12/08/2016

ذڪر زندان جو - علي زاهد (Ali Zahid)

ذڪر زندان جو
علي زاهد
ڀائو مولا بخش چانڊئي جي جيل ڊائريءَ ”ذڪر زندان جو“ جو ٻيو ڇاپو اڄ منهنجي هٿن ۾ آهي. ڀائو مولابخش جنهن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات هڪ سياسي ڪارڪن طور ڪئي هئي ۽ اڄ پنهنجي محنتن، محبتن، قربانين، ڏاهپ، ڄاڻ ۽ اهميت سبب ملڪ جي هڪ اهم سياسي شخصيت ۽ اڳواڻ طور اسان آڏو آهي. اهڙا تمام ٿورڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي سياسي هجڻ باوجود ادبي پڻ هجن، يعني اهڙا ماڻهو جيڪي هڪ ئي وقت سياست جي ميدان تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو بيٺا هجن پر ساڳئي ئي وقت ادب جي صحرائن ۾ به تخليق جا ڪميت ڊوڙائڻ ڄاڻندا هجن. اهڙن ماڻهن جي تخليقن منجھ جيتوڻيڪ سندن فڪر ۽ نظريي جا اولڙا ملندا آهن پر ان هوندي به سندن تحريرن ۾ سماجي پهلو اجاگر ڪيل هوندا آهن. پنهنجي سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ جبر تي پڻ سندن قلم جنبش ۾ ايندو آهي ۽ مظلوم ماڻهن جي آهُن ۽ دانهن جا پڙاڏا پڻ انهن جي لکڻين ۾ پسي سگهجن ٿا.

سياست سان لاڳاپيل اهڙن ماڻهن جو واسطو جنگ و جدل سان گڏ تحريڪن سان به پوي ٿو ۽ پوءِ سياسي هلچل، اٿل پٿل ۽ مزاحمتي تحريڪون کين جيل ياترائون به ڪرايو ڇڏين ۽ پوءِ جيل ۾ سرجيل ادب پنهنجي اندر تمام وڏي گهرائي، پيڙائون، اذيتون ۽ سچايون سانڍي اسان تائين جڏهن پهچي ٿو ته اسين ان ۾ بيان ڪيل وارتائن جو تصور ڪري به ڪنبي وڃون ٿا، حيرت زده ٿيو پوندا آهيون ته ههڙا هاڃا به ٿيندا آهن..!؟
دنيا جي ادبي تاريخ ۾ جيل ۾ سرجيل ادب جي تمام سگهاري حيثيت ۽ اهميت رهي آهي، جيل اندر ڪيترائي وڏا شاهڪار ۽ ادبي فنپارا سرجيا ويا آهن، سنڌ به جيل جي ادب جي حوالي سان شاهوڪار رهي آهي، ڇو ته هن خطي اندر سنڌ اهو ديس رهيو آهي، جتي هر دور ۾ ظلم، جبر ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمتون اڀرنديون رهيون آهن ۽ پوءِ انهن مزاحمتن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ وقت جا حڪمران هر اهو حربو استعمال ڪندا رهيا آهن، جيڪو دنيا جا وڏا وڏا ڊڪٽيٽر استعمال ڪري چڪا. مزاحمت ڪندڙن جا عدالت کان مٿانهان قتل ڪرڻ، ڦاهيون ڏيڻ، ڪوڙا هڻڻ، قيد ڪرڻ اهي سڀ اهي حربا آهن جن سان انهن مزاحمتن کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون آهن. پوءِ جڏهن اهي مزاحمت ڪندڙ قيد ٿي وڃن، انهن کي سزائون ٻڌايون وڃن ۽ اهي وري لکڻ جي عمل سان به وابسته هجن ته پوءِ انهن وارتائن کي سهڻي نموني قلمبند ڪري پنهنجي ايندڙ نسلن تائين رسائڻ هو پنهنجو فرض سمجهندا آهن ۽ سندن انهن تحريرن منجهان ڪي تحريرون ۽ تخليقون وقت جون شاهڪار بڻجي وينديون آهن، جن جو لاڀ قوم جا ايندڙ نسل ماڻي پنهنجي لاءِ مستقبل جون راهون هموار ڪندا آهن.
تاريخ شاهد آهي ته دنيا ۾ ايندڙ انقلابن ۽ مزاحمتي تحريڪن ۾ ادب ۽ ڪتابن جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. اهڙا کوڙ سارا مثال موجود آهن پر هتي مان صرف هڪ مثال ڏئي پنهنجي اصل ڳالھ طرف وڌندس: آمريڪا ۾ ابراهم لنڪن جي دور ۾ جڏهن گوري چمڙيءَ وارا آمريڪي ويچارن ڪارن جي رت جا پياسا هئا ۽ انهن کي ماري ان ڌرتيءَ تان انهن جو وجود ختم ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا ته انهن ڏينهن ۾“هيرٽ اسٽو” نالي، هڪ پادريءَ جي ڌيءُ هڪ ناول لکيو هو، جنهن جو نالو هو ”انڪل ٽامس ڪيبن“. ان ناول ان دور ۾ ڪارن خلاف ٻرندڙ باھ تي پاڻي هارڻ جو ڪم سرانجام ڏنو، جنهن کان پوءِ ابراهم لنڪن لاءِ نئين ۽ جديد آمريڪا جو بنياد رکڻ ۾ سولايون ٿيون. ڪارن کي برابريءَ وارا حق ڏيڻ ۾ ان ناول جو ايترو ته ڪردار هيو جو ابراهم لنڪن پاڻ ان ڳالھ جو اعتراف ڪيو هو ۽ ان لاءِ هن هيرٽ اسٽو جا ٿورا پڻ مڃيا هئا.
پاڪستان ۾ ضياءَ شاهي خلاف جڏهن ايم آر ڊي نالي تحريڪ شروع ٿي ته ان تحريڪ جو ڳڙھ يا مرڪز سنڌ هئي، جتي اڀا ٿيندڙ آواز ضياءَ شاهيءَ جون ننڊون حرام ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. ان دوران ان تحريڪ کي چيڀاٽڻ جي لاءِ ضياءَ پاڻ به هٽلر ۽ مسولنيءَ جي نقشِ قدم تي هلندي، اهي ئي حربا استعمال ڪيا، جيڪي هنن ۽ اهڙن ٻين ڊڪٽيٽرن اڳ استعمال ڪيا هئا. بي گناھ ماڻهن تي سڌيون گوليون هلايون ويون، ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سزائون ڏنيون ويون، ڪوڙا هنيا ويا ۽ جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ سنڌ ۾ ڪيترا ئي نانوَ پيدا ڪيا، جن جي قربانين جي ڪري جمهوريت جو ڳاٽ اونچو ٿيو.
ڀائو مولابخش چانڊيو پڻ اهڙن سياسي ڪارڪنن منجهان هڪ خوبصورت ليکڪ آهي، جنهن نه صرف ان تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو پر ڪوڙا کاڌا ۽ جيل جا عذاب پڻ ڀوڳيا. پنهنجي ان دور کي هڪ ذميوار اديب ۽ ليکڪ وانگر هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ قلمبند ڪيو، هڪ هڪ لمحي جي تصوراتي تصوير جوڙي ۽ ان کي لفظن جو روپ ڏنو. هن پنهنجي ۽ ٻين ساٿين جي چهرن تي اڀرندڙ پيڙائن کي نه صرف محسوس ڪيو پر انهن پيڙائن کي پنهنجي اندر جي آويءَ ۾ پچائي راس ڪري پني تي آندو. هن جيل اندر گهاريل هر پل جي يادگيريءَ، مشاهدن ۽ تجربن کي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ وڏي سليقي سان سهيڙيو ۽ ميڙيو، سندس ان پورهيي جو پنڌ تڏهن سڦل ٿيو، جڏهن 1999ع ۾ اهي لکڻيون، سندس ڊائريءَ مان نڪري ”ذڪر زندان جو“ نالي ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي هٿن تائين پهتيون.
ڀائو مولابخش جيتوڻيڪ هڪ سياسي قيدي هيو پر هن پنهنجي جيل وارو سمورو وقت عام قيدين سان بيرڪن ۾ گذاريو، ان ڪري سندس جيل ڊائريءَ ۾ هيٺئين طبقي ۽ وچولي طبقي جي من ۾ ان وقت موجود مانڌاڻ جا عڪس پسي سگهجن ٿا. هن پنهنجي ساٿين جا خاڪا چٽيا ۽ انهن کي پنهنجي سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو. هن اهڙن ماڻهن جا به خاڪا چٽيا جن کي جيڪڏهن ڀائوءَ جي اکين وسيلي سندس قلم نه ڇهي ها ته اهي تاريخ جي ورقن ۽ اسان جي ذهنن کي ڇهي بغير مٽيءَ ۾ دفن ٿي وڃن ها. هن اهڙن گمنام ماڻهن تي لکي هميشه جي لاءِ انهن کي تاريخ ۾ محفوظ ڪري ڄڻ ته امر ڪري ڇڏيو آهي.

”ذڪر زندان جو“ صرف هڪ جيل ڊائري ناهي پر هڪ سياسي ڪارڪن جي ذهني اوسر جي داستان سان گڏ سندس ان دور جي سموري اٿل پٿل جي وارتا پڻ آهي، ان دور ۾ ٿيندڙ مزاحمتن وسيلي ڊڪٽيٽرشپ واري سوچ ۽ عمل جي محل کي لوڏي، ڌوڏي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ جيڪي حڪمت عمليون جوڙيون ويون، انهن جا داستان رقم ٿيل آهن. منهنجي نظر ۾ هن ڪتاب جي نه صرف ادبي حيثيت آهي پر سياسي حوالي سان به هي ڪتاب انهن نوجوانن لاءِ مشعلِ راھ بڻجي سگهي ٿو، جيڪي نوجوان سياست جي ميدان تي هلڻ جا خواهشمند آهن. هي ڪتاب هر ان نوجوان کي پڙهڻ گهرجي جيڪو سياست ۾ پنهنجو مستقبل ڏسي ٿو.

No comments:

Post a Comment