30/12/2016

سنڌي ادب ۽ عقيده پرستيءَ جو سوال! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

سنڌي ادب ۽ عقيده پرستيءَ جو سوال!
جامي چانڊيو
سنڌي سماج جي تاريخي طور اڳتي نه وڌي سگهڻ جا سبب گهڻا آهن پر اُنهن مان هڪ اسان جي سماج ۾توهم پرستي ۽ عقيدي پرستي به آهي. عقليت، سائنسيت، حقيقت پسنديءَ ۽ فلسفيانه سوچ اڃا هن سماج ۾ پيرَ نه کوڙي سگهي آهي. اها روِش جتي اسان جي ٻين شعبن تي لاڳو ٿئي ٿي، اُتي سنڌي ادب ۾ به اسان جو حال ٿُلهي ليکي ساڳيو ئي آهي. پسمانده ۽ عقيده پرست سماج نون خيالن، تنقيدي شعورَ، سوالن ۽ شَڪَ کان وَنءُ ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي تنقيدي شعور ۽ تبديليءَ کان خوف ٿيندو آهي. جڏهن ته آزاد سماج تنقيدي شعور، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ تي ٻڌل هوندا آهن. جنهن سماج مان تنقيدي شعور موڪلائي ويندو، اُتي علم ۽ عقل داخل ٿي نه ٿو سگهي. تقليد تخليق جي نفي آهي ۽ عقيده پرستي انساني عقل ۽ شعور جي نفي آهي. زندهه ۽ اڳتي وڌندڙ سماجن کي تقليد، توهمات ۽ عقيده پرستي نه پر عقلي ۽ سائنسي توڙي کُليل سوچ گهرجي.

تازو شيخ اياز ڪانفرنس ۾ منهنجي سکر ۾ ڪيل تقرير جي هڪ نقطي تي ادبي حلقن ۾ بحث به ٿيو آهي ۽ ڪجهه مونجهارا پڻ پيدا ٿيا آهن. مان سمجهان ٿو ته ان جو هڪ اهم سبب اهو آهي جو جڏهن تفصيلي سنجيده گفتگوءَ کي جڏهن ڪا اخبار ڪجهه جملن ۾ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ رپورٽ ڪري ٿي يا ساڳيو ڪم ڪي دوست سوشل ميڊيا تي ڪن ٿا ته پڙهندڙ لازمي طور ان سموريءَ گفتگوءَ جي متن/ ويچارن ۽ دليلن کان اڻ واقف هوندي، يقيني طور مونجهارن جو شڪار ٿين ٿا. ان ڏس ۾ ۽ مجموعي طور سنڌي سماج ۽ ادب جي شعبي ۾ موجود عقيده پرستيءَ بابت وضاحت ۽ وڌيڪ سوچ ويچار لاءِ ڪجهه نقطا هيٺ رکان ٿو.
(1) هڪ ته مون ڪنهن به طور لطيف سائين سان اياز جي ڀيٽ نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي شاعرن جي دور جون حالتون، سندن دور جي فڪر جو نظام ۽ شاعريءَ جا موضوع يا فني گهاڙيٽا، ٻولي ۽ اسلوب مختلف آهن. وڏن شاعرن جي ڀيٽ ان لحاظ کان ڪڏهن به ناهي ڪبي ته انهن مان ڪنهن کي گهٽ يا وڌ ڪجي يا ڏيکارجي. مان لطيفيات جو شاگرد آهيان ۽ مان ڪنهن عقيدي جي بنياد تي نه پر پنهنجي فڪري ۽ ادبي سنجيدگيءَ ۽ فن فهميءَ سان سمجهان ٿو ته لطيف نه رڳو سنڌ جي پر دنيا جي عظيم ترين شاعرن مان هڪ آهي ۽ نه رڳو هو عظيم شاعر آهي پر انساني تاريخ ۾ انسان بابت فڪر جو هڪ يگانو مفڪر پڻ آهي.
(2) شاعريءَ، فن ۽ ادب جا خيال، موضوع، گهاڙيٽا، ٻولي، ترڪيبون، فني بندشون يا عنصر ۽ محرڪ ڪي جامد نه پر زندهه، متحرڪ ۽ مسلسل تبديل ٿيندڙ ۽ اڳتي وڌندڙ هوندا آهن. انهن مان سمورا عنصر يا ڪي عنصر وقت ۽ حالتن سان ارتقا پذير ٿي اڳتي به وڃي سگهن ٿا ۽ وقتي طور پوئتي به وڃي سگهن ٿا پر اهو طئي آهي ته اُهي هر وقت متغير حالت ۾ رهن ٿا ۽ تبديل نه ٿي سگهڻ جي صورت ۾ متروڪ پڻ ٿي سگهن ٿا. ادب ۽ فن جو لاڳاپو زندگيءَ سان آهي ۽ جي ادب ۽ فن زندگيءَ جي بدلجندڙ حقيقتن سان گڏ ارتقا پذير نه ٿيندو ته متروڪ ٿي ويندو.
(3) ڪلاسيڪل دور جون سموريون صنفون ۽ خاص طور بيت، وائي، ڪافي پڻ بنيادي طور لوڪ ادب منجهان ئي اُسري، نِسري، اُڀري ۽ نوان نوان روپ اختيار ڪندي، اڳتي وڌنديون رهيون آهن ۽ اهو سفر لوڪ ادب کان ڪلاسيڪل دور تائين ۽ ڪلاسيڪل دور کان جديد دور تائين جاري آهي ۽ هميشه جاري رهڻو آهي. تخليق جي ان سفر جو حُسن ئي اِهو آهي جو اُهو متحرڪ ۽ زندهه آهي، ان ۾ دائمي جمود ڪڏهن به اچي نه ٿو سگهي.
(4) شاهه لطيف جي شاعراڻي عظمت اسان جي عقيدي جي محتاج نه آهي، هو بنيادي طور هڪ يگانو ۽ عظيم شاعر، مفڪر ۽ تخليقڪار آهي. جديد دور ۾ هن جي شاعريءَ ۽ فڪر جي روح ۽ فني توڙي لسانياتي ۽ اسلوب جي حُسناڪين کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ اسان کي لطيف سائينءَ سان ٺلهي عقيدت نه پر هن جي سڀ طرفي سمجهه، پرک ۽ پروڙ هئڻ گهرجي. ٺلهي عقيدت جو ئي سبب آهي جو انساني تاريخ جو هيءُ يگانو ڏاهو ڏاتار ۽ تخليقڪار دنيا ته ٺهيو پر ٺلهو پنهنجي ٻوليءَ جي سماج ۾ ئي صحيح معنيٰ ۾ متعارف نه ٿي سگهيو آهي ۽ اِهو تيسين ٿي به نه سگهندو جيسين هن سان ٺلهي عقيدت کي پاسيرو رکي هن جي عظيم فن ۽ بي مثال فڪر جي ڪَٿَ ۽ پروڙ نه ڪبي. عقل ۽ تنقيدي شعور کان وانجهيل ٺلهو تقدس ۽ ادبي پرک گڏ گڏ نه ٿا هلي سگهن. لطيف سائينءَ کي ان روِش کان بچائڻو پوندو.
(5) شيخ اياز ويهين صديءَ ۾ سنڌ جو اُهو عظيم شاعر هو، جنهن نه رڳو سنڌ جي ڪلاسيڪل ادبي روايت کي جديد ادب سان ڳنڍيو يا جديد ادب کي ڪلاسيڪل ادب سان سلهاڙڻ جون بي مثال تخيلقي ڪوششون ڪيون پر ساڳئي وقت هن سنڌي ادب کي ادب جي عالمي ڌارائن سان ۽ عالمي ادبي ڌارائن کي سنڌي ادب سان امتزاج جا غيرمعمولي فڪري ۽ فني تجربا ڪيا. اهي تجربا خيال، تخيل ۽ موضوعن جا به هئا ته فن، ٻوليءَ، اسلوب ۽ صنفن جا پڻ. جيتوڻيڪ شيخ اياز جي لطيف سائينءَ سان ڀيٽ اجائي آهي ۽ اُها ان ڪري نه ته ڪو عقيدي جي خيال کان نه ايئن ڪرڻ گهرجي پر ان ڪري جو شاهه لطيف جو فڪري ۽ فني قد مجموعي طور شيخ اياز يا سنڌ جي ٻئي ڪنهن به جديد شاعر يا سندس هم عصر ۽ کانئس اڳ جي ڪلاسيڪل دور جي شاعر کان مٿانهون آهي. ان ڳالهه جو خود شيخ اياز بار بار اعتراف ڪيو آهي ۽ هن لطيف سائين سان پنهنجي محبت جو غيرمعمولي اظهار ڪيو آهي.
(6) ان حقيقت جي باوجود اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته شيخ اياز جهڙو ٻيو ڪو شاعر نه آهي، جيڪو ڪلاسيڪل دور جي ڪنهن صنف تي جديد دور جي لحاظ کان وڌيڪ فني، موضوعاتي ۽ گهاڙيٽن جا تجربا ڪري ۽ ان صنف کي ڪلاسيڪل دور کان گهڻو اڳتي وٺي وڃي ۽ ان ڏس ۾ مون شيخ اياز جي وائيءَ جو مثال ڏنو. مان اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته بيت جي صنف ۾ ته لطيف سائين جو جيڪو درجو آهي، ان کي اڄ تائين ڪوبه رَسي نه سگهيو آهي پر وائيءَ جي صنف ۾ شيخ اياز ايترا ته فني، ترڪيبي، موضوعاتي، فڪري، لسانياتي ۽ موسيقيت، غنائيت توڙي شاعريءَ جي فني نظام جا تخيلقي تجربا ڪيا جو چئي سگهجي ٿو ته شيخ اياز وٽ وائيءَ جي صنف ڪلاسيڪل دور کان پوءِ ڄڻ ته نئون جنم ورتو، جنهن کي بعد ۾ ٻين شاعرن پنهنجي حَسين تسلسل سان قائم رکيو. هنديءَ ۾ دوهو بي مثال صنف هئي پر جديد هندي دوهو ڪلاسيڪل دور کان اڳتي نه وڃي سگهيو پر سنڌي ٻوليءَ ۾ وائيءَ ۽ لوڪ گيتن جي صنفن هر حوالي سان نئون پنڌ ڪيو آهي، جنهن نه رڳو هنن صنفن کي سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ جديد دور وچ ۾ هڪ پُلِ جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي پر وائي جديد دور ۾ وڌيڪ موضوعاتي وُسعت ۽ تخليقي تجرباتي مرحلن مان گذري آهي، جنهن جو پهريون ڪريڊٽ شيخ اياز ڏانهن وڃي ٿو. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي گِهري اڀياس مان مون کي هميشه ايئن محسوس ٿيو آهي ته لطيف سائينءَ جون اڪثر وايون اسان کي مڪمل ۽ اصلوڪي حالت ۾ نه مليون آهن، ڪاش جي اُهي مڪمل حالت ۾ ملن ها ته اسان کي ان جي اڃا وڌيڪ پروڙ پوي ها ۽ ڪلاسيڪل دور ۾ وائيءَ جو عروج اڃا وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي آشڪار ٿئي ها. مان هتي ان جا انيڪ مثال ڏئي سگهان ٿو پر ڊيگهه جي خيال کان اهو ادب جي پارکن تي ڇڏيان ٿو ته ان تي گِهرائيءَ سان نظر وجهن ۽ ان کي وڌيڪ چِٽو ڪن. ايئن مان اياز جي واين ۽ لوڪ گيتن جا مثال پڻ ڏيڻ چاهيان ٿو، جيڪي اياز تي منهنجي ايندڙ ڪتاب ۾ شامل هوندا.
(7) علم، ادب ۽ فن ۾ عقيدي لاءِ ڪابه گنجائش نه هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته تخليقي عمل، تفڪر ۽ فن زندهه ۽ متحرڪ هوندا آهن ۽ عقيدا جمود جي علامت آهن. اهو ممڪن آهي ته ڪو شاعر يا تخليقڪار پنهنجي مجموعي جوهر ۾ سڀني کان مٿانهون ۽ عظيم هجي، جيئن سنڌي ادب ۾ شاهه لطيف جي حيثيت آهي پر ساڳئي وقت اهو به ممڪن آهي ته ڪو شاعر يا اديب جزوي طور ڪنهن هڪ صنف ۾، ڪنهن ويچار يا تفڪر ۾، يا وجدان ۽ ڪنهن مخصوص احساس جي اُڻت جي اظهار ۾ يا ٻوليءَ، اسلوب، ترڪيبن ۽ فني گهاڙيٽي ۾ پنهنجي ڪلاسيڪل دور کان اڳتي ٽپي وڃي. غالب اردو غزل جو سڀ کان وڏو حوالو آهي پر جديد اردو غزل غالب تي بيهي نه رهيو آهي. ان ۾ اقبال، فيض ۽ فراز جيڪي تجربا ڪيا، اُهي جزويات ۾ ڪنهن هڪ يا ڪجهه پاسن کان غالب کان وڌيڪ وسيع ۽ منفرد ٿي سگهن ٿا. ساڳيءَ طرح فيض مجموعي طور فراز کان گهڻو وڏو شاعر آهي پر غزل جي صنف ۾ شايد فيض احمد فراز کي نه پُڄي سگهي، ڇاڪاڻ ته احمد فراز جا غزل جي صنف ۾ تجربا فيض کان مٿي آهن. ان ڪري جڏهن ڪو شاعر مجموعي طور هڪ عظيم شاعر جو درجو ماڻي ٿو ته ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ڪو ٻيا جديد شاعر جزوي طرح يا ٻين مخصوص حوالن کان پنهنجي ڪلاسيڪل دور جي عظيم شاعرن کان اڳتي نه ٿا وڃي سگهن. جيڪڏهن ان معاملي ۾ اسان تنگ نظر رهنداسين ته پوءِ جديد سنڌي ادب جي تاريخ ۾ شيخ اياز يا ٻين شاعرن جي فڪري ۽ فني تجربن ۽ غيرمعمولي تخليقي ڪارنامن کي بيان ئي نه ڪري سگهبو. ساڳيو اُصول شيخ اياز تي پڻ لاڳو آهي. سنڌ ۾ جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز سڀ کان وڏو حوالو آهي ته ان جو مطلب ٿورو ئي آهي ته ڪو ٻيا شاعر ڪجهه صنفن يا عنصرن ۾ اياز کان وڌيڪ ڪامياب فني ۽ فڪري تجربا نه ٿا ڪري سگهن يا نه ڪيا اٿن. ياد رکڻ گهرجي ته عظيم فنڪارن، مفڪرن، اديبن ۽ شاعرن جي علمي، فني ۽ فڪري عظمت به متحرڪ هجي ٿي، ان کي جامد هرگز نه بڻائڻ گهرجي. علم، ادب ۽ فن جي دنيا ۾ “حدود آرڊيننس” لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جو اها روِش غيرعقلي ۽ غيرتخليقي آهي.
(8) اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪوبه عظيم فيلسوف، مفڪر، اديب، شاعر ۽ فنڪار مڪمل طور يا جزوي طور ڪنهن خاص حوالي سان مجموعي طور عظيم هوندي غلط به ٿي سگهي ٿو. پسمانده ۽ عقيده پرست سماج سمجهندا آهن ته جيڪو عظمت جي منصب تي ويٺو، اُهو ڪنهن طور به، ڪنهن به حوالي سان ڪمزور يا غلط ٿي نه ٿو سگهي. ان روِش اسان جي سياست، ادب ۽ فڪري نظام بابت غلط ۽ انتهاپسند روين کي جنم ڏنو آهي. ڪي مجموعي طور عظيم تخليقڪار يا مفڪر جزوي طور غلط ٿي سگهن ٿا ۽ ڪي مجموعي طور غلط يا ڪمزور مفڪر ۽ تخليقڪار جزوي طور درست ٿي سگهن ٿا. هر شيءِ کي ڪُليت ۾ ڏسڻ يا هر معاملي کي قطعي طور جزويات ۾ ڏسڻ هڪ منطقي چُڪ آهي، جيڪا اسان جهڙن سماجن ۾ عام طور ٿيندي رهي ٿي. جيڪو عظيم ٿيو، اُهو ڪنهن به حوالي کان ڪمزور نه ٿو ٿي سگهي ۽ جيڪو دور يا نسل يا تخليقڪار پوءِ ايندو، ان جي ڪابه ڳالهه يا عنصر غيرمعمولي نه ٿو ٿي سگهي، ايئن هرگز ناهي. عظمتون، ڪمزوريون، تخليق، تخيل، خيال، احساس، فن، ٻولي، اسلوب ۽ ادب ۽ فن جو ترڪيبي نظام يعني اِهي سڀ عنصر قطعي نه پر نسبتي آهن. اسان کي پنهنجي ادب ۽ فن جي پرک وقت اهو اُصول سمجهڻو ۽ سامهون رکڻو پوندو.
(9) اسان جو سماج علم ۽ تنقيدي شعور جي کوٽ سبب مخصوص عقيده پرست ۽ تقليد جي ڳالهين ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ هر ماڻهو ڄڻ ته ڪنهن نه ڪنهن مذهبي، سياسي، فڪري، شخصي، ثقافتي، ادبي ۽ فني عقيدي ۾ ڦاٿو پيو آهي. سياست، علم، ادب ۽ فن ۾ انهيءَ رويي نه رڳو سماج ۾ سطحي گروهه بنديءَ، شخصيت پرستيءَ کي جنم ڏنو آهي، نتيجو اِهو آهي جو تڪرار جي ڀؤ کان ڏسڻا وائسڻا ماڻهو صرف اُهي ڳالهيون ڪن ٿا جن کان سياسي، فڪري، ادبي ۽ فني اسٽيٽسڪو کي ڪوبه خطرو نه هجي، يا جيڪي مروج تصوراتي نظام يا خيالن ۽ معيارن سان ٽڪراءُ ۾ نه هجن. نتيجي ۾ سماج جي اڳتي وڌڻ جي رفتار ڪافي سُست رهي آهي. جي يونان هومر بابت عقيده پرست ٿئي ها ته ڇا هومر پنهنجي حقيقي جوهر ۾ سامهون اچي ها؟ جي ورجل بابت رومي تهذيب عقيدي جي ور چڙهي وڃي ها ته ڇا ورجل جي عظمت سامهون اچي ها؟ جي روميءَ جي دنيا ۾ عقيده پرستيءَ کان هٽي ڪري پرک نه ٿئي ها ته ڇا رومي اڄوڪي عالمگير حيثيت ماڻي ها؟ جڏهن به ڪنهن تخليقي جينيئس بابت اسان عقيده پرست يا شخصيت پرست ٿي وينداسين ته پوءِ هن جو سماج ۾ ٺلهو احترام ۽ تقدس ته گهڻو هوندو پر سندس پرک، پروڙ ۽ حقيقي شناس کان معاشرو محروم رهندو. اها ساڳي ڳالهه اسان جي به عظيم ڪلاسيڪي ۽ جديد ادبي ورثي ۽ ان جي مُهندارن تي پڻ لاڳو آهي. ان کان اڳ اسان وٽ سائين جي ايم سيد سان ايئن ٿيو. سائينءَ جو تنقيدي جائزو معنيٰ گناهه ۽ قومي غداري. نتيجي ۾ سائينءَ سان عشق جا دعويدار ته گهڻا آهن پر سائينءَ جي فڪر، ڪتابن يا سياست تي عقلي، تاريخي، فڪري ۽ حقيقت پسند پرک تي ٻڌل مقالا يا ڪتاب اسان کي بِنهه گهٽ ٿا نظر اچن. اسان کي لطيف سائين، سچل، سامي، شيخ اياز سميت پنهنجن سمورن وڏن تخليقڪارن کي ان روِش کان بچائڻ گهرجي.
(10)سڀ کان آخري ڳالهه ته علم، ادب ۽ فن زندهه انساني لقاءَ آهن ۽ جيئن ته اُهي زندهه لقاءَ آهن، اُن ڪري اُهي متحرڪ ۽ متغير پڻ آهن. ساڳيو اُصول اُنهن جي پرک تي پڻ لاڳو آهي. ڪنهن به پارکوءَ جو ڪو ويچار يا اُٿاريل نقطو ڪو فزڪس جو قانون يا مذهبي فتويٰ ناهي هوندو، پر هڪ خيال ئي هوندو آهي. اُهو مڪمل طور درست ۽ مڪمل غلط به ٿي سگهي ٿو، اُهو جزوي طور غلط يا درست به ٿي سگهي ٿو پر ٻنهي صورتن ۾ اُهو علم، ادب ۽ فن جي پرک جي زندهه ۽ متحرڪ عمل تي اثر ضرور وجهي ٿو، ۽ ان عمل کي اڳتي وڌائي ٿو، جنهن مان خوف کائڻ يا مورڳو عمل کي ئي رد ڪرڻ ڪا درست ۽ عقلي روش ناهي. ڪنهن ماڻهوءَ يا پارکوءَ جي راءِ سان اختلاف يا اتفاق ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪرڻ به گهرجي پر تنقيدي روش کي مورڳو عقيده پرستيءَ جي بنياد تي رد ڪرڻ هرگز صحتمند روِش نه چئبي. جي ايئن ڪبو ته پوءِ سدائين اِهي ورجايل ڳالهيون ئي پلئه پونديون. معياري تحقيق ۽ تنقيد جو عمل سُست ٿي ويندو. ڪوبه ماڻهو يا خيال درست يا غلط ٿي سگهي ٿو پر اسان کي تنقيد ڪرڻ، آزاديءَ سان سوچڻ ۽ ان جي اظهار ڪرڻ جي حق جوتحفظ ڪرڻ گهرجي. هر نئون سنجيده خيال نئون بحث مباحثو پيدا ڪري ٿو، سوچڻ ۽ پرکڻ جا انيڪ رخ ڏئي ٿو ۽ تنقيدي شعور يا پرک جي عمل کي زندهه رکي ٿو. ان ڪري ئي خيال، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ کي جديد دور ۾ انسان ۽ سماج جي سڀ طرفي ترقيءَ سان مشروط سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي سماج کي سياست، علم ۽ ادب جي شعبن ۾ ان جي وڏي ضرورت آهي، تڏهن ئي هيءُ سماج انهن شعبن ۾ ڪي وڏا ڇالَ ڏئي سگهندو.

jami8195@gmail.com

2 comments:

  1. قرض! قرض !! قرض !!!
    ڇا توهان هڪ قابل معزز ۽ قابل قبول نجي قرض ڪمپني جي ڳولها آهي جنهن کي زندگي گذارڻ جي موقعي لاء قرض مهيا ڪري ٿي. اسان سڀني قسمن جي قرضن کي تمام تيز ۽ آسان رستو ۾، ذاتي قرض، ڪار قرض، گروي قرض، طالب علم قرضن، ڪاروبار قرض، سيڙپڪاري قرض، قرض جي استحڪام ۽ گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهيو. ڇا توهان بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن طرفان رد ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي هڪ گهربل قرض يا گروي رکڻ جي ضرورت آهي؟ وڌيڪ نه ڏسڻ ۾ ايندي آهي جيئن اسان هتي آهيون توهان جي سڀني مالي مسئلن کي ماضي جي ڪا شيء ٺاهڻ لاء. اسان انهن ماڻهن ۽ ڪمپنين جي فنڊ کي قرض ڏيو جيڪي 2 سيڪڙو جي شرح تي مالي مدد گهرجي. ڪوبه سماجي سيڪيورٽي نمبر گهربل آهي ۽ ڪو ڪريڊٽ جي چيڪ گهري، 100٪ ضمانت. آئون توهان کي انهي وچ ۾ استعمال ڪرڻ لاء انهي کي استعمال ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان کي اعتماد ۽ حمايت واري مدد مهيا ڪنداسين ۽ اسان توهان کي قرض پيش ڪرڻ جي خوشي ٿي ويندي.
    پوء اسان کي هڪ اي ميل موڪليو: (amandaafredoloan42@gmail.com) قرض لاء درخواست ڏيڻ.

    ReplyDelete
  2. قرض! قرض !! قرض !!!
    ڇا توهان هڪ قابل معزز ۽ قابل قبول نجي قرض ڪمپني جي ڳولها آهي جنهن کي زندگي گذارڻ جي موقعي لاء قرض مهيا ڪري ٿي. اسان سڀني قسمن جي قرضن کي تمام تيز ۽ آسان رستو ۾، ذاتي قرض، ڪار قرض، گروي قرض، طالب علم قرضن، ڪاروبار قرض، سيڙپڪاري قرض، قرض جي استحڪام ۽ گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهيو. ڇا توهان بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن طرفان رد ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي هڪ گهربل قرض يا گروي رکڻ جي ضرورت آهي؟ وڌيڪ نه ڏسڻ ۾ ايندي آهي جيئن اسان هتي آهيون توهان جي سڀني مالي مسئلن کي ماضي جي ڪا شيء ٺاهڻ لاء. اسان انهن ماڻهن ۽ ڪمپنين جي فنڊ کي قرض ڏيو جيڪي 2 سيڪڙو جي شرح تي مالي مدد گهرجي. ڪوبه سماجي سيڪيورٽي نمبر گهربل آهي ۽ ڪو ڪريڊٽ جي چيڪ گهري، 100٪ ضمانت. آئون توهان کي انهي وچ ۾ استعمال ڪرڻ لاء انهي کي استعمال ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان کي اعتماد ۽ حمايت واري مدد مهيا ڪنداسين ۽ اسان توهان کي قرض پيش ڪرڻ جي خوشي ٿي ويندي.
    پوء اسان کي هڪ اي ميل موڪليو: (amandaafredoloan42@gmail.com) قرض لاء درخواست ڏيڻ.

    ReplyDelete