذريعن سان پڻ ڳولي لهڻ جون ڪوششون ڪبيون رهبيون آهن ته جيئن روحاني اوسر جو سفر جاري رهي، پر ڪتاب جو پڙهڻ رومانيويت سان ڀرپور شغل آهي جيڪو هجوم کان الڳ ٿلڳ بيهاري مهذب انسان طور سڃاڻپ ڪرائي ٿو.

انور ابڙي، شاعر هئڻ ناتي نثر کي شاعراڻي انداز ۾ لکي، ويتر اثرائتو اڀارڻ جي لاشعوري ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي پاران لکيل تعارفي ۽ وضاحتي مهڙ ۾ جيڪڏهن عمودي/ Vertical گهاڙيٽي ۾ لکجي ته نثري نظم جو عمدو نمونو چئي سگهبو:
”هي ڪهاڻيون ڇا بيان ڪن ٿيون، انهن جا ڪردار ڪير آهن ۽ اهي ڇا ڇا ڀوڳين ٿا ۽ ڇا ڇا چاهين ٿا؟ اهي سڀ ڳالهيون پڙهندڙن تي ڇڏيل آهن ته اهي پاڻ هي ڪهاڻيون پڙهي، سمجهن ۽ پنهنجي راءِ جوڙين، پر مون ته بس، جڏهن ڪو ٿيڙو کاڌو آهي، جڏهن ڪو ڌڪ کاڌو آهي، جڏهن ڪٿي ڪريو آهيان، جڏهن ڪنهن اک آليءَ ۾ ڪو ڳوهجندڙ ڳوڙهو ڏٺو آ، جڏهن ڪا دانهن ٻڌي آ، جڏهن ڪا دانهن ڪئي آ، جڏهن هن ديس جي ڪڍيل پارَن ۾ سڏڪن جا ولر ڏٺا آهن ۽ جڏهن پاڻ ۽ ٻين کي نئين سر جيئرو ٿيندي ڏٺو آ، تڏهن ڪا ڪهاڻي لکي آ، تڏهن ڪو قصو لکيو آ.“
هن نثري ٽڪري ۾ آهنگ جي، لفظن جي هم آواز ورجاءَ جي، نئين سر جيئري ٿيڻ، آلي اک ۾ ڳوڙهي جي گوهجڻ، پار ۾ سڏڪن جا ولر ڏسڻ، ڪِرڻ، ڌڪ کائڻ، يا ٿيڙ کائڻ جهڙن ادبي محاورن ۽ استعارن ۾ معنائن اندر معنائون پڙهڻ سان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
محسوس ڪرڻ هڪ ڏانءُ آهي جنهن کي هجي- ڪنهن ذات سان، نسل سان، ٻوليءَ سان، رنگ سان، عهدي سان، يا جنس سان مشروط ڪونهي، داستان گوئي ڏانءُ آهي- هيءُ ڏانءُ، يعني ٽيڪنڪ پراڻو ۽ نئون ٿيندو آهي- انور جي ڪهاڻي جي ٽيڪنڪ واقعياتي آهي- صحافت سان واڳيل هجڻ سبب، وٽس خبرون گهڻيون آهن ۽ انهن ۾ پنهنجي شخصي مشاهدي ۽ تجربي جو رنگ ڀري ”پنهنجائپ“ جي احساس سان ڪهاڻي اُڪلائي پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. صحافت ۽ ادب، ٻنهي جي ميلاپ جي تجربي جو ابلاغ سادو ۽ ترت پلئي پوندڙ آهي. خبر مان خبر جنم وٺندي آهي، ايتريقدر جو منجهس افسانوي رنگ چڙهڻ سان بيان ۽ اظهار ان نهج تي پهچي ويندو آهي جتي خبر لاءِ واقعي جي واقعيت وقوع جي شرط کان مٿانهين ٿيو پئي، هي افسانو آهي- رومانويت سان ڀرپور، پر انور جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جون حالتون، هن جي آتم ڪهاڻي ۽ زنده رهڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو اُتساهه ڪردارن جي نالن جي هٽ لسٽ سان، ڳالهائي رهيا آهن.
جديد ڪهاڻي جي بحث ۾ پوڻ سان مغرب جي صنعتي حالتن ۾ جنم وٺندڙ فڪشن، جنهن رد عمل جي تحريڪي وايو منڊل ۾ پاڙون پختيون ڪيون، ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو. نفسياتي ۽ ٽيڪنيڪي اثرن جو پسمنظر جنسي آسودگي جي تلاش ۽ جستجو فڪشنائيزڊ اميجنري سان گهرو تعلق آهي. فرائيڊ جي سائيڪواينالائسز جي نظرياتي پهلوئن، ۽ وجودي فلسفن ۽ تحريڪن سان مغرب ۾ اڻ سڌيءَ طرح سماج وادي انقلاب جي محرڪ حقيقت نگاريءَ کي ٻنجو ڏنو ويو. شڪ شبها پيدا ڪري، جنسي بي راهه روي جا انيڪ ٻنڀا کولي نوجوان جي سوچ ۽ عمل جا انداز بدلائبا پيا وڃن. هي تشڪيڪ جي ور چڙهيل پاسا ذات سان ٽڪراءُ، شخصي ڪروڌ، داخلي (subjective of inductive) چئبا. تشڪيڪ انارڪيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهي. انارڪيءَ جي حالتن ۾ ذهنيت، يا طرز تفڪر (attitude) جذبي جي وابستگي شدت واري نه رهندي آهي. هاڪاري ذهنيت وارو جيڪو ويڪائو مال نه هجي سو ترت ترقيءَ جي امڪانن واري دور ۾ بيوقوف ۽ چريو سمجهيو ويندو آهي- ڪروڙين روپيا هڙپ ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙن جو سوشل بائيڪاٽ نٿو ڪيو وڃي- بائيڪاٽ ڪير ڪري- ڇاتيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته ورلي ڪو شفاف آئيني ۾ شفاف اولڙي وارو ملندو- سنڌ جي ان زوال آماده دور ۾ انور جي ڪهاڻي، ”ضمير وڪري جي لاءِ حاضر آهي.“ دراصل ضمير ۽  بي ضميريءَ ۾ مڪالمو آهي.
پهرين ڪهاڻي جو نالو آهي ”جهنگ“. اٺن صفحن جي پکيڙ ۾ مواد سان ٺهڪندڙ عنوان، وقتائتي Contemporary حالتن جي عڪاسي، ڪردار جو تجربن مان اڀرڻ، دراصل ڏاڍي ۽ هيڻي جي تضاد کي وائکو ڪندڙ آهي. هي آفاقيت وارو قدر آهي جيڪو دنيا جي ڪهڙي به سماج جي حالتن کي جنجهوڙيندو آهي ته هلچل انقلاب جي شڪل اختيار ڪندي آهي، جتي انقلاب نه ايندو آهي اتان جي اختيار جي ساخيتات ڏوهاري ذهنيت جي گهيري ۾ اچي ويندي آهي. سنڌ جو وڏي وزير، جڏهن نالي ۾ دهشتگرديءَ خلاف ايڪشن پلان جو ڪپتان آهي… يعني وٽس اختيار ڪونهن ته ٻين جي حالت ڇا هوندي!
جهنگ علامت آهي ڏاڍ جي، ڏمر جي، جتي ڏاڍو هيڻي جو شڪار ڪري ڦريس لٽيس، ڀُنگ خاطر کنڀي وڃيس پر کيس روڪڻ وارو ڪير به نه هجي، جهنگ، ڪهاڻيءَ جي متن موجب رڳو ٻهراڙين ۾ ئي ڪونهي- جهنگوي جتي ڪٿي آهن ۽ انهن جي واڌ ويجهه لاءِ نرسريون کليل آهن جن جي سرپرستيءَ جو سلسلو مڪانيت کان وٺي بين الاقواميت تائين، ڪڙي ڪڙيءَ سان ڳنڍيل آهي. ”هر جاءِ تي جهنگ آهي، شهرن ۾ به جهنگ ته ٻهراڙين ۾ به جهنگ ڪا به اهڙي جاءِ ناهي جتي ماڻهو چين سان رهي سگهي.“

ڪهاڻي هجي، ناول هجي، شعر هجي يا  ناٽڪ هجي، گهڻائي ۾ ڇپجندڙ ادب آهي- پڙهندڙ جي رضاڪاراڻي چونڊ آهي ته ڪهڙو ڪتاب ٿو پڙهي ڪهڙو ڊرامو ٿو ڏسي- اخبارن جي هفتيوار مئگزينن ۾ پڻ ايترو مواد ڇپجي ٿو، جو سڀ پڙهي سگهڻ کان قاصر آهيون- انور ابڙي جون ڪهاڻيون ڊرامائي تشڪيل جون متقاضي تخليقون آهن- ”پهرين جنوري“ سيبتي ليکڪ جو سيبتو ڪتاب آهي. گهر ۾ سڀني جي پڙهڻ لائق ڪاوش!

No comments:

Post a Comment