نامياري نقاد اڪبر لغاريءَ جو ڪتاب
”ادبي تنقيد جي تاريخ“
رکيل مورائي
ڪڙي ردعمل طور لکندڙ ڪجهه هي چوڻواٿم
ته ”سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ آهي. اهي لفظ هاڻ هر لکندڙ شخص ائين ورجائيندو آهي، جيئن
ڪنهن به اردوءَ واري کان پڇبو ته اردوءَ جو وڏو شاعر ڪير آهي ته چوندو. مرزا غالب
۽ ڪنهن به سنڌي لکيل پڙهيل کان پڇبو ته چوندو ڀٽائي ۽ ٻنهي جو نه غالب پڙهيل هوندو
۽ نه ئي ڀٽائي. ساڳي ڪار سنڌي تنقيدي ادب سان به آهي، پوءِ به سنڌيءَ ۾ اڌ درجن کن
ڪتاب ضرور آهن جن کي تنقيدي ڪتاب چئي سگهجي ٿو پوءِ به چوڻو پوندو ته سنڌي ادب ۾ اڄ
تنقيدي ادب جي بنهه کوٽ آهي. ٻيءَ طرح عالمي
تنقيد پڻ پنهنجا ڪيترا نوان پيچرا جوڙِ رهي آهي، جنهن ۾ شايد ڪجهه وڌيڪ سختي آئي آهي.
دنيا جي انهن ٻولين جو ادب بلڪل
سگهارو آهي، جن ٻولين ۾ تنقيد سگهاري آهي، 1970ع تائين سنڌي ادب ۾ به اهڙا مثال موجود
آهن، خود هند جي سنڌي تخيقلي ادب جو سگهارو هجڻ اتان جي تنقيد سگهاري هجڻ سبب آهي.
اڄ جو سنڌ ۾ سرجندڙ ادب تنقيد جي نه هجڻ سبب.....
۽ اڄ تنقيد جي نالي ۾ سنڌيءَ ۾ جيڪو ڇپجي رهيو آهي.ان بابت به سنجيدگيءَ
سان سوچڻ جي گهرج آهي ته اها تنقيد آهي به؟ اهڙين حالتن ۾ اسناجو دوست ۽ سنڌيءَ جو
ناميارو نقاد اڪبر لغاري تنقيد بابت لکندو آهي.
تازو سندس ڪتاب ”ادبي تقنيد جي تاريخ“ ڇپيو آهي. هن ڪتاب تي لکڻ کان اڳ تنقيد جي حوالي
۾ ڪي ڳالهيون چوڻ ضروري ٿي پيون آهن جيڪي هن طرح آهن. خاص طور سنڌي تنقيد نگار (جيڪو بنيادي طور تنقيد نگار آهي ئي ڪونه) جڏهن به تنقيد
لکي ٿو ته هو اڳواٽ اهو طئي ڪري ٿو ته جنهن
به ڪتاب/ليک تي کيس لکڻو آهي، ان کي هو يا ته دوست ٿي لکي ٿو يا ته مخالف ٿي لکي ٿو،
جيو تنقيد جي اصولن کان ٻاهر آهي. خاص طور اسانجو ليکڪ تنقيد عيبن يا غلطين ڪڍڻ کي
سمجهي ٿو. جيڪا پڻ درست سوچ نه آهي ۽ نهايت اهم ڳالهه اها آهي ته اسانجو تنقيد نگار
ڪنهن ادب /تخليق کي سامهون رکي لکڻ بجاءِ، اديب کي سامهون رکي لکي ٿو. جيڪو پڻ هن جو
هڪ طرفو عمل آهي. اتي اچي هو دوست کي تعريف طور مٿي اڀاري ٿو ۽ مخالف کي هيٺ ڪيرائي
ٿو، جيڪو رويو پڻ تنقيدي نه آهي.
خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي گذريل
ويهن کن سالن ۾ مجموعي طور ۽ خاص طور شيخ اياز بابت ڪي ليکڪ لکندي. اسان جي دوست اڪبر
لغاريءَ جيڪو نقاد طور رويو اختيار ڪيو. اهو اتساھ ڏيندڙ هئو.
ڇاڪاڻ ته ان ۾ پاسخاطري جهڙو ڪو
به عمل نه هئو. اڪبر لغاريءَ جي تنقيد جي ٻي اهم خوبي اها آهي ته هو لکڻ وقت ادب کي
آڏو رکي ٿو اديب کي نه! ساڳئي وقت هو جڏهن شاعريءَ تي لکي ٿو ته ڪنهن به ڀوَ کان آجو
ٿي لکي ٿو، ڇاڪاڻ هن کي پنهنجي شعر تي تنقيد ٻڌڻ جو ڀهءُ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو شاعر نه آهي. هو جيئن ته ڪهاڻي
لکڻ وارو به نه آهي، تنهن ڪري، هو ان تي لکڻ وقت ڪهاڻي جي قبول ڪيل مڙني تنقيدي ماڻن
۽ ماپن کي آڏو رکي ٿو.
۽ جيڪا نهايت اهم حاصلات سندس تنقيد
جي آهي. اها هيءَ آهي ته هو سخت تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي به لکڻ وقت سختگير نه آهي. هن
جي لکڻين مان سختگيري نه جهلڪندي آهي. هن جي سخت تڪ تور هوندي هن تخليق ڏانهن همدردي
رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اعليٰ تنقيد جو سبب اول آخر ڪار به اعليٰ تخليق بڻجي سگهندي
آهي ان ڪري سنڌي ٻوليءَ کي اڪبر لغاري جهڙن سخت تڪ تور ڪندڙ ۽ تخليق ڏانهن ساڳئي وقت
همردي رکندڙ ۽ ڪنهن پاسخاطريءَ کان آجن نقادن
جي گهرج آهي ۽ ڏک اهو آهي ته اڄ جي حالتن ۾ هو اڪيلو اهڙو نقاد آهي. خاص طور نئين صديءَ ۾ ادبي/شخصي پاسخاطري
کان بنهه آجو هجڻ جا سبب مٿي ڄاڻائي آيو آهيان
خاص طور تلخيقڪار ڏانهن ڪنهن به قسم جو غضو نه سانڍڻ ئي اعليٰ تنقيد نگار جو سڀاءُ
هجڻ گهرجي جيڪو اڪبر لغاريءَ ۾ موجود آهي.
۽ هاڻ سندس تازو ڪتاب ”ادبي تنقيد
جي تاريخ“ پڪ سان هيءُ ڪتاب عالمي تنقيد جي بنهه مختصر تاريخ آهي. ۽ اها لکڻ ۾ اڪبر
لغاريءَ جيڪو اختصار سان ڪم ورتو آهي اهو اڄوڪين حالتن ۾ نهايت اهم آهي. عالمي تنقيدي
تاريخ جو هيءَ مختصر ۽ نهايت جامع ڪتاب، اڄ جي ان پڙهندڙ لاءِ گهڻو گهڻو اهم آهي، جيڪو
ذهين زندگي گذارڻ چاهي ٿو سنجيده لکڻ چاهي ٿو. تنقيد ڪيترو اڳتي اڀري آئي آهي، ان جو
سفر هيءُ پهريون ئي ڪتاب آهي. جيڪو اڄ جي تاريخ تائين ٻڌائي ٿو. اسان وٽ ٿي ايس ايلٽ
تائين ايندي سنڌي لکندڙ ۽ پڙهندڙ اتساھ سان جيئندو رهيو آهي. هيءُ ڪتاب رولان بارت
تائين ايندي نيئن تنقيد جا، ڪيترا نوان پيچرا سنڌي پڙهندڙن کي ڏيکاري ٿو، جيتوڻيڪ سنڌي
پڙهندڙ جو مزاج اڄ به تنقيد پڙهڻ وارو نه اهي ائين اڄ اعليٰ تخليق ڏيڻ به سندس وس
۾ نه رهيو آهي. جنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ اڄ اعليٰ تقنيد موجود نه آهي ان ٻوليءَ جو
اديب يتيم آهي.
اڪبر لغاريءَ جو هيءُ ڪتاب تنقيدي
ٻولي به کڻي آيو آهي، ڇاڪاڻ ته مان ائين ڀائيندو رهيو آهيان ته تخليق لاءِ جنهن ٻوليءَ
جي گهرجي هوندي آهي، اها ٻولي تنقيدي جو حق ادا ڪري نه سگهندي، ائين تنقيد جي ٻولي
تخليق لاءِ مناسب نه ٿيندي. هن ڪتاب ۾ تنقيدي ٻولي آهي، اڃا به جيئن ته هيءَ سڌي تنقيد
نه آهي ان جي ننڍڙي تاريخ آهي، وڏي ڄاڻ جيڪا ڪنهن به ذهين لکندڙ وٽ هجڻ گهرجي ۽ اها
گهرج هيءَ ڪتاب پوري ڪرڻ لاءِ اهم آهي.
ادب ۾ استعمال ٿيندڙ ادبي ڌارائون،
جيڪي اصل ۾ تنقيدي ڌارائون ئي آهن، هن ڪتاب ۾ آسانيءَ سان سمجهڻ ۾ اينديون، ڪتاب بنهه مختصر هوندي تنقيدي
ڌارائن جي ڄاڻ سان ڀرپور آهي ۽ نصابي نه بڻيو آهي، اڪبر لغاريءَ ڏانهن اها تعريف وڌيڪ
وڃن گهرجي ۽ اڃا وڌيڪ تعريف اها ته اسانجو نوجوان لکندڙ نه رڳو هيءُ ڪتاب پرهي پر ان
مان جيڪڏهن هو ڪجهه پرائي به وٺندو ته ان جو فائدو مجموعي طور سنڌي ادب کي پوڻو آهي،
جيڪو فائدو پڪ سان گهڻي تعريف لائق هوندو ۽ اها تعريف اڪبر لغاري جي تعريف هوندي، جنهن
چڱي موچاري وقت کان پوءِ هڪ سنجيده ڪتاب اسان کي ۽ سنڌي ادب کي ڏنو آهي جيتوڻيڪ سنڌي
ادب کي تنقيدي ڪتابن جي گهرج گهڻي آهي ان پاسي کيس، ڌيان ڏيڻ گهرجي.
No comments:
Post a Comment