ڇا شيخ اياز اسان جون صديون
آهي؟
سرواڻ
سنڌي
شيخ اياز سنڌ جو
وڏو شاعر آهي ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي، شاعر قومن جا امين ٿيندا آهن ۽ شاعر جو
مشاهدو ۽ تجزيو قومن کي سمجهڻ ۾ ڪارگار ثابت ٿيندو آهي، ڀٽائي جي هوندي سنڌ ۽ سنڌي
سماج کي پرکڻ جي لاءِ ٻي ڪنهن به تجربي ۽ تجزئي جي ضرورت ئي نه آهي، جنهن ڀٽائي کي
پڙهيو ۽ پرکيو ان ڄڻ سنڌ کي پرکي ورتو. ڀٽائي لافاني ۽ آفاقي شاعر آهي ۽ سندس
مشاهدو تمام گهڻو ڳوڙهو آهي ڀٽائي کان پوءِ جيڪڏهن شاعرن ۾ ڏسجي ته سچل سرمست کان
ويندي کوڙ سارن شاعرن پڻ ڀٽائي جي دڳ تي هلندي پنهنجي تخليقن جا واهڻ وهايا ۽ سنڌ
۽ سنڌي سماج جي اپٽار ڪئي. اياز کي ڀٽائي جو تسلسل چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ اياز پڻ ڪتاب ”هينئڙو ڏاڙهون گل“ جيئن ۾ هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته:
”ڀٽائيءَ کان
پوءِ مان تنهنجون صديون هان،
متان تون مون کان ٻوڙِيءَ
ٻوُجَهه لنوائئين!“
اهڙي هام ته سچل
سرمست به نه هنئي جنهن جي لاءِ پاڻ شاهه لطيف چيو هو ته اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي
ان جو ڍڪ هي ڇوڪرو لاهيندو پر ان جي باوجود سچل سرمست ڪڏهن به اهڙي هام نه هنئي ۽
نه وري ڀٽائي جي جتي ۾ پير پائڻ جي ڪوشش ڪئي.
جڏهن اياز پاڻ ڀٽائي ثاني هجڻ جي
ڳالهه ڪئي، تنهن کان پوءِ ڪيترن ئي اياز کي پوڄڻ جي حد تائين مرشد بڻائي ڇڏيو ۽
اياز جي شاعري کي ڪنهن به قسم جي تنقيد کان مٿانهون سمجهجڻ لڳو ۽ جنهن اياز تي
ڳالهايو ان ڄڻ ککر ۾ کڙو هڻي ڇڏيو. جڏهن اياز پاڻ کي اسان جون صديون قرار ڏئي ٿو
ته اسان کي به ان صدين کي جانچڻ ۽ پرکڻ جو اختيار آهي ڪٿي ائين نه ٿئي جو جيڪا
سڃاڻپ ڀٽائي ڏئي ويو ۽ جيڪو سنڌ جو سڏ آهي اهو ڪٿي ائين لاپرواهي ۽ لاغرضي ۾ڌنڌلو
نه ٿي وڃي، ڀٽائي جيڪا ڳالهه ڪئي اها مشاهدي جي بنياد تي ڪئي ۽ ڀٽائي جو مشاهدو
ڪڏهن به ڪمزور ٿي نه ٿو سگهي پر ان جي باوجود ڀٽائي سميت سمورن شاعرن جي شاعري پڻ
تنقيد کان مٿانهين نه آهي ۽ اسان کي اياز جي شاعري جي ته سمورن رخن تي ڳالهائڻو
پوندو ۽ انهن تي غور ويچار ڪرڻو پوندو. ڇو ته اياز الهامي شاعر نه آهي ۽ اياز ڀٽائي
به نه آهي جو سندس هر مشاهدو پختو هجي ۽ هو فڪري لحاظ کان پوري طرح مڪمل هجي. هاڻي
اياز جون ڪجهه شيون مشاهدي طور ڏجن ٿيون جيڪي پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته اياز
مشاهداتي ۽ فڪري طور تي ڪيترو مضبوط آهي.
اياز جي ڪتاب ”چنڊ ڳليون“ ۾ هڪ ترائيل آهي:
مون ته تولاءِ وِڌيون.
ڪالهه نهارون ڪيئي
تون نه آئينءَ مگر رات ته
گُذري ويئي!
ويو ٻُڏي چنڊُ، سندءِ
سونهن جون سارون نيئِي،
ٿي پِرَهه – هيرَ اچي هاڻ ته پارون پيئِي،
اُڀ ۾ نيٺ وسامي ويا ٽيڙو
ٽيئِي
رات هئي چار پَهَر، رات ته
گذري ويِئي.
هاڻي سڀني کي خبر آهي ته اڀ ۾ ٽي تارا گڏ
ٿيندا آهن جنهن کي ٽيڙو چئبو آهي ۽ ٻن کان وڌيڪ شيون گڏ هجن ته ان کي ميڙ يا جهڳٽو
چئبو آهي ۽ اڀ ۾ ٽيڙو هڪ آهي ۽ اهي ٽي تارا سڌائي ۾ هوندا آهن، هاڻي جڏهن اياز چوي
ٿو ته اڀ ۾ نيٺ وسامي ويا ٽيڙو ٽيئي هاڻي اهو ڪيئن مڃجي ته آسمان ۾ ڪي گهڻا ٽيڙو
آهن. ٽيڙو هڪ آهي ٽيڙو ٻه ٽي نه آهن پر جيڪڏهن ٽيڙو، ڪتين ۽ ڀٽوئن کي گڏائي پوءِ
چئي ٿو سگهجي ته اهي ٽيئي لهي ويا يا وسامي ويا، انهن کي ٽي سڏي سگهجي ٿو باقي
ٽيڙو کي ڪنهن به صورت ۾ 3 ٽيڙو چئي نٿو سگهجي جيڪڏهن ائين ئي چوڻو آهي ته پوءِ
ٽيڙوئن کي ٽيهه به چئي سگهجي ٿو، 33 به چئي سگهجي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن ڪافيو ئي
ملائڻو آهي ته پوءِ ماڻهو انهن کي ڪيترن ئي انگن ۾ چئي سگهجي ٿو پوءِ جيڪڏهن اڳتي
ڪو شاعر ٽيڙوئن کي 33 يا ٽيهه لکي ٿو يا قافئي ۽ رواني کي جاري رکڻ جي لاءِ ڪو
اڳتي ائين ڪا شيءَ لکي ٿو ته اها ڳالهه به تنقيد کان مٿانهين هوندي.
جڏهن ته ڀٽائي 3
لفظ مختلف شين جي لاءِ استعمال ڪيا جيئن سندس هي بيت آهي ته:
ڏاگَھنِ، ڏيرَنِ،
ڏُونگَـرَنِ، ٽِنھِي ڏِنَمِ ڏُکَ؛
سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ،
ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.
جڏهن ته اياز پنهنجي شاعري ۾ تتر کي پڻ ٽاري تي
ويهي ٻوليون ٻولائي ٿو ۽ سندس شڪار پڻ ڪوڙڪي وسيلي ڪري ٿو جيڪي ٻئي مشاهدا مڪمل
طور تي غلط آهن، اياز پنهنجي هن ترائيل ۾ چوي ٿو:
آهه هي پَنڌُ ٻه ٽي ڏينهن
تَتيءَ واريءَ تي
ٿِي چَوي ڄَڻ ته ڪَڪَر - ڇانوَ ته ”مان اچڻي هان“
ٿو ڪري ٻولِڙيون روز تِتِر
ٽاريءَ تي،
آلهيِ سِجّ وَيو زرد - مُنهين ماريءَ تي.
۽ ٻيو ترائيل
چَنڊ جي ڪَڍّ نه پَؤ، چنڊُ
نه ڪنهن جو ٿيندو،
ڪو مسافر نه ڪَرِين يارُ
ته بهتر آهي.
گُل نه پٽجانءِ ڪڏهن، ڇَڏ
پيو خوشبو ڏيندو!
ڪوڙڪيون اَڏِ نه، ڇڏي
ڏينس، تِترُ ٻوليندو،
ڪيئن چئجي ته ڪِٿي مينهُن
گهٽائون ٿيندو.
هاڻي هتي ڪيتري
نه مشاهدي جي کوٽ آهي جو تتر کي ٽاري تي ويهي ٻوليندي چيو ويو آهي, تتر وڻن جي
جهمٽي ۾ ويهندو آهي ۽ ڪڏهن به تتر وڻ جي ٽاري تي ناهي ويهندو، مشاهدي جي لاءِ
جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو تتر آهي ته ان کي پڃري ۾ بند ڪيو وڃي ۽ جيئن پڃري ۾ طوطي جي
لاءِ ڪاٺي ٻڌبي آهي تيئن پڃري ۾ ڪاٺي ٻڌي وڃي ۽ پاڻهي ئي خبر پئجي ويندي ته تتر
ٽاري تي ويهي ٿو يا نه، ڇو ته جيڪڏهن تتر ٽاري تي ويهندو هوندو ته ان ڪاٺي تي ضرور
ويهندو پر ان ڳالهه جي پڪ تيترين (تتر پالڻ جا شوقين)کان ڪري سگهجي ٿي ۽ اهي ئي ان
ڳالهه جي شاهدي ڏئي سگهن ٿا ته تتر ٽاري تي نه پر جهاڙين ۾ لڪي ويهندو آهي. اياز جي
ان ترائيل مان واضح آهي ته کيس ڪيترن ئي شين جي پروڙ ئي نه هئي. جڏهن ته اياز تتر
جي شڪار لاءِ پڻ ڪوڙڪيون اڏي ٿو پر تتر جو شڪار ڪڏهن به ڪوڙڪي وسيلي ناهي ٿيندو
ڪوڙڪين وسيلي ٻلا، ڪوئا، سيهڙ ۽ ٻيا جانور ڦاسائبا آهن، تتر جو شڪار رڇ، کنڌي،
بندوق وسيلي ڪيو وڃي ٿو شڪاري تتر کي ڦاسائڻ جي لاءِ پنهنجي پاليل تتر وسيلي ٻولي ڪرائي تتر کي رڇ ۾
ڦاسرائيندو آهي باقي تتر جي لاءِ ڪوڙڪي ڪڏهن به ناهي اڏبي. اياز جو اهو ترائيل
ثابتي طور آهي جنهن ۾ هن تتر کي ڪوڙڪي وسيلي ڦاسائڻ جو فڪر پيش ڪيو آهي.
اياز ۾ هڪ هنڌ تي نه پر ڪيترن ئي هنڌن
تي مشاهدي جي کوٽ نظر آئي آهي. اياز جي هن ترائيل کي پڙهو ۽ پوءِ پاڻ ئي اندازو
لڳايو ته اياز مشاهداتي طور تي ڪيترو مضبوط هو پاڻ هن ترائيل ۾ رات جي سانت ۾
وڻڪار ڏسڻ جو چئي ٿو، ڀلا اهڙو ڪهڙو شخص آهي جيڪو اونداهي يا کڻي چانڊوڪي رات ۾ ئي
ڌرتي تي وڻڪار ڏسي. وڻڪار جو مطلب گل، ڦل، وڻ، ٽڻ آهن.، هاڻي جيڪڏهن رات جو صرف
وڻن جا پاڇا نظر اچن ٿا يا پري کان وڻن جو عڪس نظر اچي ٿو ان کي وڻڪار ڪهڙي طرح
سان چئي سگهجي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ مون پنهنجي سڄي زندگي ۾ رات جو وڻڪار جو منظر ناهي
ڏٺو ۽ اهو اياز کي ڪيئن نظر آيو. ان جي خبر صرف اياز کي ئي آهي.
چاندني رات ۾ ڪچنار ڏٺي
آهي تو؟
تُنهنجا چَپ يادِ اچن ٿا
اُنهيءَ وانگر هاڻي!
ڇا سندم ننڊ ڪَڏهن، پيارَ،
ڏٺي آهي تو؟
ٿي رهين ساهَه جيان، سارَ
ڏٺي آهي تو؟
راتِ جي سانت ۾ وڻڪارَ ڏٺي
آهي تو؟
ڪيئن گهر گهاٽُ ڇڏي، ٿي
ڀُلين منهنجي ڀاڻي
پاڻ کان راتِ ڪڏهن ڌارَ
ڏٺي آهي تو؟
چانديءَ رات ۾ ڪچنار ڏٺي
آهي تو؟
جڏهن
ته اياز جي ڪتاب ”ننڊ وليون“ جي هن بيت مان
پڻ اياز جو مشاهدو پرکي سگهجي ٿو
ڄڻ جيءُ جَهٽين ٿِي تون!
جئن ٽار نِوائِين ٿِي،
رابيلَ پٽين ٿي تون.
هاڻي خبر ناهي
ته رابيل جو وڻ ٿيندو آهي يا ٻوٽو، جو ڪا ناري يا ڪو ماڻهو ان جون ٽاريون نوائي
رابيل جا گل پٽي اياز جي هن بيت ۾ پڻ ڳالهه واضح آهي ته آفاقي ۽ دنياوي شاعر ۾ وڏو
فرق آهي، ڀٽائي ڀٽائي آهي ۽ هر ڪو ڀٽائي نٿو ٿي سگهي، ڀلي کڻي ڪير ڪيترو به وڏو
شاعر ٿي وڃي پر ڀٽائي سان ڀيٽ ڏيڻ ۽ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جي لاءِ اوتري ئي فڪري ۽
مشاهداتي اک ۽ سگهه هجڻ کپي جيتري ڀٽائي جي هئي.
ڪتاب ”راڄ
گهاٽ تي چنڊ“ ۾ هن بيتن کي پڙهڻ کانپوءِ ليار جي رنگ ۽ روپ بابت غور ڪرڻ
ضروري آهي ڇو ته ليار ڪڏهن به لال رنگ جا ناهن ٿيندا، لال رنگ مڪمل طور تي ڳاڙهو
هوندو آهي ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ رنگ کي ميرون ڪلر چئبو آهي ۽ ان کي ڪڏهن به ڳاڙهي
ڪلر سان ڀيٽ ڏئي نٿي سگهجي پر اياز ليار کي لال ڪري ٿو ۽ انهن جي ٽڙڻ جي ڳالهه ڪري
ٿو جڏهن ته ليار جي وڻ جو رنگ سائو ۽ ميوو هيڊسرو ٿيندو آهي جيڪو ڪڏهن به ڳاڙهي
ڪلر جهڙو نه آهي.
جڏهن ته ڀٽائي گهوٽ پڻ پنهنجي شاعريءَ
۾ ڪٿي به ليار کي لال ليار ناهي چيو
ثابتي جي لاءِ
ڪتاب ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“ ۾ اياز جا هي بيت جنهن
۾ هو ليار کي لال چوي ٿو.
ٻاٻيها ٻيهارَ، ڪڏهن وسندا
مينهڙا؟
ٿر تي لال ليارَ، ٽِڙي
پوندا اوچتو.
يا
هي جي جهَجها جهُڙ ٿيا،
مٽيءَ مهڪ اُٿي،
ڌرتي رَتُّ رتي، ڦُولي
لالُ ليارَ جئن.
يا هي وائي آهي
وائي
آيو سج مٿان
ڄڻ ڪنهن شعلي جان-
پيرَن لالُ ڦلوڪڙا
لالُ ليارن کان -
اڃا پنڌ پُنو نه آ!
ڀٽائي چواڻي ته ”الا
اچن اوءِ جن آئي من سرهو ٿئي“، سدائين ڪنهن اهڙي شيءِ جي ڪنهن کي ڀيٽ ڏبي آهي جيڪا
وڻندڙ هجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي اڪير هوندي آهي ته ان جي اچڻ جي لاءِ ڪنهن خوبصورت ۽
پياري شيءَ سان ان کي ڀيٽ ڏئي ان جي واکاڻ ڪبي آهي، پر اياز مينهن کي ماڪڙ وانگر
اچڻ جي لاءِ سڏ ڏئي ٿو هاڻي ڪو غور ڪري ته ماڪڙ جڏهن ايندي آهي ته فصل ناس ڪري
ڇڏيندي آهي ۽ ماڪڙ تباهي جي نشاني آهي، ڪو به ماڻهو ايئن ڪڏهن به دعا نه گهرندو ته
ڪا شيءَ ماڪڙ وانگر اچي ۽ سڀ ڪجهه ناس ڪري ڇڏي، جيڪڏهن ڪنهن کي بددعا ڏيڻي هوندي
آهي ته ڪنهن خراب شيءَ سان ان کي ڀيٽ ڏبي آهي. پر اياز ته مينهن کي ماڪڙ وانگر سڏي
ٿو جيڪا واقع ئي حيرت جوڳي ڳالهه آهي هاڻي خبر نه آهي ته اياز اها ڳالهه ڪهڙي فڪري
لحاظ کان ڪئي آهي پر گهٽ ۾ گهٽ اهڙو ڪو به سانڃاهه وند نه آهي جيڪو ماڪڙ کي
خوشقمتي جي علامت سمجهندو هجي ۽ ان جي اچڻ جي دعا گهرندو هجي، مينهن جون ڦڙيون ڀلي
ماڪڙ وانگر وسنديون هجن پر ان کي ان حوالي سان دعا ڪڏهن به نٿي گهري سگهجي ته
مينهن ماڪڙ وانگر اچي.
مارو ڌارون ڏارَ، ڪَتيءَ
ڪڪر اُڀَّ ۾،
اچن شل ٻيهارَ، ماڪڙ وانگر
مينهڙا!
جڏهن ته ڀٽائي جو بيت آهي:
ناہِ جَمِعيّتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻا هاڻِ؛
اَللهَ! سيئِي آڻِ، جن ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
اياز کي جن پڙهيو آهي يا ته انهن اياز
تي رحم جي نظر ڪئي آهي يا وري اياز کي ائين پڙهيو آهي نه آهي جيئن پڙهڻ گهرجي ڇو
ته جيڪڏهن اياز کي زندگي ۾ تنقيدي نظر سان پڙهيو وڃي ها ته شايد اياز پنهنجي حياتي
۾ ئي جيڪي اوڻايون آهن يا مشاهداتي کوٽ آهي ان کي پاڻ ئي پنهنجي هٿن سان ختم ڪري
ڇڏي ها ۽ يقينن هڪ بهتر شيءَ قوم کي ملي ها پر ان وقت جي خوشامندڙين اياز کي يا ته
سندس ناراضگي جي خوف کان اهڙيون ڳالهيون ئي نه ٻڌايون يا انهن اهو ئي سوچيو ته
اياز ۾ مشاهدي جي کوٽ ٿي نٿي سگهي ۽ اياز جيڪو چيو آهي اهو حرف آخر آهي، پر ائين
نه آهي اياز ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مشاهدي جي کوٽ واضح نظر اچي ٿي هاڻي هن بيت کي ئي
پڙهجي کڻي جنهن ۾ اياز گونچن کي ڦلاري ٿو هاڻي سڀني کي خبر آهي ته گونچ خزان جي
مند کان پوءِ وڻن ۾ نڪرندا آهن ۽ وڻ ٽڻ ٻيهر جڏهن اڀڙڻ شروع ڪندا آهن ته ان کي
گونچ چئبو آهي، ڀلا گونچ ڪڏهن ڦلاريا آهن اها ڳالهه اسان صرف اياز کان ٻڌي آهي.
اياز جو هي بيت پڙهو:
ڌرتي، مون سان وَڙُ، تون
ڇا ڪندينءَ جيئري؟
ڪِري کان پو سانڀيا، تو سڀ
جهونا بَڙَ!
جُڳَن تائين ٿي وڃي، جيڏا،
منهنجي جَڙَ!
ڪيئي گؤنچ ڦلاربا، پڄاڻان
پَت-جهَڙَ.
جڏهن ته هڪ ٻي هنڌ تي اياز پاڻ پنهنجي ان
ڳالهه جي نفي ڪري ڇڏي آهي ته گونچ ڦٽندو آهي ڦلاربو ناهي، ان جي لاءِ ڪتاب ”هينئڙو ڏاڙهون گل“ جيئن جي هي وائي ثابتي طور ڏجي
ٿي:
وائي
ڪيڏا وَڻَ ساڙيا،
اڄڪلهه پاري پوههَ جي.
لُريءَ ۾ اُوچن بَڙَن ڪَنڌَ کڻي لاڙيا،
مَن ڪو گؤنچُ ڦٽو هجي مون
وَڻ ٽڻ تاڙيا،
ڳوڙها ڪيئِي ڳُجّهه ۾
اوسيڙي ڳاڙيا
ڪتاب
”هينئڙو
ڏاڙهون گل جيئن“
جي هي هڪ ٻي وائي پڻ مشاهدي جي کوٽ کي وائکو ڪري ٿي.
وائي
جِيئَن نموريون نِمُّ ۾،
جهِنجهي ڇڏي چيٽُ،
تِئن تُنهنجون ساروڻِيون.
چانڊوڪيءَ ۾ جئن اَچي
اُڀرِي ڪوئي ٻيٽُ،
تِئن تُنهنجون ساروڻِيون.
جِيئين چهري تي چڳون جڏهن
مَٿي ميٽ،
تِئن تُنهنجون ساروڻِيون.
مٿي ۾ ميٽ وجهڻ جي لاءِ مٿي کي پاڻي ۾ پسائبو آهي ۽ ميٽ پاڻي ۾
لپري جيئن ڪري ان کان پوءِ مٿي تي هڻبو آهي ۽ وار ڌوئبا آهن هاڻي جڏهن مٿي ۾ ميٽ
پئجي ويو ته پوءِ وار چڳن جي شڪل ۾ رهن ئي نٿا ۽ اهي لڏڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي،
ان حوالي سان پڻ غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي،
ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ ٻي وائي آهي
هي جي اُڻن ڏاسَ
تَڏا، نوڙيون، ٽوڪريون.
ڄڻ ڪائي آسِيسَ ڪَئِي،
اُنهن کي آڪاسَ.
واتُ نه آ مِچڪائيو، جِن
جو ماڻهوءَ ماسَ،
جِن ۾ ڦوڳَ ڦُلاريا جن ۾
وَلين واسَ،
ٻُجهي شَفقِ ڌارَ مان، جن
جِي سارِي تاسَ،
ناهي جن جو ماڻهپو،
لورانگهيو اِتهاس،
هي جي اُڻن ڏاسَ
تَڏا، نوڙيون، ٽوڪريون.
اياز کي شايد ان ڳالهه جي پروڙ ئي نه
هئي ته ڏاس ڪڏهن به ناهي اڻبي پر ڏاس ڪتبي آهي. ڀلا هاڻي سوچجي ته ڏاس جو ڀلا تڏن، نوڙين ۽ ٽوڪرين سان ڪهڙو تعلق آهي، ڏاس
اڻبي ئي ناهي پر ڏاس ڪتبي آهي ۽ ڏاس جون ڍيريون به ٺاهيبيون آهن، ڏاس ٻڪرين جي
وارن کي چئبو آهي جڏهن ته اڻبي اُن آهي ۽ رڍن
۽ اٺن جي وارن کي ان چئبو آهي، ان جي لاءِ ائين چوڻ ڏاس اڻبي آهي مڪمل طور تي غلط
آهي ڏاس ڪڏهن به اڻبي نه آهي.
اياز
جي مشاهدي جي هڪ ٻي ثابتي:
ڪهڙا لَؤنگ چَٻين پِئي
ڦوٽا ڦَڪِّ نه تون!
گهَر کان ٻاهر مون
لاشَ ڏٺا اَڄ لوئبا.
وَ وَر رات پَئي ڪَيون
ڪارنهن ۾ ڪاروُن.
هاڻي
ڪڏهن ڦوٽا ڦڪبا آهن اهو به نئون مشاهدو ٿيو ڇو ته ڦڪ ڪنهن اهڙي شيءَ جو هڻبو آهي
جيڪا پائوڊر جي شڪل ۾ هجي ۽ اها وات ۾ وجهڻ سان ئي هلي وڃي جنهن کي چٻاڙڻ جي ضرورت
نه پوي پر ڦوٽا ڀلي ڪهڙي به شڪل ۾ هجن انهن کي پهرين چٻاڙبو آهي ان لاءِ لونگ ۽ لَؤنگ
۽ ڦوٽا ٻئي چٻڻ جون شيون آهن ۽ ڦوٽن کي ڦڪڻ چوڻ بلڪل غلط آهي.
وائي
ڪتّو ڀَؤُنڪي،
ڪويل جي ڪُوڪارَ اَلائي
ڪاڏي وئي!
چٻرو، چَؤنڪي،
ڪويل جي ڪُوڪارَ اَلائي
ڪاڏي وئي!
اياز جڏهن ڀٽائي ثاني جي هام هڻي ٿو
ته پوءِ کيس مشاهدو به ايترو ئي هئڻ گهرجي جو ڪو به سندس مشاهدي تي اڱر کڻي نه
سگهي، اياز ته ڪوئل جي ڪوڪ کي به ڪوڪار ٿو چوي پر ڪوڪار ڪتي کي ڪبي آهي ۽ ڌنار پڻ
پنهنجي مال جي ڌڻ کي گڏ ڪرڻ لاءِ به ڪوڪار ڪندا آهن جيڪو نڙي مان آواز ڪڍيو ويندو
آهي ۽ تمام سنهو هوندو آهي ۽ پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي باقي ڪوئل جي ڪوڪار سمجهه
۾ نٿو اچي.
ڀٽائي چواڻي:
وَڍِيَلَ ٿي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري؛
ھُنَ پَنَ پنھنجا سارِيا، ھِيَ ھنجُون ھَڏَنِ لءِ ھاري.
ڀٽائي ڪوئل جي لاءِ هينئن ٿو چوي:
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَر ڪووَلَ جي ڪُوڪَ؛
وَلَولو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آہِ عِشقَ جِي.
جيڪڏهن ڪوڪاري لفظ صحيح هجي ها ته
پوءِ ڀٽائي به ڪوئل جي ڪوڪار چئي ها پر ڪوئل جي ڪوڪ ٿيندي آهي ۽ ڪوڪار لفظ ڪنهن به
صورت ۾ صحيح نه آهي.
چئي ته سڀ ڪجهه سگهجي ٿو ۽ شايد اياز
به رديف ۽ قافين جي وهڪري ۾ وهي اهڙا لفظ چئي ويو آهي جيڪي حقيقي طور تي بي معنيٰ
آهن. پوءِ ته جيڪڏهن ڪو شاعر پنهنجي شعر کي خوبصورت ڪرڻ جي لاءِ ”ڪاتب ڪن ڪپيو“ لکي ٿو ته پوءِ ان کي
به تسليم ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ ڪاتب ڪنهن شيءَ کي لکڻ واري کي چئبو آهي پر جيڪڏهن
صرف لفظن جي خوبصورتي ڪرڻي آهي ته پوءِ هي به پڙهڻ ۾ وڏي خوبصورت شيءَ آهي ۽ اها
به پوءِ تنقيد کان آجي قرار ڏني وڃي. شاعر کي منظر نگاري جي يقيني طور
تي اجازت آهي ۽ هر ڪو چاهيندو ته سندس شاعري ۾ خوبصورت کان خوبصورت تشبيهون ۽
استعارا شامل هجن پر ائين به ناهي ته خوبصورتي جي پويان ڊوڙيندي اهڙيون تشبيهون
ڏنيون وڃن جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي نه هجي ۽ صرف پاڻي ۾ لٺيون هڻڻ برابر هجن.
اس
سنڌي ۾ سخت گرمي ۽ ڪاڙهي کي چئبو آهي ۽ اس جو اونڌاهي سان ڪو به تعلق نه آهي پر
اياز اس کي ڪاري اس سڏي ٿو، جيڪو ڪنهن به طرح سان مشاهدو ٺيڪ نه آهي، ڪاري رات
ٿيندي آهي ۽ رات جو اس جو تصور ڪنهن به طرح سان ايڏي وڏي شاعر کي سونهي نٿو ۽ جيڪڏهن رات آهي ته پوءِ اس نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن
ڏينهن تتل آهي ۽ ڪاڙهو آهي ته پوءِ ڪاري اس نه ٿيندي سخت اس چئي سگهجي ٿو باقي اس
ڪاري ڪڏهن به ٿي نٿي سگهي. جڏهن ته ڪاري لفظ جي هڪ ٻي معنيٰ سنڌائتو، وجهائتو،
زورائتو معنيٰ به آهي ۽ ان کانسواءِ بري ڳالهه جي لاءِ به ڪاري استعمال ٿيندو آهي
جيئن ڪاري زبان يا ڪاري تي پير پوڻ جهڙا محاورا پڻ استعمال هيٺ آهن پر اُس لاءِ
ڪاري لفظ ڪڏهن به استعمال ناهي ٿيندو. ڀلي اها کڻي ريگستان جي ڇتي اس هجي تنهن کي
به قهري اُس ته چئي سگهجي ٿو پر ان کي به ڪڏهن ڪاري اس نٿو
چئي سگهجي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪٿي چيو ويو آهي.
اياز جو مشاهدو:
خچر
تي ڇانهيون سُڃّو اُڃّو واهڻي،
اَچي
ٿو ڪاهيون، ڪيڏيءَ ڪاريءَ اُسّ ۾.
هن سڀني ڳالهين
جو صرف هڪ ئي مقصد آهي ته اياز جيڪو اسان جو نمائنده شاعر آهي ان تي وڌيڪ غور فڪر
ڪجي ۽ ان کي ان نموني پڙهي جو سڀني ڳالهين جي اپٽار ٿي سگهي ۽ انهن سڀني اٿاريل
نقطن جو جواب صرف سائين ابراهيم جويو ئي بهتر انداز سان ڏئي سگهي ٿو ڇو ته اياز جي
سمورن ڪتابن تي نظرثاني سائين ابراهيم جويو صاحب جي ٿيل آهي ۽ انهن شين جي ڇنڊ ڇاڻ
سائين جي حيات ۾ ئي ٿي وڃڻ گهرجي ته بهتر آهي ۽ سائين ابراهيم جويو ان ڳالهين جي
به نشاندهي ڪري ته ڇا هن اهي ڳالهيون اياز جي گوش گذار ڪيون هيون يا نه ۽ جيڪڏهن
ابراهيم صاحب انهن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي هئي ته پوءِ اياز وٽ اهڙا ڪهڙا دليل هئا؟
جنهن جي ڪري هنن شين ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي، ڇا اياز وٽ اهڙا جامع
۽ مضبوط دليل هئا يا ان وٽ شاهدي طور تي اهڙيون شيون هيون جيڪي جويو صاحب جي لاءِ
قابل قبول هجن؟ يا اهي سڀ شيون جويو صاحب
جي نظر ۾ ٺيڪ آهن جو ان حوالي سان اياز سان ويهي مشورو ئي نه ڪيو ويو، هاڻي انهن
سڀني شين جو سَنڌو صرف جويو صاحب ئي ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي لاءِ ان جي راءِ ئي ان
حوالي سان حتمي ۽ ڪارائتي ثابت ٿيندي باقي
اياز جي مجاورن جي جواب يا ٽيڪا ٽپڻي جي ان حوالي سان هونئن به ضرورت نه آهي ڇو ته
هي جيڪي نقطا اٿاريا ويا آهن اهي اياز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نه پر قومي شاعر کي سمجهڻ
جي لاءِ اٿاريا ويا آهن ان جي لاءِ جواب ڏي ۽ جواب وٺ وارو قصو ئي نه آهي. پر هي
هڪ سنجيده بحث آهي ان جي لاءِ ذاتي حيثيت نه پر قومي حيثيت سان غور ڪرڻ جي ضرورت
آهي.
sarwansindhi02@yahoo.com
No comments:
Post a Comment