10/03/2016

سنڌ جو عطار (سچل سرمست) - آزاد ”انور“ ڪانڌڙو (Azad Anwar Kandhro)

آزاد ”انور“ ڪانڌڙو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي سنڌي ادب جا اهڙا انمول رتن آهن، جن تي سنڌ واسين کي هميشه ناز آهي ۽ رهندو. شاهه عبداللطيف جي فن ۽ فڪر تي تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي، پر سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سچل سرمست جي شاعريءَ، فن ۽ فڪر تي پهريون ۽ بنيادي عملي ۽ تحقيقي ڪم 1902ع ۾ مرزا علي قلي بيگ ڪيو. ان کان پوءِ سچل سرمست رحه جي مختلف شارحن ۽ پارکن سندس شاعري ۽ پيغام جو جائزو وٺي سندس ڪلام جي آسان سمجھاڻي پڙهندڙن جي سامهون پيش پئي ڪئي آهي. 1959ع کان وٺي هر سال سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. 1980ع کان وٺي ادبي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل تحقيقي مقالن کي شايع ڪرڻ جو بندوبست شروع ٿيو. 1959ع کان وٺي 1999ع تائين جي ڊگھي عرصي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پر مغز مقالا ۽ مضمون پڙهيا ويا. انهن مقالي نگارن ۾ ڪي اهڙا به شارح آهن، جيڪي تقريباً هر ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏ پنهنجا مقالا پيش ڪندا ٿا رهن. انهن خاص عالمن ۾ محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق به آهي.
ڊاڪٽر شوق صاحب سنڌي علم ۽ ادب جو اهو کاهوڙي اديب آهي، جيڪو تحقيق، تخليق ۽ تنقيد جي ميدانن ۾ پنهنجيءَ ڏانءُ سان گڏ هڪ الڳ ۽ منفرد مقام رکي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن کي وڏي قدر سان ڏٺو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. سچل سرمست جي فن ۽ فڪر ۽ صوفياڻين رمزن جي اپٽار تي لکيل ۽ پڙهيل سندس تحقيقي مقالن کي گڏي ”سنڌ جو عطار- حضرت سچل سرمست“ جي نالي سان، سچل سرمست يادگارڪاميٽي خيرپور طرفان 1999ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب ڪل پندرهن عنوانن تي مشتمل آهي، ان جو ”پيش لفظ“ محترم تنوير عباسي لکيو آهي، جڏهن ته ”ٻه اکر“ ڊاڪٽر گل حسن لغاري لکيا آهن. ان کان پوءِ شوق صاحب جا مقالا شروع ٿين ٿا، جن جو وچور هن ريت آهي: (1) ”سچل سرمست جي ڪلام سان ڪيل زيادتين جا ڪجھ مثال، (2) ”سنڌي ڪافيءَ جو سرواڻ- حضرت سچل سرمست“، (3) سچل سائينءَ جي سرائڪي ڏوهيڙن ۾ اکڙين جو مضمون“، (4) ”سچل جي شاعري- تاريخ جي روشني ۾“، (5) ”سچل سرمست جي سرائڪي شاعري“، (6) ”سچل سائينءَ جو طالب- گھرام فقير جتوئي“، (7) ”سچل سائينءَ جي ڪلام ۾ صوفياڻا اصطلاح“، (8) ”فقير محمد صالح فاروقي“، (9) ”سخي قبول محمد ٻئي جي سلسلي جا شاعر“، (10) ”سچل سرمست جو ساقي نامو“، (11) ”آڪيداس- سچل سائينءَ جو هڪ محبوب صوفي“، (12) ”سيد خيرل شاهه“، (13) ”سچل سرمست ۽ ڪن ٻين شاعرن جي ڪلام جو هڪ ناياب نسخو“، (14) ”فقير محمد صلاح“ ۽ (15) ”حضرت سچل سرمست- سنڌ جو عطار“.
ڪتاب جو نالو، ان ۾ شامل آخري مقالي جي عنوان جي مناسبت سان رکيو ويو آهي. مصنف، سچل سائينءَ جي ڪلام سان فريدالدين عطار جي ڪلام، فن ۽ فڪر ۽ صوفياڻين تمثيلن جي ڀيٽا سهڻي پيرايي ۾ ڪئي آهي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”سچل شناسيءَ“ تي هيءُ پهريون ڪتاب نه آهي، بلڪ هن کان اڳ سچل متعلق ۽ سندس طالبن جي سوانح ۽ ڪلام جي اهميت، افاديت ۽ سندن ڪلام تي سچل سائينءَ جي صوفياڻن خيالن ۽ رمزن جي اثر ۽ اپٽار جي حوالي سان سندس پنج ڪتاب اڳ ۾ ئي شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”ڪلام حضرت سچل سرمست“، ”سچل سارو سچ“، ”سچل سرمست جو طالب- فقير محمد صلاح“، ”سچل سرمست جا طالب“ ۽ ”ڪلام فقير عبدالله ڪاتيار“ آهن ۽ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو سچل شناسيءَ تي ڇهون ڪتاب آهي.
ڪتاب ۾ شامل سڀيئي مقالا، پنهنجي افاديت، علمي، ادبي ۽ تحقيقي تقطه نگاهه کان تمام اهم ۽ پرمغز آهن. سچل سائينءَ جي صوفياڻن خيالن، ڪلام ۾ پيش ڪيل تمثيلن ۽ وقت جي تاريخ ۾ پيش آيل واقعن، سندس طالبن ۽ انهن جي سوانح سان گڏ سندن ڪلام تي سچل جي صوفياڻن اثرن جي متعلق نهايت عالمانه انداز ۾ اپٽار ڪئي ويئي آهي. سچل سائين متعلق هي ڪتاب سچل سرمست جي شارحن ۽ نقادن سان گڏ عام پڙهندڙن لاءِ به هڪ اهم علمي، ادبي ۽ تحقيقي ماخذ آهي.

نامياري چترڪار قيوم منگي جي ٺاهيل سهڻي رنگين ٽائيٽل ڪور سان مزين، هڪ سو ٻيانوي صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت پنجاهه رپيا آهي، جيڪا تمام مناسب آهي.

No comments:

Post a Comment